فقيرو مينگهواڙ
مٽيءَ مان بي مثال مجسما
ٺاهيندڙ؛ اک مٽيءَ ۾ کليس، مٽيءَ سان کيڏيو ۽ مٽيءَ کي پنهنجي فن ۽ روزگار جو
وسيلو بڻايائين
خميسو دائوداڻي
ٽنڊوالهيار
جو فقيرو مينگھواڙ المعروف فقيرا، جنهن مٽيءَ مان اهڙا ته مجسما ٺاهيا آهن جو ڏسڻ
وارن کي آڱريون ڏندين اچيو وڃن ٿيون. فقيرو اهڙا ته مجسما ٺاهي ٿو، جن کي ڏسي،
انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي. فقيرو عظيم مصورن مائيڪل اينجلو ۽ جان برنيني جو هڪ
روحاني شاگرد ٽنڊوالهيار ۾ به رهندو آهي. نالو اٿس فقيرو مينگهواڙ المعروف فقيرا ...
