; سنڌي شخصيتون: علي محمد ڀٽو

08 June, 2018

علي محمد ڀٽو


علي محمد ڀٽو
نور محمد ڀٽو
علي محمد ڀٽو جنهن هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر مان هفتيوار حمايت حق جاري ڪري ان وقت جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ ليڊ لڳائي ته؛ ملڪ غلام محمد ون يونٽ جو آرڊر تاج برطانيا جي نالي ۾ جاري ڪيو آهي، ان ڪري اهو آرڊر غير قانوني آهي، ان ڪري مٿس غداري جو ڪيس هلائي کيس ڦاسي جي سزا ڏني وڃي. علي محمد ڀٽو، ون يونٽ جي دور ۾، سنڌي اردو ٽيچر گرامر جو ڪتاب، سنڌي شارٽ هينڊ جو ڪتاب تحرير ڪيو، جيڪو ٻيهر نور سنڌي آواز نويسي جي نالي تحرير ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته ٻوليءَ جو ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ، سنڌي آواز نويسي سکڻ سان، اسان جي ٻولي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي ڪامياب ٻولين جي صف ۾ اچي ويندي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها صلاحيت آهي ته؛ دنيا جي هر زبان جي آواز ۽ لفظ کي سولائيءَ سان تحرير ڪري سگهجي ٿو.


علي محمد ڀٽو رٽائرمينٽ کان پوءِ، خيرپور ميرس ۾ ۱۹۶۶ع ۾ قائداعظم ڪمرشل ڪاليج قائم ڪيو، جيڪو ۱۹۶۹ع ڌاري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. خيرپور ميرس ۾ قائداعظم نائيٽ آرٽس ڪاليج ۽ مسلم ڪي جي اسڪول جو بنياد رکيائين. سال ۱۹۷۳ع ڌاري، سنڌ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبلن کي سنڌي شارٽ هينڊ جي سکيا ڏني، جن کي ترقي ڏئي سي آءِ ڊي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو.
علي محمد ڀٽو کي ۱۹۷۴ع ڌاري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران، تلفظ درست ڪرڻ جي پروننسيئيشن چيڪر ڪنٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو، جتي شاعرن جي ڪلام جي ادائگيءَ بابت فنڪارن جو تلفظ درست ڪرڻ وارو ڪم ڪندو هو.
علي محمد ڀٽو هڪ سٺو پاميسٽ هو، جيڪو هٿ ڏسي ماڻهن  جي دل جو حال ٻڌائيندو هو. کيس مذهب، تاريخ ۽ قانون بابت ڄاڻ هوندي هئي.
علي محمد ڀٽو اڪثر شلوار قميص ۽ جناح ٽوپي استعمال ڪندا هئو.
علي محمد ڀٽو اڪثر چانهه جو شوقين هوندو هو. ريڊيو ۾ ڊيوٽيءَ دوران منظور نقوي، مظفر حسين ”جوش“، محمد خان تڪي، زيب عاقلي، الهه بخش شاهه بخاري ۽ سرهندي صاحب خدمتون سر انجام ڏيندا هئا.
علي محمد ڀٽو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، ايم اين راءِ جي سوچ کان متاثر هو ۽ جمهوري سوشلزم جو حامي هوندو هو. ان ڪري نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ کين روزگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو هو. سندس شاگرد عثمان پنهور، عبدالغني بچاڻي، واحد بخش مهر ۽ ٻيا وڏن عهدن تي پهتا.
علي محمد ڀٽو هوميوپيٿڪ جو علاج پڻ ڪندو هو.
علي محمد خالدي وڪيل ۽ ڊاڪٽر عمار پٺاڻ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ساڻس ڪچهري ڪرڻ حيدر منزل ڀرسان ايندا هئا.
علي محمد ڀٽو ۱۹۷۴ع ڌاري، سيد احد يوسف خلاف، حيدرآباد ۾ صوبائي اسيمبلي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ لياقت جتوئي جي خلاف ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه جي قومي اسيمبلي جي تڪ تي چونڊ لاءِ فارم ڀرايو هو.
علي محمد ڀٽو کي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ عبدالله حسين هارون پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾، جي ايم ڪيهر ۽ سيد مظفر حسين جن ڪانٽريڪٽ تي رکيو.
علي محمد ڀٽو مير بنده علي خان، سر غلام حسين هدايت، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير الاهي بخش ۽ يوسف هارون جڏهن سنڌ جا وڏا وزير هئا، انهن جو پرسنل اسسٽنٽ رهيو. سيڪريٽري مهاجر آباد ڪاري بورڊ پڻ ڪراچي ۾ رهيو.
ذوالفقار علي ڀٽو، ننڍپڻ ۾ پنهنجي والده سان گڏ سندس گذري ڪراچي واري رهائش تي ايندو هو.
پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جي ٽوڙڻ خلاف، مولوي تميز الدين جي حق ۾ چيف ڪورٽ گواهه جي حيثيت ۾ ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو.
بنيادي جمهوريت ۾ چونڊيل عيوضين کي، دادوءَ ۾ عوامي نمائندگي ڪرڻ بابت، عيوضيءَ جا فرض ادا ڪرڻ بابت عبدالحميد خان جتوئي، محمد صالح ٻٽ ۽ ملڪ سڪندر کي سکيا ڏني. هن ايوب خان کي صلاح ڏني هئي ته؛ رياست خيرپور، بهاولپور، قلات ۽ دير کي خود مختياري ڏني وڃي.
علي محمد ڀٽو کي ذوالفقار علي ڀٽو پ پ خيرپور جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. خيرپور ۾ کيس مجلس ختم نبوت ۽ خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو هو.
علي محمد ڀٽو ۳۱ مارچ ۱۹۸۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنرل بس اسٽاپ ڀرسان، گدي پٺاڻ قبرستان حيدرآباد ۾ دفن آهي.

(بشريه روزاني عبرت)


علي محمد ڀٽو
سنڌي شارٽ هينڊ جو موجد!
نور محمد ڀٽو
سنڌي شارٽ هينڊ جو موجد علي محمد ڀٽو ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۰۸ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽو تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر حڪيم، حاجي نور محمد ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد لاڙڪاڻو مدرسه هاءِ اسڪول، جيڪب آباد مدرسه هاءِ اسڪول، بعد سنڌ مدرسي ڪراچي مان سنڌي فائنل امتحان پاس ڪرڻ بعد ۱۹۲۹ع ڌاري آبپاشي کاتي بعد کيس ۱۹۳۲ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ بعد آفيس آبپاشي کاتي سکر ۾ ٽائيم آفيس ۾ رکيو ويو. جتي بئراج ڪالوني سکر ۾ رهڻ لڳو، پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ فيض محمد ڀٽو جيڪو، سنڌ مدرسته اسلام ڪراچي ۾ ڊرائينگ ٽيچر هو کيس رائيل ڪاليج صدر ڪراچي ۾ داخلا ڏياري. انگريزي ٽائپنگ ۽ انگريزي شارٽ هينڊ سيکاري، جنهن بعد کيس پهريان سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ نوڪري ملي پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ آفيشل رپورٽر مقرر ٿيو. جتان کيس ۱۹۴۰ع ڌاري ان وقت جي وڏي وزير سر غلام حسين هدايت الله، محمد ايوب کهڙو، پير الاهي بخش، يوسف هارون ۽ مير بنده علي خان پاڻ وٽ پرسنل اسسٽنٽ رکيو. جڏهن پير صاحب پاڳارو ۽ سندس ڀاءُ سيد نادر علي شاهه کي لنڊن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ته سموري لکپڙهه جو جواب وڏي وزير طرفان کيس ڏيڻو پوندو هو. ان کان علاوه سرڪار طرفان وظيفو مني آرڊر ڪندا هئا ۽ ڪو به مسئلو هو ته اهو کيس حل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو هو.
هن ۱۹۵۲ع ۾ رضاڪارانه طور تي رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. هفتيوار انگريزي اخبار اسٽيٽ سرونٽ ۽ حمايت حق هفتيوار اخبارون هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي مان جاري ڪيائون. فضل پرنٽنگ پريس قاضي عبدالقيوم روڊ حيدرآباد ۾ فضل غزنوي سان گڏ مالڪي ۾ ڀائيوار هئا ۽ بعد ۾ اهو ڀائيواري سلسلو ختم ڪيائون. چونڊ دوران کيس ووٽر لسٽ ڇاپڻ جو ٺيڪو سنڌ گورنمينٽ پريس ڪراچي طرفان ڏنو ويو. ان کان علاوه ۱۹۴۷ع ۾ خان بهادر محمد ايوب کهڙي کيس مهاجر آبادڪاري بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو.
۱۹۶۶ع ۾ قائد ڪمرشل ڪاليج خيرپور ميرس ۾ قائم ڪيائين. ۱۹۶۷ع ڌاري ذوالفقار علي ڀٽو کيس آڇ ڪئي ته پيپلز پارٽي خيرپور ميرس جي ضلعي جي جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪيو پر چيائين ته مان هن وقت تعليمي ادارو هلائي رهيو آهيان ان ڪري مان سياست ۾ اچڻ جو ارادو نٿو رکان. انکانپوءِ اها ذميواري سائين قائم علي شاهه کي ڏني وئي. ۱۹۷۱ع ڌاري کيس سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي رکيو ويو. بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي ڪراچي جمال الدين ابڙو اهو ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو، بعد ۾ عبدالله حسين هارون ۽ سيد مظفر حسين شاهه ٻيهر ڪانٽريڪٽ تي رکيو، جيڪو ۱۹۸۶ع تائين قائم رهيو. ۱۹۷۴ع ڌاري سيد احد يوسف جي مقابلي ۾ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ لاءِ فارم ڀرايائون ۽ ٰ حضرت پير صاحب پاڳاري کين پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو ته ڪريم بخش خالد ڊائريڪٽر اطلاعات ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جي وزيراعظم جو پيغام کڻي آيو ته اسان ٻيو ڪنهن کي وزير ٺاهڻ چاهيون ٿا اُن جي حق ۾ هٿ کڻندا ته مهرباني ٿيندي. پاڻ سندس حق ۾ هٿ کنيائون.
۱۹۷۷ع ۾ لياقت علي خان جتوئي جي مقابلي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو ته سندس نامينيشن پيپر رد ڪيو ويو. علي محمد ڀٽو صاحب جو ڪتاب نور سنڌي آواز نويسي ان وقت جي چيئرمين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري سنڌي شارٽ هينڊ جو ڪتاب ڇپائي جي لاءِ ورتو ويو، جيڪو ۲۳ سالن بعد ڊاڪٽر نواز علي شوق واپس ڪيو آهي. ان ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان سنڌي ٻولي دفتري زبان جي حيثيت اختيار ڪري ها. سنڌ اسيمبلي ڪراچي، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۽ هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۽ ٻين ادارن ۾ سنڌي اسٽينوگرافر نور سنڌي شارٽ هينڊ سکي دفتري زبان نافذ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ها ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جا ادارا پڻ ماڻهن کي سنڌي شارٽ هينڊ جي سکيا ڏين ها پر سنڌي ٻولي کي دفتري زبان ٺاهڻ ۾ ڪوتاهي جو کليل مظاهرو ڪيو ويو آهي. علي محمد ڀٽو فالج جي حملي بعد ۳۱ مارچ ۱۹۸۷ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس حيدرآباد جي جنرل بس اسٽاپ لڳ قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


No comments:

راءِ ڏيندا