; سنڌي شخصيتون: اسحاق راهي،
Showing posts with label اسحاق راهي،. Show all posts
Showing posts with label اسحاق راهي،. Show all posts

13 June, 2018

اسحاق راهي


اسحاق راهي
 گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪلام جو شاعر.
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
ناميارو شاعر ۽ اديب اسحاق راهي ۶ جون ۱۹۹۴ع تي ادبي مجلسن، ميڙاڪن ۽ ڪچهرين کي ويران ڪري، دوستن کي روئندو ڇڏي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس اوچتي جدائيءَ سان سنڌي ادب، خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. اسحاق راهي پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي سلسلي ۾ فني تجربا ڪيا. ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ راهي صاحب کي چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ جڳهه ملي ۽ فني لحاظ کان سنڌي شاعريءَ ۾ انفرادي مقام ماڻيو. اسحاق راهي جو پورو نالو محمد اسحاق سومرو ولد محمد صالح سومرو هو. سندس  جنم ميهڙ ۾ ۹ اپريل ۱۹۳۵ع تي ٿيو. سندس وڏا ڪنڊياري تعلقي جي بکري ڳوٺ جا رهاڪو هئا ۽ زماني جي گردش سبب ميهڙ اچي آباد ٿيا. راهي صاحب پرائمري تعليم ميهڙ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي، پهريون ۽ ٻيو درجو کيس سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، نقاد، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي  پڙهايو، جو ان وقت ميهڙ ۾ استاد هو. ان طرح مئٽرڪ ميهڙ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ڏهون درجو کيس سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور اديب، دانشور، محقق، مترجم سائين م ن محزون (محمد نواز ڀٽي) پڙهايو. پاڻ پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي سروس جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، جتي آخر تائين ميهڙ ۾ فيلڊ اسسٽنٽ هو. هو ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾ بزمِ لطيف نصير آباد جو جنرل سيڪريٽري، بزم اڪبر ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري،  جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌ ڪلچر ڪائونسل ضلعي دادو جو آرگنائيزر ۽ حيدرآٻاد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ خيرپور ناٿن شاهه جو نائب صدر، بزم صرير پنهور ميهڙ جو سرپرست اعليٰ، سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر، رابيل شر ادبي فورم ميهڙ جو ميمبر، بزم گرامي ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ ٻين سماجي تنظيمن سان وابسته رهيو. راهي صاحب کي شاعريءَ جو شوق ۱۹۵۶ع ۾ جاڳيو ۽ ان وقت جتي به مشاعرا ٿيندا هئا، اتي وڃي شريڪ ٿيندو هو. نامياري شاعر نشتر ناٿن شاهي جي صحبت ۾ ان شوق ۾ واڌارو ٿيو. ان طرح مولانا غلام محمد گرامي، ٽماهي مهراڻ وسيلي راهي صاحب جي شاعريءَ ۾ رهنمائي ۽ رهبري ڪئي. راهي صاحب جي ڪلام ۾ جماليات ۽ سوزو گداز سان گڏ ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۽ معاملن جي ترجماني موجود آهي. سندس ٻولي سادي، مٺي ۽ من موهيندڙ آهي. کيس شاعريءَ جي تقريباً سڀني صنفن تي دسترس حاصل هئي. سندس انداز بيان ۾ اصليت ۽ صداقت جا نماڻا ۽ سٻاجهڙا عنصر موجود آهن، جي پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. اسٽيج تي ڪلام پڙهڻ جو سندس ڍنگ به نهايت منفرد هو. سندس انداز بيان محفل ۽ سامعين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو هو. سندس ڪلام سريلو ۽ مترنم آهي. ان ڪري ترنم سان پڙهڻ ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور ڪيفيتون ٿو پيدا ڪري. سندس ڪلام ۾ بي پناهه سادگي ۽ رواني آهي. ان ڪلام جي مطالعي مان سندس فني پختگي ۽ قادر الڪلامي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. راهي صاحب سڄي عمر خاموش علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي گذاري. هو ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت قربائتو. خوش مزاج، سادگي پسند، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور هو. سندس ڪلام سنڌيءَ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهي، خاص طور تي ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيندو رهيو ۽ وقت بوقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور، ڪراچي ۽ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تان پڻ نشر ٿيندو رهيو آهي. اسحاق راهي پاڻ هڪ اشاعتي اداري “سرمد پبليڪيشن” ميهڙ جو بنياد وجهي ان اداري پاران علامه مستاني سيوهاڻي (رحمت الله ابڙو) جو ناول “ٻير جي ڍنگهري” ۽ هڪ سئو اديبن ۽ شاعرن جي سوانح عمرين تي مشتمل ڪتاب “وڻجارا” ڇپرايا. سندس وڇوڙي جي سترهن سالن بعد سنڌي ادبي سنگت ميهڙ اسحاق راهي جو پهريون شعري مجموعو “مگر تون مان نه هونداسين” ڇپرائي هڪڙو فرض نڀايو ۽ قرض ادا ڪيو آهي. سندس ڪتاب تي برک شاعر عنايت بلوچ، تاج جويو، جوهر بروهي، احمد خان مدهوش، امتياز عادل سومرو، شيخ اسحاق دانش، ادل سومرو ۽ آزاد انور ڪانڌڙو به ٻه اکر لکيا آهن.