; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ديدار سولنگي - هدن جيسر

08 September, 2016

پروفيسر ديدار سولنگي - هدن جيسر

پروفيسر ديدار سولنگي
سنڌ جو عاشق محقق
هدن جيسر
12 فيبروري 1960 جي ٿڌن مٺن ڏينهن ۾ ڏوڪري جي شهر جي پورهيت مرد در محمد سولنگي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ عاشق حسين سولنگي جڏهن هن دنيا ۾ اک کولي ته هن پورهيت پيءُ جي هٿن ۾ پرورش ۽ تربيت ورتي. ابتدائي تعليم ڏوڪري، ثانوي تعليم لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۽ اعلي تعليم شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ واري عرصي دوران هو پنهنجي پورهيت پيءُ سان گڏ پورهيو به ڪندو رهندو هو. 1983ع ۾ کيس سرڪاري طور پرائمري ماستري جي نوڪري ملي. جنهن دوران هن علمي ادبي سرگرميون پڻ جاري رکيون. شاگرديءَ واري دور ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيدريشن ۾ شامل ٿيو. عملي زندگي ۾ اچڻ کان پوءِ وطن دوست انقلابي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1985ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي نظرئي کان متاثر ٿيو. گهڻ رخي مطالعي جي ڪري پاڻ ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ دانشوراڻي انداز ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جو تجزيو ڪندو هو. 1985 کان 1988 تائين سوشلسٽ نظرئي جي پرچارڪ جي حيثيت سان اسٽڊي سرڪلن جا ڪلاس وٺندو هو. 1987ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو. جنهن دوران پاڻ اڻ-ٿڪ محنت ڪري ڏوڪري ۾ ادبي سرگرميون جاري رکيون. سال 1989ع ۾ علم سياسيات ۾ ايم اي پاس ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پاڻ هڪ جفاڪش سياسي ڪارڪن، گهڻ رُخي مطالعي جو شوقين شاگرد، سماجي خدمتن جي جذبي سان سرشار انسان جي حيثيت سان عملي ميدان ۾ پير پاتو ته عاشق سولنگي مان ادبي، سياسي، سماجي ۽ علمي حلقن ۾ ديدار سولنگي جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو.


1991ع ۾ مقابلي واري امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊگري ڪاليج نصيرآباد ۾ علم سياست جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ڏوڪري شهر جي غريب ۽ اهل شاگردن جي تعليمي سهائتا لاءِ انڊس ڪوچنگ سينٽر پڻ هلايو. جنهن ۾ شاگردن جي تعليمي سهائتا سان گڏوگڏ مالي مدد پڻ ڪندو هو. ڪتاب، قلم، يونيفارم، اسڪول في، امتحاني في، ايسيتائين جو ڪميشن جي تياري ڪندڙ شاگردن جي پڻ مدد ڪندو رهندو هو. پاڻ هزارين لائق شاگرد پيدا ڪيا. سماجي ڀلائي ۽ خدمتن جي جذبي تحت ئي پاڻ شاه لطيف سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن ڏيرا جا صدر ۽ موهن جي دڙو سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن ڏوڪري جا نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ٿي رهيا. جتي پاڻ فلاحي ۽ سماجي ڪمن سان گڏ عام ماڻهن جي تعليمي سهائتا پڻ ڪندو رهندو هو. 2003ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيا. علم سياست جي شاگرد هجڻ جي ناتي سنڌ جي سياست ۾ انتهائي دلچسپي رکندڙ هئا. جنهن جو مثال سندن سالن کان وٺي سنڌ هاري ڪاميٽي تي ڪيل تحقيق آهي. پاڻ 29 ڊسمبر 2002ع کان 18 اپريل 2003ع تائين چئن مهينن جي لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ٻيهر سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن بعد ذاتي مصروفيتن سبب استعفيٰ ڏنائين. اپريل 2005ع ۾ حيدر بخش جتوئي ڊگري ڪاليج ڏوڪري جو پرنسيپال مقرر ٿيو. 2006ع ۾ شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان “سنڌ هاري ڪاميٽي، تاريخ ۽ جدوجهد” جي عنوان هيٺ مقالو لکي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي. جيئن ئي سندس ايم فل جي ڊگري مڪمل ٿي ته سال 2007ع جي جنوري ۾ هن پنهنجي مقالي کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو. لب درياءُ هسٽا ريڪل سوسائٽي جي طرفان ڇپايل ڪتاب “سنڌ هاري ڪاميٽي تاريخ ۽ جدوجهد” 192 صفحن جو اهو تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي پڙهي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين ديدار سولنگي صاحب ڪيڏي وڏي مشقت ڪري اهو تحقيقي ڪم ڪيو هوندو. جنهن تحقيق تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب “لاڀائتي تحقيق” جو ٺپو هڻي مستند سند پڻ ڏني آهي. سندس ڪتاب کي سال جو بۡهترين ڪتاب جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان 2009ع ۾ قاضي فيض محمد ايوارڊ پڻ ڏنو هو. جيڪا تقريب ڀٽ شاهه تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي ڪوششن سان ٿي هئي.
روس ۾ سوشلسٽ فڪر جي بنياد تي ٺهيل سماجي ڍانچي جي زوال پذيري کان پوءِ سنڌ جا سرخا ڪي اين جي او ۾ ته ڪي مسجدن ۾ ته ڪي اقتداري ڌرين جي چائنٺن تي سر بسجود ٿيا پر سائين ديدار سولنگي صاحب پنهنجون پاڙون موهن دڙي جي انهيءَ مٽي جي خوشحالي ۽ آزادي ۾ کوڙيون جتان هو ڄائو ۽ نپنو هو. پاڻ مڪمل طور تي سنڌ ڌرتي جي خوشحالي ۽ آزادي واري فڪر سان واڳجي ويو. آخري وقت تائين سن ۽ سنڌ جو وڏو پرچارڪ ۽ همدرد رهيو. هن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي مان سمجهي ورتو هو ته سوشلسٽ فڪر وارن وٽ سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي وارو خواب مبهم هئو. اهو ئي سبب هو جو هو پنهنجي لکيڻن، مضمونن، تقرير ۽ تحرير ۾ هميشه سنڌ-پرست رهندو آيو. قومي تحريڪ جي ڪهڙي به ڌر تي رياستي تشدد ۽ جبر ٿيندو هو ته پاڻ هڙان وڙان انهن قومي ڪارڪنن جو ٻانهن ٻيلي مددگار ٿيندو هو. پاڻ هر جگهه تي سنڌ جي خوشحالي واري خواب جو چٽو موقف رکندو هو. جنهن جي ڪري پنهنجي زندگي ۾ ڪيئي ڀيرا روپوش به رهيو ته سنت يوسفيءَ تي به عمل پيرا رهيو. پورهيت پيءُ جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ کان وٺي پرنسيپال جي عهدي تائين، شاگرد سياست کان وٺي قومي تحريڪ جي سياست تائين ۽ نجي زندگي ۾ پاڻ هر وقت حالتِ جنگ ۾ رهيو. جنهن ڪري سندس صحت تي پڻ ناڪاري اثر پوڻ لڳا.
سال 2015ع جي شروع ۾ حڪيمن جي هٿن ۾ وڃي پيو. طبيبن جي تپاس کان پوءِ خبر پين ته سندس رتُ ۽ هڏن ۾ سرطان (ڪينسر) جهڙو موذي مرض گهر ڪري ويو آهي. جنهن جي ڪري سندس بڪين به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.
جولاءِ 2015 جي هڪ ڏينهن ڪڊني سينٽر ڪراچي ۾ ساڻن منهنجي ملاقات ٿي ته پاڻ اهو ئي ارڏو ۽ فڪري طور مضبوط ماڻهو لڳو. موڪلائڻ مھل ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري چيائين “سنگت کي چئجو ته ڪم کي لڳا پيا هجن”. ڪڊني سينٽر ڪراچي جي ويڄن جا وس نه هليا ته لياقت نيشنل هاسپيٽل ڪراچي جي طبيبن وٽ ترسيو پر اتي به موت سندس پيڇو نه ڇڏيو.
03 سيپٽمبر 2015ع تي 55 سالن جي عمر ۾ سندس ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سندس لائق اولاد ۾ 5 نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهن. جن جي تربيت ۽ پرورش پڻ اهڙي ئي ڪئي آهي جهڙي سندس پورهيت پيءُ ڪئي هئي.
03 سيمٽمبر تي کيس اسان کان وڇڙئي پورو هڪ سال ٿي ويندو. سال جي هر پل سندس جي ياد ڀٽائي جي بيت جيان هينئين ۾ هرندي رهي آهي ته؛
چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وسارِيان نه وِسرن؛
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي هَڏَ جيئن.
شاھ سائين



روزانه : عوامي آواز، تاريخ: 3 سيپٽمبر 2016ع

No comments:

راءِ ڏيندا