; سنڌي شخصيتون: فاطمه ثريا بجيه - ارشاد ڪاغذي

02 September, 2016

فاطمه ثريا بجيه - ارشاد ڪاغذي

فاطمه ثريا بجيه
معروف ليکڪه
ارشاد ڪاغذي
فاطمه ثريا بجيه اردو نامور ناول نويس، ڊرامه نگار ۽ سماجي شخصيت 10 فيبروري تي 86 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ همت، شفقت، محبت ۽ محنت جي پيڪر هئي. هن جي لاڏاڻي سان جديد ڊرامي جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هن پي ٽي وي ۾ ڪيئي مشهور ڊراما لکيا ۽ گنگا جمنائي تهذيب جي ڇاپ هڻي اردو ادب، تهذيب ۽ ثقافت جو بول بالا ڪيو. هونئن به اصل ۾ هوءَ حيدرآباد دکن جي هندستاني تهذيب جي وارث هئي ۽ وچولي گھراڻي سان تعلق رکڻ جي ڪري ڪنهن به اسڪول ۾ باقاعده تعليم حاصل ڪري ڪونه سگھي، ان جا سبب ڪهڙا به هجن، پر هڪ سبب هوءَ پاڻ ٻڌائي ٿي ته: ”آئون ڪڏهن به اسڪول پڙهڻ نـ ويس، پر منهنجي وڏڙن گھر ۾ تعليم ڏياري، هڪ استاد گھر ۾ سڀ سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، حيدرآباد دکن ۾ ڪيئي سٺا اسڪول هئا، جهڙوڪ: سينٽ جوزف، ان اسڪول ۾ امراءُ شرفا جون لاڏليون نينگريون پڙهنديون هيون، جيڪي نوابن ۽ جاگيردارن جو اولاد هيون. هن اسڪول جي في 20 روپيا هئي، جيتوڻيڪ منهنجو ڏاڏو ايتري في ڀري سگھيو پئي، پر هن جو خيال هو ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ سان ۽ اميرن جي ٻارن سان رهڻ جي ڪري احساس محرومي جو احساس پيدا ٿيندو، تنهن ڪري گھر ۾ تعليم حاصل ڪري سگھيس.“


ورهاڱي بعد باجي فاطمه ثريا بجيه جو خاندان حيدرآباد دکن کان ڪراچي هجرت ڪري آيو، هوءَ 9 ڀاتين ۾ سڀ کان وڏي ڀيڻ هئي ۽ ڪراچي ۾ 1952ع تي هن جي شادي ٿي، پر هن مڙس جو گھر ڇڏي پنهنجي ڀائرن جي تعليم، تربيت ۽ پالنا جي ذميواري کنئي ۽ پنهنجي سموري خاندان کي پيرن تي بيهاريو. هوءَ غيرمعمولي شخصيت جي مالڪ هئي، محنت، شفقت، محبت سان پنهنجو نالو روشن ڪيو. پاڪستان ۾ جڏهن کان ٽي وي جو بنياد پيو ته هن ان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پي ٽي وي جي شروعات کان ڪم ڪيو ۽ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ۽ هن جا ڊراما گھڻا مشهور ٿيا. اهي ڊراما اردو ۽ گنگا جمنائي تهذيب جي عڪاسي ڪن ٿا. ضياءَ جي ڪاري دور ۾ جڏهن رئي تي زور ڏنو ويو ته فاطمه اسلامي تهذيب جو سهارو وٺندي هندستاني تهذيب جي اوت اوتان ڪئي. ان کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته بجيه جي ڊرامن ۽ تحريرن ثابت ڪيو ته ادب واقعي زندگي جو آئينو آهي ۽ سندس ڊرامن ۾ اهڙا رنگ، چٽ ۽ منظر يادگار آهن. شمع، افشان، عروسه، آگاهي، زينت ڊراما گھڻا مشهور ۽ پسند ڪيا ويا. هن جي محنت، جفاڪشي ۽ همت ۽ حوصلو ئي هو، جنهن جي ڪري فاطمه ثريا بجيه اعليٰ مقام تي پهتي ۽ خاندان جا ٻيا فرد به وڏن عهدن تي رسيا. هن جو ڪم زبردست هو ۽ هوءَ فطري قابليت، لياقت ۽ خداداد صلاحيتن جي مالڪ هئي. ان ڪارڻ هن جلدي ترقي ڪئي ۽ ان جي صلي ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو سول ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، هلالِ پاڪستان ايوارڊ، ان کان علاوه جاپان جو وڏو سول ايوارڊ ۽ ڪيئي ملڪي ۽ غيرملڪي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.
فاطمه ثريا بجيه جي وفات بعد هن جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”بجيه اسان سڀني جي ماءُ هئي ۽ هن اسان کي ماءُ وانگر پاليو ۽ نپايو.“ انور مقصود گھڻو ڏکارو هو ۽ هن وڌيڪ چيو ته ”بجيه نه فقط اسان کي ۽ پوري خاندان کي سوڳوار ڇڏي وئي، پر سوين ۽ هزارين مداح پڻ ڏکايل آهن.“ پنهنجي وڏڙن جي وفات بعد بجيه پنهنجي ڪهول کي پاليو، سٺي تعليم، تربيت ۽ روزگار جو بندوبست ڪيو ۽ انهن مختلف شعبن فن ۽ ثقافت ۾ نمايان ڪارڪردگي ڪندي نالو ڪمايو. هن جو ڀاءُ انور مقصود باصلاحيت ٽي وي ۽ ٿيئٽر جو ليکڪ، صداڪار، اداڪار، هدايتڪار ۽ مزاح جو هر فن مولا مشهور شخصيت آهي، هن جي هڪ ڀيڻ زهره نگاهه شاعر ۽ ٻي ڀيڻ کاڌي رڌڻ جي ماهر آهي. بجيه پي ٽي وي تي ڊراما لکڻ کان علاوه ڪيترا ئي ٻيا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام به ڪيا ۽ اوراق نالي هڪ ادبي پروگرام جيڪو ٻه سال اڳ نشر ٿيو، تنهن ۾ جدت ۽ نوان خيال ۽ لاڙا متعارف ڪرايا. حصرت امير خسرو جي گيتن کي شادي جي سهرن ۾ فلمائي ادب جي ناقدين کي حيران ڪري ڇڏيو. بجيه ان بابت دعويٰ ڪئي ته اهي امير خسرو جا گيت آهن .” مان هِتان هُتان امير خسرو جا گيت ڳولي ڦولي هٿ ڪيا، ڪٿان هڪ سِٽ ملي، ڪٿان ڪو شعر هٿ چڙهيو، ڪٿان وري بند يا مصرع، سڀ گڏائي مڪمل گيت ٺاهي ورتا. ان وقت جي ثقافت جو گھرو مطالعو ڪري صوفين سنتن جي لفظن، اسلوب ۽ ڍنگ کي پروڙي ورتو.“
فاطمه ثريا بجيه پنهنجي ڪم کي جاري رکندي مختلف ماڻهن کان ڪيترائي گيت حاصل ڪيا ۽ انهن جو مطالعو ۽ جاچ ڪري ان بعد ان کي پي ٽي وي تي نشر ڪيو. هوءَ هڪ واقعو ٻڌائي ٿي ته: ”مان چند اشعار ڪنجن (مهناز جي ماءُ) کان ورتا، هن کي ڪا خبر نه هئي ته هي امير خسرو جا لکيل آهن. مان لالو کيت ۾ هڪ ڪراڙي شخص وٽ ويس، جنهن وٽ امير خسرو جا شعر ڪپڙي جي ٻوري تي لکيل هئا. هن بيمار پوڙهي ٿُلهي ڪپڙي جي ٻوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر مان شعرن جا ڪجهه حصا نوٽ ڪري ورتا. مان ڇا ڪريان، خسرو خوبصورت شاعر هو ۽ مان هن کي بيحد پسند ڪندي آهيان.“ هوءَ امير خسرو کي دل جي گھراين سان چاهيندي هئي ۽ ان ڪري هن صوفيت جو گھرو مطالعو ڪيو. ”صوفي ٺاهه ٺوهه ۽ ڪپڙي لٽي جا شوقين ناهن هوندا. عام ماڻهن سان هڪ جهوپڙي ۾ سادگي سان پنهنجي زندگي گذاريندا آهن، پر صاف سٿرا رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ ٻين لاءِ سٺو مثال قائم ڪندا آهن.“
فاطمه ثريا بجيه پنهنجي گھر م اڪيلي رهندي هئي، وڏي عمر جي هوندي هوءَ ٻين وٽ رهڻ پسند ڪونه ڪندي هئي. ان باري ۾ هن جو خيال آهي ته جيئن ته منهنجي عمر وڏي آهي ۽ منهنجا طور طريقا به الڳ ۽ مختلف آهن، تنهن ڪري ڪنهن ٻئي کي تڪليف يا وري ڪنهن کي پريشان ڪرڻ نٿي چاهيان ۽ پاڻ سڪون سان رهڻ گھران ٿي. بجيه گھڻي محنت ڪئي ۽ هوءَ ٻين جو به قدر ڪندي هئي، خاص ڪري انهن ماڻهن جو جيڪي باصلاحيت هوندا آهن. هو هندستان کان هتي اچڻ نه پيا گھرن، پر ڀارت جي  فوج 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ حيدرآباد دکن تي چڙهائي ڪري قبضو ڪيو، ان ڏينهن جنهن ڏينهن تي قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو هو. تنهن ڪري بجيه  جو خاندان 18سيپٽمبر 1948ع تي ڪراچي هجرت ڪري آيو ۽ اتي رهائش اختيار ڪئي. هتي رهڻ دوران بجيه پنهنجي ڀائرن جي پرگھور لڌي، هن جي جدوجهد ۽ مشڪل حالتن ۾ هٿ پير هڻڻ جي هڪ ڊگھي ڪهاڻي آهي، جهڙي طرح هن زندگي جي ڊڪ ڊوڙ شروع ڪئي سا هڪ عورت جي وس جي ڳالهه ناهي، پر هن پنهنجي خاندان جي ڀاتين کي ڌڳ تي لاٿو ۽ هڪ نالو پيدا ڪيو. فاطمه ثريا بجيه زندگي جي آخري گھڙين ۾ ڳلي جي ڪينسر جي ڪري عليل ٿي پئي، پر بجيه موذي مرض سان به مڙس ٿي مقابلو ڪيو ۽ 86 سالن جي ڊگھي ڄمار تائين گھمندي ڦرندي رهي، پر آخرڪار 10 فيبروري جو لاڏاڻو ڪري وئي، فاطمه ثريا بجيه جي وفات سان هڪ عهد جي به پڄاڻي ٿي.
ڪتابِ عمر ڪا اڪ اور باب ختم هوا،

شباب ختم هوا، اڪ عذاب ختم هوا (منير نيازي)

No comments:

راءِ ڏيندا