; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ابراھيم لاشاري، آصف نظاماڻي، دادا سنڌي،
Showing posts with label ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ابراھيم لاشاري، آصف نظاماڻي، دادا سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ابراھيم لاشاري، آصف نظاماڻي، دادا سنڌي،. Show all posts

07 June, 2018

ڊاڪٽر عطا محمد حامي

ڊاڪٽر عطا محمد حامي

ابراهيم  لاشاري



عشق سڏيو لبيڪ چئي دل پنهنجي لٽائي ويٺاسون

هوش حواس ۽ عقل جون پاڙون پاڻ پٽائي ويٺاسون

سنڌ امڙ جي ڪنهن به شهر، وستي، واهڻ، ڳوٺ، شهر تي ڌيان ڌربو ته هر هڪ هنڌ املهه ماڻڪ موتي پيو جرڪندي نظر ايندو سونهاري سنڌ جي خيرپور رياست ڏانهن نگاهه ڊوڙائبي ته ڪيترن ئي اديبن، عالمن، فاضل، محققن، شاعرن، اديبن، دانشورن جي موتين مالها لڙي ٽم ٽار لڳي پئي آهي اهڙو موتي داڻو ڳوٺ سوهو ڪناسرا جي نيڪ مرد انسان قائم الدين سوهو جي گهر ۾ سنڌي ادب جو جرڪندڙ ستارو ڊاڪٽر پروفيسر عطا محمد حامي پهرين جنوري سال ۱۹۱۹ع اربع جي سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل اکيون کوليون خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏجي جي ڳوٺ سوهو ڪناسرا جي پرائمري اسڪول کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته عطامحمد حامي جهڙي شخصيت ان پرائمري اسڪول منجهان والدين جي اسرار تي پڙهي پنج درجا پاس ڪيا، وڌيڪ تعليم جي سلسلي ۾ والدين کيس خيرپور شهر جي ناز هاءِ اسڪول منجهه داخل ڪرايو جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان سال ۱۹۴۱ع ڌاري بهترين نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو، عطامحمد حامي صاحب تعليم جي پروڙ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو جتان هن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جهڙي بهترين تعليمي اداري منجهان انٽرجو امتحان سال ۱۹۴۶ع ڌاري پاس ڪري ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد عطا محمد حامي صاحب سرڪاري ملازمت (پي ڊبليو ڊي) کاتي ۾ سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي ويو ٿوري عرصي دوران ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي درس تدريس جي شعبي سان ناتو لڳي ويس پوءِ هو پڙهائڻ لاءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي لقمان شاخ ۾ استاد ٿي پڙهائڻ لڳو ان کان علاوه هن فيض گنج، ۽ گمبٽ هاءِ اسڪولن ۾ پڻ پنهنجا فرض سر انجام ڏنا تنهن بعد عطا محمد حامي جون خدمتون وٺڻ لاءِ سندس (ٽرينگ ڪاليج فار مين) خيرپور ڏانهن بدلي ڪئي وئي جتي هو نهايت ايمانداري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، ان نوڪري سان سلهاڙيل هجڻ دوران هن ذهين انسان گريجوئيٽ، بي ٽي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جهڙيون ڊگريون پڻ حاصل ڪري سال ۱۹۵۳ع ڌاري هن سرڪاري نوڪري کي الوداع چئي استعيفي ڏئي نوڪري مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، عطا محمد حامي صاحب سياست کي اوليت ڏيندي سياست ۾ پير پاتو ۽ ڪوٽڏجي جي تڪ منجهان ميمبر ليجسليٽو اسمبلي جي حيثيت سان خيرپور رياست جي چونڊن ۾ حصو وٺي تمام وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيائين سال ۱۹۵۵ع ڌاري ون يونٽ لاڳو ٿيڻ بعد رياستي حيثيت ختم ٿي پئي جنهن سبب عطا محمد حامي جي ميمبرشپ (گل ٿي وئي) نه رهي، عطا محمد حامي وري تعليم کاتي سان سلهاڙجي سنڌي ادب جو هالا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو بعد ۾ بدلي ٿي وري ممتاز ڊگري ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار واري عهدي تي ڪم ڪندو رهيو، ڪجهه عرصي لاءِ سکر، شڪارپور، ۽ ٽنڊي محمد خان ڪاليجز ۾ به پنهنجا فرض اسٽنٽ پروفيسر طور ادا ڪندو رهيو عطامحمد حامي صاحب سال ۱۹۵۵ع ڌاري ايران، عراق، شام، ۽ بيت المقدس جون زيارتون پڻ ڪري آيو هو، عطا محمد حامي پاڻ هڪ بهترين نثر نويس پڻ هيو تنهن کان علاوه هي ناليوارو شاعر پڻ هيو شاعري جا گر پنهنجن استادن ۾ استاد غلام نبي  مخمور ۽ غلام علي احمد  نظاماڻي جن کان سکيا، سندس شاعري ۾ پهريان پهريان تخلص (عطا بعد ۾ گرامي ۽ پڇاڙي ۾وري حامي) اختيار ڪيائين عطا محمد حامي شاعري ۾ ڪهڙا نه سهڻا ٻول چئي ٻڌائي ٿو پاڻ چوي ٿو ته