اياز گل
سنڌي شاعريءَ جي باغيچي
۾ اڄ سندس واس مھڪي پيو
طارق عزيز شيخ
اسان جي معاشري ۾ اھا
روايت پئجي چڪي آهي ته پنھنجي وقت جي ليجينڊز کي سندن حياتيءَ ۾ مڃتا ناھيون ڏيندا،
انھي ۾ انا پرستي نه ڏسجي ته ڀلو. اسان کي پنھنجي دور حاضر جي ليجينڊري شخصيتن کي ڀيٽا
ڏيڻ گھرجي جيئن اڄ سنڌ جي سھڻي شاعر اياز گل جو جنم ڏينهن آهي، اسان کيس دعائن ۽
نيڪ تمنائن سان جنم ڏينهن مبارڪ چئون ٿا. ايازگل ۶ مارچ ۱۹۵۹ع تي سکر ۾ جنم ورتو. تعليمي لحاظ کان ايم اي
سنڌي، ايم اي آئي آر ۽ ايل ايل بي ڪيائين. شاھ عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ھن
تعليم ۽ تدريس کان علاوه تحقيقي اداري جو پڻ ذمو سنڀاليو. موجوده دور ۾ سنڌي شاعريءَ
جي باغيچي ۾ اياز گل جو واس ئي مھڪي رھيو آھي. سندس ٻاراڻي ادب ۾ پڻ نالو نمايان
رهيو آهي. ھن جي شاعري جا ڪيئي رنگ آھن، جيڪي الڳ الڳ شيڊز ۾ نکري نروار ٿين ٿا. سنڌي
شاعريءَ ۾ جدت آڻيندڙ اياز گل وٽ جمالياتي عنصر وڌيڪ ملي ٿو. هن مختلف صنفن تي طبع
آزمائي ڪئي آهي، پر سندس غزل ۽ گيت نهايت شاندار آهن. جيئن هي غزل ڏسو:
يادگيريون سنڀال ڪم
ايندئي،
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم
ايندئي.
کيس چنبڙي پئين ته ڇا
ملندئي،
ڇڏ ماضي ته حال ڪم
ايندئي.
اهڙيءَ ريت هن جي گيتن
۾ به رومانوي رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اياز گل دراصل آهي ئي رومانس ۽ سونهن جو شاعر. سندس
هڪ گيت ۾ ان جو اظهار ته ڏسو:
ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر او
ڇوري!
ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر،
ٽٽڻي ناهي رُسي وڃڻ
تي،
پيار جي پختي ڏوري،
ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر-
قرب ڏنئي نه قرب وٺين
ٿي،
ڳالھ ڪرين ٿي ڳوري،
ڇڏ ڇڏ ڇيڳ نه ڪر –
اياز گل حساس شاعر
آهي. سندس شاعريءَ ۾ جذبن جو اظهار پڌرو آهي. هن جي شاعري سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڀرپور
نموني شايع ٿيندي رهي آهي. پاڻ شاعر کان علاوه محقق، نثر نگار ۽ بهترين خطاط پڻ
آهي. نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت، غزل، بيت، دوها ۽ ترائيل مڪمل فني خوبين سان چيا
آهن. هن جي شعري مجموعن سميت نثري ڪتابن ۾: سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري)
۱۹۷۸ع، گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) ۱۹۷۹ع، پيلا گل پلاند ۾ (غزل) ۱۹۸۰ع، ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) ۱۹۸۴ع، توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) ۱۹۹۲ع، دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) ۱۹۹۷ع، ميلي جي تنهائي شاعري ۱۹۹۹ع، سکر جون يادگيريون (سهيڙيل) ۲۰۰۱ع، پوان شل قبول (تنوير عباسي ءَ تي مقالن جي
ترتيب) ۲۰۰۶ع، روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) ۲۰۰۸ع، مسٽسزم سنڌ اينڊ سچل سرمست، مرتب، ۲۰۱۱ع، پنهنجو هيءُ اسڪول ٻارن لاءِ, ۲۰۱۸ع، خلقڻهار ٻارن لاءِ، ۲۰۱۸ع، راند روند، ٻارن لاءِ، ۲۰۱۸ع، زنگ لڳل زندگي، رنگن واري دنيا شامل آهن.
هن جي شاعري سونهن، محبت ۽ وڇوڙي جو بيان آهي. جيئن هي مثال ڏسو:
وقت ڪيا ديوانا ماڻهو،
تنهنجا ڪي ديوانا
ماڻهو.
توکي ارپڻ آيا آهن،
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو.
مان جو اڄڪلھ هيکل
آهيان،
جوڙن ٿا افسانا ماڻهو.
علمي مڃتا طور ڪيترائي
ايوارڊ حاصل ڪيائين. ھن جا غزل ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ،
ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳايا آهن. سارنگ
منير سومرو جي ورتل ھڪ انٽرويو ۾ پڇيل سوال ته: اوهان جي شاعري جو مقصد ڪهڙو آهي ۽
اوهان ان مقصد ۾ ڪيترو ڪامياب ويا آهيو؟ جي جواب ۾ اياز گل چيو: "شاعري جو مقصد،
ڌرتي، ٻولي ۽ انسانن سان پيار آهي جنهن ۾ منهنجي شاعري ڪافي حد تائين ڪامياب وئي
آهي جڏهن ته اهو شاعري ۽ مقصدن وارو سفر به سمنڊ جيترو آهي جيڪو ماڻهون حاصل ڪري
اها انهيءَ شاعر ۽ انهيءَ جي شاعريءَ جي ڪاميابي آهي، مختلف وقتن تي مختلف شيون وڻنديون
آهي اهڙي طرح شاعريءَ جي پسند جو به وقت ۽ پهر مقرر ٿيل آهي” پنھنجي ڪيل ڳالھ موجب
اسان جڏهن اياز گل جي شاعريءَ جو مطالعو ڪريون ٿا ته ان ۾ ڌرتي، ٻوليءَ ۽ انسانن
سان پيار نمايان ملي ٿو. اسان جو پيار، اسان جي ھن سھڻي رومانوي شاعر لاءِ ھميشه
اھڙي ريت ئي قائم دائم رھندو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
اياز گل
برسات، سندس پراڻو گهرُ
۽ ڪتاب
انور ابڙو
اياز گل صاحب سومر ڏينهن،
۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ تي فون ڪئي. چيائين، ”توهان جي خالي ٿي ويل ڳوٺ واري پوسٽ پڙهي ڏاڍو صدمو
رسيو. . . . پر ڀاءُ، سڄيءَ سنڌ جي اهڙي صورتحال آهي. . . “ سندس لهجي ۾ ڏک هو ۽
هو مون سان گڏ ڄڻ سموريءَ سنڌ جي متاثر ماڻهن سان سندن تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي
رهيو هو. هڪ سچي شاعر جي معصوم دل هئي، جنهن جي ڀرسان سنڌو درياهه وهي ٿو، پر هِن
جي لهجي جو درد ڄڻ هڪ ٻوڏ جي صورت ۾ مون اڳيان، آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيو هو.
ڳوٺ جا حال احوال وٺندي
چيائين، ”ڀاءُ، جانيون بچن، باقي سڀڪجهه وري ٺاهي وٺبو. محنت ڪبي، پر وري اهو سڀڪجهه
ٺاهڻ ۾ به وقت لڳندو. “ مون ساڻس سهمت ٿيندي کانئس پڇيو، ”سائين، اوهان ڏي ته خير
آهي نه؟“
”ها، اسان ڏي
خير آهي. پر پاڻي چوڌاري بيٺو آهي. “ سندس ان جملي تي درياهه بڻجي ويل سموري سنڌ
مون اڳيان اچي ويئي ۽ سوچيم، ’ڇا ڪو اهڙو مصور آهي، جيڪو هِن تباهه ٿي ويل سموريءَ
سنڌ کي رڳو هڪ تصوير ۾ پينٽ ڪري سگهي؟’
”۽ پراڻو
گهرُ؟“ مون اياز گل صاحب کان هڪ ٻيو سوال ڪيو.
”ان جي خبر
ناهي هينئر. اهو اٺن سالن کان بند پيو آهي، ۽ ٻڏي ويو هوندو شايد. ٻاهران ته بري
حالت ٿي وئي اٿس. هيٺائينءَ ۾هئو. بابا اهو ۱۹۶۷ع ۾ ٺهرايو هو، ان جي ٺهڻ جي هڪ سال بعد
بابا جن گذاري ويا هئا. ان وقت مان ۹ سالن جو هئس ۽ چوٿين درجي ۾ پڙهندو هئس. ان تي ”اياز
آشيانه“ لکيل آهي. ان وقت اسان ان گهر جا چار ڏاڪا هيٺ لهي گهٽيءَ ۾ ايندا هئاسين،
۽ جڏهن اسان اهو ڇڏيو، تڏهن چار ڏاڪا اهو گهٽيءَ کان هيٺ ٿي ويو هو. . . . گهٽيون
جو مٿي ٿي ويون هيون، “ سائين اياز گل جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته مان خيالن ئي خيالن ۾
اُن گهٽيءَ ۾ وڃي پهتس، جتي اهو گهرُ هو- ۽ جيڪو پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئو.
سائين اياز گل جي
گهرَ جي ڳالهه تي مون کي ساڳئي سکر شهر ۾ شيخ اياز صاحب جو گهرُ ياد اچي ويو، جيڪو
وڪرو ٿي ويو هو! سائين اياز گل جيڪڏهن پنهنجو اهو پراڻو گهرُ نٿو کپائي، ۽ ان کي ڪنهن
ميوزيم يا لائبرري ۾ تبديل ٿو ڪري، ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. دنيا جي شاعرن، ليکڪن ۽ ٻين
شعبن جي اهم شخصيتن جا گهرَ ”يادگار“ جي حيثيت رکندا آهن، جيڪي ڏيهي پرڏيهي ماڻهو ڏسڻ
ايندا آهن. اسان وٽ به ائين ٿيڻ گهرجي. پنهنجين اهم شخصيتن جا گهرَ سنڀالي
’يادگار’ طور رکڻ گهرجن. زماني جون ضرورتون برابر آهن، پر حياتيءَ ۾ اهي جيئن تيئن
ڪري ماڻهو پُوريون ڪري ٿو وڃي، پر هي هنڌ، هي گهرَ، ٻيهر ماضيءَ جي دور مان گذري،
تاريخ بڻجي، نٿا اچي سگهن. هر گهَر جي پنهنجي هڪ تاريخ ٿئي ٿي.
”اهو کپايو
نه اٿوَ؟“ مون سائين اياز گل کان ڪجهه وڌيڪ معلوم ڪرڻ چاهيو.
”نه. . . .
ان ۾ سامان پيو آهي. اٺ ڏهه ڪتابن جون الماريون پيون آهن. اهي پهرين ماڙ تي رکيل
آهن، سي محفوظ هونديون، پر گرائونڊ فلور تي جيڪي ديوارن ۾ سيمينٽ جون الماريون
هيون، انهن ۾ رکيل ڪتابن کي اڏوهي لڳي ويئي هئي- ۽ ٻيو به پراڻو رڪارڊ اُتي پيو
آهي، پر اهو سڀڪجهه هِن نئين گهرَ ۾ آڻڻ مسئلو آهي. “
”سائين، جَي
چاهيو ته اهي ڪتاب ڪنهن علمي ادبي اداري کي ڏيئي ڇڏيو. “
”ها، ائين به
ڪري سگهجي ٿو. “
”سائين ادل
سومري جو به گهرُ ’واري تڙ’واري علائقي ۾ هو، ان جو الائي ڇا ٿيو؟
”ادل صاحب
اُتي نئون گهر ٺهرايو هو، جيڪو ٿوري مٿانهين تي هئو. . . مان سمجهان ٿو اوڏانهن
خير هوندو. “
”ڀلا ڪجهه
لکو پيا شاعري يا ٻيو ڪجهه؟“
”ڀاءُ، هِنن
حالتن کي ڏسڻ کانپوءِ لکڻ ئي نٿو ٿئي. . . “ ويچارگي هئي سندس لهجي ۾.
مون چيو، ”پر
سائين، ڪجهه نه ڪجهه لکڻ گهرجي. شيخ اياز صاحب به پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ
تائين، ڇا به هجي، ڇا به ٿي پوي، ڪهڙيون به حالتون هجن، پر لکندو رهيو هو. . . .
وقت گذري ٿو وڃي. “
”ها، بلڪل
صحيح ٿا چئو، “ اياز گل صاحب جڏهن ائين چيو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته هو ڪنهن سوچ ۾
هليو ويو آهي. . . هڪ شاعر جڏهن ڪنهن سوچ جي سمنڊ ۾ لهندو آهي ته هو اُن جي پاتال
مان ڪيئي موتي ميڙي ايندو آهي، ۽ اسان کي پڪ آهي ته، اسان جلد سائين اياز گل صاحب
جي نئين ۽ تازي شاعري پڙهنداسين.
ايتري مختصر گفتگو ڪري
اسان هڪٻئي کان موڪلايو.
سائين اياز گل جي
اها وڏائي آهي ته هو عيد جو موقعو هجي يا ڪو ٻيو ڏينهن يا ڪو واقعو، فون ڪندو،
مبارڪ ڏيندو يا ڏک ونڊيندو. سندس اهڙي پنهنجائپ جي اظهار تي منهنجيءَ دل ۾ سندس
لاءِ هر ڀيري احترام تمام گهڻو وڌي ويندو آهي.
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
اياز گل
پنھنجي لھجي جو منفرد
شاعر
فرزانه شاھين
شاعريءَ جي گهري
گسن کي نهاربو ته ماضي ۽ حال ۾ انتهائي شاندار شاعري سرجيندڙ شخصيتن جا انيڪ نالا
ملندا، جيڪڏھن ان ڳالهھ تي يقين آهي ته وقت امين آهي ته پوءِ اهو يقين به ڪرڻو
پوندو ته محبت ۽ محنت وقت جي هٿن ۾ اچڻ کانپوءِ ميري ڪانه ٿي ٿي سگهي. شاعريءَ جو
پيڪر انتهائي نفيس ۽ مشڪل ٿئي ٿو، هر سٽ جوڙي وڃڻ شاعراڻو هنر ڪونه آهي، فطرت،
سماج، زندگي جڏهن انهن ٽن رخن کي شاعر سمجهي وٺي ٿو ته هو يقيني طور تي سڦلتا ڏانهن
وکون کڻڻ جو حق رکي ٿو. موجوده ڪجهھ سالن کان سنڌي ادب ۾ تنقيد براءِ تنقيد ۽
ذاتياتي جاڙ ڪَرُ کڻي بيٺل آهي، پر انهيءَ ڌوڙ کان اڳتي نڪرڻ وارو ئي تخليقيڪار ٿي
سگهي ٿو.
ادبي کيٽيءَ ۾
هاراپو ڪندڙن جو تعداد ڪالهه توڻي اڄ سبيل ڀريو رهيو آهي سوائي رهيو آهي، پر
انهيءَ جي ڪم کي ڏسبو ته ساڳيو معيار ٿورن ئي ليکڪن جو بيهي ٿو، نه رڳو شاعري پر ڪهاڻيءَ
جو ڪاٿو به ساڳي ريت ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته اڄڪلھه سئو صفحن تي ناول لکجن ٿا جڏهن ته
گهٽ ۾ ٽي سئو صفحا هئڻ گهرجن ناول ۾، وري معيار جي پرک کان پوءِ ئي پرک ٿي سگهي ٿي
اهو ناول آهي يا نه؟ اهو ئي بحث جيڪڏھن صرف لکڻ وقت هر ليکڪ پاڻ سان ڪري ته سُٺو
لکڻ لاءِ ڪوششون ڪري سگهي ٿو. منھنجي چوڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪو اڄڪلهھ ادبي
سٺو نه ٿو سرجيو وڃي، منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته مقدار گهڻو آهي بنسبت معيار جي،
جيڪڏھن اهو سلسلو رهيو ته پنا ته ڀرجي سگهن ٿا پر پيغام ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو.
ماضيءَ ۾ جن به
شاعرن نالا ڪمايا آهن پنهنجي محنتن سان اهي تمام ٿورا آهن، انهن جي لڙهيءَ ۾ پوئيل
هڪ نالي جو مڻيو اياز گل به آهي، جنهن پنهنجي ادبي کيتر ۾ خوب هارپو ڪيو آهي، ڪيترائي
غزل، نظم ۽ وايون سنڌ جي مشهور راڳين ڳائي کيس عوامي شاعر بڻايو آهي، اهو ئي شاعر
بهترين شاعر آهي جنهن جي لهجي کي عام کان عام ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. انهن ڳايل شعرن
۾ وائي آهي،
توکان ٿيندي ڌار
کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
تنهنجي وئي کان
پوءِ منهنجي اندر ۾
رات رهي پئي آهي.
غزل
دک جي نه پڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ
تو تائين پهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿڪ لهي ويا.
نظم
سنڌ اوچي آ سنڌ
اوچي آ.
غزل
ميلي جي تنهائي
توکي ڇا معلوم.
اهڙا کوڙ شعر سنڌ
جي مشهور راڳين ڳائي اياز گل جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو آهي. اياز گل
وٽ لکڻ جو هڪ الڳ ٿلڳ انداز آهي، سندس لکڻيون پڙهندڙن جي روح کي ريجهائڻ ڄاڻن ٿيون،
اهو شاعراڻو حسن آهي ته استعارو، تشبيھه، ڪيئن اچي ٿي شاعريءَ ۾ اهو عمل شاعر لاءِ
خوبصورتيءَ جو نشان آهي. اياز گل پنهنجي شاعراڻي پيڪر کي جيئن محسوس ڪيو آهي، ايئن
ئي سرجيو آهي، هميشه ادبي دنيا ۾ اڳري کان اڳرو رھڻ جو هنر بخوبي ڄاڻي ٿو.
شاعر کي جڏهن مٽيءَ
جي مهڪ محسوس ٿيندي ته هو مارن جو انهيءَ مهڪ سان مانُ ڳولهي لهي ٿو، ضرور ناهي ته
آسائشن جي آستاني تي ويهي هڪ جهريل جهوپڙي جو دردُ محسوس نه ٿو ڪري سگهجي، اهو سڀ ڪجهھ
ممڪن آهي پر جيڪڏهن ساھ ۾ سنجيدگي هجي ته، ڇو ته هر نظر اک جي نظر نه ٿي چئي سگهجي
ڪا نظر روح جي نظر ٿئي ٿي، اها ئي نظر هن ڌرتيءَ جو ڦٽ ڏسي سگهي ٿي، اھا ئي نظر لڇڻ
جو لمحو ڏئي صدين جا سور لکرائي سگهي ٿي، اها نظر مون جي مارن سين لڌيون لوئيءَ ۾
لائون، مارئيءَ جي زبان بڻجي سگهي ٿي. شاعري ڪيفيت جي ڄائي به آهي ته نيڻن جو منظر
به آهي، جنهن ۾ اداسي به هجي ٿي ته محبت جهڙي مرڪ به هجي ٿي. اياز گل جي شاعريءَ ۾
چند سٽون مختلف شعرن مان کڻڻ تي دل ٿي چوي.
وقت ڪيا ويرانا ماڻهو،
تنهنجا ڪي ديوانا
ماڻهو!
توکي ارپڻ آيا آهن،
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو!
انهيءَ رات جڏهن چنڊ
قيد هو ڪاٿي،
انهيءَ رات اسان دل
کي ديپ جيئن ٻاريو،
انهيءَ رات اسان
رات ئي بيهاري ڇڏي،
انهيءَ وقت جڏهن
ياد تنهنجي آئي هئي،
انهيءَ وقت اسان
زندگيءَ کي ياد ڪيو،
انهيءَ وقت اسان
زندگي وساري ڇڏي.
انڌين اکين لاءِ
ته_ هرڪنهن منظر ۾،
رات رهي پئي آهي.
صديون گذريون
روپلا! پر تنهنجي ٿر ۾_
رات رهي پئي آهي.
هي انهن جو ئي پاڙو
آهي، ڪالهھ لٽيو جن شهر ٺٽي جو،
اڄ ڪراچيءَ تي، ڌاڙو
آهي.
انهيءَ شاعريءَ جي
پيامي سگهھ ڪيڏي نه معترائپ سان بيٺل آهي، بلڪل ڪيفيت جا سمورا رنگ محسوس ٿين ٿا.
شاعر وٽ هنر ته سکڻ لاءِ عام ٿي سگهي ٿو، پر سٺو لکڻ لاءِ اکين کي اوجاڳا ۽ روح
مسافر ٿيڻو پوي ٿو، اهي شاعر هئڻ جون سڀ سزائون اياز گل ڀوڳي چڪو آهي، پوءِ به
“مون سين هلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري”، انهيءَ لطيف سائينءَ جي سٽن کي سمجهي اڳتي
کان اڳتي وڌي رهيو آهي، اڄ ۶ مارچ اياز گل جو جنم ڏڻ آهي، هن کي جنم ڏينهن جون واڌايون،
انهيءَ اميد سان ته گلابن جهڙا گيت اڃان وقت جي جھوليءَ کي ارپي، هو عام کان عام ٿي
جيئندو، اهو جيئڻ جنهن جي لاءِ ڀٽ ڌڻي چيو آهي، ڏاهيون ڏک ڏسن، پرائي تڏي تي سڀ ڪو
روئي، پر پنهنجي تڏي تي پراون لاءِ روئڻ ئي زندگيءَ آهي، جيڪا اياز گل جي رهيو
آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
اياز گل
بسنت رنگ جھڙو شاعر - ڀاء
اياز گل کي جنم ڏڻ جون واڌايون ۽ لفظن جي مالھا
سرور سيف
حليم سڀاء،منتظر اکڙيون
, لبن تي بوڙينڊي جي مٺن سرن جھڙي ھلڪي جھونگار، متوازن اٿڻي ويھڻي، گھٽ ڳالھائو، انھن
سڀني صفتن جو مالڪ آھي سنڌ جو سدا ملوڪ ڪوي ايازگل
بسنت رت جڏھن سونھن
پنھنجي پلاند ۾ پيلا گل جھليندي آھي، پن ڇڻ پڄاڻان نوان گؤنچ ڦٽندا آھن، چيٽ
ملھاربو آھي، ڏينھن ڏٺي جو سپنا ڏسبا ۽ ھولي جا رنگ رچبا آھن باغن ۾ بھاريون ٿينديون
آھن بلبلون چھڪنديون آھن، ڪوئل خوشي ۾ ڪوڪو وکيريندي آھي، مور جھومندا۽ تتر ٻوليندا
آھن فضا ۾ گلابي ھوائون گھلنديون آھن چوڏس انيڪ قسمن جا گل ۽ ٻوٽا ڦٽي ماحول کي
معطر ڪندا آھن، وڻ ٽڻ پکي پکڻ ھيرون ھوائون ھڪ ٻئي کي واڌايون ڏينديون آھن، اھڙي
رت ۾ مارچ جي ڇھين تاريخ اسان جي اياز گل سکر ۾ جنم وٺي پنھنجي امڙ ۽ ابي لاء خوشي
جو سنيھو آندو ۽ انھن مبارڪن جون جھوليون ڀريون
اياز گل سکر شھر ۾ ڄميو
پليو وڏو ٿيو شھري تيز زندگي کي پروڙيو، پر ھن جي والد جو ڪھول ديھي زندگي سان
سلھاڙيل ھو، اياز جو والد زميندار ھو جنھن جا امروٽ پاسي کيت ھئا جيڪو ھر فصل
اپائيندو ھو جنھن وٽ ڌرتي جا سڀ ئي رنگ ھئا ھو ديھي روايتن جو امين ھو ان ڪري اياز
شھري ۽ ديھي جيوت ٻنھي جو سنگم آھي جنھنجا عڪس ۽ اولڙا ھن جي شخصيت ۽ شاعري ٻنھي ۾
موجود آھن
ايازگل ذات جو دل
آھي، دل ذات جي ماڻھن شاعر اعظم شاھ لطيف کي محبوب جي حاصلات ۾ اڻ سڌي طور مدد ڪئي
ھئي ۽ قدرت لطيف تي دل ذات وارن جو ٿورو ايئن لاٿو تہ اياز علي دل کي شاعراڻي ڏات
بہ عطا ڪئي تہ سيداڻي مستور بہ جيڪي ٻئي اياز جي زندگي آھن
اياز سنڌ وطن جي
حسين چمن جو اھو سھڻو سرھو گل آھي جنھن پنھنجي ھٻڪار سان سڄي سنڌ کي واسيو آھي سرھي
سڀاء واري اياز جي اھا ھٻڪار ٻار ۽ تارا کان ميلي جي تنھائي تائين ھر لفظ ھر سٽ ۾
موجود آھي جنھن جو ھڳاء جاري ۽ ساري آھي ڪڏھن بہ ماٺو نہ ٿيو آھي رت بسنت ۾ ٽڙيل
ھي گل ٿڌي توڙي ڪوسي اونھاري توڙي سياري ڪڏھن بہ نہ مرجھايو آھي سدائين تازو رھيو
آھي. ھي روشن ڏيئو آھي جو گھگھ جي جي گھيرن ۽ گھور انڌيرن ۾ ٽمڪندو ۽ جھمڪندو رھيو
آھي پنھنجي مستور پنھنجي نامور سميت پنھنجن توڙي پروان کي پنھنجي جوت پنھنجي سڳند
سان جرڪائيندو ۽ مھڪائيندو رھيو آھي.
شيخ اياز جي سکر ۾
اياز کان پوء اياز، اياز جي واٽ تي لاٽ ٻاريون پنھنجي منفرد سڃاڻپ سان سنڌ امڙ جي
قرض چڪائڻ ۾ مصروف آھي
ھي جو ڪجھ بہ آء
لکان ٿو
ڪنھن تي ڪو احسان
نہ آھي
ڌرتي جو آ قرض سو
جيڪو
آء چڪائڻ چاھيان ٿو
اياز ھميشہ سڀني کي
گل آڇيا آھن، ھو محبتن کي لڪيرن ۾ قيد ڪرڻ جو قائل نہ آھي، ھو جھولن ۾ وڻڪار نگاھن
کي ڳوليندو رھيو آھي ، ذاتي ڏکن کي ڪابہ اھميت نٿو ڏئي پر سنڌ جي ڏکن تي جھري پئي ٿو
دوستن جو دوست آھي جنھن سان جوڙي ٿو توڙ تائين نڀائي ٿو ھو ڪوڙ سان نفرت سچ سان
محبت ڪري ٿو ھن جي سوچ جو ڇيھ ڪونھي ھو جڏھن ڏات جا ڏکڻ کولي ٿو تہ ڳلي ڳلي گيت ٿي
وڃي ٿي، ھن جي شاعري ۾ ويرين لاء للڪار آھي غريب ماڻھو سانگي مارو ۽ انھن جا مسئلا
ھن جا موضوع آھن پر وٽس محبت جو موضوع سڀني کان اتم آھي
اياز گل سنڌي ٻولي
جو استاد رھيو آھي سنڌي ٻولي جا لفظ سندس راڄ رھيا آھن ھو جڏھن بہ چاھي ٿو لفظ ھٿ ٻڌي
قطار ٺاھي اچي اڳيان بيھنس ٿا ۽ اھو جڏھن بہ چاھي لفظن جا موتي پروئي شعرن جون
مالهائون ٺاھي سنڌي ادب جي سينڌ سنواري ٿو اياز جي شاعري ۾ خوبصورت لفظن جي اڻت آھي
سدا سھڻا لفظ، خوبصورت خيال سھڻيون تشبيھون پنھنجو ماحول من موھيندڙ استعارا
احساسن جي ريشمي لمس ۽ لطيف سائين جي وائي جھڙي پاڪيزگي آھي اياز گل جون ڪوتائون
شيخ اياز جي پيش گوئي تنوير جو پرتوو ۽ ڪشنچند بيوس جو تسلسل آھي ھن جا غزل نارائڻ
شيام ۽ واس ديو موھي جي غزلن جھڙي ڇڪ رکن ٿا ۽ وايون استادبخاري جي واين جيان
مانائتيون آھن جن کي جڏھن بيدل ۽ صادق فقير جو آواز مليو تہ مانھن جو من وجد ۾ اچي
ويو اياز جا گيت توڙي بيون سڀ ئي صنفون ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون.
اياز گل جي جيون ۾
نظم ۽ ضبط آھي ترتيب آھي سليقو آھي رک رکاء آھي شائستگي آھي ھر جاء ھر ھنڌ گھر توڙي
ٻاھر جتي ڪٿي اياز کي سونھن ڪشش ڪندي آھي پوء اھا سونھن ڪنھن سانوري جي اکين ۾ ھجي
ڪنھن مڌر آواز ۾ ڪنھن سٽ ۾ ڪچي جي ڪنھن کيت ۾ سنڌو جي ڪنٺار تي ڪنھن جھوني بھڻ جي
وڻ تي ويٺل ٻوليندڙ پکي ۾ ھجي سون سريکي بدن ۾ اياز کي مؤلائي شيدائي جيان سنڌ جي
تاريخ سان عشق آھي سنڌ جي قديم ورثي ثقافتي شين قديم ماڳن عمارتن اھڃاڻن کي امڙ جيان تقدس ڀريل نظرن سان ڏسي ٿو، ھو
ھميشہ سندر عڪس حسين لمحا دلفريب منظر پنھنجي اکين ۽ ڪئميرا ۾ جھٽي محفوظ ڪري ٿو
شال گل سدائين ڦلاريو
رھي.
(سرور سيف جي فيسبڪ
ٽائيم وال تان ۸ مارچ ۲۰۲۳ع تي کنيل)
ايازگل اسٽريٽ ـ سنڌ
حبيب ساجد
محبت ھڪ پُل جيان
تنھنجي،
۽ ھِن ساري
دنيا جي وچ ۾ کڙي آھي. (رومي)
جي ڪڏھن ائين ٿئي،
اوچتو ئي اوچتو اوھان کان شاعري لکجڻ ڇڏائجي وڃي، اوھان آڱرين ۾ پين جھلي، حيران
پريشان ويٺا ھجو ۽ ذھن ۾ ھڪ لفظ به جنمجڻ کان انڪاري ٿي بيھي رھي ته منھنجي صلاح
آھي ته اوھان پنھنجي بوڪ شيلف ڏانھن وڌو ۽ سائين ايازگل جو ڪتاب “ڏينھن ڏٺي جا
سپنا” ڪڍي رڳو ٻه ورق پڙھو، پَڪ سان چوان ٿو، جيڪڏھن اوھان ۾ لکڻ جو اسپارڪ موجود
آھي ته اوھان جي ڏاتِ جو وساميل ڏيئڙو وري ٽمٽائڻ لڳندو. اوھان شاعريءَ جي ھڪ اھڙي
جھانَ ۾ داخل ٿي ويندئو، جنھن ۾ رُٺل يادون، بي خواب راتيون ۽ انڊلٺ جا ست ئي رنگ
اوھان جي ذھنَ ۽ اوھان جي دل کي ڪُڪون پنڇيءَ جي ريشمي ڄارَ جيان اُڻي ڇڏيندا. ھڪ
سِٽَ سان ئي جاڳائي سگھندڙ اھڙي شاعري سرجڻ ڪڏھن به ڀوڳ ناھي. دل اڻ تارو گل جيان
دردَ جي اٿاھ سامونڊي گھراين مان اڀري اچي ٿي، تڏھن ئي ڪا سٽَ سفيد ڪاغذَ جي سيني
تي مرڪڻ لڳي ٿي. اھڙي دل وڃائي ڇڏيندڙ شاعري سرجڻ ته ڪمال آھي ئي، پر اھڙي شاعري پڙھي
ان جو حظ وٺڻ به ڪمال آھي، جنھن ۾ دل ڄڻ ته ھڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي وڃي ٿي.
نظرَ ھلي وئي آھي،
ھن جي ٽرين سان،
اسٽيشن تي بيٺو
آھيان، انڌن وانگي مان.
مان گذريل صديءَ جي
نوي واري ڏھاڪي ۾ پنھنجي پرينءَ جي ڳوٺَ “پيرڳوٺ” کي ڇڏي سکر جي حسين شھرَ ۾ داخل ٿيو
ھوس ۽ سنڌوءَ جي ڪناري ڪناري اڏيل ان سھڻي شھرَ جي قدرتي حسن جي ڪماليت جو اھڙو ته
شڪار ٿي ويس جو اڄ تائين سکرَ مان نڪرڻ لاءِ دل مڃيندي ئي ڪانھي. انھن ڏھاڙن ۾ ئي
منھنجي نئين نئين دوستي سائين مھر خادمَ سان ٿي ھئي، (جيڪو ھن مھلَ لطيف يونيورسٽيءَ
جي سنڌي شعبي جو چيئرمين آھي) ۽ وحيد انصاري سان ٿي ھئي (جيڪو ھن مھل ڊگري ڪاليج ۾
سنڌيَ پڙھائي ٿو) ۽ قدير انصاريءَ سان ٿي ھئي (جيڪو ھن مھلَ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم
کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري آھي) ۽ اسد عباسيءَ سان ٿي ھئي، جيڪو مون جيان ئي سترھين
گريڊ کان ھيٺ رھجي ويو آھي. ڪڏھن ڪڏھن سکر ۾ انھن دوستن سان ملاقات ٿي ويندي آھي
ته ماضيءَ جون يادون ۽ ڇڙواڳ ٽھڪَ ۽ ڳالھ ڳالھ تي تاڙا يادن ۾ اڀري ايندا آھن ۽ کوڙ
ساريون تازگيون ارپي ڇڏينديون آھن. انھن اولڊ ۽ گولڊ ڏھاڙن ۾ سائين ايازگل جو گھر
الحبيب ھوٽل جي ڏکڻ پاسي ۽ سنڌو درياءَ جي اتر پاسي سڏ پنڌ جي فاصلي تي ھوندو ھو،
اھو گھر رڳو گھر نه ھو پر سنڌي ادب جي اسان اسرندڙ ڪونپل جھڙن شاعرن لاءِ ھڪ
يونيورسٽيءَ جيان ھو. سائين اياز گل جي گھر کي صحيح معنيٰ ۾ اسان ھڪ ميوزيم چوندا
ھئاسين. اسان جڏھن به مھمانن واري ڪمري ۾ داخل ٿيندا ھئاسين ته ڄڻ ھڪ پورو خواب ـ
نگرَ اسان جي اڳيان وا ٿي کلي بيھندو ھو. صوفي تي ويھي جڏھن اسان جو ڪو دوست عادت
موجب سگريٽ دکائي، ڪجھ سُوٽا ھڻي سگريٽ جو ڦلو ايش ٽري ۾ ڊراپ ڪندو ھو ته ان مان ھڪ
عورت جو آواز اچڻ لڳندو ھو، “ڊونٽ سموڪ پليز، اِٽ ھرٽس دي ھارٽ.”
اسان سکر جا سمورا
دوستَ سائين اياز گل سان ملڻ جو ڪوبه موقعو مس نه ڪندا ھئاسين، ڇوته سائين ايازگل
سان ملڻ ڄڻ شاعريءَ جي ڪنھن آبشار ۾ وھنجڻ جيان سڪون ڏيندڙ ھوندو ھو. مون کي سائين
ايازگل سان وقت گذارڻ جو منھنجي خيالَ ۾ پنھنجي دوست مھر خادم کان پوءِ گھڻو موقعو
مليو. مان پورا ڏھ سال سائين ايازگل جي سنگت ۾ رھيو ھوس، تان جو منھنجي پوسٽنگ
ميرپور ماٿيلو اسٽيشن تي ٿي وئي ۽ گھڻي عرصي جي لاءِ مان سکر جھڙي حسين شھر ۽ ان
جي حسين رھواسين کان ڏور ھليو ويس .. ريلوي جي رولاڪ جاب جي ڪري مان ڪڏھن به ھڪ
شھر ۾ گھڻو وقت نه رھي سگھندو ھيس، ان ڪري سائين ايازگل سان ملڻ جي موقعن ۾ وٿيون
اينديون رھنديون ھيون .. پر سائين ايازگل جڏھن به ملندا ھئا، ائين ملندا ھئا ڄڻ
اسان پري ڪڏھن رھيا ئي ڪونه ھئاسين. سائين ايازگل ۽ سائين ادل سومري جي دوستي ۽
سنگت اسان نوجوانن لاءِ ھڪ اتساھيندڙ ڳالھ ھئي، ڄڻ ھڪ روح ٻن قالبن ۾ پيل ھجي،
اسان انھن ٻنھي شاعرن کي سدائين ڪٺي ڪٺي ۽ سنگ سنگ ڏٺو. مون کي ياد ناھي ته سائين
ادلَ ڪڏھن به سائين اياز جو ذڪر احترام کان سواءِ ڪيو ھجي، ايئن ئي سائين ايازگل
جو به سائين ادل ۾ ڄڻ ته ساھ ھوندو ھو. پوري نائين وڳي سائين ادل سومرو پنھنجي
واري تڙَ واري گھر مان خوش پوش ٿي نڪرندا ھئا ۽ ٺيڪ ان مھل سائين ايازگل به ڊيسنٽ ڊريس
۾ پنھنجي ڀٽه روڊ واري گھر مان نڪري پوندا ھئا، جنھن جاءِ تي اھي ٻئي اچي پاڻ ۾ ڀاڪرين
پوندا ھئا، اھو وقت نَو لڳي ڏھ منٽ ھوندو ھو ۽ ان پوائنٽ کي اسان سکر جا جونيئر
دوست شاعرَ “مِلن ـ پوائنٽ” چوندا ھئاسين ۽ اھا پوائنٽ ھاڻ تير چئونڪ سڏجي ٿي.
سائين اياز گل پنھنجي شاعريءَ جو ھوبھو عڪس آھن، جيئن سندن شاعري ڊيسينٽ تيئن ئي
سندن شخصيت به ڪمال. ان بعد ھي ٻئي دوست سکر جي گھنٽا گھر تائين ڪچھري ڪندا ويندا
ھئا ۽ اتي پٺاڻ ھوٽل اڳيان ٿڙي تي ھڪ دھي بڙي جي شاپ ھوندي ھئي (بلڪه ھاڻي به آھي)
اتان ٻئي دھي بڙي جا ٻه پيالا گڏ گڏ انجواءِ به ڪندا ھئا ته ھوريان ھوريان مڌم
لھجي ۾ ڪچھري به ڪندا رھندا ھئا، اتان ٿي ٻئي دوست اچي الحبيب ھوٽل ۾ ھڪ خاص ٽيبل
تي اچي ويھندا ھئا، ان ٽيبل تي ويھڻ جو ٽائيم ايڏو ته اڪيوريٽ ھوندو ھو، جو جنھن
کي به انھن ٻنھي مان ڪنھن سان ملڻو ھوندو ھو، اھو الحبيب ھوٽل ۾ ويھي انتظار ڪندو
ھو. مون اتي ئي سنڌي ڪھاڻيءَ جي نينھن جبل سائين رسول ميمڻ کي انھن ٻنھي سان
گونجدار ۽ ڳئورا ڳئورا ٽھڪَ ڏيندي ڏٺو. الحبيب ھوٽل جي ان ٽيبل جي ڀڪ ۾ ئي سکر جي
اديبن جو ھڪ بوھيمين گروپ سائين اسماعيل عذام جي سربراھيءَ ۾ ويٺو ھوندو ھو، جيڪو
صبح نائين وڳي کان رات جو ھڪ وڳي تائين ويٺو ھوندو ھو ۽ مختلف موضوعن تي انھن جو
بحث مباحٿو کٽندو ئي ڪونه ھو. ھُو ھر اڌ ڪلاڪ بعد ڊونيشن سان سيپريٽ چانھ آرڊر ڪندا
ھئا ۽ چانھ جا پئسا سڀ سنگتي ڦوڙي ڪري ادا ڪندا ھئا. اسان جو وحيد انصاري ان گروپ
جو اڻ ٽُٽ انگ ھوندو ھو ۽ ھوٽل جي ٻاھر وارا افيئرس ھن جي ذمي ھوندا ھئا. سائين
ايازگل تقريبن 12 وڳي گھر موٽندا ھئا ۽ پوءِ پنھنجي ادبي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويندا
ھئا، جنھن ۾ سيکڙاٽ شاعرن جي شاعري، ڪتابن جا مھاڳَ لکڻ ۽ مختلف ادارن ۽ سينئر ساٿين
سان خط و ڪتابت صبح چئين وڳي تائين پئي ھلندي ھئي. ان بعد رڳو ٽي ڪلاڪ ننڊ ڪري
پنھنجي پٽَ “پرينءَ” کي اسڪول ڇڏي ايندا ھئا. ان بعد تيار ٿي يونيورسٽيءَ جي ٽيچرز
پوائنٽ ۾ يونيورسٽيءَ پڙھائڻ ايندا ھئا ۽ شام جي شفٽ ۾ به سائينءَ جا ڪلاسز ھوندا
ھئا. ھڪ ڀيري مون کي به سائينءَ جي ڪلاس روم ۾ ويھڻ جو موقعو ملي ويو ۽ مان خاموشيءَ
سان ڪلاس جي آخري بينچ تي ويھي رھيو ھوس، سائين اياز گل جي پڙھائي ۽ ھن جي ليڪچر
جو انداز ايڏو ته انسپائرنگ ھو جو مان ڪڏھن به ڪنھن وٽ اھڙي اثرائتي سمجھاڻي نه ڏٺي
۽ نه ئي ٻڌي. سائين اياز پنھنجي شاگردن سان دوستن جيان انوالوو ٿي ڪري پڙھائي رھيا
ھئا ۽ شاگردن کي اڳتي اچڻ ۽ سوال ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندا رھيا ھئا.
سائين ايازگل سان
منھنجا ٻه رشتا رھيا آھن ۽ اھي اڄ به ائين جو ائين قائم ۽ دائم آھن. ھڪ ته ھُو آرڪيالاجيءَ
جي منھنجي قابلِ احترام استاد مئڊم مستور بخاريءَ جا جيون ساٿي آھن ۽ ٻيو ته ھُو
منھنجي زندگيءَ جي ھر معاملي ۾ مون کي سڌي دڳ لائڻ وارا منھنجا استاد ۽ دوست رھيا
آھن. بلڪه اڃان به آھن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته مون ھميشه پنھنجي دل جي ٻڌي ۽ ھن وقت
منھنجي دل مون کي اتي پھچائي ڇڏيو آھي، جتي ڪنھن به برباديءَ جي ڪا گنجائش ئي ڪانه
رھي آھي. پنھنجي پياري استاد جي نافرمان شاگرد جو اھو ئي حشر ٿيندو آھي، جيڪو
منھنجو ٿيو ۽ ان جو ذميوار 200 سيڪڙو مان پاڻ آھيان.
سائين ايازگل ھن
مھل سکر ٽائون شپ جي ايازگل اسٽريٽ ۾ رھندا آھن، جيڪا ٽائون شپ جي انتظاميه ٽرائيبيوٽ
طور سائين اياز گل جي نالي ڪري اتي بورڊ به لڳائي ڇڏيو. مون کي ان ڳالھ جو تمام گھڻو
فخر محسوس ٿيندو آھي ته ايازگل اسٽريٽ ۾ اھو پلاٽ وٺڻ مھل مان سائين اياز گل سان گڏ
بلڊرس جي ھيڊ آفيس آيو ھئس ۽ منھنجي راءِ به وٺي سائين اياز ان پلاٽ جو فارم خريد ڪيو
ھو.
سائين ايازگل جي
شاعريءَ تي لکڻ مون لاءِ ھميشه ڏاڍو ڏکيو رھيو آھي، ڇوته سائين ايازگل تي لکڻ مھل
مان گهڻن دٻائن جو شڪار ٿي ويندو آھيان. سائينءَ سان منھنجا ايترا ته سھڻا شخصي ۽
ادبي رشتا جُڙيل آھن، جو مان لکڻ مھل انھن رشتن مان پاڻ ڇڏائي نه سگھندو آھيان. ھڪ
عجيب ۽ غيرمعمولي شاعر تي لکڻ مون لاءِ ھميشه پلصراط تي ھلڻ جيان ڏکيو رھيو آھي،
پوءِ به ھڪڙي ڳالھ مان فخر سان چوندو آھيان ته يونيورسٽي لائيف ۾ مان پنھنجي محبت
لاءِ (جا ھن مھل ھڪ وڏي شاعره آھي) جيڪو پھريون برٿ ڊي ڪارڊ عجيب انڊلٺ رنگن سان ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ھڻي ڪري ٺاھيو ھو، ان ۾ شعر سائين ايازگل جو ھئو؛
ھن کان پڇجانءِ، گڏ
ھلي سگھندينءَ،
ھڪڙو ننڍڙو سوال ڪم
ايندءِ.
پر پوءِ ٿيو ايئن
جو زندگيءَ جي ھن ڇِتي جنگاڻ ۾ مان ئي ھن سان گڏ ھلي نه سگھيس ۽ اسان سنڌوءَ جي ٻن
ڪنارن جيان الڳ الڳ ٿي وياسين.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
اياز گل
ميلي جي تنهائيءَ جو مالڪ
روشن شيخ
جيئن مرزا غالب جي
شعرن جو ”قرض“ دهليءَ جا ڪيترا ئي نسل نه لاهي سگهيا آهن. ائين ئي سائين اياز گل،
جي شعرن جو قرض.... سنڌ جا ڪيترا ئي نسل نه لاهي سگهندا. ڇو ته اياز گل جنهن پيار
سان سنڌي غزل کي اڳتي آندو آهي، ڀلا پوءِ..... اهڙي محنتي/ محبتي شاعر کي وساڻ
معنيٰ زندگيءَ کي وسارڻ برابر آهي.
۽ اسين.....
جيڪي ڪالهوڪا ٻارَ ٿي ڪري ويسر جي مرض جا شڪار ٿي پيا آهيون، پر.... پر.... سائين
اياز دوستن کي سندن جنم ڏينهن تي ضرور ياد ڪندو آهي ۽ سائين اياز جي اهڙي
يادگيريءَ کي آئون ته اڪثر ان پيار سان ڀيٽا ڏيندو آهيان، جيڪو پيار لالچ کان بلڪل
پاڪ هوندو آهي.
امداد سومري صاحب!
هنن ئي صفحن تي ڪي سال اڳ ۾ هڪڙو سوال اٿاريو هو ته ”لکڻ مان ڇا ٿو ٿئي!؟“ پر آئون
ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ.... امداد صاحب کي اُهو عرض ٿو ڪيان ته ”سائين لکڻ مان گهڻو
ڪُجهه ٿئي ٿو!!“ لکڻ ذريعي ئي هن سينوارجي ويل سماجَ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف، هيئن
به چئي سگهجي ٿو،
مسيحا! سنڌ جي سورن
جو ڪو علاجُ به ڳول
رڳو بيان نه ڏي ۽ رڳو
خطاب نه ڪر
ڇا اياز گل جي اها
مٿين شاعري ان سوسائٽيءَ کان نفرت جو جو چٽو عڪس ناهي!؟ جنهن سوسائٽيءَ ۾ مسيحا
عزرائيل جو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي ”سوڳوار صورتحال“ جي حوالي سان سائين اياز گل
هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ”بيان ۽ خطاب ڪلچر، اسان سڀني کي جاهليت، نالائقيت،
مايوسيءَ، منفي سوچ ۽ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيندو پيو وڃي“ ۽ واقعي ئي
اڄ اسان وٽ گهڻو علم هوندي به جاهليت سان گڏ ”زنده باد مرده باد“ وارو ڪلچر عام ٿي
ويو آهي ۽ اهو ڪلچر (زنده باد، مرده باد) اسان جي هن ديس لاءِ هڪ هاڃيڪار ڪلچر
آهي. مسيحائن کان ويندي ٽي وي چئنلن جي مالڪن تائين سڀ ڪنهن کي پنهنجو پيٽ پيارو
آهي. مسيحا پيٽ لاءِ قاتل ٿو بڻجي. جڏهن ته ٽي وي مالڪ وري ديس جي ڪلچر کي لوڙهيندي
دير ئي نٿو ڪري ۽ اهڙي هاڃيڪار ڪلچر لاءِ ڇا اياز جون سٽون؟ (رڳو بيان نه ڏي....)
هن سماج کان نفرت جو هڪ انوکو مثال ناهن؟
ديس لاءِ سائين
اياز جا لکيل هيءُ ٽيڙو اوهان پڙهي ڏسو....
ديس وسارين ٿو؟
سؤلو آ، ان کان گهڻو
پاڻ نه مارين ٿو؟
ديس وسارين ٿو!
اندر ۾ ڄڻ متقل
نانگ ويهارين ٿو
۽ اڄ 6 مارچ
هن لاڏلي شاعر جو جنم ڏينهن، آئون کيس دل جي گهراين سان سائين اياز کي جنم جون واڌايون
پيش ڪيان ٿو ۽ زندگيءَ جي 53هين سال ۾ قدم رکندڙ سائين اياز ڪو عام شاعر ناهي.
متان اوهين سمجهو ته آئون ڪو سائين اياز وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ هيءُ سٽون لکي رهيو
آهيان.
پر اصل حقيقت هيءُ
آهي ته اسان وٽ سياست تي لکندڙ کوڙ سارا دوست ويٺا آهن ۽ ڪالهه... رات مون اِهو
سوچيو ته ڇو نه هن هفتي سنڌي ٻوليءَ جي اُن شاعر کي ياد ڪجي، جنهن لاءِ سڀ ڪجهه
”پرينءَ“ جو پيار ئي آهي (ياد رهي ته سائين اياز جي پُٽ جو نالو به ”پرين“ آهي)
جي تنهنجي پيار جو
پاڇو انهيءَ تي ناهي ني!
هي زندگي ته رڳو رُڃَ،
رُڃَ آهي ني!
پري جو آهيون ته ڄڻ،
درد جي سفر ۾ هئون
ٻنهي کي وقت پيو ڳاههَ
وانگي ڳاهي ني!
سڄي حياتي جنين رات
۾ گُذاري آ
ڪڏهن ته ڪوئي، انهن
تي به ڏينهن لاهي ني!
وِصال پنهنجو مقدر
به ٿي سگهي ٿو پر
سوال آهي اهو، هوءَ
ڀي ته چاهي ني!
گرمين جي حوالي سان
مشهور شهر ”سکر“ ۾ پيدا ٿيندڙ اياز گل جي طبيعت بلڪل ”گُل“ جهڙي آهي. وڏي ڳالهه ته
مهان ڪويءَ شيخ اياز جي ”سالگرهه“ به هن ئي مهيني جي شروعاتي تاريخ ۾ آهي. ائين کڻي
چئون ته مارچ مهينو اسان جي ”ادبي استادن/ مرشدن جو مهينو آهي ته ان ۾ ڪو حرجُ ناهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل اياز گل به آهي، جنهن هن مهل تائين سنڌي ادب کي شاهوڪار
شاعري ڏني آهي. پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”سوچون سرها گل“ کان ويندي.... ”ڏک جي نه
پڄاڻي آ“ اياز گل جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو سڄو پورهيو، پيار جو پورهيو آهي.... ۽
هاڻ.... اُهو پيار جو پورهيو سائين اياز ”ميلي جي تنهائي“ تائين اچي پهچايو آهي.
اسان جون اکيون ”ميلي جي تنهائي“ لاءِ منتظر آهن.
اوهان کان پري ڀي
نهاري سگهان ٿو!
مان اهڙيون اکيون، ڪيئن
ڌاري سگهان ٿو!
ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور
پوءِ ڀي
سندءِ مهربانيون
شماري سگهان ٿو!
نئون نانءُ دل تي،
لکان ڪيئن ٻيو ڪو؟
ٻريل کي وري ڪيئن ٻاري
سگهان ٿو؟
۽ سائين اياز
جي سالگرهه جي ڪيڪ تي ”ميڻ بتيون“ نه پر اسان جون ”نينهن بتيون“ ٻرنديون. ڇاڪاڻ ته
سائين اياز جي شاعريءَ جون پاڙون، هن ڌرتيءَ ۾ کتل آهن.
پري ٿي سگهان ٿو، سڀن
موسمن کان
مگر ڪيئن ڌرتي ڌُتاري
سگهان ٿو
سو ڌرتيءَ جي هن
دادلي شاعر لاءِ ڪالم جي ڪلائيمڪس..... ۾ به ايترو چوندس ته، ”سائين! هيپي برٿ ڊي!!“
No comments:
راءِ ڏيندا