; سنڌي شخصيتون: شهيد غلام سرور جتوئي

15 June, 2018

شهيد غلام سرور جتوئي


شهيد غلام سرور جتوئي
سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان
حسيب ناياب منگي
سنڌ ۾ ملاکڙو يا ڪُشتي عام آهي، تنهن کي ملهه چون ٿا. هيءَ سنڌ ۾ وڏي عرصي کان وٺي رائج آهي. ملهه سنڌين جي طاقت آزمائيءَ سبب جڳ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. اسان وٽ ئي نه پر ترڪي، روس، ايران ۽ افغانستان توڙي ٻين ملڪن ۾ به هيءَ زور آزمائي ٿيندي رهي جتي نه صرف سندن نالا الڳ آهن بلڪ فني حوالي سان به فرق رکن ٿيون. اسان وٽ ملهه ۾ کاٻي ڪلهي جي زور تي جڏهن ته دنيا ۾ ٻي ڪٿي ساڄي ڪلهي سان زور لڳائي کيڏي ويندي آهي. ملهه يا ملاکڙو سنڌ ۾ مختلف جاين تي سالن کان ٿيندو اچي، جنهن ۾ پهلوان فن جو مظاهرو ڪري پنهنجي طاقت کي سڀ جي سامهون نروار ڪندو آهي. سنڌ ۽ سنڌين وٽ اهو سلسلو سالن کان هلندو اچي ۽ ملهه کي ته  اسان جي صوبي جي قومي راند تسليم ڪيو وڃي ٿو. ملهه ۽ پهلوانن جي حوالي سان ڪم ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ پهلوانن جون محنتون تذڪري لائق آهن. اسان جي سنڌ جو هڪ اهڙو ماڻڪ ٿي گذريو آهي جنهن نه صرف ننڍڙي عمر ۾ پاڻ مڃرائي ڏيکاريو پر پهلوانن لاءِ به پاڻ پتوڙي ڏيکاريو.


غلام سرور جتوئي سنڌ جي مشهور علمي ادبي شهر شڪارپور جي تعلقي خانپور جي ڳوٺ فريد خان جتوئي ۾ قلب علي خان جتوئيءَ جي گهر ۾ ۱۹۵۲ع ڌاري ڄائو. سندس والد جو شمار سنڌ جي مشهور ملهه پهلوانن ۾ ٿيندو هو. هن ابتدائي تعليم خانپور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نمبر ون شڪارپور، انٽر جو امتحان گورنمينٽ شاهه لطيف آرٽس ۽ ڪامرس ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيو، جتي يونين جو صدر پڻ هو. بي اي جي ڊگري چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيائين.
غلام سرور جتوئي جو وڏو فرزند پنهنجي والد جي ملهه واري احوال متعلق ٻڌائي ته؛ اسان جو ڏاڏو ملهه وڙهندو هو، بابا کي به کيس ڏسندي شوق پيدا ٿيو. ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايائين ته “شير سنڌ؛ علي شير ميربحر، ملهه تان رٽائرمينٽ تي پهچڻ وارو هو. کيس سيد سمن شاهه ملهون ماريندو رهيو.
سيد سمن شاهه سان علي شير ميربحر واري مقابلي بعد اسان جي ڏاڏي مرحوم قلب علي خان جتوئي کي غصو اچڻ لڳو. مقابلي جي آڇ ڪندي سيد سمن شاه، مرحوم قلب علي خان جتوئي کي چيو؛ “تون مون سان مقابلو ڪر”! مرحوم قلب علي خان جتوئي سيد سمن شاه کي جواب ڏنو هو ته “هاڻي منهنجي عمر ميدان ۾ اچي ملهه وڙھڻ جي ڪونه آھي مان توسان پنهنجي پٽ غلام سرور جو مقابلو ڪرائيندس، مون کي اميد آهي ته هو سوڀارو ٿيندو” بس پوءِ ٿيو به ائين ئي! قلب علي خان جتوئي ڳوٺ وريو ۽ پنهنجي پٽ جيڪو اڃان تعليم پرائي رهيو هو، کي تيار ڪيائين. ميدان تي اچي مقابلو ڪرڻ جهڙو ٿيو ته پنهنجي والد قلب علي خان کان سڳو ٻڌرائي پڪو پختو ٿي ميدان تي آيو. غلام سرور جتوئي ۱۹۷۰ع ڌاري مشهور ملهه پهلوان سومر مرکنڊ کي شڪست جو ڏني ته پنهنجي استاد جي شڪست کانپوءِ سيد سمن شاهه ميدان تي آيو. غلام سرور جتوئي کي پنهنجي والد جي ڳالهه ذهن ۾ هئي، سو طاقت جو مظاهرو اهڙو ڏيکاريائين جو سيد سمن شاهه کي شڪست ڏئي “اسٽوڊنٽ پهلوان” ٿيو.  
غلام سرور جتوئي ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي نه صرف وڏن وڏن ملهه پهلوانن کي ملهه ماري ڪاميابي جو تاج پاتو پر اها به کيس ئي سعادت نصيب ٿي ته پنهنجي همعصر توڙي وڏڙن پهلوانن جي ٽولي ۾ سڀ کان گهڻو پڙهيل لکيل پهلوان هو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ۱۹۸۲ع کان ۲۰۱۱ع تائين ملهه ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري رهيو. ۱۹۷۰ع کان ۱۹۹۶ع تائين مسلسل چئمپين پاڪستان رهندو ٿي آيو. ملهه واري فن دوران کيس رستم سنڌ ۽ چئمپين پهلوان جي لقبن سان پڻ نوازيو ويو. سنڌ ۽ پاڪستان توڙي ملڪ کان ٻاهر افغانستان ۽ روس توڙي ٻين هنڌن تي جتي به مقابلي لاءِ ويو، اتان فائينل کٽي آيو. هن پنهنجي طاقت ۽ فن ۾ مهارت سبب ميدانن تي جيڪي ڪرتب ڏيکاريا سي ڪٿان ڪو وساري سگهندو؟
غلام سرور جتوئي کي مليل انعامن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ جنرل محمد ضياء الحق کان ٽي ڀيرا، تڏهوڪي وزير اعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو کان، وزير اعليٰ سنڌ لياقت علي جتوئي، وزير اعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جنرل ايس ايم عباسي، محمود هارون، تڏهوڪي سنڌ جي گورنر حڪيم محمد سعيد سميت ملڪ جي ناميارن شخصيتن کان انعام حاصل ڪيو.  
سنڌ جي هن نامياري پهلوان پنهنجي ملاکڙي واري ڪيريئر ۾: ۳۰ سونا ٻلا، ۶۰ چاندي جا ٻلا، ۲ سوء ٽرافيون ۵۰کان وڌيڪ شيلڊون ۽ ٻيا ڪيترائي انعام حاصل ڪري خوب مڃتا ماڻي.
غلام سرور جتوئي پنهنجي جيون جا ۲۶ سال ملهه کي ارپيندي ۱۹۹۶ع ۾ بلڊ پريشر سبب رٽائرڊ ٿيو. هن نه صرف ملهه کي هٿي وٺرائي پر پهلوانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ به پاڻ پتوڙيندو نظر آيو. علم ۽ ادب سان به بيحد چاهه هئس، علمي ادبي تنظيمن جو به ميمبر رهيو. شڪارپور ۾ سندس گهر اندر لائبريري کي ڏسڻ جو گهڻا ئي ڀيرا موقعو مليو، جنهن ۾ تاريخ، ادب توڙي ملهه جي حوالي سان چڱو خاصو مواد گڏ ڪيل آهي. ۱۹۷۹ع ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان سجاد سرور، رياض سرور، اياز سرور ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.
غلام سرور جتوئي اسان جي معاشري جو پڙهيل لکيل، پنهنجي ڪرت ۾ پورو، يارن جو يار، سچو ۽ کرو هو. ڪنهن ملهه مقابلي تان پنهنجي ساٿين سان گڏ موٽي رهيو هو ته خيرپور واري ٺيڙهي جي دادن شاهه ڳوٺ ۾ جتوئي ـــ جاگيراڻي جهيڙي جي ور چڙهي ويو. مخالفن کيس ۴ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس شهادت کانپوءِ موقعي تي ئي پڪڙيل هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو. عدالت کيس ڦاهي جي سزا ٻڌائي آهي. سچ ته ههڙا املهه ماڻهو ڪڏهن به وسري نه سگهندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا