; سنڌي شخصيتون: سُکان ڀاڄائي، حميده گهانگهرو،
Showing posts with label سُکان ڀاڄائي، حميده گهانگهرو،. Show all posts
Showing posts with label سُکان ڀاڄائي، حميده گهانگهرو،. Show all posts

16 June, 2018

سُکان ڀاڄائي


سُکان ڀاڄائي
وقت کان اڳ وڇڙي ويل مزاحمتي ڪردار
حميده گهانگهرو
سکان ڀاڄائي، سکان ڀيڻ يا سکان ڪامريڊ! اصل ۾ انهن ٽنهي لفظن جو بهترين سنگم سکان ڀاڄائي آهي، ڇاڪاڻ جو ٿر جي وارياسي دڙن جي اڏامندڙ واريءَ جي زوزاٽن جيان نوجوان خوبصورت پنهنجي پيار ۽ زندگيءَ جي جيون ساٿي ڄام ساقي سان نينهن جو ناتو جوڙي جڏهن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زندگيءَ جي سفر جي ابتدا ٿي ڪري ته هوءَ وساري ٿي ڇڏي ته هن صرف گهر، مڙس، زال ٻارن جا خواب کڻي هڪ نئين وچن سان زندگيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. پر هوءَ ٿر جي سڪل، بکايل، اڃايل، مفلس، مخلص، مظلومن ٿرين جي درد کي پنهنجي دل ۾ سانڍي جوان ٿئي ٿي ۽ جڏهن کيس ڪا منزل نظر اچي ٿي ته علم کڻندي دير نٿي ڪري.