; سنڌي شخصيتون: سُکان ڀاڄائي

16 June, 2018

سُکان ڀاڄائي


سُکان ڀاڄائي
وقت کان اڳ وڇڙي ويل مزاحمتي ڪردار
حميده گهانگهرو
سکان ڀاڄائي، سکان ڀيڻ يا سکان ڪامريڊ! اصل ۾ انهن ٽنهي لفظن جو بهترين سنگم سکان ڀاڄائي آهي، ڇاڪاڻ جو ٿر جي وارياسي دڙن جي اڏامندڙ واريءَ جي زوزاٽن جيان نوجوان خوبصورت پنهنجي پيار ۽ زندگيءَ جي جيون ساٿي ڄام ساقي سان نينهن جو ناتو جوڙي جڏهن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زندگيءَ جي سفر جي ابتدا ٿي ڪري ته هوءَ وساري ٿي ڇڏي ته هن صرف گهر، مڙس، زال ٻارن جا خواب کڻي هڪ نئين وچن سان زندگيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. پر هوءَ ٿر جي سڪل، بکايل، اڃايل، مفلس، مخلص، مظلومن ٿرين جي درد کي پنهنجي دل ۾ سانڍي جوان ٿئي ٿي ۽ جڏهن کيس ڪا منزل نظر اچي ٿي ته علم کڻندي دير نٿي ڪري.


هوءَ عورتن جي حقن جو آواز بڻجي ٿي، هوءَ پنهنجي مٺڙي ٿري ٻوليءَ ۾ للڪاري ٿي ته اسين به هن ڌرتيءَ جا اصل وارث آهيون، ڪارونجهر جي اوٽ ۾ ٿرپارڪر جي ڪارونجهر ڏسجي ته به موتين هيرن جي کاڻ سان مالامال ۽ جي ٿر جي زوزاٽ ڪندڙ واريءَ جي پيٽ کي چيري ڏسجي ته ڪوئلي جون کاڻيون. محققن جو چوڻ آهي ته گئس جي زخيري کي جيڪڏهن نڌڻڪو نه ڪجي ته ڪيترن سالن تائين سڪل اڙٻنگ ٿر بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار پنهنجي سڄي مفلسي کي مٽائي خوشحالي پيدا ڪري سگهي ٿو. ان ٿر جي واريءَ مان ڦٽندڙ هڪ گلاب سکان ڀاڄائي آهي.
جڏهن هوءَ شهر ۾ اچي ٿي، ڄام ساقيءَ جي روپوشيءَ ڪري هيءَ به ڄڻ روپوشي جي سفر ۾ هلڻ شروع ڪري ٿي ته سندس نالو جمهوريت پسند خواتين ۾ هڪ ميمبر جي صورت ۾ شائستا ڄام رکيو ٿو وڃي.
هوءَ صرف نالي ۾ شائستا نه هئي پر پنهنجي سڀاءَ، ماٺيڻائي، صبر ۽ برداشت ۾ به شائستا هئي. هن پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سياسي سفر کي سولو بڻائڻ لاءِ ڪيترا انقلابي ڪتاب پڙهيائين ۽ جن گهرن ۾ رهندي هئي اتي انهن عام عورتن کي به پڙهائيندي هئي.
جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو اسان جي گهر محراب پور ۾ رهڻ آئي ته ان وقت مون کي ايتري خبر نه هئي ته هيءَ ڪير آهي، سندس هنج ۾ ۶ مهينن جو ننڍڙو پٽ سجاد ظهير هئو. سجاد ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ اشفاق ٻئي هم عمر هئا ۽ اسان سڀني ڀيڻن ڀائرن لاءِ ڄڻ ننڍڙا گڏا هئا. سکان ڀاڄائي کي اهو سک هوندو هو ته ٻار سان رات جو اوجاڳو ڪرڻ کان پوءِ کيس ڏينهن جو آرام ملندو هو. محراب پور ۾ ادا قمر ميمڻ جو تعلق ته جيئي سنڌ سان هو پر نظرياتي ۽ تمام گهڻو سلجهيل هو، بابا سان اڪثر ڪري دڪان تي ڪچهري ڪرڻ ايندو هو ۽ جڏهن خبر پيس ته سکان ڀاڄائي اسان جي گهر ۾ رهيل آهي ته روزانو شام جو تقريبن ۲ ڪلو کير کڻي ايندو هو جيئن سجاد ننڍڙي کي ڪا تڪليف نه اچي.
سکان ڀاڄائي، اسان وڏين ٽن ڀينرن ادي خورشيد، ادي زبيده ۽ مون سان خوب ڪچهري ڪندي هئي ۽ اسين گڏجي اسٽڊي سرڪل ڪندا هئاسين. منهنجي امان بلڪل اڻ پڙهيل هئي پر کاڌي پيتي ۾ مڪمل خيال رکي ۽ ڪا تڪليف نه ڏنائينس جنهن جي ڪري سکان ڀاڄائي هر وقت ٿورا مڃيندي هئي.
امان کي هن ٿري ڀرائي (ڀرت) سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، ادي خورشيد به پهراڻَ سبيا، سجاد ۽ اشفاق لاءِ جن جي ڳچيءَ تي هنن ٿري ٽاڪن سان ڀرت ڀريو، هيءَ هر حال ۾ رهڻ به ڄاڻيندي هئي ته هر ڪنهن سان بلڪل انهن جي مزاج مطابق رهندي به هئي، ڪجهه سالن تائين ته محراب پور ۾ وقت به وقت ايندي رهي پر ان کان پوءِ اسين يعني ادي زبيده ۽ مان حيدرآباد ۾ پڙهڻ ۽ تنظيمي ذميوارين جي ڪري رهڻ آيون سين، پوءِ حيدرآباد ۾ ادا عارف ملاح جي گهر ۾ ايندي رهندي هئي ۽ ان وقت سندس هنج ۾ سجاد ۽ بختاور ٻئي هئا.
سجاد ڪجهه سمجهدار ٿي چڪو هو ۽ بختاور بلڪل ننڍڙي هئي. ڄام ساقي جي روپوشي جي ڪري هوءَ ٻين گهرن ۾ به رهندي هئي ان جي ڪا گهڻي خبر ناهي پر حميده گل جي ڀيڻ محموده پنهنجي گهر جي مٿان هڪ ڪمرو اسپيشل ٺاهي ڏنو هوس ته جيئن هيءَ حيدرآباد ۾ رهي سگهي پر وري اتي به هن جي مستقل رهڻ جو بندوبست نه ٿي سگهيو جو هن کي ڳوٺ جنجهي (ٿرپارڪر) واپس موڪليو ويو. جتي هن هڪ ٻي ڌيءُ کي به جنم ڏنو، جنهن جو نالو زبيده رکيو ويو. سکان ڀاڄائي چوندي هئي ته مون کي توهان ٻئي ڀينرن زبيده ۽ حميده سٺيون ٿيون لڳو، ان ڪري مون ڌيءُ جو نالو زبيده رکيو، پر اِها ننڍڙي زبيده  ٿورن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري وئي.
سکان ڀاڄائي مضبوط ارادا رکندڙ هئي، اڏامندڙ واريءَ جيان به طوفان ۾ واري جيان پنهنجي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ منتقل ٿي ويندي آهي، درياهه جي سڄي سفر ۽ پاڻيءَ جي وهڪري سان هلندي رهندي پر ساٿ نه ڇڏيندي، سمنڊ جون ڇوليون پاڻ سان کڻي ايندي وري به آهستي آهستي سُرندي سرندي وڃي سمنڊ سان ملندي، بلڪل سکان ڀاڄائي انهيءَ واريءَ وانگر هئي جيڪا پنهنجو وجود ڪڏهن به نه پئي ختم ڪري سگهي، هن جو وجود واريءَ جي دڙي وانگر به هو ته وهندڙ پاڻيءَ ۾ ساٿ نڀائڻ وارو به هو.
حالتون صرف سکان ڀاڄائي لاءِ اهڙيون ڇو هيون؟، جنهن ۾ اسين پارٽي جون مجبوريون ۽ بي وسيون ڏيکاريون هوءَ بي حسيءَ جو شڪار هئي. مون کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته ڄام جي گرفتاريءَ جو ٻڌي هن خودڪشي ڪئي، هن مجبورين، پريشانين جو شڪار ٿي آخر کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪڏهن اسان سڀني مان ڪجهه هن جي ڪلهن کي جهلي ڀرجهلو ٿي کيس انهيءَ محور مان ڪڍي ها، جيڪو ڪُن جهڙو پاتال هو ته هن جو ڪنڌ کوهه ڏانهن نه جهڪي ها، بلڪل فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي جيئي ها ۽ اڄ اسان سان گڏ هجي ها. ها! البته موت ڪنهن تي ڪهڙي صورت ۾ اچي ٿو اها هڪ الڳ ڳالهه آهي باقي سکان ڀاڄائي جي موت تي ٿورو گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان سوچبو ته اهو هن جو فيصلو هن جي اٻاڻڪائي هئي.
دنيا جي ڪيترن انقلابين جي اذيتناڪ قربانين کان پوءِ انهن جي زالن خودڪشيون ڪيون آهن. ڪارل مارڪس جي زال چوي ٿي ته مون کي ان وقت تڪليف ٿيندي آهي جڏهن مارڪس گهر جي پريشانين تي سوچيندو آهي، توڙي جو کڻي ڏکين حالتن ۽ بيماريءَ وگهي مارڪس جي ٻار جو موت ٿيو هو. سقراط کي هن جي زال چوندي هئي ته تو مانيءَ کان وڌيڪ بدنامي آندي آهي پر وري به پنهنجي ٻچن کي جڏهن هنج ۾ کڻندي هئي ته هن کان ڏک وسري ويندا هئا.
چي گويرا جي اذيتناڪ شهادت کان پوءِ هن جي زال ڌيءُ کي جنم ڏئي ٿي ۽ هوءَ ڊاڪٽر جي نالي مشهور ٿي جڏهن وينزويلا ۾ انقلاب اچي ٿو ته چي جي ڌيءُ کي مانُ ڏئي، ان کي ۲۰۰۰ ڊاڪٽرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جيڪي وينزويلا جي غريب عوام جي خدمتن لاءِ وڃن ٿا. مطلب ته سکان انهن انقلابي ڪردارن جي زالن جيان هئي جيڪا خودڪشيءَ بجاءِ جيئڻ کي اوليت ڏئي ها. سندس ڌيءُ بختاور پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي محبت ۾ پرورش وٺي اڄ ڊاڪٽر ضرورت آهي، پر سندس امڙ جي اهڙي جدائيءَ جو صدمو ضرور دل ۾ چڀندو هوندس. پر وري به کيس اهو اعزاز آهي ته هوءَ سکان ڀاڄائي جي ڌيءُ آهي، جنهن تاريخ ۾ مزاحمتي ڪردار طور به پاڻ ملهايو.

No comments:

راءِ ڏيندا