فقيرو مينگهواڙ
مٽيءَ مان بي مثال مجسما
ٺاهيندڙ؛ اک مٽيءَ ۾ کليس، مٽيءَ سان کيڏيو ۽ مٽيءَ کي پنهنجي فن ۽ روزگار جو
وسيلو بڻايائين
خميسو دائوداڻي
ٽنڊوالهيار
جو فقيرو مينگھواڙ المعروف فقيرا، جنهن مٽيءَ مان اهڙا ته مجسما ٺاهيا آهن جو ڏسڻ
وارن کي آڱريون ڏندين اچيو وڃن ٿيون. فقيرو اهڙا ته مجسما ٺاهي ٿو، جن کي ڏسي،
انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي. فقيرو عظيم مصورن مائيڪل اينجلو ۽ جان برنيني جو هڪ
روحاني شاگرد ٽنڊوالهيار ۾ به رهندو آهي. نالو اٿس فقيرو مينگهواڙ المعروف فقيرا ...
سندس
والد ۱۹۸۰ ۾ ٽندوالهيار ۾ راما پير جي ڀرپاسي
ابراهيم ميمڻ ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس ڏاڏو برصغير جي ورهاڱي کان به پهرين
گجرات رياست جي ضلعي بناس ڪانٺا جي ڪنهن ڳوٺ مان اچي عمرڪوٽ ڀرسان شادي پلي ۾ آباد
ٿيو هو. ان کانپوءِ روزگار هن ڪٽنب کي ٽنڊوالهيار وٺي آيو. اکيون ٻوٽڻ کانپوءِ مٽي
سڀني کي پنهنجي هنج ۾ وٺندي آهي. پر فقيرو انهن ماڻهن مان آهي جن جي اک ئي مٽي ۾
کلي. مٽيءَ سان راند ڪري فقيرو وڏو ٿيو. پوءِ مٽي سان لنوءَ لڳي ويس، ڪمايائين مٽي،
پوءِ گذرڻ جو وسيلو به مٽي ئي بڻجي ويس. هاڻ ته فقيرو جو وڏو تعارف مٽي ئي آهي.
جنهن کي جڏهن جوڙي ٿو ته جيڪو چاهي اهو ٺاهي سگهي ٿو. فقيري جو والد رازو هو. مٽيءَ
جا ڪچا گهر، پوءِ مندر جون ڀتيون، چٽسالي رنگ برنگي ڊزائين، مسجدن جي مينارن جو ڪم،
اڳتي هلي مندرن جي مورتين ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيائين. اهو سڀ ڪجهه مٽي جو مٽيءَ سان
ئي ڪم هو، جنهن کي فقيرو ۽ سندس ڀاءُ ننڍپڻ کان ڏسي رهيا هئا. هنن ٻنهي ڀائرن
(فقيري ۽ مان سنگهه) سڀ کان پهرين پنهنجي گهر اندر مٽيءَ جا رانديڪا ٺاهيا ۽ پوءِ
جيئن ئي وڏا ٿيا ته اهي رانديڪا به وڏا مجسما ۽ مورتيون بڻجي ويا. فقيري جي ڀاءُ
مان سنگهه سرڪاري ملازمت سبب اهو ڪم ڇڏي ڏنو. هاڻي ڪنهن مهل هو فقيري جو هٿ ونڊائي
ته ٺيڪ نه ته باقاعده ڪم پڙهائڻ وارو ئي ڪري ٿو. باقي فقيرو مٽي جو ئي ٿي ويو. هاڻ
هن جو تعارف سنڌ جي بهترين مجسمي سازن ۾ ٿئي ٿو. هٿوڙو، پٿر، ڇيڻي، تيشي، مٽي، چن،
فائبر، سيمينٽ، پينسل، رنگ ۽ انهن سڀ شين جو ڏک درد غم خوشي پريشاني مونجهاري مسڪرائڻ
اطمينان اضطراب انتظار سک يا ارمانن سان ڪو واسطو تعلق لڳي ٿو ڇا. پر جڏهن مٽي يا
مٽيءَ کي سنوارڻ يا رنگن جي ڪم ۾ فقيري جهڙو فنڪار هٿ وجهي ٿو ته انهن سمورين شين
جو پاڻ ۾ تعلق نه رڳو پيدا ڪري ٿو پر دنيا کي ڏيکاري ٿو؛ هيءَ آهي مٽي، مٽي مان ٺهيل
مجسمو ۽ انهن جي منهن جي خوشي يا غمي جا تاثر. فقيرو جڏهن مٽي ۾ هٿ وجهندو آهي ته
ان مان سون سريکا مجسما نڪري نروار ٿي پوندا آهن. جيڪڏهن هو هٿ ۾ پينسل کڻي ته اها
تصوير، تصوير نه پر هڪ سچ، هڪ حقيقت، هڪ زندگي يا ان جو ڪو حصو ٺهي پوندو آهي
فقيري
وٽ آرٽ، فن، معمارساز، مجسمي سازي، بت سازي ۽ ڊرائنگ جي ڪا به ڊگري ناهي. اهو غربت
جو ئي ڏانوڻ هو جنهن کيس ڪاليج کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هو رڳو انٽر ميڊيٽ تائين پڙهي
سگهيو. ان کان پوءِ هن لاهور جي مشهور نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش
ته ڪئي پر اها به اڻپوري رهجي ويس. ٿيو ڪجهه ائين جو انهن ڏينهن ۾ سندس والد ۽ ڀاءُ
هڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيا. پوءِ گهر ۽ ڪٽنب جون سموريون ذميواريون هن جي ڪلهن تي اچي
پيون. فقيرا هيئن ڪر، فقيرا هو ڪر، هيڏانهن وڃ، هوڏانهن وڃ، مندر ڏس. رنگ، چن ۽ مٽي
جو ڪم آهستي آهستي وڌڻ لڳو ۽ ان پاسي وڌڻ لڳو، جيڪا فقيري جي منزل هئي. مٽي جنهن ۾
هن اک کولي ۽ جنهن مان رانديڪا ٺاهيائين، ان مان هاڻ گهرجو گاڏو هلڻ لڳو. کڻي جو
فقيري جي تعليم اڌ ۾ رهجي وئي پر ذميوارين جي انهيءَ بار جي ڪري، سندس اندر ۾ هڪ
اهڙو فنڪار ڪر موڙي اٿيو جو هو ڪنهن ڊگريءَ کان سواءِ، آرٽ جي وڏن نالن سان ڪلهي ۾
ڪلهو ملائڻ جهڙو ٿي ويو. ان کانپوءِ سندس فن، سندس سڃاڻپ بڻجي ويو.
فقيري،
مجسما ٺاهڻ جي باقاعدي شروعات ۱۹۹۰ ۾ کان
ڪئي. هن جي پهرين تخليق راما پير مندر جي لاءِ هنومان جي مورتي هئي پوءِ هو مندرن
جي ڪم کي لڳي ويو. ان سان گڏ کيس ڪيلسائن جي لاءِ مورتيون ۽ مجسما ٺاهڻ جو ڪم به
ملڻ لڳو، مندرن ۽ ڪيلسائن جي لاءِ ڪم ڪندي فقيري کي لڳو ته هي فن ته انهن کان ٻاهر
به ٿي سگهي ٿو. ٻاهر فن جي دنيا الڳ ٿلڳ ۽ فنڪار جو قدر به آهي ان تي سوچيندي هن
پنهنجي اندر جي فنڪار کي گهٽين ۾ رلندڙ عام ماڻهن کان وٺي عام رواجي مجسما ٺاهڻ تي
راضي ڪري ورتو، انهيءَ کانپوءِ فقيريءَ پنهنجي گهر اندر اسٽوڊيو ٺاهيو جتي هن عام
ماڻهن جا مجسما ٺاهڻ شروع ڪيا، هن پنهنجي پاڙي ۽ شهر جي ماڻهن کي گهرائي انهن کي
ويهاري سندن مجسما ٺاهيا. فقيري جو چوڻ آهي ته ۱۹۹۸ ۾ مون کي ضرورت محسوس ٿي ته سڌوسنئون مجسمي سازيءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. ان
لاءِ مون ڪجهه ماڻهن کي پاڻ وٽ ويهاري انهن جا مجسما ٺاهيا جنهن ڪم مان مون کي گهڻو
سکڻ جو موقعو مليو. فقيري جو ڪم ٻن قسمن جو آهي، هڪ ڪم مندرن ۽ ڪيلسائن لاءَ ڪمرشل
يا پراجيڪٽ جي بنياد تي هوندو آهي جنهن ۾
مورتيون يا مجسما ٺاهيندو آهي ان فنڪار جو جيڪو سندس اندر جي ڏات کي ڏيهه آڏو آڻڻ
لاءِ هوندو آهي جيڪو ڪم ڪمرشل پئسي ۽ لالچ وارو ناهي هوندو ۽ سندس اهوئي فن سندس
اصل سڃاڻپ آهي. مندرن ۾ سندس ٿيل ڪم به ڀلوهوندو آهي پر ٻاهر جيڪو عام ماڻهن جي
لاءِ عام ماڻهن تي سندس ٿيل ڪم ڪيل آهي اهو ڏسي ماڻهن جي پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويندا
آهن. کين داد ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن. فقيري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ وارن ڏينهن
۾ هڪ هاري جو مجسمو ٺاهيو هو. مقروض هاري پاڻي جي ڦڙي لاءِ سيڪندڙ هاريءِ فصل جي ڊپ
۾ ورتل هاري فقيري ان جي غربت تنگدستي ۽ پريشاني کي پاڻ محسوس ڪري انهن احساسن کي
اندر ۾ ويهاريو انهن ساڳين احساسن کي هن پهرين مٽي ۾ ڳوهيو پوءِ جڏهن بي سهاري ۽
جهوني هاريءِ جو مجسمو دنيا آڏو آيو ته ڏسندڙن مٽي جي ان مورت جي درد کي سمجهي
ورتو ۽ کين خاموش زبان سان ائين دلداري ڏيڻ لڳا جيئن اندر جي ڳالهه کي اندران ئي
اندران اها مٽي جي مورت سمجهي وٺِ ساڳي نموني هن جو هڪ جهوني زال مڙس جي جوري جو
مجسمو ٺاهيل آهي جنهن ۾ فقيري ٻنهي کي لٺ جي سهاري بيٺل ڏيکاريو آهي هي مجسمو ڏسندڙ
کي ساٿ نڀائڻ وفا هڪ ٻئي جو سهاري ڏيڻ جي ڳالهه سمجهائي ٿو. اهوئي فنڪار جو ڪمال
آهي جو هو ڪنهن جي اندر جي ڳالهه کڻي ٿو ۽ ٻئي کي اها ڳالهه سولائي سان سمجهائي وٺي
ٿو
اسڪاٽلينڊ
جي وڏي مصوره سوفي ارنسٽ فقيري جو لاهور ۾ ڪم ڏسي دنگ رهجي وئي هئي. آخر ۾ کيس
فرمائش ڪيائين ته مون کي منهنجو لائيو مجسمو ٺاهي ڏي. صوفي وات کولي رڙ ڪئي ۽
فقيري سندس دانهن مٽي ۾ ڳوهي. علي احمد مڱڻهار، محمد علي ٽالپر، ڄام ڏيپر، نادر علي
جمالي ۽ نصرت رضا منگي سميت ڪيترا ئي وڏا نالا آهن جيڪي مصوري، ڊرائينگ، آرٽ ۽
مجسمي سازي جي ڪم ۾ مصروف آهن. فقير منيش فقيري سڀني جي شاگردي ورتي. هو فتاح
هاليپوٽو کي پنهنجي استادن جو استاد سمجهي ٿو ته محمد علي ٽالپر کي دوست. استاد
محمد علي ٽالپر سندس وڏو قدردان آهي. هن کيس ٽنڊي الهيار مان ڪڍي لاهور جا وڻ ڏيکاريا.
جتان هن کي استمبول وڃي فن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو. نظام الدين ڏاهريءَ هڪ انٽرويو
۾ فقيري کي سنڌ جو مائيڪل اينجلو سڏيندي چيو هو ته؛ هن جهڙو ڪم سنڌ ۾ ڪير به نٿو ڪري
سگهي.
فقيري
جي پنهنجي وطن جي سمورن استادن لاءِ لک عزتون پر هو چوي ٿو ته منهنجو روحاني استاد
مائيڪل اينجلو ۽ برنيني آهن. جڏهن به هنن جي ڪم کي ڏسان ٿو ته آئون گهڻو ڪجهه سکان
ٿو. فقيري جي مجسمن جو تعداد لڳ ڀڳ ۳۱۵ کن
آهي. هاڻي سنڌ کان ٻاهر هن کي ڪم جا آرڊر پڻ ملن ٿا. فقيري جي فن جي نمائش، ڪراچي،
حيدآباد، لاهور، استنبول ۽ نيپال ۾ ٿي چڪي آهي. هاڻ ته کيس آمريڪا، برطانيا، ڀارت،
سريلنڪا، ڪينڊا ۽ مصر ۾ به آڇ ٿي چڪي آهي، پر هن في الحال انهن آڇن تي سوچڻ شروع ڪيو
آهي. هو چوي ٿو ته؛ آئون في الحال هتي ڪم ڪرڻ گهران ٿو ته جيئن سڀاڻي جيڪڏهن ڪنهن
مجمساساز جو نالو اچي ٿو ته انهن ۾ منهنجو نالو شامل هجي. فقيرو ڪيترو باصلاحيت
آهي ۽ ڪيڏو وڏو فنڪار آهي، ان جو فيصلو اچڻ وارو وقت ڪندو. پر سنڌ حڪومت سنڌ ثقافت
کاتو يا وفاقي سرڪار مان ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته فقيرو نالي سنڌ جو فنڪار
پنهنجي شاهڪارن ذريعي ماڻهن کي ڏندين آڱريون پيو ڏياري. پر فقيرو ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ
بنا، ڪنهن کي به ليکي ۾ آڻڻ بدران، پنهنجي ڪرت ۾ لڳل آهي. هن کي سرڪار نه ان جي
ادارن کان شڪايت آهي ۽ نه ڪو ئي مطالبو اٿس، نه ڪا درخواست. هو چوي ٿو ته؛ بس
پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي. خودداريءَ جو شاندار نمونو فقيرو پنهنجي ڪچهري ان نقطي تي ختم
ڪئي ته؛ فتاح هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته پنهنجي فن کي ڪڏهن به ڪنهنجي آڏو ڪستو ڪري نه
کڻي وڃجي. مائيڪل اينجلو کي سندس هڪ نجومي دوست صلاح ڏني هئي ته تنهنجو نسل اڳيان
وڌندو جيڪو تو کي سڀاڻي ياد ڪندو. مائيڪل اينجلو کيس جواب ڏنو ته منهنجو فن منهنجو
اولاد آهي. ايترو قابل نه سهي پر پنهنجي فن جي ڪري ايندڙ نسل تائين زنده رهندس.
مائيڪل اينجلو ۱۴۷۵ ۾ ڄائو ۽ ۱۵۶۴ ۾ وفات ڪيائين. پر ان جا شاگرد اڄ به فقيري جهڙي روپ ۾ ميدان تي اچي رهيا
آهن.
اسان
جي ملڪ جي ادارن کي گهرجي ته اهڙن انمول هنرمندن کي اوليت جي بنياد تي سرڪاري نوڪرين
توڙي ٻين ملڪن جا به دورا ڪرائڻ گهرجن جيئن اهي هنر مند پنهنجي قابليت سان ٻين ملڪن
۾ اسان جي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن.
Tamam bahtreen Ada faqeere jo contact no mili saghe tho..?
ReplyDelete