; سنڌي شخصيتون: دولت رام کتري، ابراهيم لاشاري، سارنگ منير سومرو، فرزانه شاھين، ھمير گاد، طارق عزيز شيخ، سرور سيف،
Showing posts with label دولت رام کتري، ابراهيم لاشاري، سارنگ منير سومرو، فرزانه شاھين، ھمير گاد، طارق عزيز شيخ، سرور سيف،. Show all posts
Showing posts with label دولت رام کتري، ابراهيم لاشاري، سارنگ منير سومرو، فرزانه شاھين، ھمير گاد، طارق عزيز شيخ، سرور سيف،. Show all posts

16 June, 2018

اياز گل

اياز گل
نئين ٽهيءَ جو محبوب شاعر
دولت رام کتري
شاعري، دل جي ڪيفيت جي اظهار جو، ٻيو نانءُ آهي. اُهي دل جون ڪيفيتون، جڏهن لفظن جو روپ وٺي، ڪنهن شاعر جي دل مان اُڀرن ٿيون ته اهو شاعر پنهنجي دل جي دردن جو داستان، شاعريءَ جي روپ ۾ لکي وٺي ٿو. شاعري، فائن آرٽس سان واسطو رکندڙ اُها صنف آهي، جنهن ۾ خيالن جي گهرائيءَ سان گڏوگڏ موسيقي پڻ شامل آهي. ارسطو، پنهنجي ڪتاب Poetics ۾ لکيو آهي ته؛ ”شاعريءَ جو رجحان بدلجندو رهي ٿو.“ منهنجي خيال ۾؛ ادب هڪ وهندڙ نديءَ مثل آهي، جنهن جي هر لهر ۾ سدا نئون آب تاب آهي. سنڌي ادب جي وهندڙ نديءَ ۾ ڪيترا ئي اڻ ڳڻيا نالا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. انهن نالن ۾ هڪڙو نالو سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز گل جو پڻ آهي، جيڪو نئين ٽهي جو محبوب شاعر آهي. اياز جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ خاص اهميت جي حاصل آهي.