; سنڌي شخصيتون: غلام حسين خواجا، حميده گهانگهرو،
Showing posts with label غلام حسين خواجا، حميده گهانگهرو،. Show all posts
Showing posts with label غلام حسين خواجا، حميده گهانگهرو،. Show all posts

13 June, 2018

غلام حسين خواجا - حميده گهانگهرو


غلام حسين خواجا
ڏک ڀريو وڇوڙو
حميده گهانگهرو
ڪي ناگهاني اوچتو جا موت ڏاڍو جهوري ڇڏيندا آهن. يقين نه اچڻ واري صورت ۾ ڪيئي سوال ذهن ۾ گهمندا ڦرندا رهندا آهن پر ڪنهن به سوال تي وس نه هلي سگهندو آهي. بلڪل اهڙي طرح ٽيون ڏينهن اوچتو هڪ خبر ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ هئي. اسڪول جي زماني کان تنظيمي سرگرمين ۾ تمام گهڻو حصو وٺي شاگردن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اسڪول يونين جو ساٿي غلام حسين خواجا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.