مهدي حسن
موسيقيءَ جي هڪ دؤر جي پڄاڻي
حسام ميمڻ
نٽشي جو هڪ قول آهي ته،
Life would be a mistake, without music
زندگيءَ جي هن افراتفريءَ ۾ موسيقي ئي هڪ اهڙو ذريعو بچيو آهي، جيڪا
ٻڌي ڪري ماڻهو پنهنجي من کي سڪون ڏئي سگهي ٿو، پر موسيقي جنهن تي مختلف تجربا
ٿيندا رهيا آهن، اسان وٽ به موسيقيءَ جو ٻيڙو به ٻين شين سان گڏ ٻُڌي رهيو آهي، سچ
اهو آهي ته سٺي موسيقيءَ جو اسان وٽ به قحط اچي رهيو آهي، نجي چئنلس تي موسيقيءَ
کان وڌيڪ الٽرا ماڊرن فيشن ڏيکاريا پيا وڃن. ان ڪمزور حالت جي باوجود به ڪي آواز
اهڙا آهن، جن موسيقيءَ جي خوبصورت ڌاري کي پوتر نديءَ وانگر وهايو آهي
مهدي حسن ۱۸ جولاءِ ۱۹۲۷ع ۾ ڀارت جي راجستان واري علائقي جي هڪ ڳوٺ لوڻا ۾
موسيقار گهراڻي ۾پيدا ٿيو. هن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هي موسيقيءَ جي ڪلونت ڪٽنب جي ۱۶ پيڙهيءَ سان تعلق رکي ٿو. موسيقيءَ جي حوالي سان شروعاتي سکيا هن
پنهنجي والد صاحب استاد عظيم خان ۽ چاچي اسمائيل خان کان ورتي، جيڪي روايتي طور
دروپدي ڳائڻا هيا. مهدي حسن پنهنجي ڳائڪيءَ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پهريون دفعو
هن پنهنجي وڏي ڀاءَ سان دروپد راڳ ۽ خيال ڳايو، ان وقت پنجاب جو اڃا ورهاڱو نه ٿيو
هيو. ان کان پوءِ حالتون خراب ٿيون ۽ ورهاڱي منهن ڪڍيو ۽ ۲۰ سالن جي ڄمار ۾ مهدي حسن تڪليفون سهي ڪري پاڪسان لڏي آيو.
گهر گرهستي هلائڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو ۽ مٿان
ورهاڱي جا سور، ماڻهن جون دليون جهٻي ويون هيو، مهدي حسن به اهو درد گهرائيءَ سان
محسوس ڪيو هيو، پر همت ساري گهر جي چلهه هلائڻ لاءِ هن کي چيچا وطنيءَ ۾ سائيڪلن
جي هڪ دڪان تي ڪم ڪرڻو پيو ۽ ان کان پوءِ هن ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ پوءِ هي ڪار ۽
ڊيزل ٽريڪٽرن جو مڪينڪ ٿي ويو. انهن سموري معاشي ۽ سماجي تڪليفن جي باوجود هن ڳائڻ
وارو رياض جاري رکيو. ان شوق ۽ دلي لگن هن کي اهو موقعو وٺرايو جو ۱۹۵۷ ۾ هن کي شروعاتي طور ٺمري ڳائيندڙ طور کنيو ويو،
ان شيءِ مهدي حسن کي سٺي ناماچاري ڏني، هي اهو وقت هيو جڏهن ڳائڻ جي دنيا ۾ برڪت
علي خان، بيگم اختر علي خان ۽ مختار بيگم غزل ۾ جا بادشاهه ڳائڻا سمجهيا ويندا
هيا.
ٺمريءَ کان علاوه هن کي اردو غزل ڳائڻ جو به جنون هيو ۽ غزل کي ڳائڻ
جا هن ڪجهه پارٽ ٽائيم تجربا به ڪيا هيا اهڙي طرح هن غزل جي حوالي سان به ٿورو
گهڻو نالو ڪڍيو هيو. ريڊيو جي حوالي سان زيڊ اي بخاري ۽ رفيق انور جي ڪافي سپورٽ
ڪئي ۽ مهدي صاحب انهن کي تمام گهڻي عزت ۽ مان ڏيندو رهيو ۽ انهن جي اثر کي هن شخص
پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه وساريو ۽ اهڙي طرح دنيا اڄ چوي ۽ سڃاڻي ٿي ته مهدي حسن
غزل جي گائڪيءَ جو بادشاه ڳائڻو هيو.
هو ۸۰ جي ڏهاڪي کان بيمار ٿيو ۽ ان بيماريءَ هن جي ڳائڻ
واري سرگرميءَ کي ڪافي حد تائين متاثر ڪيو ۽ ڪافي عرصو هي شخص ڳائڻ ئي ڇڏي ويو.
پوءِ وري ۲۰۱۰ ۾ هن لتا منگيشڪر سان گڏجي هڪ ڪلام “تيرا ملنا”
ڳايو جيڪو هن جو لتا سان پهريون ۽ آخري ڳايلduet ثابت ٿيو.
طويل بيماريءَ جي ڪري هي ڳائڻ واري دنيا کان ڪٽيل رهيو، هن کي ڦڦڙن
جي بيماريءَ سان هچ ڪري ڇڏيو ۽ ۱۳
جنوري ۲۰۱۲ ۾ اهي افواهه به پکڙيا ته غزل جو بادشاهه هاڻي هن
دنيا ۾ باقي نه رهيو آهي، پر اهي افواهه ئي هيا، پر بقول شيخ اياز جي ”موت جو
گهوڙيسوار، ڀر ڪڍي ڀالا هڻي ٿو.“ نيٺ موت ۱۳ جون ۲۰۱۲ تي هن تي وري حملو ڪيو ۽
هن دفعي موت جو ڌڪ پچائي نه سگهيو ۽ غزل جو خوبصورت راڳي اسان کان وڇڙي ويو. هن جو
درد سڄي پاڪستان محسوس ڪيو آهي جتي جتي پاڪستاني وسن ۽ رهن ٿا، هن جي موت تي
افسرده آهن. نه رڳي پاڪستان پر ڀارت جا رهواسي، موسيقيءَ سان سلهاڙيل ماڻهو سڀ هن
جي وڇوڙي تي ملول ۽ ڏکائتا آهن.
سچ اهو آهي ته موسيقي ئي اها شيءِ آهي، جنهن معرفت ڪٺور دلين کي فتح
ڪري سگهجي ٿو ۽ مونکي ته ائين لڳندو آهي ته جنهن دل جي آشنائي موسيقيءَ سان ناهي،
اها دل ڄڻ پيار ڪرڻ کان ئي نا آشنا آهي، مهدي حسن جيڪو ڳايو ، ان ۾ ڪا ذات پات
اهميت نه ٿي رکي، ڪنهن مذهب جو عمل دخل نه آهي، ڪنهن به نسل ۽ رنگ جو متڀيد ناهي.
انسان جي نفيس جذبن جي مجموعي طرح نمائندگي ڪيل آهي. انڪري، هي راڳي سڀني ماڻهن جو
ماڻهو هيو ۽ هميشه ماڻهو هن کي هن جي آواز ۾ ياد رکندا، مان
نٿو سمجهان ته ڪير فيض جي چيل غزل کي ۽ مهدي حسن جي آواز کي وساري سگهندو:
گلون مين رنگ ڀري باد نو بهار چلي،
چلي ڀي آو ڪه گلشن ڪا ڪاروبار چلي.
مهدي حسن گائڪيءَ جي دنيا جو هڪ وڏو نالو آهي، هن جي گائڪيءَ جو قدر
ڪندي هن کي ڪافي ايوارڊ به ڏنا ويا، صدي ايوب هن کي تمغه امتياز ڏنو هيو، جنرل
ضياءٌ الحق هن کي پرائڊي آف پرفارمنس ڏنو. مشرف هن کي حلال امتياز ڏنو ۽ ان کان
علاوه هن کي گهڻائي ايوارڊ مليا نگار فلم تي ڳائڻ لاءِ به هن کي ايوارڊ ڏنو ويو،
گريجوئيٽ ايوارڊ کيس عطا ڪيو ويو.۱۹۹۷
۾ هن کي جالنڌر ۾ سئگل ايوارڊ ڏنو ويو ۽ ۱۹۸۳ ۾ هن کي نيپال پاران گورک درشن باهو ايوارڊ ڏنو ويو. هن دبئي ۾ به
تازو هڪ ايوارڊ حاصل ڪيو.
مهدي حسن جي زندگي ڏکن سان ڀريل هئي، پر هن پنهنجي محنت ۽ محبت سان
پاڻ مڃايو ۽ کوڙ سارن ماڻهن جي لاءِ ڳائڻ جي حوالي سان هڪ راهه روشن ڪري ويو. هن
ايترو ڳايو آهي، جو هن ننڍڙي ليک ۾ انهن سمورن فلمن، البمن ۽ پرائيويٽ محفلن جو
ذڪر ڪري نٿو سگهجي. مهدي حسن هڪ گائڪ جو نالو ناهي، پر سچ اهو آهي ته هو هڪ ادارو
به هيو ۽ هڪ سبق به جنهن جي زندگيءَ جي مستقل مزاجيءَ کي ڏسي زندگيءَ کي سڦل بڻائڻ
لاءِ جواز پيدا ڪري سگهجي ٿو. مهدي حسن پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ هميشه لاءِ تاريخ
۾ پنهنجو نالو امر ڪري ويو.
تيري محفل مين ليڪن هم نه
هونگي!
اشفاق آذر
جيئن نورجهان پنهنجي مداحن لاءِ فقط ”ميڊم“ هئي، تيئن ئي مهدي حسن جي
مداحن لاءِ هن جو تعارف هڪڙو ئي لفظ هو ”خانصاحب!“ خانصاحب مهدي حسن لاءِ ننڍي کنڊ
جي جڳ مشهور گلوڪاره لتا منگيشڪر جي انهن لفظن ته، ”خانصاحب ڪي گلي مين
ڀگوان بولتي هين!“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو خراج نٿو ٿي سگهي. گائيڪي جو اهو ڀڳوان، جنهن ڪافي
عرصي کان ڳائڻ ته ڇا پر ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو هو، تنهن سدا لاءِ پنهنجون اهي اکيون
ٻوٽي ڇڏيون، جنهن زمانن تائين سرن جي سفر ۾ فن جي عروج جا ستارا ڏسندي زندگي گهاري
هئي.
۱۹۲۷ع ۾ راجسٿان جي ننڍڙي ڳوٺ لونا ۾ جنم وٺندڙ مهدي حسن جو تعلق هڪ گائيڪ
گهراڻي سان هو، ان ڪري مٿس موسيقيءَ جو اهو رنگ چڙهڻ اڻٽر هو. هن به پنهنجي پيءُ
استاد عظيم خان ۽ چاچي استاد اسماعيل خان وانگر خيال ۽ ڌرپد ڳائڻ شروع ڪيو. چيو
وڃي ٿو ته هن فقط ۸ ورهين جي عمر ۾ بڙودا جي مهاراجا جي محل ۾ پنهنجي
پهرين پرفارمنس ڏني. هڪ انٽرويو ۾ هن ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي چيو هو ته کيس
سندس چاچو گائيڪي جي تربيت سان گڏ جسماني ورزش تي پڻ زور ڀريندو هو. هو صبح سوير
اٿي جاگنگ ڪندو هو ۽ ڊوڙندو ڳوٺ جي ڀرسان جهنگ ۾ هليو ويندو هو، جتي سندس گمان هو
ته اتي جنن ڀوتن جو بسيرو آهي. هن جو چوڻ هو ته اهي کيس جيترو ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا
هئا، اوترو هو آلاپن جي مدد سان خوف تي قابو پائيندو هو. بقول هن جي ته، هن سڀ
ڪجهه ڏٺو پر هن کي ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو. اهڙو ئي بي ڊپو هو پنهنجي پوري ڄمار ۾ رهيو،
جنهن موسيقي جون پراڻيون روايتون ٽوڙي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ اهڙا نقش ڇڏيا،
جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي زمانن تائين ڳائڻن جي رهبري ڪندا رهندا.
۲۰ ورهين جي عمر ۾ ورهاڱي کانپوءِ مهدي حسن کي ڀارت ڇڏي پاڪستان اچڻو
پيو. لڏپلاڻ سبب دربدر ٿيل انهيءَ ڪٽنب لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو معاشي هو، جنهنڪري
نوجوان مهدي حسن کي سائيڪلن جي دڪان تي پنڪچر به ڳنڍڻا پيا ته بعد ۾ هو موٽر مڪينڪ
به ٿيو پر ان عرصي دوران به هو مسلسل رياض ڪندو رهيو. هو پنهنجي ساهه جي مشق لاءِ
ڪسرت پڻ ڪندو هو ۽ اسر ويل کان به اڳ ۳
وڳي اٿي رياض ڪندو هو. ۵۰ع ۽ ۶۰ع
واري ڏهاڪي کي ريڊيو پاڪستان جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، ان دور ۾ ڪيترن ئي سريلن ۽
سدا بهار آوازن نشرياتي رابطن تي سفر ڪندي هزارين لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو. ۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ ئي خانصاحب مٿان قسمت ان وقت مهربان ٿي، جڏهن ريڊيو
پاڪستان تي هن ٺمريون ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان کانپوءِ هن مڙي نه ڏٺو. جڏهن
خانصاحب غزل ڳائڻ شروع ڪيا ته کيس شهنشاهه غزل سميت هر دور جي بهترين غزل سنگر جا
لقب پڻ مليا. ان وقت ريڊيو تان ڳايل فيض احمد فيض جو غزل ”گلون مين رنگ ڀري...“
ايترو مشهور ٿيو، جو فيض صاحب کان فرمائش ڪئي ويندي هئي ته هو مهدي حسن جو اهو غزل
ٻڌائي. ان غزل جي ڪمپوزيشن خانصاحب جي وڏي ڀاءُ غلام قادر ڪئي هئي، جنهن جي باري ۾
گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي، فقط ان جي ته هن خانصاحب جي ٻين ڪيترن ئي غزلن جي موسيقي
ترتيب ڏني، جن ۾ ”محبت ڪرني والي ڪم نه هونگي“ ۽ ”ڀولي بسري چند اميدين“ جهڙا غزل
پڻ شامل آهن.
غزل جي دنيا ۾ خانصاحب کي بي تاج بادشاهه هجڻ جو اعزاز حاصل هو. هڪ
اهڙو غزل سنگر، جنهن جو ڪوبه همعصر نه ٿي سگهيو. اهو غزل، جنهن کي حضرت امير خسرو فارسي ٻوليءَ جي ويس ۾ سرن سان وهنجاريو، تنهن کي
۱۸ هين
۽ ۱۹ هين
صديءَ ۾ ننڍي کنڊ ۾ سودا، مير تقي مير، مومن، ذوق ۽ غالب جهڙن شاعرن عروج
عطا ڪيو. اهو غزل جڏهن موسيقي جي لبادي ۾ ويڙهجي ماڻهن جي سماعتن تائين پهتو ته موسيقي
جي دنيا جهڙوڪر هڪ نئين جهان ۾ داخل ٿي. شروعات ۾ استاد معزالدين ۽ گوهر جان غزل گائيڪي
جو بنياد رکيو، بعد ۾ استاد برڪت علي خان، بيگم اختر ۽ مختار بيگم غزل گائيڪي کي نوان
رخ ڏنا، جڏهن ته خانصاحب غزل کي هڪ اهڙو انداز بخشيو، جهڙو ٻئي ڪنهن به غزل سنگر جو
نصيب نه ٿي سگهيو.
غزل بنيادي طور تي رومانوي صنف آهي، بعد ۾ غزل ۾ روحانيت، انقلاب،
بغاوت ۽ سماجي حالتن جا عڪس چٽڻ جا تجربا پڻ ٿيندا رهيا، پر غزل کي پنهنجي پوري
جوهر ۾ ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڳائڻ ۾ ان وقت جي غزل گائيڪن کي مشڪلاتون پيش اينديون هيون،
ڇاڪاڻ ته گائيڪي جي ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ هو ته ان وقت ٺمري اسٽائيل ۾ غزل ڳايو ويندو
هو، جيڪو اهڙن راڳن ۾ ڪمپوز ڪيو ويندو هو، جيڪي ٺمري اسٽائيل سان ٺهڪي اچن، ان ڪري
غزل جي ڪمپوزيشن محدود انداز ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ گهڻي تجربي جي ضرورت نه هئي،
پر خانصاحب غزل جي موڊ ۽ موضوع کي ذهن ۾ رکندي جيڪي ڌنون ترتيب ڏنيون ۽ جنهن انداز
سان غزل کي پيش ڪيو، تنهن غزل ٻڌندڙن کي هڪ اهڙي لذت سان آشنا ڪيو، جيڪا کين ڪنهن
ٻئي سنگر ۾ نه ملي سگهي. خانصاحب جي ٻي خاصيت شاعري جي تلفظ ۽ لفظن جي ادائيگي جو
درست انداز هو، جنهن تي هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن ڪلاسيڪل
ڳائڻا غزل ڳائڻ کان پرهيز ڪندا هئا، پر خانصاحب جي اثر کانپوءِ اها روايت به کين
ٽوڙڻي پئي. مير تقي مير جا غزل هجن يا استاد غالب، مومن هجي يا حفيظ هوشيارپوري،
قتيل شفائي هجي يا احمد فراز- مهدي حسن جنهن به شاعر جو ڪلام ڳايو، سو ڪلام سدا لاءِ
امر ٿي ويو. اهڙا ڪيترا ئي
غزل ڳڻائي سگهجن ٿا، جن کي اڄ به ٻڌجي ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي پهريون ڀيرو ٻڌجي
رهيا هجن. مونکي ياد آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي ماهوار محدود پئسن مان بچت ڪري
پنهنجي دوست نديم مڱڻيجي سان گڏجي حيدرآباد جي ڊاڪٽرس لين ۾ هڪ ميوزڪ اسٽور تي
وڃبو هو، جتي استاد ڳائڻن جون ڪئسيٽون گدام ۾ پيل هونديون هيون، جن کي ڪو خريد ڪرڻ
وارو نه هوندو هو. دڪان جو مالڪ اسان کي ڇڏي ڏيندو هو ۽ وڃي اتان ڳولا ڪري اهي
ڪئسيٽون هٿ ڪبيون هيون، پوءِ واپس جڏهن هاسٽل تي اچي ٻڌبو هو ته ڄامشوري جي شام جو
رنگ به عجيب ٿي ويندو هو. توهان اڄ به خانصاحب جا اهي غزل ٻڌي ڏسو جن ۾ ”وه ڪه هر
عهدِ محبت سي مڪرتا جائي، دل وه ظالم ڪه اسي شخص په مرتا جائي“ يا ”جل ڀي چڪي
پرواني، هو ڀي چڪي رسوائي“ کان ويندي ”بات ڪرني مجهي مشڪل ڪڀي ايسي تو نه ٿي“
تائين انيڪ غزل آهن، جيڪي ڪنن ۾ امرت رس اوتين ٿا.
خانصاحب جڏهن پاڪستاني فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳائڻ شروع ڪيو ته هڪ
وقت اهڙو به آيو، جڏهن ڪابه فلم مهدي حسن جي آواز کانسواءِ مڪمل نه سمجهي ويندي
هئي. هن جا فلمن ۾ ڳايل ڪيترائي ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، جن ۾ ”رنجش هي سهي دل هي
دکاني ڪي لئي آ“، ”پيار ڀري دو شرميلي نين“، ”رفته رفته وه ميري هستي ڪا سامان
هوگئي“، ”اڪ حسن ڪي ديوي سي مجهي پيار هوا ٿا“، ”مجهي تم نظر سي گرا تو رهي هو..“
سميت ڪيترائي گانا آهن، جيڪي ٻڌندڙن کي ياد جي سونهري دور ۾ وٺي وڃن ٿا. خانصاحب
پنهنجي طويل ڪيريئر ۾ اڻ ڳڻيا ڪلام رڪارڊ ڪرايا، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪنسرٽ
ڪري انيڪ مداح پيدا ڪيا. سندس شاگردن مان ڪيترن ئي ڳائڻن عالمگير شهرت حاصل ڪئي،
جن ۾ پرويز مهدي، غلام علي، طلعت عزيز ۽ سلامت علي
جهڙا ڳائڻا شامل آهن. مهدي حسن ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس ۱۴
ٻار ٿيا. پهرين شادي سندس
پنهنجي ئي ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن مان کيس ۹ ٻار ٿيا. اها خاتون اڻپڙهيل هئي. جيتوڻيڪ کيس ڳائڻ جو شوق نه هو پر
هوءَ شادي مراديءَ ۾ ڳائيندي هئي. خانصاحب ٻي شادي مشهور ڳائڻي ثريا سان ڪئي، جنهن
شاديءَ کانپوءِ ڳائڻ ڇڏي ڏنو. سندس ٻئي گهر واريون هن جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري
ويون، جنهن صدمي خانصاحب کي نهوڙي ڇڏيو. مٿان وري بيمارين جي حملي کيس بستري ڀيڙو
ڪري ڇڏيو. ۸۵ ورهين جي طويل ڄمار دوران هن حياتيءَ جو آخري حصو
بيمارين سان جهيڙيندي گذاريو. کيس زندگيءَ ۾ جيتري مڃتا ملي، اها گهٽ ڳائڻن جي حصي
۾ آئي آهي. هن جو آواز ته ڪافي عرصو اڳ خاموش ٿي چڪو هو پر هاڻي جڏهن هو اسان جي
وچ ۾ جسماني طور ناهي رهيو، تڏهن سندس ڳايل ڪلام موسيقيءَ جي دنيا ۾ کيس تاحيات
زندگي بخشي ويا آهن. اهو غزل ماسٽر، جيڪو حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ويل چيئر تي
ويهي پاڻ کي ملندڙ محبتن تي روئي ڏيندو هو، تنهن جي لاڏاڻي تي اڄ انيڪ اکيون اشڪبار
آهن ۽ موسيقي جي يتيم ٿي ويل جهان تي ڏکارا آهن.
مهدي حسن
موسيقيءَ جو بي تاج بادشاهه
مصطفيٰ ملاح
هزارين غزل ڳائيندڙ مهدي حسن ڪالهه ساهه جو سڳو ٽٽڻ ڪري ۷۷ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مهدي حسن کي جنهن غزل کان ملڪ گير
شهرت ملي، اهو غزل ”زندگي مين تو سبهي پيار ڪيا ڪرتي هين- مين تو مر ڪر بهي ميري
جان تجهي چاهون گا“ آهي. مهدي حسن غزل کي هڪ نئون رنگ، نئون روپ ڏنو. هو غزل جي
مقبوليت کي انتها تائين کڻي ويو. ڪلاسيڪل موسيقي هجي يا نيم ڪلاسيڪل، غزل هجي يا
گيت مهدي حسن لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو. هن جي غزل ڳائڻ جو انداز ئي پنهنجو هو.
شايد اهڙو ڪير ڳائيندو هجي پر اهو اڄ تائين هن جي سامهون اچي نه سگهيو آهي. هن کي
غزل ڳائڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. هن جيڪو به اڄ تائين ڳايو، اهو اسان جي تهذيب،
اسان جي موسيقي ۽ اسان جي شاعري جو وڏو سرمايو آهي، جنهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اڄ جي پاپ موسيقي جي جهان ۾ جتي ڪٿي پاپ موسيقي وارا ڇانيل نظر اچي رهيا آهن، پر
اتي مهدي حسن جي غزلن کي ٻڌي دلي تسڪين اچي وڃي ٿي. هن جيڪي به غزل ۽ گيت ريڊيو،
ٽي وي، فلم لاءِ ڳايا، اهي امر بڻجي ويا. مهدي حسن ڪيترن ئي شاعرن کي رسالن، ادبي
محفلن ۽ مشاعرن مان انهن کي ڪڍي عوامي شاعر بڻائي ڇڏيو. جنهن ۾ فيض احمد فيض ۽
احمد فراز شامل آهن. هڪ محفل ۾ احمد فراز پاڻ اعتراف ڪيو ته منهنجي شاعري کي مهدي
حسن چار چنڊ لڳائي مون کي شهرت ڏياري ڇڏي. مهدي حسن سُر ۽ تال جو بي تاج بادشاهه
هو. هن جيڪو به ڳايو ۽ اهو امر بڻجي ويو. هن جا ڪيترا ئي شاگرد آهن. پاڻ جن
گلوڪارن کي اڪثر ڪري ٻڌندو هو، انهن ۾ سلامت علي خان بڙي غلام علي خان، ان جو ڀاءُ
برڪت علي خان جون ٺمريون شامل هيون. جڏهن ته انڊين گلوڪارن ۾ لتا، رفيع کي گهڻو
پسند ڪندو. هو موسيقارن ۾ نثار بزمي ۽ اعظم هن جا پسنديده هئا. مهدي حسن جي اڪثر
نوان راڳي پيروڊي ڪندا رهندا آهن، پر مهدي حسن انهن کي ٻڌي ڪري خوش به ٿيندو هو، ۽
انهن ته ڪاوڙ به ڪندو هو ته اهي لفظن جي جوڙجڪ صحيح ڪو نه پيا ڪن. مهدي حسن کي
دنيا پوري شوق سان ٻڌندي آهي، بلڪ ڪيترا ئي راڳي هن جو اهڙو ته احترام ڪندا آهن، جو پاڻ به اچرج ۾ اچيو ويندو
هو. جڏهن ڪينيڊا ۾ مهدي حسن ڪو پروگرام ڪرڻ لاءِ ويو ته اتفاق سان اتي لتا به آيل
هئي. لتا جڏهن مهدي حسن جو اتي نالو ٻڌو ته ان سان ملڻ آئي. لتا پيرين اگهاڙي مهدي
حسن سان ملڻ آئي. ان تي مهدي حسن هن کان پڇيو ته، ڀيڻ تون پير اگهاڙا ڇو ڪيا آهن،
تنهن تي لتا چيو ”مان توهان جي احترام ۾ پير اگهاڙا ڪري توهان سان ملڻ آئي آهيان.“
بنگلاديش ۾ هڪ ڀيري مهدي حسن ويو ته اتان جا ماڻهو هن جي پيرن کي چمڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳا. جڏهن مهدي حسن نيپال ملڪ جي دوري تي ويو ته هن کي ۲۱ توپن جي سلامي ڏني وئي. هن پوري دنيا ۾ پنهنجي آواز جو جادو جڳايو.
پاڻ پنهنجي ڪاميابي جو راز پنهنجي سخت محنت ۽ ٻنهي گهر وارين کي قرار ڏيندو هو. هن
جا پٽ ته گلوڪاري جي ميدان ۾ آيا، پر مهدي حسن پنهنجي نياڻين کي ڪڏهن به موسيقي جي
طرف نه آندو ۽ چوندو هو ته اسان وٽ اهو رواج نه آهي. مهدي حسن تمام گهٽ مرحوم
گلوڪاره نورجهان سان گڏ ڳايو آهي. ان لاءِ مهدي حسن جو چوڻ هو ته ان سان ڳائڻ تمام
مشڪل ڪم آهي. مهدي حسن نورجهان جي وڃڻ تي تمام گهڻو ڏک ڀريو ٿي ويو هو ۽ هي چوندو
هو ته ”نورجهان جي وڃڻ کان پوءِ پاڻ کي اڪيلو ٿو محسوس ڪريان.“ فلمي دنيا جي حوالي
سان مهدي حسن کي اداڪار وحيد مراد ۽ اداڪار سنتوش ڪمار پسند هئا. جڏهن ته هيروئن ۾
صبيحه خانم، راني، شميم آرا پسند هيس. مهدي حسن پنهنجي حياتي ۾ ئي ”مهدي حسن
فائونڊيشن“ جو بنياد وجهي ويو هو. هن جو مقصد غريب فنڪارن جي علاج لاءِ انهن جي
مدد ڪرڻ آهي. اڄ پاڻ نه آهي، پر سندس ڳايل گيت ٻڌي سندس مداح، پرستار هن کي ياد
ڪندا رهندا. ۱۹۵۷ع ۾ ان وقت جي ڪرنل عالمگير محي الدين جيڪو هٿ جون
لڪيرون ڏسي قسمت جو حال معلوم ڪري ٻڌائيندو هو. مهدي حسن به هڪ ڏينهن ان وٽ ويو.
هن کي هٿ ڏيکاريائين، جنهن تي عالمگير محي الدين هن کي چيو ته گانا ڳائڻ ڇڏي ٻاهرين
ملڪ هليو وڃ، نه ته نقصان برداشت ڪندين. جيڪڏهن تو ٻي شادي ڪئي ته تنهنجو ڳائڻ جو
سلسلو بند ٿي ويندو. وقت گذرڻ کانپوءِ مهدي حسن ٻي شادي ڪئي ۽ ان وٽ ويو ته هي ڏس
مون ٻي شادي به ڪئي ۽ ڳائڻ به ڪونه پيو ڇڏيان ۽ ٻاهرين ملڪ به ڪونه پيو وڃان. جنهن
تي مهدي حسن کي هن چيو ته، مون ته حساب جي روشني ۾ توکي ٻڌايو هو، وڌيڪ تنهنجي
مرضي آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مهدي حسن بيمار ٿي پيو. مرحوم انڊيا ۾ ۱۹۸۰ع، ۱۹۸۶ع،
۱۹۹۰ع ۽ ۱۹۹۴ع
۾ آخري ڀيرو ويو هو. مرحوم جو اڪثر چوڻ هوندو هو ته ”منهنجي ڳايل غزلن جي مقبوليت
جو راز صرف هي آهي ته مون انهن کي ڪلاسيڪل انداز ڏئي ڪري مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو
آهي. منهنجي نظر ۾ ڪو به گيت يا غزل ان وقت تائين مقبول نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان
۾ ڪلاسيڪل راڳ شامل نه ڪيو وڃي.“
تار ۽ تند جي ڪفن تي ليبل
عاجز جمالي
موسيقيءَ جي جهڙي ريت ڪا
سرحد نه هوندي آهي ان ريت موسيقيءَ جي ذات پات، رنگ نسل ۽ قوم به ڪا نه هوندي آهي.
ڪوئل دنيا جي هر ملڪ ۽ هر خطي ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هوندي آهي. فطرت جو حُسن ۽
فطرت سان لاڳاپيل خوبصورتي سڄي ڪائنات ۾ وسي ٿي. ڪائنات جي وجود کان وٺي اڄ تائين
روحانيت جي غلط تشريح ڪندڙ مُلان ۽ روح کي غذا بخشيندڙ ڪلاڪار وچ ۾ هميشه اختلاف
رهيو. ملان هميشه موسيقيءَ خلاف ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ واعظ ڪندو رهيو پر
دنيا جي هر مذهب ۾ موسيقيءَ کي رد نه ڪيو ويو. رڌم هر آسماني ڪتاب ۾ موجود آهي.
رڌم ۾ تلاوت هر مذهب ۾ ٿيندي آهي اسلام ۾ خدا جا نوانوي نالا رڌم سان ورتل آهن.
جبار، غفار، قهار، ڪريم، وسيم، رحيم، ائين هر نالي ۾ رڌم آهي، ترنم آهي. ان ڪري
موسيقيءَ جو سڌو سڌو ڳانڍاپو اسان جي روح سان آهي. تار ۽ تند انسان جي شعور کي روح
جي ويجهو ڪنديون آهن. روحانيت جو حقيقي عڪس صوفي ازم ۾ ملندو. سڄي دنيا ۾ صوفين
راڳ، تند ۽ تار ذريعي محبت، امن ۽ ماڻهپي جو پيغام ڏنو. ان ڪري راڳ ۽ تار جي زبان
محبت هوندي آهي. سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو مان ملندڙ ناچڻيءَ کان
ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته راڳ جو ماڻهوءَ سان ڪيڏو نه گهرو واسطو هوندو. ”غزل“ راڳ
جو هڪ انتهائي مڌر ۽ ٿڌو انداز آهي. غزل جا ڳائيندڙ ننڍي کنڊ ۾ وڏو نالو ڪمائيندا
رهيا ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي ڀاڱي ۾ جيڪو ”غزل گو“ آيو اُهو
ڀارتي ريگستان ۾ جنم وٺندڙ استاد مهدي حسن هو. ۱۹۲۷ع ۾ ڀارتي ٿر ۾ جنم وٺندڙ
استاد مهدي حسن گذريل ڏينهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
اب ڪه هم بڇڙي تو شايد
خوابون مين ملين
مهدي حسن پنهنجي حياتيءَ
جي ۸۵ سالن ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو تار، تند ۽ راڳ کي ڏنا. هُو هن صديءَ
جو وڏو ماڻهو هو. جيتوڻيڪ هُن سڄي حياتي پنهنجي ٻوليءَ ۾ راڳ کي ڳايو پر غزل کي ئي
زندگيءَ جو وڏو حصو ڏنو. ٻولين جي اعتبار سان هو پاڪستان اندر ڳالهائيندڙ قومي
ٻولين جي دلين ۾ هنڌ نه ٺاهي سگهيو پر پاڪستان ۾ رهندڙ سموريون قومون ۽ سموريون
ٻوليون ڳالهائيندڙ کيس غزل جو شهنشاهه مڃيندا رهيا ۽ سندس غزل هند سنڌ ۾ شوق سان ٻڌو
ويندو هو. ٻولين جي حوالي سان ٻه سال اڳ امر جليل سان ڪچهري ٿي. اردو ٻوليءَ بابت
سندس چوڻ هو ته ”اردو ننڍي کنڊ جي ڏاڍي سگهاري ٻولي هوندي هئي پر پاڪستان ٺهڻ
کانپوءِ اردو کي محدود ۽ ڪمزور ٻوليءَ ۾ تبديل ڪيو ويو.“ امر جليل ٻوليءَ جو نه
رڳو ماهر آهي پر سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ هڪ ئي وقت لکي رهيو آهي. مون کي امر جليل
جي هيءَ ڳالهه مهدي حسن جي ڪفن تي لڳايل ليبل ڏسي ياد آئي. هڪ پارٽيءَ جي فلاحي
اداري مهدي حسن کي پنهنجي ليبل وارو ڪفن پارائي ساڳي ليبل واري ايمبولينس ۾ رکيو.
سندس نالي تي ٺهيل پارڪ ۾ نارٿ ناظم آباد جي علائقي ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو
ويو. مون کي ائين لڳو ڄڻ مهدي حسن کي سندس موت کانپوءِ ننڍڙو ماڻهو بڻايو ويو ڇو
ته مهدي حسن هن خطي ۾ هر قسم جي سياسي ۽ لساني مت ڀيد کان مٿانهون هو. منهنجي آڏو
هُو سندس ڪلام سبب وڏو ماڻهو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم روحاني مفڪر
آهي پر جڏهن هو چوي ٿو ته
سائينم سدائين ڪرين مٿي
سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ
آباد ڪرين.“
ته هو سنڌي ماڻهن لاءِ
عظيم سنڌي ۽ عظيم انسانيت پرست بڻجي وڃي ٿو. ڀٽائي جا وڏڙا پڻ سنڌ ۾ آباد هئا پر
سندس وڏڙن جا وڏا سنڌ ۾ ٻاهران آيا هئا پر لطيف سائينءَ جو فلسفو، جاکوڙ ۽ شاعريءَ
سنڌ جي سڃاڻپ کي نئون روپ ڏنو. ائين ئي سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سنڌ ۾
ايندڙ ٻيا صوفي بزرگ ٻاهران آيا پر انهن سنڌ کي نه رڳو آستانو بڻايو پر سنڌ ڌرتيءَ
لاءِ قربانيون ڏنيون. سنڌ ڌرتيءَ جي هنج ۾ تمام گهڻي وسعت آهي. سنڌو درياهه جي
گهرائي ۽ ويڪرائي هزارين سالن جي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍي ويٺي آهي. ان ڪري
موسيقيءَ جي مداح سنڌين مهدي حسن کي ڪڏهن به ڪنهن ٻوليءَ جي نظر ۾ ڏٺو ئي ڪو نه
هو. پوءِ الائي ڇو مهدي حسن تي ليبل چنبڙايو ويو؟ شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو عظيم
شاعر هو. اياز اردوءَ ۾ به شاندار شاعري ڪئي. سندس اردو غزل به ڳايو ويو آهي. شيخ
اياز جا وڏڙا به سوين سال اڳ ٻاهران اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هوندا. پر اياز سنڌ ڌرتيءَ
کي پنهنجي ماءُ جو رتبو ڏنو. جڏهن هو چوي ٿو ته
”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو
سهندو ڪير ميار او يار“
يا جڏهن اياز چوي ٿو ته:
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي
پنهنجو سيس نمايان
مٽي ماٿي لايان مان.
ته هو سنڌ ديس جو امر
شاعر بڻجي وڃي ٿو. سو سنڌ ڌرتيءَ جي هنج ۾ سمهڻ لاءِ ڪنهن به ڪلاڪار کي ڪنهن به
قسم جي ليبل جي ضرورت نه هوندي آهي. اسين ننڍپڻ کان پاڪستاني فلمن ۾ وحيد مراد ۽
نديم جي اداڪاري سان مهدي حسن جا ڳايل ڪلام ٻڌندا پيا اچون. ڪيترا
ئي
باذوق سنڌي مهدي حسن جا ڏاڍا چاهيندڙ آهن. مون کي خبر پئي آهي ته سنڌ جي ڪجهه وڏن
ماڻهن وٽ مهدي حسن جي ڳايل سوين ڪلامن جو رڪارڊ موجود آهي.
سنڌ جي عظيم ڳائڻي عابده
پروين جو چوڻ آهي ته ”مهدي حسن صرف هڪڙو ئي هو ڪو ٻيو مهدي حسن پيدا نه ٿيندو.“
ڍونڍوگي اگر ملڪون ملڪون
ملني ڪي نهين، ناياب هين
هم.
مهدي حسن واقعي به هڪ
ناياب ڪلاڪار هو. موسيقيءَ جي اهڙي شهنشاهه جي وڇوڙي تي سڄي دنيا ۾ موسيقيءَ جا
چاهيندڙ ڏک ۾ آهن. اسان جهڙا موسيقيءَ جا اڻ ڄاڻ ماڻهو به سندس موت جو ٻڌي افسوس ۾
پئجي ويا. جيتوڻيڪ مهدي حسن وڏي عرصي کان بيمار هو ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندس
علاج لاءِ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار وسان ڪو نه گهٽايو. ممڪن آهي ته ان ۾ سنڌ جي گورنر جو
سڀ کان وڌيڪ هٿ هُجي پر سڄي سرڪار مهدي حسن لاءِ ڪروڙين روپيا فراهم ڪيا. سرڪار جو
مهدي حسن تي اهو ڪو ٿورو ڪو نه هو، ڇو ته مهدي حسن هن ملڪ جو هڪ ”ليجنڊ“ هو. هڪ اڻ
وسرندڙ ڪلاڪار هو. هڪ ڏات ڌڻي هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس موسيقيءَ سرحدن ۽ ٻولين جا فرق
ديوار بڻجڻ ڪو نه ڏنا هئا. ان ڪري مهدي حسن هن خطي جي ماڻهن کي هميشه ياد رهندو.
جب ڪو ئي پيار سي بلائي گا
هم ڪو ايڪ شخص ياد آئي گا.
تاريخ مهدي حسن کي هميشه
ياد رکندي. اسين کيس هميشه ياد رکنداسين. جڏهن به سندس ڳايل ڪو سُر فضا ۾ گونجندو
هو اسان کي ياد ايندو.
مهدي
حسن جي جيون ۾ جھاتي
مهدي حسن کي عزت ۽
پيار سان خان صاحب سڏيو ويندو آهي ۽ شهنشاهه غزل جو لقب به کيس مليو.
مهدي حسن هندستان جي
رياست جي راجسٿان جي علائقي لونا ۾ ۱۹۲۷ع ۾ هڪ روايتي موسيقارن جي گهر
۾ جنم ورتو، سندس دعويٰ هوندي هئي ته هو ڪلاونت برادريءَ جي سورنهين پيڙهيءَ سان
تعلق رکندو آهي. ڪلا معنيٰ فن يا آرٽ ۽ ونت معنيٰ استاد. ان جو مطلب ته هو ڳائڻ جي استادن مان هڪ هو، جيڪي
شاهي گهراڻن جي ماڻهن کي موسيقيءَ جو فن سيکاريندا هئا. مهدي حسن موسيقيءَ جي
تربيت پنهنجي پيءُ استاد عظيم خان کان ورتي ۽ سندس چاچي استاد اسماعيل خان جو به
سندس پرورش ۾ هٿ هو جيڪي وري ڪلاسيڪل موسيقار هئا. خاص طور تي ڌروپد ۽ خيال ڳائڻ ۾
سندن ڪو مٽ ثاني ڪو نه هو. ٺمري
۽ داد را پڻ ڳائيندو هو، هندستان جي ورڇ کان پوءِ ۲۰ سالن جو مهدي حسن ۽
سندس فيملي پاڪستان لڏي آئي جنهن وقت سندن مالي حالت خراب هئي. ان ڪري مهدي حسن
سائيڪل شاپ تي پڻ ڪم ڪيو، غربت جي باوجود موسيقيءَ سان سندس جذباتي لڳاءَ ڪڏهن به
گهٽ نه ٿيو.
اها جدوجهد ان وقت
پوري ٿي جڏهن ريڊيو پاڪستان تي ۱۹۵۲ع ۾ کيس ٺمري سنگر طور موقعو
ڏنو ويو، جنهن وقت استاد برڪت علي خان، بيگم اختر ۽ مختيار بيگم غزل ڳائڻ جا بي
تاج بادشاهه هئا. مهدي حسن اردو شاعريءَ ڳائڻ جو شوقين هو ۽ بنا دير جي غزل ڳائڻ
شروع ڪيائين، هن جو چوڻ هو ته زيڊ اي بخاري ۽ رفيق انور ريڊيو پاڪستان جا اهڙا
پروڊيوسر هئا جن مٿس اثر ڪيو، هنن کيس ريڊيو تي ڳائڻ جو پورو پورو موقعو ڏنو. غزل
جي شروعاتي ڳائڻ سان ئي کيس وڏي مڃتا ملي.
هن جي غزل جهڙي
گائيڪي ڏکڻ ايشيائي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ٻئي ڪنهن جي حصي ۾ نه آئي.
مهدي حسن پاڪستان ۾
پنهنجي دور جي هر فلمي هيري سان ڳايو، خاص طور (محمد علي ”شهنشاهه جذبات“ ۽ وحيد
مراد ”چاڪليٽي هيرو“ تي ميچ ٿيندو هو).
کيس بين الاقوامي
طور اها مڃتا حاصل هئي ته هو دنيا ۾ غزل جو سڀ کان عمدو ڳائڻو هو. هن جي موسيقيءَ
واري زندگي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل آهي ۽ نور جهان ۽ نصرت فتح علي خان سندس همعصر چئي
سگهجن ٿا. لتا منگيشڪر سندس آواز کي خدا جو آواز قرار ڏنو، طلعت عزيز توڙي جگجيت
سنگهه سندس مشهور پوئلڳن مان آهن.
۱۹۸۰ع واري
ڏهاڪي جي آخر ۾ سخت بيماريءَ کيس وڪوڙيو ۽ پلي بيڪ سنگنگ کان ويهي ويو ۽ هڪ اهڙو
ڏاڪو آيو جڏهن کيس موسيقيءَ کي ئي الودا چوڻو پيو.
سندس بيماريءَ زور
وٺڻ کان پوءِ هندستان جي رياست راجسٿان جي وڏي وزير گهلوت کيس علاج لاءِ هندستان
اچڻ جي دعوت ڏني ۽ کيس ويزا ڏيڻ جي لاءِ سرگرم رهيو. کيس پاڪستان حڪومت تمغاءِ
امتياز، ھلال امتياز، نگار فلم ايوارڊ ۽ گريجوئيٽس ايوارڊ سان
نوازيو.
جالنڌر هندستان ۾ ۱۹۷۹ع ۾ کيس سهگل ايوارڊ
سان نوازيو ويو ۽ گورکا دڪشن ايوارڊ پڻ نيپال ۾ کيس ڏنو ويو.
مهدي حسن اربع ڏينهن
۱۳ تاريخ تي صبح جو ۱۲ لڳي ۱۵ منٽن تي آغا خان
اسپتال ۾ ابدي ننڊ سمهي پيو، جڏهن ته ان جو آواز امر بڻجي هميشه پنهنجي چاهيندڙن
جي ڪنن ۾ گونجندو رهندو
مهدي حسن جو وڇوڙو
امرتا سانگي
هو نه رڳو ننڍي کنڊ جي حصي ۾ پنهنجي سڃاڻپ بڻيو پر مڙني بنيادن تي
سموري جڳ ۾ موسيقي جي حوالي سان يڪسر مساواتي رعب و تاب ۾ رهيو. هن جي وڇوڙي
پڄاڻان هاڻ رڳو راجستان ئي سوڳ ۾ ورتل ناهي پر ان سان گڏوگڏ هن جي مالها ۾ سلهاڙيل
سڀئي چاهيندڙ ڄڻ ته بيواهه جي اداس سينڌ بڻجي ويا آهن. انهيءَ سوڳواري ۾ جتي سندس
اباڻي ڳوٺ نانوان جا رهواسي ڏک ۾ ورتل آهن اتي سنڌ ۽ پاڪستان جا رهواسي به ساڳئي
غم ۾ غلطان آهن. ڪارونجهر جي هن جهور پوڙهي جو جيءَ پڻ جهريو آهي جيڪو آهي ته الله
لوڪ ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو پر هن جو من مهدي پڄاڻان وياڪل ۽ اداس ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو
هن رات جي سانت ۾ هڪ تنهائيءَ ۽ ٻيو مهدي جي غزلن جو هيراڪ رهيو هو، هو جنهن
هزارين جيتامڙن جي روحن کي راحت پئي بخشي جنهن جي آواز ننگر جا پڙاڏا ايترا ئي
دلربا ۽ وڻندڙ هئا جيترا ڪنهن محبوبه جي کليل وارن جا دلڪش انداز.
هن ڳايو ٿي ته لڳو ٿي ته هند ۽ سنڌ جو من ڪنهن سهاڳڻ جيان مهڪي پيو
آهي ۽ ڪنهن مٿرا جي مندر ۾ ديوداسي جو روح ڀڳوان جي آڪاش واڻي سان ريجهي پيو آهي ۽
راجستان جون گهٽيون ۽ گهر بولان ۽ اگربتين جي خوشبوءَ سان واسجي ويون آهن. مهدي جي
عروج تي هڪڙي جهلڪ توهان ۽ اسان راجستان کان سنڌ ۽ مهدي کان لتا تائين پسي سگهون
ٿا. هن جي آواز جو جادو انهن ڪروڙين انسانن کي سڪونت سان سرشار پئي ڪندو رهيو آهي
جتي سرگوشيون پنهنجو دم ٽوڙي وينديون آهن ۽ بيچيني پنهنجي آب تاب سان گنگنائيندي
ايڪانت کي پنهنجو ساجهي بڻائيندي.
آهي اها ئي وقت جي سچائي هئي جنهن جي انسيت موسيقي جي دنيا کان وٺي
تپسيا جي سفر تائين هر آدم کي پئي ڳايو ۽ وڄايو آهي. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز
چواڻي: جيڪو آيو آ سو ڳايو آ جي مصداق مهدي سر ۽ تال جي ڪائنات ۾ ڀرپور نموني
نڀايو آهي. هن جو اهڙو نڀاءُ سرحدن کي اورانگهي ڪافي اڳتي نڪري وڃي ٿو، تڏهن هڪڙي
رڙ روح ۾ روڄ راڙو آڻي ٿي ۽ چئي ٿي ته مهدي حسن ائين ئي روح سان ڳايو هو، هو ننڍي
کنڊ ۾ غزل جي گلن تي رنگت چاڙهيندڙ اڪيلو انسان هو، جنهن جي آواز جا هڙيئي سُر
ساڀيان ٿيندا رهيا ۽ باقي دنيا جا منش پڻ لطف اندوز ٿيندا رهيا ۽ سندس قافلي ۾
پوءِ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا نالا موتين وانگيان لڙي آيا، جگجيت کان استاد غلام علي
تائين هر داستان ڌار داستان بڻجي ويو. هن جي ڳلي جي نيت ۾ ڪا به ٻيائي نه هئي، هن
وٽ گائيڪي ايتري ته صاف ۽ شفاف رهي جو ڪڏهن به ٻڌندڙ ٻڌڻ کان عاري نه ٿيو. هن جي
اهڙي ناياب حقيقت کان انڪاري نٿا بڻجي سگهون، بلڪه مون کي ته ان حد تائين به چوڻ
ڏيو ته جيڪر هن جي موسيقيءَ جي مڌ کان اسان انڪاري ئي نٿا ٿي سگهون ڇو جو اهو اسان
جي وس ۾ ئي نه آهي.
مهدي غزل ڇا ڳايو، هن ته هر چاهيندڙ کي نئون داستان ٿي ارپيو. هن هر
ڀيري ڄڻ خوشي گاڏڙ غم جي آبياري ٿي ڪئي. مهدي جو اهو سريلو آواز ٻڌندرن جي سماعتن
تائين جڏهن پهچندو هو، تڏهن پڙاڏو سو ئي سڏ بڻجي ڀڳي هڏ جيان پيو ڏکندو هو. مهدي
اول اندر کي اجاري، ماري ۽ پوءِ جياري و جهندو هو. هن جو آلاپ جن به دلين کي ڇهاءُ
بخشيندو هو، اهي دليون پوءِ اسان رڳو ڌڙڪندي ئي ڏٺيون ۽ هن جا سر خاموشي ۾ اڪيلائي
جهڙو تعاون ڪندي آخر تائين نه ٿڪجندا هئا. اڃا سوڌو اُهي پڙاڏا اسان جي اندر ۾
گونجندا رهن ٿا. آڌي رات جي اها اونداهي اڃا تائين ساٿين کان ڪٿي وسري هوندي جنهن
جو هو شدت سان انتظار ڪندي گم ٿي ويندا هئا ۽ اها گمنامي جي دنيا هنن لاءِ هڪڙو
نينهن جو نياپو کڻي ايندي هئي. انهيءَ نياپي ۾ مهدي جي غزلن جي ڪئسٽ ٻئي جهان جوڙي
ڇڏيندي هئي ۽ پوءِ جيڪو دوست سنسار کان ڇڃڊو ٿي ويندو هو انهيءَ کي عجيب نظرن سان
ڏسندي هڪ ٻئي کي ائين چوندا هئا: ”چلي ڀي آئو ڪي گلشن ڪا ڪاروبار چلي.“
گم ٿيڻ جي دنيا به ته ڏسو، هو پنهنجو پاڻ ۾ تياڳ ڪن ٿا، ڪنهن ٻڌ ڀڪشو
جيان ۽ پوءِ روح کي ريجهائڻ لاءِ ڪنهن مخصوصج ديوي جو سهارو نه وٺندا آهن. جيءَ ها
هنن وٽ رڳو انهيءَ مهدي حسن جا ڳايل غزل هوندا آهن جن ذريعي کين روح جي متوازن غذا
سندس ڳايل غزلن مان ملندي آهي. منهنجي دل چوي ٿي ته ڇو نه مهدي کي سڏي وٺان انهيءَ
محبوبه جيان جيڪا ڪوٺي تي چڙهي ڪائنات جو نظارو ڪري رهي آهي ۽ پوءِ پنهنجي تازي
ڪاوڙيل آشنا کي هٿ جو هلڪو اشارو ڪندي اهو پئي چئي ته:
رنجش هي سهي، دل دکهاني ڪي لئي آجاؤ.
مهدي حسن
غزل گائيڪيءَ جو بي تاج بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
شهنشاههِ غزل مهدي حسن، جڏهن هندوستان
جي پارليامينٽ ۾ مهمان طور تي ويو هو ته، ان وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي ۽ ٻيا سڀ
هن کي مان ڏيڻ خاطر اٿي بيٺا هئا، جڏهن سريلنڪا جي حڪومت هن کي دعوت ڏئي، پنهنجي ملڪ
گهرايو هو ته، کيس ۲۱ توپن جي سلامي ڏني وئي هئي، جيڪو اعزاز ڪنهن به ڳائڻي کي
نه مليو آهي پر مهدي حسن کي اهو اعزاز مليو، مهدي حسن، جنهن کي آخر تائين پاڙيسري ملڪ
هندوستان پاران ڪيترائي ڀيرا آڇون ملنديون رهيون ته اسان جي ملڪ اچي رهو ۽ اسان توهان
کي هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر پنهنجي ملڪ ۾ هي آخري وقت تائين رهيو. طبيعت جي
ناسازيءَ وارن ڏينهن ۾ ملڪ جا ڪيترائي حڪمران هن جي طبعيت ته پڇڻ ايندا هئا پر صرف
فوٽو سيشن ڪرائي واپس هليا ويندا هئا، هن مٿان نجي اسپتال جي علاج جو قرض ايترو ته
چڙهي چڪو هو، جو حڪومت پاڪستان به قرض لاهڻ کان آخر تائين ڪيٻائيندي رهي، هن جا وارث
هر ڀيري علاج لاءِ ٻاهرئين ملڪ علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪندا رهيا پر حڪومت ڪڏهن به ان
ڳالهه جو نوٽيس ڪو نه ورتو، مرحوم مهدي حسن آخري ڏهاڙا تمام گهڻا ڏکيا گذاريا، فالج
جي حملي کانپوءِ هن جو ڳالهائڻ، گهمڻ ڦرڻ بلڪل بند ٿي ويو هو، هو هڪ کَٽَ تي زندگيءَ
جا آخري ڏهاڙا ڳڻي رهيو هو. مهدي حسن ٻاهرين ملڪن ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪيو، هن کي مڃتا طور تي قومي صدارتي اعزاز، تمغه امتياز، قومي
صدارتي سول اعزاز ۽ هلالِ امتياز ڏنو ويو، جڏهن ته ۱۹۶۵ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران
اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڏيکارڻ تي هن کي ان وقت جي صدر جنرل ايوب خان تمغه حسن
ڪارڪردگيءَ سان نوازيو هو، عزل گائيڪيءَ جي بي تاج بادشاهه مهدي حسن فلم ”شڪار“ کان
ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ۱۹۸۹ع ۾ ڪراچيءَ جي ئي هڪ فلم ”جنون“ سان پڄاڻيءَ تي پهچايو،
ان دوران ۳۵۶ اردو رليز ٿيندڙ فلمن ۾ ۵۳۸ گانا رڪارڊ ڪرايا، جڏهن
ته مهدي حسن پنجابي فلمن لاءِ پهريون گيت ۱۹۶۸ع ۾ فلم ”مهندي“ لاءِ
رڪارڊ ڪرايو، اهڙي طرح هن جون ۷۰ پنجابي فلمون رليز ٿيون، انهن ۾
هن ۸۴ گانا ڳايا، آخري پنجابي فلم ۱۹۸۸ع ”شيرني“ لاءِ گيت رڪارڊ
ڪرايو، مهدي حسن پهريون ڀيرو ڊوئيٽ ۱۹۶۲ع ۾ گلوڪاره نورجهان سان فلم ”قيدي“
لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو، ٻنهي ۲۱ فلمن لاءِ گانا رڪارڊ ڪرايا. جن
ٻين گلوڪارائن سان هن ڊوئيٽ ۾ گيت ڳايا، انهن ۾ مهناز بيگم، ناهيد اختر، رونا ليليٰ،
نسيم بيگم، نَيره نور، حميرا چنا ۽ ٻيون شامل آهن، هن پنهنجي شاگرد غلام عباس سان به
ڊوئيٽ ڳايو، مهدي حسن تقريبن ۵۲ هزار گيت، غزل، ۽ فلمي گيت ڳايا،
جڏهن ته ۲۰۰۰ع ۾ هن تي فالج جو حملو ٿيو، اهڙيءَ طرح ۲۰۰۰ع کان بيماريءَ جي بستري
تي پيل رهيو، پهريان گهمڻ ڦرڻ جي سگهه، پوءِ ڳالهائڻ ۽ آخر ۾ کائڻ جي سگهه ختم ٿي وئي
هيس ۽ ۲۰۰۶ع ۾ هن جي يادداشت بلڪل ساٿ ڇڏي ڏنو هو، ۱۴ سال بيماريءَ سان جنگ
جوٽيندڙ آخرڪار بيماريءَ اڳيان ۱۳ جون ۲۰۱۲ع تي جنگ هارائي ويٺو.
مهدي حسن جسماني طور ته اسان سان گڏ نه آهي پر سندس سدا بهار آواز صدين تائين گونجندو
رهندو.
مهدي حسن
سندس وڇوڙي جي ڏينهن
سُڪار جاکرو
مهدي
حسن خانداني ڳائڻو هو. ڀارت جي سڀني کان وڌيڪ پکيڙ واري رياست راجسٿان جي گاديءَ
واري هنڌ جيپور جي جُهونجهڻو ضلعي جي لُوڻا ڳوٺ ۾ ۱۸ جولاءِ ۱۹۲۷ع تي ڄاول هن فنڪار جو خاندان
پوين پندرهن پيڙهين کان سنگيت سان واڳيل هو. جڏهن ته مهدي حسن خان پاڻ موسيقيءَ جي
ابتدائي تعليم پنهنجي والد استاد عظيم خان ۽ چاچي استاد اسماعيل خان کان ورتي. جيڪي
ٻئي ڌَروُپَدَ جا ماهر هئا. آزاديءَ کان پوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو جتي هن
سائيڪلن جي دڪان تي ۽ ميڪينيڪ طور پڻ ڪم ڪيو. مهدي حسن کي پهلوانيءَ جو شوق پڻ هو
۽ سندس خيال هو ته ڳائڻ لاءِ مضبوط ڦڦڙ ضروري آهن ۽ ان لاءِ مضبوط جسم پڻ.
۱۹۵۰ وارو ڏهاڪو استاد برڪت علي، بيگم اختر، مختار بيگم جهڙن استاد فنڪار جو
دور هو جنهن ۾ مهدي حسن جي لاءِ پير کوڙڻ ڏاڍو ڏکيو هو پر جڏهن هن پهرئين ڀيري ريڊيو
پاڪستان تي ٺُمري ٻڌائي ۽ وري غزلن ۽ فلمي گيتن جو سلسلو شروع ڪيو ته سگهو ئي
موسيقيءَ جي ميدان تي ڇانئجي ويو.
پنجن
کن ڏهاڪن تائين ننڍي کنڊ کي پنهنجي سُر ۽ سنگيت جي منڊ ۾ منڊيندڙ سو ”شهنشاهِ غزل“
مهدي حسن جيڪو ڪجهه ورهين کان فالج، ذيابيطس ۽ ٻين ڪن موذي بيمارين جي ڪري ڳائڻ
کان لاچار ٿي پيو هو، جيڪو ۱۳ جون ۲۰۱۲ع تي جڳ جهان کان موڪلائي ويو. هن جا آخري ڏينهن اسانجن ٻين ڪيترن ئي ڀلوڙ
فنڪارن جيان تمام ڏکيا گذريا. آخري ڏينهن ۾ هو چُرڻ پرڻ کان لاچار، ويل چيئر ۽
بستري تائين محدود ٿي ويو هو.
۱۹۵۷ع کان ۱۹۹۹ع تائين لاڳيتو پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪندڙ مهدي حسن پنهنجي ڪيريئر دوران ۲۵ هزار کان به وڌيڪ گيت ۽ غزل ڳاتا. جڏهن ته انٽرنيٽ تي ان جي گيتن ۽ غزلن
جون اٽڪل اڍائي سو ويب سائٽس آهن. ۽ اڄ به ڪيترائي ماڻهو هن جو کٽيو کائي رهيا
آهن. سندس مداحن ۾ هڪ عام ماڻهو کان ويندي ننڍي کنڊ جا جمهوري توڙي شاهي حڪمران
مطلب ته عوام خواص سڀ پڻ شامل رهيا. حد ته اها آهي ته ۱۹۸۳ع ۾ نيپال ۾ هڪ شاهي تقريب ۾ جڏهن مهدي حسن هڪ فلمي گيت ”زندگي مين تو سڀي
پيار ڪيا ڪرتي هين“ ڳائيندي ان گيت جي ڪا هڪ مصرع وساري منجهي پيو ته نيپال جي
شاهه بريندرا پاڻ اٿي بيهي کيس اها وسريل مصرع ڳائي ياد ڏياري!
No comments:
راءِ ڏيندا