علي محمد ڀٽو
نور محمد ڀٽو
علي محمد ڀٽو جنهن هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر مان
هفتيوار حمايت حق جاري ڪري ان وقت جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد جي خلاف پنهنجي
اخبار ۾ ليڊ لڳائي ته؛ ملڪ غلام محمد ون يونٽ جو آرڊر تاج برطانيا جي نالي ۾ جاري
ڪيو آهي، ان ڪري اهو آرڊر غير قانوني آهي، ان ڪري مٿس غداري جو ڪيس هلائي کيس ڦاسي
جي سزا ڏني وڃي. علي محمد ڀٽو، ون يونٽ جي دور ۾، سنڌي اردو ٽيچر گرامر جو ڪتاب،
سنڌي شارٽ هينڊ جو ڪتاب تحرير ڪيو، جيڪو ٻيهر نور سنڌي آواز نويسي جي نالي تحرير
ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته ٻوليءَ جو ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ، سنڌي آواز نويسي سکڻ سان،
اسان جي ٻولي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي ڪامياب ٻولين جي صف ۾ اچي ويندي. ڇاڪاڻ
ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها صلاحيت آهي ته؛ دنيا جي هر زبان جي آواز ۽ لفظ کي سولائيءَ
سان تحرير ڪري سگهجي ٿو.
