; سنڌي شخصيتون: پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي

15 June, 2018

پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي

پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي
سنڌي ٻولي جو ناميارو نثرنويس
حسيب ناياب منگي
شيوا رام ولد نرسنگهداس جو جنم شڪارپور ۾ ۱۸۶۷ع ڌاري ٿيو. جنهن اڳتي هلي اعلي ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ شڪارپور جي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ مٿانهون ڪيو. سندس تعليمي سفر جي شروعات، شڪارپور مان ئي ٿي ۽ بمبئي جي يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. بعد ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ۱۹۱۲ع ڌاري پروفيسر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۲۴ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پروفيسري ڇڏي اچي شڪارپور ۾ رهيو.


 شڪارپور ۾ راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال جي تعمير هڪ اعلي ڪارنامو آهي جيڪو راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا سرانجام ڏنو. ان ڪارنامي ۾ پروفيسر ڦيرواڻيءَ جون ڪي تجويزون ۽ ڪاوشون ضرور شامل آهن. شڪارپور ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج جي قيام ۾ به هن سخي مرد پروفيسر ڦيرواڻيءَ جون ڪاليج بانيڪارن چيلاسنگھ ۽ سيتلداس سان به ڏنل ساٿ وسارڻ جهڙو ناهي. هو شڪارپور جي ترقي خاطر ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو. ڇوڪرين لاءِ تعليم عام ڪرڻ واسطي شڪارپور ۾ هن سخي مرد ڏينهن رات محنت ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جي محنتن جي نتيجي ۾ شڪارپور اندر ايشوري ٻائي گرلس هاءِ اسڪول هلي رهيو آهي. پروفيسر ڦيرواڻي ضرورت محسوس ڪندو هو ته والدين وٽ وڃي سندن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ زور ڀريندو هو. ڪڏهن ڪنهن ميڙ ۾ بيهي تعليم جي اهميت تي ڳالهائيندو هو ته شڪارپور ۾ شعور جي ڪرڻن جي روشنائي سندس گيان جي ذريعي ڦهلبي هئي. هو اسان وٽ سنڌ ۾ ادب ۽  تعليم جي حوالي سان هڪ ادارو هو، جنهن کي وقت به وقت ادبي ۽ تعليمي خيالات ايندا هئا، جن جو هو استعمال ڪري ادب توڙي تعليم کي، وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندو هو. پاڻ “پرائمري اسڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور” جو چيئرمين پڻ ٿيو هو.
تعليمي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ هو سماج-سڌارڪ پڻ هو. جڏهن شڪارپور ۾ پهريون برف جو ڪارخانو هڪ جرمن انجنيئر کوليو ته ڪجهه شڪارپور واسي اهو چوندا هئا ته گورن کانسواءِ اهڙو ڪارخانو ڪو ڪڍي ئي ڪو نه سگهندو. اهڙي روايت جي برعڪس پاڻ ۱۹۰۴ع ۾ برف جو ڪارخانو کوليائين. اهڙي طرح ۱۹۰۸ع ۾ پروفيسر ڦيرواڻي سيٺ اڌلداس جي مدد سان ڪپڙي اُڻڻ جو ڪارخانو کوليو ھيو. اهو ڪارخانو سنڌ ۾ جديد نوعيت جو ڪپڙو اڻڻ جو پهريون ڪارخانو هو. ان کانپوءِ روهڙيءَ ۾ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا کليا.
شيوارام ڦيرواڻي شاعر ۽ اديب پڻ هو. سندس شعر ته ايترو ڪو نه ٿو ملي باقي نثر ۾ سندس مضمون ۽ ڪتاب تمام گهڻا ٿا ملن پر هن وقت سڀ اڻلڀ آهن. سندس ڪتابن جا نالا ڪجهه هن طرح آهن: (۱) ايڪٽيھ چڱا لڇڻ (ڇپيل جون ۱۹۲۶ع) (۲) ساٿ سکيا يا پنگتي جيون (آگسٽ ۱۹۲۷ع) (۳) ڊالٽن رٿ موجب تعليم (مئي ۱۹۲۹ع) (۴) اسين سکون ڪيئن (ترجمو جولاءِ ۱۹۳۵ع) (۵) تعليمي من وديا (جولاءِ ۱۹۳۶ع) (۶) نئون تعليمي ڪورس (۱۹۳۶ع جڳتراءِ شوداساڻي سان گڏ لکيل) (۷) ڪبن جو ڪتاب (ترجمو ۱۹۳۷ع) (۸) راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر (۱۹۳۸ع) (۹) هندو مسلم انساني ايڪتا (۱۹۳۹ع) (۱۰) سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا پنهنجي يونيورسٽي (۱۹۴۱ع) (۱۱) صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏهن قاعدا (۱۹۴۷ع) ۽ (۱۲) ميونٽسري سکيا.
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي صاحب جڏھن بمبئي يونيورسٽيءَ اندر پروفيسر ھيو، تڏھن پاڻ ھڪڙو ڪتاب انگريزي زبان ۾ به لکيائين، جيڪو ۱۹۲۴ع ڌاري ھيٺ ڏنل نالي سان ڇپيو.
SOCIAL EFFICIENCY: INDIA’S GREATEST NEED
انگريزيءَ ۾ سندس ٻيو ڪتاب ھيٺ ڄاڻايل نالي سان پڻ لکيل آھي، جيڪو ۱۹۲۶ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام گلراج، بلوٽسڪي پريس، بنڌو آشرم، حيدرآباد سنڌ مان ڇپرايو.
MUNICIPAL EFFICIENCY (WITH SPECIAL REFERENCE TO THE BOMBAY PRESEIDENCY)
هن جا مضمون ماهوار سنڌو، ماهوار اخبار تعليم، روزانه قرباني ۽ روزانه سوراج ۾ ڇپبا هئا. سندس لکيل ڪجھ مضمونن جا نالا هت پيش پيو ڪريان، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو تعليم جي حوالي سان ڪيترو پاڻ پتوڙي ويو آهي. سنڌ جي پنگتي حالت (ڇپيل ڀارت واسي ۱۹۲۴ع) ٻاراڻي درجي ۾ مانٽيسوري سکيا (ماهوار اخبار تعليم آڪٽوبر ۱۹۳۴ع) ساهتيه ڇا آهي؟ ۽ ان کي ڪيئن زور وٺائجي (ماهوار سنڌو مئي ۱۹۳۵ع) خيالن جي نقشبندي (ماهوار اخبار تعليم نومبر ۱۹۳۶ع) ڏيارام گدو مل (ڪتاب سنڌي سونهارا ۱۹۳۶ع) نئين من وديا (ماهوار اخبار تعليم نومبر ۱۹۳۷ع) مجموعي زندگي لاءِ ترتيب (ماهوار اخبار تعليم فيبروري ۱۹۳۸ع) نئين سکيا (الف) تواريخي نظر (ماهوار اخبار تعليم جولاءِ ۱۹۳۸ع) نئين سکيا (ب) عام اصول (ماهوار اخبار تعليم جولاءِ ۱۹۳۸ع) وڏن کي ڪيئن سيکارجي ڊاڪٽر فرئنڪ جا رايا (اخبار تعليم اپريل ۱۹۳۹ع) زندگي جو ساز (ماهوار سنڌو جنوري ۱۹۴۶ع) شيوارام شاعر پڻ هو سندس من جا موتي هن طرح ميڙيا ويا آهن:
شل گهر گهر اخلاق ۽ گهر گهر انصاف ٿئي!
گهر گهر سکيا ۽ گهر گهر صحت وڌي!
گهر گهر وندر ۽ گهر گهر هنر اچي!
۽ گهر گهر خوشي ۽ گهر گهر خوراڪ هجي.

ان کان علاوه شڪارپور تي هڪ انگريزي نظم پڻ لکيو هئائين، جنهن جو سنڌي  منظوم ترجمو منهنجي والد محترم نقش ناياب منگي ڪيو هو. ان جا هڪ ٻه شعر هت پيش پيو ڪريان. تفصيلي شعر منهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ (۲۰۱۷ع) ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ڪنهن ٽاڻي هو گهاٽو ٻيلو مارين لئه ميدان،
ڪورين اُتڙي ڳوٺ ٻڌائي عام ڪيو اعلان.
هر دک دور ڪبو شهرين جو تڏهن ته ٿيندو سُک،
شهر اسان جو ڏيهه سڄي ۾ ليکيو ويندو مُک.
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي شڪارپور جي مختلف علمي ۽ سماجي ادارن جي وجود لاءِ چندو پڻ ڏنو. ادبي حوالي سان سندس قد ڪاٺ ايترو ته بلند هو جو هندستان ۽ ان کان ٻاهر جي علمي ادبي ادارن جو ميمبر هو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ رهيو جتي ئي ۱۹۵۰ع ۾ ديهانت ڪيائين. سندس خدمتن تي سموري سنڌ کي ناز آهي. سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي گهرجي ته سندس ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرائي علم جي پياسن جي اُڃ اجهائن.
(مدد: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾، ايڪٽيهه چڱا لڇڻ، ماهوار پيغام ڪراچي ۽ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، ماهوار اخبار تعليم وغيره جا مختلف پرچا.)



شيوارام ڦيرواڻي

ڀڳوانداس ميگھواڙ

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ، دانشور، تعليمي ماهر، سماجي شخصيت شيوارام ڦيرواڻي ۱۸۶۸ع ڌاري شڪار پور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي ھو، ھن بنيادي تعليم شڪار پور سنڌ، ماسٽرس بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ئي درس تدريس جو ڪم ڪيائين، پوءِ نوڪري ڇڏي واپس شڪار پور سنڌ اچي ويو، ھتي به تعليم جي سڌاري لاءِ ڪوششون ڪيائين، واپار به شروع ڪيائين، ھن شڪار پور ۾ برف ٺاهڻ ۽ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا، ميونسپالٽي شڪار پور جو پھرين ميمبر، پوءِ چيئرمين رھيو، ان دوران هن تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا، بوائز ۽ گرلز اسڪول قائم ڪيا، جيڪي پوءِ ھائي اسڪولز ۽ ڪاليجز ٿيا، عورتن لاءِ صحت ۽ ھنري سينٽر قائم ڪيا، ھن مختلف اخبارن ۽ رسالن سان سھڪار ڪيو، "سنڌو ٽرسٽ بورڊ" جو ميمبر رهيو، شيوارام ڦيرواڻي ۽ رامچند ويرومل ڀوراڻيءَ گڏجي هفتيوار اخبار "شيوڪ" به جاري ڪئي، سندس ڪتابن ۾: ايڪٽيھ چڱا لڇڻ، ساٿ سکيا يا پنگتي جيون، سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا، ڊالٽن رٿ موجب تعليم، اسين سکون ڪيئن ٿا؟، نئون تعليمي ڪورس، ڪيف جو ڪتاب، تعليمي من وديا، راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر، هندو مسلم ۽ انساني ايڪتا، پنهنجي يونيورسٽي، صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏهن قاعدا، ميونسپل افيشنسي، مانٽيسوري سکيا وغيره شامل آهن. .

 

(ڀڳوانداس ميگھواڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا