عتيق الله چنجڻي
مثالي اُستاد
حفيظ چانڊيو
موت ۽ زندگي، هڪ ئي وقت جنم وٺن
ٿا. ٻئي زمان ۽ مڪان جي پيچري تي،
وجود جي صورت ۾ ڍُرڪندا، پنهنجي ابدي منزل ڏانهن روانا
ٿين ٿا. پوءِ اهو وجود تي منحصر آهي ته هُو،
پنهنجي منزل ڪهڙي ٿو طئي ڪري. هُو موت جو هم رقاب ٿي پاڻ کي فنا جي حوالي ٿو ڪري
يا زندگيءَ کي معنيٰ ڏئي، پاڻ کي ابدي زندگي بخشي،
امر ٿي وڃي ٿو. اهو ۲۲ هين جنوري ۱۹۸۶ع جو ڏينهن هيو جڏهن تعلقي وارهه جي تاريخي ڳوٺ ميانداد
خان چنجڻيءَ ۾ الائي ڪيترن سڃاڻوند ماڻهن جون اکيون پنهنجي محبوب، همدرد ۽ بي مثال
ڪردار جي مالڪ سائين عتيق الله چنجڻيءَ جي آخري ديدار لاءِ
آتيون هيون، جنهن پنهنجي سموري زندگيءَ جا سڀئي روشن ڏينهن تعلقي وارهه جي عوام جي
تعليم لاءِ پير پٿون ڪيا، ان ڏينهن سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي رهواسين کان ڪراچيءَ جي جناح اسپتال هڪ مثالي ڪردار جهڙو محبوب استاد کسي ورتو
جنهن جي وڇوڙي کي اڄ ۳۱ سال گذري چڪا آهن پر پوءِ به هو مثالي استاد،
سماج سيوڪ پنهنجي شاگردن، عزيزن، علائقي واسين جي دلين
۾اڄ به زندهه آهي. اڄ به سندس هزارين شاگرد، عزيز ۽ ڳوٺ وارا سندس ڪيل سماجي خدمتن
۽ علم جي واڌاري لاءِ ڪيل غير معمولي خدمتن سبب کيس وساري ناهن سگهيا، استاد عتيق الله
چنجڻيءَ جنهن پنهنجي بهترين اخلاق سٺي، نماڻي، شفيق
طبعيت ۽ سماج ۾ ادا ڪيل نرالي انداز سبب تعلقي
وارهه توڙي ٻين ضلعن جي ماڻهن جي دلين ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾وڏي جاءِ ٺاهي ورتي هئي،
جنهن ڪري کيس سڀني حلقن ۾ عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، سنڌ جي تاريخ ۾
اهڙن فرد جي ڪردار تي لکڻ توڙي سندن يادگيرين کي روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت
آهي.
