; سنڌي شخصيتون: مهدي حسن،
Showing posts with label مهدي حسن،. Show all posts
Showing posts with label مهدي حسن،. Show all posts

14 June, 2018

مهدي حسن


مهدي حسن
موسيقيءَ جي هڪ دؤر جي پڄاڻي
حسام ميمڻ
نٽشي جو هڪ قول آهي ته،
Life would be a mistake, without music
زندگيءَ جي هن افراتفريءَ ۾ موسيقي ئي هڪ اهڙو ذريعو بچيو آهي، جيڪا ٻڌي ڪري ماڻهو پنهنجي من کي سڪون ڏئي سگهي ٿو، پر موسيقي جنهن تي مختلف تجربا ٿيندا رهيا آهن، اسان وٽ به موسيقيءَ جو ٻيڙو به ٻين شين سان گڏ ٻُڌي رهيو آهي، سچ اهو آهي ته سٺي موسيقيءَ جو اسان وٽ به قحط اچي رهيو آهي، نجي چئنلس تي موسيقيءَ کان وڌيڪ الٽرا ماڊرن فيشن ڏيکاريا پيا وڃن. ان ڪمزور حالت جي باوجود به ڪي آواز اهڙا آهن، جن موسيقيءَ جي خوبصورت ڌاري کي پوتر نديءَ وانگر وهايو آهي