شهيد غلام سرور جتوئي
سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان
حسيب ناياب منگي
سنڌ ۾
ملاکڙو يا ڪُشتي عام آهي، تنهن کي ملهه چون ٿا. هيءَ سنڌ ۾ وڏي عرصي کان وٺي رائج
آهي. ملهه سنڌين جي طاقت آزمائيءَ سبب جڳ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. اسان وٽ ئي نه پر
ترڪي، روس، ايران ۽ افغانستان توڙي ٻين ملڪن ۾ به هيءَ زور آزمائي ٿيندي رهي جتي
نه صرف سندن نالا الڳ آهن بلڪ فني حوالي سان به فرق رکن ٿيون. اسان وٽ ملهه ۾ کاٻي
ڪلهي جي زور تي جڏهن ته دنيا ۾ ٻي ڪٿي ساڄي ڪلهي سان زور لڳائي کيڏي ويندي آهي. ملهه
يا ملاکڙو سنڌ ۾ مختلف جاين تي سالن کان ٿيندو اچي، جنهن ۾ پهلوان فن جو مظاهرو
ڪري پنهنجي طاقت کي سڀ جي سامهون نروار ڪندو آهي. سنڌ ۽ سنڌين وٽ اهو سلسلو سالن
کان هلندو اچي ۽ ملهه کي ته اسان جي صوبي
جي قومي راند تسليم ڪيو وڃي ٿو. ملهه ۽ پهلوانن جي حوالي سان ڪم ڪرڻ کان پوءِ
معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ پهلوانن جون محنتون تذڪري لائق آهن. اسان جي سنڌ جو هڪ اهڙو
ماڻڪ ٿي گذريو آهي جنهن نه صرف ننڍڙي عمر ۾ پاڻ مڃرائي ڏيکاريو پر پهلوانن لاءِ به
پاڻ پتوڙي ڏيکاريو.
