گوبند
پنجابي
سنڌي
ڪهاڻي جو پهريون ترقي پسند ليکڪ
حسيب ناياب منگي
۱۴ آگسٽ ۲۰۰۹ع واري
روزانه ڪوشش اخبار ۾ اها خبر پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ترقي پسند
ليکڪ گوبند پنجابي لاڏاڻو ڪري ويو“ سرڳواسي جو شمار سنڌ ۽ هند جي ناميارن
ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيندو هو، هو شڪارپوري هو ورهاڱي جي وڍن جو شڪار ته ٻين جيان هو به
ٿيو پر جلاوطن سڏرائڻ بدران هن جي من اندر اهو وشواس قائم رهيو جنهن جو اظهار به
پاڻ ڪري ويو هو ته ”جهڙي آيس جيئن، تهڙي وينديس تيڏانهن“!
