ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي
سورهيه منهنجي ديس جا
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتيءَ جي جهولي ۾ ڪي اهڙا گوهر به آيا جن پنهنجي
ڏات سان سنسار جي ڏکويلن جي سار لڌي. پنهنجي پنهنجي علائقي جي ترقيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙي ڏيکاريو. اهڙن ئي لعلن مان ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي به هڪ ٿي گذريو آهي. جنهن
شڪارپور جي شهرين کي ڀلائي جا ڏس ڏسيا. اچو ته سندس جيونيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسون ته
هو ڪيڏو نه مهان هو ۽ اسان کيس ڪئين نه وساري ويٺاسين.
ليلارام ڦيرواڻي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو، پاڻ نرسنگهداس جو
پٽ ۽ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جو ڀاءُ هو. جنهن جي علمي ادبي خدمتن تي سنڌ کي ناز
آهي. ليلارام شڪارپور ۽ بمبئي جي مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري ديس واسين
جي شيوا ۾ لڳي ويو. هن جو قدم جنهن جنهن شعبي ۾ رهيو اُتي هن خوش اصلوبيءَ سان پاڻ
مڃرائي ڏيکاريو. هو هڪ ئي وقت سياستدان، فرض شناس ڊاڪٽر، صحافي، ناٽڪ نويس،
ڪهاڻيڪار، مضمون نويس ۽ شاعر هو. کيس هر هڪ شعبي ۾ هن طرح پرکي سگهجي ٿو:
سياستدان:
ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي عوام جي خدمت کي اهم ڄاڻيندي
سياست جو رخ ڪيو، هن کي اها پڪ هئي ته جيڪو سياسي اڳواڻ عوام جي ڀلائي ۽ بهتريءَ
لاءِ ڪجهه ڪري ٿو اهو ئي ڪاميابي واري مقام کي ماڻي ٿو. هن ڪانگريس ۾ شموليت
اختيار ڪئي ۽ ڪانگريس سان ئي وابسته رهيو. مهاتما گانڌي سندس پسنديده سياسي ليڊر
هو. شڪارپور ڄائو ناليوارو قلمڪار لوڪرام ڏوڏيجا هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “ليلارام قومي
هلچل ۾ جيل ويو پرجوشيلو ۽ سچار هو. پاکنڊي ڪانگريسن سان پونت نه پوندي هئس. پڇاڙي
جا ڏينهن ديولالي ۾ رهيو پيو هو، مون سان ريل ۾ مليو ۽ چيائين: تون برابر چوندو
هئين ته گهڻا ڪانگريسي ديش ڀڳتيءَ جو ڏيکاءُ ڪندا آهن. . . . شڪارپور جي ڪانگريسين
هن کي برابر ڏکويو هيو.”
قومي هلچل هجي يا ڪو عوامي ميڙ ڊاڪٽر ليلارام جي جوشيلي
تقرير سڀني کي موهي وجهندي هئي. انگريزن کان سنڌ جي آزاديءَ ۾ هن جون به خدمتون
سرانجام ڏنل آهن.
فرض شناس ڊاڪٽر:
شڪارپور سنڌ جو اهو علائقو هو جتي اڪثر ماڻهو وندر ۽ ڪم
ڪار ۾ ايترا مشغول رهندا هئا جو بيماري جو ته تصور به ڪين ڪيو ويندو هو، پر جي ڪو
بيمار به ٿيو ته هتان جي ڳلين ۾ ناليوارا حڪيم، ويڄ ۽ جراح ويٺا هوندا هئا جن وٽان
مريض علاج ڪرائي سرهو ٿي مالڪ جا شڪر ادا ڪندو ويندو هو، انهن ڏينهن ۾ به اڄ جيان
ڊاڪٽر لاءِ پڙهي لکي ماڻهو وٽ وڏي اهميت هوندي
هئي، شيوارام ڦيرواڻي جي هدايتن تي ليلارام ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽
شڪارپور ۾ مسڪينن جي تپاس ڪري پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳو هو. ڊاڪٽر قيوم طراز
پنهنجي هڪ مضمون ”شڪارپور صحت جو گهر“ ۾ لکي ٿو ته “ڊاڪٽر صاحب پنهنجي اسپتال
جڳناٿ لائبريري (هينئر بيدل لائبريري) جي سامهون پئي ٺهرائي اڃان ڀتيون ئي مس
کڄيون ته ورهاڱو ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر صاحب هندستان لڏي ويو”.
صحافي:
ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ لاءِ هن صحافت ڪئي. اول
شڪارپور مان“وطن” اخبار سيپٽمبر ۱۹۲۱ع ۾ ڪڍڻ شروع ڪئي، جا ڪجهه عرصو
مظلومن جو آواز اٿارڻ کانپوءِ بند ٿي وئي. وطن کانپوءِ هن شڪارپور مان هفتيوار “نوجوان”
اخبار ۲۰ اپريل ۱۹۳۱ع کان جاري ڪئي جيڪا ۱۹۳۳ع تائين شايع ٿيندي
رهي. سندس ٻئي اخبارون عوام جي ترجماني ڪندڙ ثابت ٿيون.
ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس ۽ شاعر:
ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ جو ادبي دنيا ۾ قدم رکڻ
شڪارپور جي علمي ۽ ادبي ماحول، خاص ڪري سندس وڏي ڀاءُ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جي
صحبت سبب ٿيو.
سنڌي ادب جون تاريخون شاهد آهن ته سندس هڪ ناٽڪ “هڪڙي
رات عرف ليلا چنيسر” ڇپيل آهي، جو ڪراچي مان پهرين جنوري ۱۹۳۶ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌي نثر جي تاريخ ۾ منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته: “ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻي ۱۹۳۶ع ۾ ليلان چنيسر جي
لوڪ ڪهاڻي هڪ رات جي نالي سان ناٽڪي صورت ۾ آندي هئي. جنهن ۾ شڪارپوري ٻولي اهڙي
مٺي ڪم آندائين جو سندس نثر مان نظم جو ساءُ پي آيو. . . . ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻي
جو هڪڙي رات شري لعل چند جڳتياڻيءَ جي عمر مارئي جي لائق سنتان(اولاد) آهي، بلڪه
ڪن خاصيتن ۾ والد کان گوءِ کڻي ويو آهي. منجهس رڳي ساهتي سڳند ڪانهي پر ناٽڪي
لياقت به چڱيائي آهي. ان جي نثر جي عبارت مان نظم جو آلاپ پيو اچي. وري ڪردار
نگاري جون هدايتون اهڙيون وچور وار ذري پرزي ڏنيون اٿس، جو فقط پڙهڻ سان ئي من جي
تختن تي گويا ناٽڪ پيو ڏسجي”
ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻيءَ ڪهاڻيون به لکيون، پنهنجي آس
پاس واري ماحول کي سمجهي هن قلم کي ڪاغذ تي خوب هلايو، انهن ڏينهن ۾ ماهوار سنڌو
رسالو معياري ۽ اهميت وارو هوندو هو تنهن ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپجي پڌريون ٿيون. هي اهو
پهريون شڪارپوري ڪهاڻيڪار هو جنهن جي پهرين ڪهاڻي ماهوار سنڌو رسالي ۾ ڇپي هئي.
سندس ڪهاڻين ۾ “پيکشا” ۽ “مان ٻروچ آهيان” تمام گهڻيون مشهور ٿيون.
ڊاڪٽر صاحب جا سنڌي ۽ انگريزي رسالن ۽ مخزنن ۾ ڪيترائي
مضمون ڇپيل ملن ٿا، وقت جي ضرورت آهي ته سندس مواد کي ترتيب ڏيئي ٻيهر منظر عام تي
آندو وڃي.
ڊاڪٽر صاحب نثر سان گڏ نظم به لکيو، هن جو هونءَ به نثر
نظم جهڙو ٿو ڀائنجي، سپڪ ۽ سوادي ٻولي، سادن لفظن جو استعمال سندس تحرير کي دلڪش
ٿو بڻائي. ليلارام جي نظم جو نمونو هيٺ نقل ڪجي ٿو:
واهه واهه بهار آئي، هر جاءِ رونق ڇائي،
بوند بوند بادل برسن ٿا
چيها چاهه سان ڳٽ ڳٽ ڪن ٿا
ٽارين تي خوب ٽپن ڪڏن ٿا
چتن پون پون لائي
اچو سهيليون گڏجي ڳايون
بسنت رت جي موج ملهايون
گهر گهر شال ٿين واڌايون
سدا سڀاڳي آئي
ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ديولالو (انڊيا)
وڃي رهيو جتي ئي ديهانت ڪيائين.
No comments:
راءِ ڏيندا