; سنڌي شخصيتون: بادام ناتوان

15 June, 2018

بادام ناتوان


بادام ناتوان
مضمونن کي فڪشن جو روپ ڏيندڙ پهرين عورت ليکڪه
حسيب ناياب منگي 
انساني معاشري ۾ عورتن جي سجاڳي، علم ۽ ادب ڏانهن کين راغب ڪرڻ، انهن جي حقن لاءِ لکڻ ۽ لکي پاڻ مڃرائڻ ۾ جيڪو ڪردار سنڌي ادب اندر بادام ناتوان جو ادا ٿيل آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. اهو به هڪ دور هو جو ماهوار نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ سنڌي ادب لاءِ محترمه زينت عبدالله چنا گهڻو لکندي هئي ته سڀني جون ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. تن ڏينهن ۾ عورتن کي صلاحون ڏيندي، انهن جي حقن لاءِ شڪارپور مان بادام ناتوان جهڙي قلمڪاره لکڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين آڏو سندس قابليت جا جوهر آيا. هڪ ٻئي پٺيان سندس ڪتاب ڇپيا ته بادام ناتوان جي مطالعي ۽ مشاهدي جي جڳ کي پرک ٿي. هڪ طرف سندس تحريرون سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارينديون ويون ته ٻئي طرف سنڌ جي نارين جن جي پهچ ڪتابن تائين ضرور هئي تائين حق ۽ سچ، سمجهه ۽ ساڃاهه، شعور ۽ علم توڙي نصيحت جي ڳالهه پهتي، جنهن عمل سان عورتن ۾ معاشري اندر ذميوارين کي نڀائڻ ۽ حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو جذبو جاڳيو. بادام ناتوان جو قلم جنهن تيزيءَ سان هليو، تيڏي تيزيءَ سان اسان کيس وساري ڇڏيو. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سندس علمي پورهيو نصابن ۾ شامل ٿئي ها، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر پڙهايو وڃي ها، پر اهو ڪجهه به نه ٿيو ته سندس قلمي ڪتاب منظر عام تي آڻايا وڃن ها. اها به افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جن ادب ۽ سماج جي سيوا ڪندي پنهنجون حياتيون گذاري ڇڏيون تن جا نه ته تذڪره محفوظ ٿي سگهيا نه وري سندن اڻڇپيل ڪتاب ئي منظر عام تي آيا.


بادام ناتوان جي جي ڇپيل ڪهاڻين يا مضمونن جي ڇپيل مجموعن تي نظر ڪبي ته انهن ۾ عورت جي اخلاق، ڪردار، پرهيزگاري، اعتماد، ذميوارين توڙي علم جي ڳالهه عام نظر ايندي. بادام ناتوان جي پهرين تصنيف “شڪسته زندگي” جي نالي سان ۱۹۵۰ع ۾ ڇپيل آهي. هي ڪتاب بشير احمد ائنڊ سنس ڪراچي طرفان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو هر هڪ ڀاڱو اڍائي سؤُ صفحن تي ڦهليل آهي. بادام ناتوان جي ٻي اهم تصنيف “خوش خصلت خاتون” آهي، جنهن لاءِ مصنفه پاڻ لکي ٿي ته “هن ڪتاب جي لکڻ وقت مَسُ جي عيوض جگر جو خون ڪم آندو آهي.” هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۶ع ۾ نه صرف ڇپائي منظر عام تي آندو پر ليکڪه کي انعام سان پڻ نوازيو. هن ڪتاب کي ليکڪه ڏهن مضمونن سان سينگاري پيش ڪيو. هن ئي ڪتاب تي تبصرو ڪندي سيد ميران محمد شاهه لکيو هو ته “هيءَ تصنيف اڳين کان بدرجها بهتر آهي. . . . اهڙي ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪرڻ لاءِ هيءَ خاتون، تحسين ۽ تبريڪ جي لائق آهي.” بادام ناتوان جو ٽيون ڪتاب “قلبي اُڃ” جي نالي سان شڪارپور جي پراڻي پبلشر مولوي محمد عظيم اينڊ سنس طرفان ۱۹۶۶ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي سنڌ جي عالم اديب ۽ محسن علامه آءِ آءِ قاضي جو رايو پڻ شامل ڪيل ٿو ڏسجي. هي ڪتاب به ليکڪه جي قلم جو بهترين مظهر آهي. مضمونن جي هن مجموعي تي نظر ڪبي ته سندس مضمونن ۾ جوش ۽ جذبو نظر ايندو. حقيقي پهلو کي ظاهر ٿي ڪري، شاعر جي اکين جيان معاشري ۾ جيڪا برائي ٿيندي ڏٺائين، قلم کڻي خوب لکي وئي. سندس تحريرن ۾ نارين کي اهو سمجهايل نظر ٿو اچي ته هو روحاني راهه ٿي گامزن ٿي حقوق الله ۽ حقوق العباد سرانجام ڏين ۽ جهالت کي پري ڀڄائي علم جي شمع کي روشن ڪرڻ جا جتن ڪن.
مطالعي جو مٿس گهرو اثر نظر ٿو اچي،  جو ڪتابن ۾ ڪٿي فارسي، ڪٿي انگريزي، عربي ۽ سنڌي ادب مان قول، شعر ۽ حڪايتون پيش ڪندي مضمونن کي سينگاري ۽ سنواري پيش پئي ڪري.
بادام ناتوان جي ذاتي زندگيءَ متعلق اها پروڙ پوي ٿي ته هُوءَ ۷ مارچ ۱۹۲۴ع تي شڪارپور ۾ پنهنجي والد محمد حسن جي گهر ۾ ڄائي. والده جو مٿس گهرو اثر رهيو جيڪا هيڊ مسٽريس هئي. شڪارپور مان ئي تعليم مڪمل ڪيائين پوءِ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڀيڻ روشن آرا مغل به سنڌي ادب ۾ مختصر مگر اڻ مٽ نقش ڇڏيا.
 نسيم ٿيٻو جا سندس ڌيءَ آهي تنهن پڻ سنڌي ادب جي جهولي کي ڪهاڻين سان ڀريو. بادام ناتوان جي اڻڇپيل ڪتابن: “رنم رت ڦڙا”،  “خلوت ۾” ۽ “نماڻي نار” کي به ڇپائڻ  گهرجي.
بادام ناتوان شڪارپور ۾ ئي ۸ فيبروري ۱۹۸۸ تي هي فاني جهان ڇڏي وئي.  دعا آهي ته الله کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏي. آمين.


امان بادام ناتوان

سنڌ جي پهرين ناول نگار

حميده گهانگهرو

سنڌ صدين کان علم، ادب، فن، هنر، سياست، ادب، آرٽ، سچائي جو انمول مثال رهي آهي. مردن سان گڏوگڏ عورتن جو به وڏو حصو جن پنهنجو پاڻ کي تاريخ جي ورقن ۾ مڃرايو آهي.

بهادر عورتن ۾ ٻاگهل ٻائي، مائي بختاور، ادب، سياست، تعليم ۾ مهتاب محبوب، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر درشهوار سيد، رضيه بلوچ، شمس عباسي، عطيه دائود وغيره ڳڻپ ۾ پنا ڀرجي وڃن ڳاڻيٽو ختم نه ٿئي. پر ان علم ادب جي اونهي سمنڊ ۾ هڪ نالو امان بادام ناتوان جو آهي.

شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ بادام ناتوان پيءُ جي جدائيءَ کان پوءِ پنهنجي امڙ استاد جي حيثيت ۾ ٻار پڙهائڻ گهرو ذميوارين ۽ ڌيئرن کي باعزت طريقي سان پڙهائڻ ۽ پرورش ڪري ٿي، شهر جا ماڻهو کيس عزت مان جيجي ساران جي نالي سڃاڻن ٿا. هن جي هڪ ڌيءُ روشن آرا، ٻي ڌيءُ بادام ناتوان سندس گهر جي اڱڻ ۾ پلجي جوانيءَ جي رنگت ۾ نظر اچي ٿي، اڇي گل جي رنگت واري بادام ناتوان جي چهري تي جڏهن مسڪراهٽ ايندي هئي ته ڄڻ گلاب جو گل ڳل تي رکجي ويندو هو.

سٻاجهي، سياڻي، سلجهيل بادام ناتوان جي گهر وسائڻ جو اونو امڙ کي ٿيڻ لڳو، اهو خواب جوان ٿيڻ واريءَ ڌيءُ جي هر ماءُ جي چهري تي نظر ايندو آهي، هر ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته سندس ڌيءُ ڪنهن سکي ستابي گهر ۾ وڃي ۽ اهڙيءَ طرح امان بادام ناتوان جو به زندگيءَ جو سفر شڪارپور کان دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گهاڙي جيڪو ٿيٻن جي ڳوٺ سان مشهور آهي. پنهنجي شڪارپور شهر جي حسين تاريخي عمارتن ۽ روڊن رستن کي ڇڏي اچي گهاڙي ۾ زندگي گذارڻ جو وچن ڪري ٿي. سندس ور عبدالباقي ٿيٻو زميندار ۽ ڳوٺ جو وڏيرو آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ حويلي نما گهر ۾ پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن کي جنم ڏنو، گهر ۾ نوڪر چاڪر ڪم ڪرڻ لاءِ آهن. سندس تخليقي صلاحيتن جي ڪري ڳوٺ جي عورتن جي مسئلن ۽ حقن کي سمجهي ٿي. عورتن سان ٿيندڙ زيادتين تي قلم جي نوڪ تيزيءَ سان ڊوڙي ٿي ۽ عورتن جي اکين مان نڪتل ڳوڙهن کي اڇن ورقن تي سجائي هڪ ادبي اڳواڻ طور اڀري ٿي. هيءَ باشعور آهي، بهادر آهي، وڏيرڪي سماج ۾ اڪيلي هئڻ باوجود به انهن فرسوده رسمن ۽ عورت سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي غمزده آهي. ۽ غم ۾ ننڌال سندس قلم جڏهن اوڇنگارون ڏئي ٿو ته پنن تي لکجي وڃي ٿو. خوش خصلت خاتون، قلبي اڃ، زخم رت ڦڙا، شڪست زندگي جهڙا شاهڪار ناول ادب جي دنيا ۾ نروار ٿين ٿا ۽ سنڌ جي پهرين ناول نگار بادام ناتوان ان دور جي بهترين شخصيت بڻجي وڃي ٿي، جڏهن اڃا ايترو عورتون نه لکنديون هيون، ان دور ۾ هڪ وڏيرڪي سماج ۾ ٿيل ڏاڍاين کي بادام ناتوان جا چارئي ناول ڊاڪيومينٽ ڪن ٿا. عورتون ڪيئن ڪجھ سال ته سٺا گذارين ٿيون ۽ پوءِ ٻي عورت جي استحصال يعني سريت سان مڙس جي لاڳاپن کي ڪيئن برداشت ڪري ٿي ۽ ڪپرومائز ڪري هوءَ زال بجاءِ ماءُ جي حيثيت ۾ گهر جي چانئٺ تان ٻاهر پير ڪڍڻ به پنهنجي شان جي خلاف ٿي سمجهي. هوءَ سڀني عورتن جا داد فرياد ٻڌي ٿي سڀ سانئڻ سانئڻ چئي کيس پنهنجو درد ٻڌائن ٿيون. بادام ناتوان ان تاريخ ۾ ان ڪيس کي رکي ٿي. عورتون ڏاڍو برداشت ڪن ٿيون، عورت ڪا قرباني جو ٻڪرو ناهي پر بادام ناتوان جو چوڻ آهي ته عورتن کي مرد ۽ مردن کي عورتون ته ملي وينديون آهن پر ٻچن کي پيءُ ماءُ جي جدائيءَ جا ڏاڍا ڏکيا اثر پوندا آهن. حالانڪه انهيءَ جهڳڙن ۾ به اولاد تي اثر پون ٿا پر بادام ناتوان اهو سنڌي عورت جو نسل آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته ڪيترن به ڏکيائين ۾ عورت مجبور به آهي، هوءَ پنهنجين خوشين کي قربان به ڪري سگهي ٿي ۽ سماج جي واڳن ۾ اڪيلائي جي سفر ۾ به تڪليف سمجهي ٿي. اڄ به سندس ناولن ۾ اها حقيقت ۽ سچائي نظر اچي ٿي جنهن جي ڀوڳنا ۾ اڄ به عورتون نشانو بڻجن ٿيون، اڄ به ڪاروڪاري تحت عورت ڪسجي ٿي، پر هن سماج جا گونگا، ٻوڙا رشتا لاشن کي کڻي مڻ مٽيءَ ۾ دفنائي ٿا اچن پر بادام ناتوان جو تمام گهڻو طاقتور ٿو نظر اچي. عورت ايتري بهادر اها بادام ناتوان دليريءَ سان بڻايو. ان کان وڌيڪ ته ڏاج ۾ شايد ڪي ضرورت جي شين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه هجي پر سنڌي باشعور عورت سندس زندگيءَ جو ڏاج آهي ۽ هوءَ گهر ۾ ڪتابن سان الماڙيون سجائي ٿي ۽ پنهنجي ٻارن کي انهيءَ ذخيري جي خوراڪ ڏيندي رهي ٿي. سندس اولاد ۾ اهي جهلڪيون نظر اچن ٿيون سندس وڏي ڌيءُ نذيرا ٿيٻو، نسيم ٿيٻو به بهترين ڪهاڻيڪار ثابت ٿيون، سندس وڏو فرزند گلزار ٿيٻو، مختيار ٿيٻو، مير ٿيٻو ۾ سياسي سوچ ۽ ماءُ جي ادبي صلاحيتن جا اثر نظر اچن ٿا. شهزادو ٿيٻو ۾ به اهي صلاحيتون آهن، هو ڊپلوما ڊاڪٽر آهي ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻهن جو علاج مفت ۾ به ڪندو آهي، سندس ٻيو پٽ آفتاب ٿيٻو استاد هو پر ان جو پٽ آصف ٿيٻو ڪافي سوشل آهي ته سندس ننهن سورٺ ٿيٻو ڳوٺ جي وڏيرڪي زندگيءَ جي آرام آسائش ٿڏي هڪ سياسي اڳواڻ طور ڪيترن سالن کان عوام جي حقن لاءِ وڙهي ٿي، بادام ناتوان جي شعور ۽ بهادريءَ جي جهلڪ سندس اولاد ۾ ته آهي پر پوٽاڻ ۾ به آهي، جو هڪ دفعي وڏي پٽ گلزار ٿيٻو جي گهر تي ڌاڙيلن ڪاھ ڪئي ته سڀ ٻار پيءُ ماءُ سان گڏجي ڇت جي مورچي تان مقابلو ڪيو. ڌاڙيلن جي اها شڪست ان ڳوٺ جو ئي مثال آهي. گلزار ٿيٻو جي گهر اڳيان مڇيءُ جا تلاءَ آهن، بادام ناتوان ۽ سندس امڙ جو آخري آرامگاھ مڇيءُ جي تلاءَ جي ڪناري تي آهي. آخري آرامگاھ ۾ به ماءُ جي هنج ۽ پٽ جي اڱڻ اڳيان گهري ننڊ ۾ ستل آهي.

اقبال ملاح جي شاديءَ ۾ حنيف لاشاري جي ان فرمائشي گيت ته “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو” شروع ٿيو هو ته ڌاڙيلن حملو ڪري ڳوٺ جي پنجن معصوم غريب نوجوانن ۽ مير ٿيٻو، حفيظ دايو، سجاد ظهير کي اغوا ڪري رنگين گولين جي چمڪاٽن سان ٻيلي روانا ٿيا هئا. ۱۹۹۱ع ۾ ڌاڙيلن جو تمام گهڻو شور هو ۽ سنڌ جا ماڻهو خاص طور ڳوٺ ويران ٿيندا پيا وڃن. امان بادام ناتوان جي ابدي ننڊ ۾ به هوءَ تڙپي هوندي، مون تڏهن لکيو هو ته امان بادام ناتوان جي نگريءَ تي ڌاڙو، پر اڄ مان چوان ٿي ته امان بادام ناتوان سنڌ جي سجاڳ ذهن جو سهارو به هئي. هوُءَ پنهنجي قلم جي نوڪ تي اڄ به نظر اچي رهي آهي.

 

No comments:

راءِ ڏيندا