; سنڌي شخصيتون: فاطمه ثريا بجيه، معروف، ليکڪه، ارشاد، ڪاغذي،
Showing posts with label فاطمه ثريا بجيه، معروف، ليکڪه، ارشاد، ڪاغذي،. Show all posts
Showing posts with label فاطمه ثريا بجيه، معروف، ليکڪه، ارشاد، ڪاغذي،. Show all posts

02 September, 2016

فاطمه ثريا بجيه - ارشاد ڪاغذي

فاطمه ثريا بجيه
معروف ليکڪه
ارشاد ڪاغذي
فاطمه ثريا بجيه اردو نامور ناول نويس، ڊرامه نگار ۽ سماجي شخصيت 10 فيبروري تي 86 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ همت، شفقت، محبت ۽ محنت جي پيڪر هئي. هن جي لاڏاڻي سان جديد ڊرامي جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هن پي ٽي وي ۾ ڪيئي مشهور ڊراما لکيا ۽ گنگا جمنائي تهذيب جي ڇاپ هڻي اردو ادب، تهذيب ۽ ثقافت جو بول بالا ڪيو. هونئن به اصل ۾ هوءَ حيدرآباد دکن جي هندستاني تهذيب جي وارث هئي ۽ وچولي گھراڻي سان تعلق رکڻ جي ڪري ڪنهن به اسڪول ۾ باقاعده تعليم حاصل ڪري ڪونه سگھي، ان جا سبب ڪهڙا به هجن، پر هڪ سبب هوءَ پاڻ ٻڌائي ٿي ته: ”آئون ڪڏهن به اسڪول پڙهڻ نـ ويس، پر منهنجي وڏڙن گھر ۾ تعليم ڏياري، هڪ استاد گھر ۾ سڀ سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، حيدرآباد دکن ۾ ڪيئي سٺا اسڪول هئا، جهڙوڪ: سينٽ جوزف، ان اسڪول ۾ امراءُ شرفا جون لاڏليون نينگريون پڙهنديون هيون، جيڪي نوابن ۽ جاگيردارن جو اولاد هيون. هن اسڪول جي في 20 روپيا هئي، جيتوڻيڪ منهنجو ڏاڏو ايتري في ڀري سگھيو پئي، پر هن جو خيال هو ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ سان ۽ اميرن جي ٻارن سان رهڻ جي ڪري احساس محرومي جو احساس پيدا ٿيندو، تنهن ڪري گھر ۾ تعليم حاصل ڪري سگھيس.“