سيد ممتاز علي شاهه
بخاري
ماهر زرعي محقق ۽
آبادگار
مٺل جسڪاڻي
زندگي
هڪ سفر آهي، ان سفر ۾ مختلف موقعن تي مختلف ماڻهو همسفر رهندا آهن. ماهر زرعي محقق
۽ آبادگار سيد ممتاز علي شاه بخاري سان پهرين ڪا سڃاڻپ نه، پوءِ پري کان ڏيٺ ويٺ ۽
دعا سلام، پوءِ ڪجهه سال هڪ ئي ڪمري ۾ ويهي، نوڪري ڪرڻ دوران روز ملڻ، روز ڪچهريون
ڪرڻ، حال احوال ڏيڻ وٺڻ ٿيو، تنهن کان پوءِ ڪي سال ٿيا، چاهڻ باوجود ملاقات نه ٿي
سگهي، البت ساڳين دوستن ۽ واسطيدارن معرفت سلامن جي ڏي وٺ جاري رهي. اوچتو عالمي
اوطاق وسيلي هاڻ ذري گهٽ روزانو رابطو ٿيندو آهي.
