; سنڌي شخصيتون: نور الهديٰ شاهه، مدثر کهاوڙ، نعيم ملڪ، وسعت اللہ خان، غلام حسين خاصخيلي، حسين ڪپري،
Showing posts with label نور الهديٰ شاهه، مدثر کهاوڙ، نعيم ملڪ، وسعت اللہ خان، غلام حسين خاصخيلي، حسين ڪپري،. Show all posts
Showing posts with label نور الهديٰ شاهه، مدثر کهاوڙ، نعيم ملڪ، وسعت اللہ خان، غلام حسين خاصخيلي، حسين ڪپري،. Show all posts

13 June, 2018

رسول بخش پليجو - ۱


رسول بخش پليجو
ضمير جي ڪوٽ لکپت جو قيدي رسول بخش پليجو زندگي جي جنگ هارائي ويو، سنڌ سوڳوار
حيدرآباد/ ڪراچي/ ٺٽو (رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي/ ضياءُ قريشي/ لطيف ميمڻ) سنڌ جو مهان دانشور، سياستدان عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو ۸۸ سالن جي ڄمار ۾ ساهه جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جي بيماري سبب ڪراچي ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رسول بخش پليجو جي مڙهه کي ڪلفٽن جي اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو جتان مڙهه کي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ پهچائي اڄ جمعي جي ڏينهن سندس مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي جي خبر ملڻ تي سڄي سنڌ سوڳ واري بڻجي وئي. عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي. رسول پليجو جي لاڏاڻي تي عوامي تحريڪ طرفان سڄي سنڌ ۾ ۴۰ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي عوامي تحريڪ طرفان به سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رسول بخش پليجو ڪجهه کان بيماري سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو ڊاڪٽر طرفان سندس علاج ڪيو پي ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو ۽ رسول بخش پليجو هميشه هميشه جي لاءِ سنڌ کي الوداع چئي سنڌ کان موڪلائي ويو. عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي اعلان ڪيو آهي ته عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي ۴۰ ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو ۽ سموريون سياسي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. قومي عوامي تحريڪ طرفان به رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي ۱۵ ڏينهن سوڳو جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو چيو ته عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ ۱۵ ڏينهن سوڳ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي سياستدانن، اديبن، دانشورن رسول بخش پليجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. رسول بخش پليجو ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين غلام قادر پليجو جو ڀاءُ هو ۽ پ پ سينيٽر سسئي پليجو جو چاچو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه، جي ڊي اي جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جو والد هو.

(ڏيھاڙي عبرت جي مھڙئين صفحي تان کنيل بتاريخ ۰۸ جون ۲۰۱۸ع)