; سنڌي شخصيتون: شاهه محمد ”ثاقب“ منگي، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label شاهه محمد ”ثاقب“ منگي، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label شاهه محمد ”ثاقب“ منگي، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

15 June, 2018

شاهه محمد ”ثاقب“ منگي


شاهه محمد ”ثاقب“ منگي
حسيب ناياب منگي
سنڌ جي وڏن ناليوارن اُستادن، شاعرن ۽ موسيقي جي ڄاڻن ۾ سندس شمار ته لاشڪ ٿيندو هو، پر هُو سنڌ جي انهن انسانن ۾ به ليکيو ٿي ويو جن کي شاهه لطيف رح جي ڪلام سان گهڻو چاهه هو. اُٿندي ويهندي سيدنا لطيف جي ڪلام مان مثال پيش ڪري ڀٽائي گهوٽ لاءِ چوندو هو ته “لطيف سائين نه صرف اسان جي موجوده دور پر صدين جو ترجمان آهي، هو پنهنجي ڪلام ۾ انسانيت جو درس ڏيندي زندگي جا راز ٿو سمجهائي”. ڀٽائي کيس گهڻو تڻو ياد هو. اهو اثر هجي به ته ڇو نه؟ جو شڪارپور ضلعي جي ماڻهن جو شاهه سائين سان بيحد پيار رهيو آهي. مجموعي طور تي شاهه ۽ سندس ڪلام تي شڪارپوري ڏاهن گهڻو ادبي ڪم ڪيو آهي.  شاهه جي رسالي جي ترتيب جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته عثمان علي انصاري ۽ عبدالغفار دائود پوٽي جو جنم ڀومي شڪارپور! جن رسالي کي منفرد انداز سان سهيڙي پاڻ مڃرايو. شاهه سائين جي ڪلام جو ترجمو هجي ته “سوم دت گاجرا” جو شاهه جي رسالي مان “سر ڪيڏاري” جو انگريزي ترجمو، ورهاڱي کان اڳ ڇپجي منظر عام تي آيو، “گنج” جو انگريزي ترجمو آغا محمد يعقوب خان ڪيو، آغا سليم جو انگريزي ترجمو به جڳ جي سامهون آيو ته شيخ اياز ۽ آغا سليم اردو ۾ ڀٽائي کي متعارف ڪرايو، نياز همايوني فارسي ۾ ڀٽائي جا ڪجهه سُر ترجمو ڪيا. تن سڀني جي جنم ڀومي اسان جي سڻڀي مٽيءَ واري شڪارپور آهي. مولانا دين محمد وفائي، مولانا عبدالڪريم چشتي، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ عبدالحي ميمڻ جا ڀلاري ڀٽائي تي ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سوين شڪارپوري قلم ڌڻين شاهه جي فن ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، نه صرف ايترو پر هتان جي اشاعتي ادارن شاهه سائين تي لاتعداد ڪتاب ڇپائي اهو واضع ڪيو آهي ته ڀٽائي جو اثر اسان تي ڪيڏو نه پيو آهي ۽ ان کي ڪيڏي نه ڪشادي دل سان اسان قبول به ڪيو آهي. اسان ته ڀٽائي جي پيغام کي جڳ ۾ عام ڪرڻ لاءِ سوين ورق ورائي، هزارين صفحا تحرير ڪيا آهن، ڀٽائي کي عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. کيئلداس “فاني” جهڙي طرح “نيوايرا هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ نورالدين سرڪي کان شاهه جا بيت انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي سڀ کي حيران ڪندو هو، تهڙي طرح ادبي محفلين ۾ يا عام ڪچهرين ۾ شڪارپور جي مشهور استاد ۽ شاعر سائين غلام نبي “مير” شاهه جي شعر جون سمجهاڻيون ڏئي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ته ڀٽائي جو پيغام ڪهڙو ۽ ڪيڏو نه وڏو آهي سي سمجهاڻيون پڻ اڄ تائين هتان جي شعوري شهرين کان وسريون ناهن اهڙي طرح سائين شاهه محمد “ثاقب” جو لطيف سائين سان اُنس انهن ماڻهن کان ڪڏهن نه وسريو هوندو جن کي منگي صاحب ڪچهري جو قرب حاصل ٿيو هوندو.