قلب علي جتوئي
سنڌ جو ناليوارو ملهه پهلوان
حسيب ناياب منگي
سنڌ اندر
ڪيترن ئي املهه ماڻڪن جنم وٺي پاڻ ملهايو آهي، انهن ڪردارن جي نالي پٺيان گهڻا ئي
ڪردار روشن ٿي اڀري پڻ آيا آهن، ڪي علم ادب جي خدمت ته ڪري انسان دوستيءَ ۾ پنهنجو
نانءُ ڇڏي ويا. ڪن سياست ۽ صحافت ۾ پاڻ ملهايو ته ڪن وري راندين ۾ حصا وٺي پنهنجي
محنت سان پاڻ چمڪايو. سنڌ اندر “ملهه” جا ملاکڙا سالن کان هلندا اچن ٿا جنهن ۾
پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. جيتوڻيڪ ملهه سنڌين جي ثقافت ۾ اچيو وڃي ٿي
۽ پاڻ وٽ لڳندڙ ميلن ۾ ان جا وڏا ميڙ ڏسڻ ۾ اچن. ملهه وڙهڻ لاءِ ميدان جي سجڻ کان
مڙس جو ميدان ماري اچڻ تائين جا مرحلا ڏسڻ وٽان هوندا آهن.
