; سنڌي شخصيتون: سيد ممتاز علي شاهه بخاري - مٺل جسڪاڻي

18 June, 2018

سيد ممتاز علي شاهه بخاري - مٺل جسڪاڻي


سيد ممتاز علي شاهه بخاري
ماهر زرعي محقق ۽ آبادگار
مٺل جسڪاڻي
زندگي هڪ سفر آهي، ان سفر ۾ مختلف موقعن تي مختلف ماڻهو همسفر رهندا آهن. ماهر زرعي محقق ۽ آبادگار سيد ممتاز علي شاه بخاري سان پهرين ڪا سڃاڻپ نه، پوءِ پري کان ڏيٺ ويٺ ۽ دعا سلام، پوءِ ڪجهه سال هڪ ئي ڪمري ۾ ويهي، نوڪري ڪرڻ دوران روز ملڻ، روز ڪچهريون ڪرڻ، حال احوال ڏيڻ وٺڻ ٿيو، تنهن کان پوءِ ڪي سال ٿيا، چاهڻ باوجود ملاقات نه ٿي سگهي، البت ساڳين دوستن ۽ واسطيدارن معرفت سلامن جي ڏي وٺ جاري رهي. اوچتو عالمي اوطاق وسيلي هاڻ ذري گهٽ روزانو رابطو ٿيندو آهي.


سيد ممتاز علي شاه بخاري کي آئون ته ٿورو گهڻو سڃاڻان، ڪي اهڙا به هوندا، جيڪي کيس تمام گهڻا ويجها هجڻ ناتي، تمام گهڻو سڃاڻندا هوندا، پر منهنجو اندازو آهي ته تمام وڏي گهڻائي کيس ڪا نه سڃاڻي. جڏهن ته خاص طور تي نوجوانن ۽ نوجوانن جي تربيت چاهيندڙن کي سيد ممتاز علي شاه بخاري متعلق ٿوري گهڻي ڄاڻ هجڻ ضروري ٿو سمجهان. ان ڪري ساڻس ٿيل ڪجهه ڪچهري ونڊ ڪجي ٿي.
سيد ممتاز علي شاه بخاري پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته سندس والد روينيو جي معاملن جو ماهر سيد امداد علي شاه بخاري آهي. هن ٻڌايو ته ”جيئن ته والد صاحب سرڪاري نوڪري سان هيو يعني ڊپٽي ڪليڪٽر هو، انهي ڪري پيدائش شڪارپور شهر ۾، سال ۱۹۵۱ع، تاريخ ۲، مهينو ۶، يعني جون ۾ ٿي. پرائمري کان وٺي ميٽرڪ تائين، سنڌ جي مختلف شهرن م پڙهيو آهيان. پهريون ۽ ٻيو سنڌي جيڪب آباد ۽ نواب شاه ۾، ٽيون شهداد پور ۽ چوٿون درجو ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدر آباد تلڪ چاڙهي ۾ پڙهيس. پنجون سنڌي ميرپور خاص ۾، پوء ڇهون انگريزي به ميرپور خاص جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس. ستون سانگهڙ ۾، اٺون ڪلاس دادو ۾، نائون اڌ ڊي سي هاءِ اسڪول نواب شاه ۽ اڌ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهي، نائون ڪلاس اتان پاس ڪيو، ميٽرڪ ايگريڪلچر گروپ ۾ گورنمينٽ پائليٽ اسڪول دادو مان پاس ڪيو. ۱۹۶۷ع ۾ پهرئين سال ۾ ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ داخل ٿيس. بي ايس سي آنرس هارٽيڪلچر م ۱۹۷۲ع ۽ ايم ايس سي آنرس سال ۱۹۷۳ع ۾ ڪورس ورڪ مڪمل ڪيو ۽ ڊگري سال ۱۹۷۵ع ۾ ملي. پهرين ڪاليج ۾ ڊمانسٽيٽر ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر جڳهيون خالي نه هيون. ڪاليج ۾ هڪ اسڪيم آئي ”نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئر پروگرام“، جتي هڪ سال لاءِ هارٽيڪلچر ۾ رهيس، اتي ڪو ليڪچرر طور به ڪم ڪيم. ان کان پوءِ ايٽامڪ انرجي ايگريڪلچر ريسرڇ سينٽر ٽنڊو ڄام ۾ سائنٽيفڪ اسسٽنٽ گريڊ ون ۾ رائيس بريڊنگ ۾ ڪم ڪيو. مون سان گڏ ساڳئي عهدي تي ٻيا به هيا. واحد بخش بلوچ، سليم، ذاهد، افضل آرائين سڀ ڪلاس فيلو هيا. انهن مان افضل آرائين اتي ئي ڊاريڪٽر به ٿيو. مون ڪن سببن جي ڪري اتان استيفا ڏئي ڇڏي.. پوءِ گورنمينٽ فروٽ فارم تي هارٽيڪلچر اسسٽنٽ طور ڪجهه ٽائيم لاء پي ايل او ۴۸۰ اسڪيم ۾، ۱۱ گريڊ ۾ ڪم ڪيو. انهي کان اڳ ۾ سال ۱۹۷۵ع جي پڇاڙيءَ ۾ سائنٽيفڪ اسسٽنٽ ون گريڊ ۱۱ ۾، هڪ سال اها نوڪري به ڪيم، ان دوران يعني سال ۱۹۷۵ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدر آباد مان وڪالت پاس ڪئي ۽ ڪجهه ٽائيم ٽريننگ به ورتي. ان ئي دوران ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۷ گريڊ ۾ فروٽ فارم تي اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر ڪري رکيو ويو، جتي مون زيتونن جي ميوي تي تجربا ڪيا. سال ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ٻيهر امتحان پاس ڪري، هارٽيڪلچر ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور فروٽ فارم ميرپور خاص ۾ مقرر ٿيس. جتي پوءِ هلي ۱۹۸۵ع ۾ هارٽيڪلچر انسيٽيٽيوٽ ٿيو، ته مون کي مين فارم تي رکيو ويو. سال ۱۹۸۷ع ۾ مون کي پروموشن ڏئي ۱۷ (ايس، سپروائيزري) ۾، مالهي ٽريننگ اسڪيم ۾ انسٽرڪٽر طور رکيو ويو. اتي مالهين کي ٽريننگ ڏني ويندي هئي. اها اسڪيم ٻه سال هلي، پوءِ بند ٿي وئي. مون کي ساڳئي گريڊ ۾ نئين اسڪيم ”انبن جون نيون جنسون ڳولڻ ۽ وڌائڻ“ ۾ ذميواري سونپي وئي. اتي مان نيون جنسون سروي ڪري ڳوليون ۽ انهن کي وڌايو. جيڪي فارم تي موجود آهن. سال ۱۹۹۵ع ۾ منهنجي چوڻ تي حيدر آباد ۾ بصرن جي تحقيقاتي اداري هوسڙي ۾ بطور سپروائيز رکيو ويو، پر مون کي ورڪ آرڊر تحت ڊي جي ريسرچ آفيس ۾ ٽيڪنيڪل آفيسر طور مقرر ڪيو ويو. اتي سال ۱۹۹۹ع تائين رهيس. اتي سٺن آفيسرن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪيو. اتي هڪ دوست آفيسر (اوهان پاڻ، مٺل جسڪاڻي) گڏ ڪم ڪندو هيو .اهو هميشه زراعت جي رسالن، اخبارن ۾ لکندو رهندو هيو. انهي ڪري مون کي پڻ لکڻ جو شوق ٿيو. مان به زراعت جي رسالن ۽ اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو. ۱۹۹۹ع م ۱۸ گريڊ م پروموشن ملڻ کان پوء مينگو اينڊ سٽرس ريسرچ سينٽر سڪرنڊ ۾ هارٽيڪلچرسٽ مقرر ڪيو ويس . جتي هڪ سال رهيس. اتان ۲۰۰۰ع ۾ بدلي ڪري بصرن جي تحقيقاتي اسٽيشن هوسڙي ۾ ويجيٽيبل اسپيشلسٽ اونين ڪري رکيو ويو. اتي بصرن تي تجربا ڪياسين، سروي ڪيوسين .انچارج هيس، آفيس جو وهوار سٺي نموني هلايو. هميشه ڪرپشن کان پاسو ڪيو. انهي ڪري ڪجهه تڪليفون به آيون. انهي ڪري بدلي ڪري ٽماٽو ريسرچ اسٽيشن بدين تي ويجيٽيبل اسپيشلسٽ ڪري رکيو ويو، جتان عزت سان سال ۲۰۱۱ع ۾ رٽائر ٿيس.“
سيد ممتاز علي شاهه بخاري ٻڌايو ته ”لوڪل گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ ٽنڊي ڄام ۾ ۱۹۹۰ع دوران ڪميونٽي ڊولپمينٽ تي ستن ڏينهن جي ٽريننگ اٽينڊ ڪئي. اسلام آباد ۾ ۱۹۹۷ع دوران ۱۵ ڏينهن جي پلانٽ جينيٽڪس جي ٽريننگ ۽ ٻيءَ وري ماکي جي مکين جي پالنا لاءِ ٽريننگ به ورتي. ٽنڊي ڄام ۾ ۳ ڏينهن جي اسٽيٽڪس جي ٽريننگ، حيدر آباد ۾ ڪيلي جي بيمارين بابت سيمينار اٽينڊ ڪيو، جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن جا ماهر به هيا، ريڊيو پاڪستان حيدر آباد ۽ پاڪستان ٽي وي ڪراچي تي بصرن جي پوک بابت پروگرام رڪارڊ ڪرايا. اوهان سان سنگت رهي“.
مون کانئس لکڻ پڙهڻ متعلق پڇيو ته وراڻيو ”ادا ڪوشش ڪندس ته سڀ ڪجهه ٻڌايان. لکڻ پڙهڻ جو شوق ته گهڻو آهي، پر توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته فالج ۽ آپريشن جي ڪري، نه هلي سگهان ٿو نه لکي سگهان ٿو. زمين تي به ڪيترو عرصو ٿيو آهي، نه ويو آهيان. دعا ڪيو ته صحيح ٿيان.“ ڪجهه ساهي کان پوءِ چيائين ”لکڻ پڙهڻ جو ڪافي شوق هوندو هيو ۽ ڪجهه هاڻي به آهي. هن وقت به اخبار روزانو پڙهندو آهيان. .منهنجو اندازو آهي ته زراعت بابت ۵۰ کن مضمون سنڌ زراعت رسالي ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن وقت شوق ته پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڏاڍو آهي، پر طبيعت اجازت نٿي ڏئي. هن وقت في الحال ڪتاب ڇپرائڻ جو ڪو به ارادو ڪونه آهي، طبيعت سهي ٿي ته سوچبو“. هن چيو ته ”مهنجو شوق خاص ڪري روزانو سنڌي اخبار پڙهڻ، تاريخي ڳالهيون پڙهڻ، تاريخي ڊراما ڏسڻ، طبعت سهي هوندي هئي ته سير تفريح ڪرڻ، فوٽو گرافي ڪرڻ، شڪار جو شوق به هيو ۽ آهي، جيڪو وڏن کان وٺي هلندو اچي. نالي وارين شخصيتن سان ملڻ جو شوق هوندو هيو. ان ۾ چار پنج سنڌ جا وزير اعلا جهڙوڪ قاضي فضل الله، ايوب کهڙو، قاضي اختر، مير غلام علي ٽالپور، ممتاز علي ڀٽو، مخدوم محمد زمان طالب مولا، نبي بخش خان بلوچ، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، ذولفقار علي ڀٽو، پروانو ڀٽي، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصتيون آهن، جن سان روبرو ملاقات ٿيل آهي. زراعت سان گهڻي دلچسپي آهي“.
مون پڇيو ته اوهان زرعي محقق به رهيا، آبادگار به آهيو، زراعت متعلق ڪهڙو رايو رکو ٿا؟ پاڻ جواب ڏنائين ته ”زراعت متعلق پنهنجي راءِ ڏبي، ته وقت جي حساب سان وڏو فرق نظر ايندو. ماضيءَ ۾ زمين جي تياريءَ لاء هر ڏاندن سان کيڙيا ويندا هيا. ڪيڻ هڻڻ، ڳاهه ڪرڻ به ڏاندن وسيلي ڪيو ويندو هيو. پوءِ ٿورو ٿورو ٽريڪٽر به هلڻ شروع ٿيو. زميندار دٻدٻي سان هارين کان بيگر وٺندا هيا ۽ حساب ڪتاب ۾ هيراڦيري ڪندا هيا، هارين ۾ شعور ۽ سمجهه گهٽ هوندي هئي. انهي ڪري هاري هميشه غربت ۾ گذاريندا هيا. هميشه زميندار جا قرضي رهندا هيا. زميندار ڪنهن به وقت، بنا ڪنهن نوٽيس جي، بيدخل ڪري ڇڏيندو هيو. ڪوبه قانون ڪونه هيو، پر هاڻي قانون آهي. اڳي ٽيڪنالاجي ڪونه هئي. زميندار ٻج پنهنجو رکندا هيا ۽ اهو ٻئي سال پوکيندا هيا. ڀاڻ به مال جو استعمال ڪندا هيا يا سائي ڀاڻ طور جنتر، برسيم وغيره زمين جي طاقت لاءِ پوکيا ويندا هيا، جو شروع م ڪيميائي ڀاڻ جهڙوڪه يوريا، فاسفورس، پوٽاش وغيره ڪونه هوندا هيا. ٻيو ته زمين خالي ڇڏي ويندي هئي ته اس کائي ۽ جيت جڻا مري وڃن. گهڻو ڪري هر هاري ٻڪريون، رڍون، مينهون، ڳئون، ڪڪڙيون پاليندا هيا، ته وقت سر وڪڻي ڪم آڻي سگهن. واٽرن ۽ شاخن جي کاٽي بيگر هڻي هارين کان کڻائي ويندي آهي، جيڪا اريگيشن وارن کي کڻائڻي آهي، جن جا پيسا کاتي کي ملن ٿا. اڳي خاص ڪري ڦٽي، ڪڻڪ، گاهه ۽ ڪمند پوکيا ويندا هيا. ملن جي نه هجڻ جي ڪري ڪمند مان چيچڙا هڻي ڳڙ ٺاهيو ويندو هيو. زميندار گهڻو ڪري ٻٻرن جون هڙيون، جيڪي مال لا ءِ چارو، زمين لاءِ ڀاڻ ۽ انهن جو ڪاٺ به ڪم ايندو هيو. اڄ ڪلهه ٽريڪٽر جو ڪم عام جام ٿي ويو آهي. هر، ڪيڻ، کريا ڪڍڻ، ٿريشر، ڪڻڪ لاءِ ٻج کي دوا لڳائڻ سان بيماريون ختم ٿي وڃن ٿيون. زرعي دوائون به ضرورت مطابق، زراعت جي ماهرن سان صلاح مشوري سان هڻي پيداوار وڌائي سگهن ٿا. گهڻي ڀاڱي زميندار ڪيميائي ڀاڻ ته وجهن ٿا، پر اندازي تي! جيڪڏهن ڪنهن ڀاڻ ۽ پاڻي واري ليبارٽري مان زمين چڪاس ڪرائبي، ته پيداوار سٺي وڌي سگهي ٿي. اڄ ڪلهه سردي ۽ گرمي جون ڀاڄيون عام جام پوکيون وڃن ٿيون، جهڙوڪه بصر، ٽماٽو، ڪريلا، توريون، گوبي وغيره. اهي سٺي آمدني جو ذريعو آهن ۽ ڪيش ڪراپ آهي ۽ ٿوري ٽائيم ۾ تيار ٿين ٿيون. منڊي ۾ دلال ڪميشن سرڪاري اگهه کان وڌيڪ وٺن ٿا. سرڪار کي خيال ڪرڻ گهرجي. ڪڻڪ، ڦٽي، ڪمند وانگر ڀاڄين جا به اگهه مقرر ڪيا وڃن. باغن جا مالڪ، جيڪي هميشه باغ ٺيڪي تي ڏيندا آهن، انهن کي باغ پاڻ سنڀالڻ گهرجن، جو گهڻي آمدني ٺيڪيدار کڻي ٿا وڃن. ان لاء سرڪار باغائين کي سهوليتون ڏئي. اڄ ڪلهه جر جي مٺي پاڻي وارن علائقن ۾ اسڪارپ وارن ٽيوب ويل هڻايا ويا آهن. هڪ ته پاڻي جي سطح گهٽ ٿيندي، ٻيو ته پاڻي جي کوٽ پوري ٿيندي. واٽرن پڪن جي ڪري پاڻي جو زيان به گهٽ ٿيندو. زمين جو رڪارڊ به ڪمپيوٽرايزڊ ڪيو ويو آهي. ڪوبه روينيو عملدار کاتن م هيراڦيري ڪري نه سگهندو ۽ شناختي ڪارڊ نمبر فيڊ ڪرڻ سان ستين فارم جي ڪاپي نڪري ايندي. سولر ٽيوب ويل به آبادگار هڻائي رهيا آهن، پر گهڻي ڀاڱي نٿا هڻائي سگهن، جو خرچ گهڻو ٿو اچي. سرڪار کي مدد ڪرڻ گهرجي. ايندڙ وقت ۾ زراعت ۾ وڏي انقلابي تبديلي ايندي. هن وقت هائبرڊ ٻج جي پوکي ٿي رهي آهي، انهي سان سٺا ٻج پوکڻ لاءِ ملندا. ڪمپائونڊ هارويسٽر به عام جام اچي ويندا، ته سارين جي رونبي جون مشينون به اچي وينديون، جيڪي چائنا ملڪ ۾ عام جام هلي رهيون آهن. اڳتي هلي فصلن جو انشورنس ٿيندو. فصلن جي نقصان جي صورت ۾ انشورنس وارا نقصان ڀري ڏيندا. آخر ۾ اهو چوندس ته جيترو سرڪار آبادگارن کي سهوليت ڏيندي، اوترو آبادگار دلچسپي وٺندو، پاڻ به خوشحال ٿيندو، ان سان گڏ ملڪ به خوشحال ٿيندو“.
ڪچهري ته اڃا به ٿي پئي سگهي، پر شاهه صاحب چيو ”ادا مٺل، طبيعت سهي نه هوندي به، ڪجهه نه ڪجهه احوال ڏنا ورتا. توهان همٿ ڏياري، مون همٿ ڪئي. دل چوي پئي ته بس ئي نه ڪجي. گذريل ۱۲ سالن کان اباڻي ڳوٺ آريجا، ضلع لاڙڪاڻه به ڪونه ويو آهيان، بس نصرپور ۽ حيدرآباد ئي هاڻي منهنجو ڳوٺ آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ به ڳوٺ جو آهي، سندس لائبرري گل حيات انسٽيٽيوٽ به مون ڏٺو آهي. سٺو مواد اٿس. دعا ۾ ياد ڪندا.“
(کيتي سر سيتي، روزاني عبرت حيدرآباد، سومر ۱۶ آڪٽوبر ۲۰۱۷ع)

No comments:

راءِ ڏيندا