اسرار شام
ٻارن جو مسيحا
عيسيٰ ميمڻ
ڏاهپ جتي انساني زندگي لاءِ
لازم ملزوم آهي اتي ڏاهپ، ڏکن/ دردن جو سبب به بڻجي ٿي. جڏهن ڏاهپ انسان کي پنھنجي
ذات کان ٻاهر ڪڍي عالم انسانيت جو درس ڏئي ٿي، تڏهن سڄي انسانذات جا ڏکَ درد هر
ڏاهي ماڻهوءَ ۾ بيچيني پيدا ڪن ٿا. انھيءَ بيچينيءَ ۾ راحت به آهي ته پيڙا به آهي.
جيئن لطيف چيو ته؛ ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏسن.“ جڏهن ماڻهو ڀورو آهي ته
ڀورائي ۾ ڀال ڪري ٿو پر پوءِ جيئن سمجهه جو دائرو وڌي ٿو تڏهن ذميواريءَ جو دائرو
به وڌي ٿو ته ڏکن جو دائرو به وسيع ٿئي ٿو. هر باشعور ماڻهو ان پيڙا مان گذري ٿو ۽
اها پيڙا ئي آهي جيڪا هر باشعور ماڻهوءَ کي تاريخ بڻائي ٿي. هڪ اهڙي پيڙا مان ئي
گذرندڙ سنڌ جي تاريخ جو انمول هيرو اسرار شام به آهي، جنھن پنھنجي شعور جي سفر ۾
ڌرتيءَ جي خوبصورت تخليق ٻارن جي ذهني نشو و نما ۾ وقف ڪري ڇڏي.
اسرار شام جيڪو پنھنجي ذات ۾ هڪ
اداري جي حيثيت رکندو هو، تنهن پنھنجي زندگيءَ جون سڀئي بھارون، جوانيءَ جا
خوبصورت لمحا، توڙي زندگيءَ جا آخري ڏينھن، ٻارن جي مسيحائي ڪندي گذاري ڇڏيا. ٻار،
جيڪو هن ڌرتيءَ تي جڏهن جنم وٺي ٿو، تڏهن ڄڻ ڌرتيءَ تي هڪ نئين ”اميد“ جو جنم ٿئي
ٿو. اها اميد انسان ذات جي اتساهه جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. ان ڪري دنيا جي هر خطي
۾ رهندڙ ماڻهو، ٻارن جي پرورش تي سڀ کان وڌ پئسي، وقت ۽ صلاحيت جي سيڙپ ڪندا آهن.
پر اسان جي سماج ۾ ٻارن جي پرورش ڪڏهن به بنيادي ۽ پھرين ترجيح نه رهي آهي. نتيجي
طور تي، جڏهن ٻار کي مثبت ۽ بھتر تربيت ۽ تعليم نه ٿي ملي ته اهو ٻار، سماج جي
منفي قوتن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ سماج وڌيڪ ڀڃ ڊاهه جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. اسرار شام
ان سوچ کي سامھون رکي، شعوري طور تي فيصلو ڪيو ته؛ ٻارن جي ذهني نشو و نما لاءِ
پنھنجي حصي کان به وڌيڪ ڪم ڪيو.
هن جڏهن 1988ع ۾ ٻارن لاءِ
”سنڌي ٻارڙا“ رسالو جاري ڪيو هو، تڏهن هن وک کي، ان وقت ڪنھن به خاص اهميت جي نظر
سان نه ڏٺو هو. پر هن ”سنڌي ٻارڙا“ رسالي جي معرفت، سنڌ جي ٻارن سان سڌيءَ ريت
مخاطب ٿيڻ جو، بھترين موقعو حاصل ڪري ورتو هو. هن نه صرف رسالي جي معرفت ٻارن لاءِ
ڪھاڻيون، مضمون، شاعري وغيره شايع ڪري تربيت پئي ڪئي پر هن ٻارن کي ڊگها ۽ تفصيلي
خط پڻ لکيا. انھن خطن جو تعداد ٻه لک کان مٿي وڃي بيھندو. هن، انھن خطن ذريعي جيڪي
ٻارن کي زندگي گذارڻ جا سبق پئي ڏنا، اهي سنڌ ۾ فڪري شعور پکيڙڻ ۾ بنياد جي حيثيت
رکن ٿا. اڄ سنڌي ادب ۾ ڪيترا ئي سگهارا نالا، اسرار شام جي انھن نصيحت ڀرين خطن جي
تربيت جي پـيداوار آهن. سنڌ سميت، سڄي دنيا ۾ آءٌ دعوى سان چوان ٿو ته؛ ايتري
تعداد ۾ ٻارن کي خط ڪنھن به نه لکيا آهن، جيڪي اسرار شام لکيا. جيڪڏهن اهي سڀ خط،
گڏي ڇپايا وڃن، اهي خود تاريخ جو ھڪ وڏو انمول حصو بڻجي ويندا. هن سان جڏهن 13-جون
2013ع ۾ حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي هئي، تڏهن هن بار بار چيو پئي ته؛ اهي منھنجا تو ڏي
لکيل خط شايع ڪرايئي؟“ تڏهن مون مذاق ڪندي چيومانس ته؛ ”تنھنجي وئي کانپوءِ
ڇپرائيندس.“ تڏهن چيو هئائين؛ ”مطلب ته مرده پرست سماج وانگر تون به جيئري قدر ڪرڻ
نه سکيو آهين.“ سندس چيل ان جملي منھنجي ضمير کي چماٽ هنئي هئي، جيڪا چماٽ هر
گهڙيءَ مون محسوس پئي ڪئي آهي. هي سماج جي بيحس روين جي ڪري بيحد ڏکارو به هو. پر
هن ان روين کان مايوس ٿي، ڪڏهن به پنھنجي ڪم کي بند ڪرڻ مناسب نه سمجهيو هو.
منظور چيمبر (حيدر چؤڪ
حيدرآباد) جنھن ۾ هن ويھي، ڪرفيو دوران به، ٻارن جي تربيت کي جاري رکيو هو. منظور
چيمبر، جيڪا ٻارن جي سڀ کان وڏي پناهه گاهه هئي. هي اها چيمبر آهي جتي هن ٻارن جي
مسيحا، روشنيءَ جا رستا کوليا هئا. اڄ اسرار جي وئي کانپوءِ، هيءُ چيمبر اداس آهي.
هن چيمبر ۾ ويھي، هن مسيحا پنھنجا نور نچويو هو. هن مسيحائي ڪندي ڪندي، پنھنجي صحت
جو ڪڏهن خيال ئي نه ڪي. هيءُ جيڪو وقت جي هڪ هڪ پل کي ساهه ۾ سانڍيندو هو. وقت جي
پابنديءَ جو ايترو قائل هو جو اوهان اسرار جي روزانه معمول جي ڪمن کي ڏسي، پنھنجي
واچن جي ٽائيم کي سيٽ ڪري سگهو ها. هن پنھنجي استادي پيشي ۾ به ٻارن لاءِ تقريري
مقابلا ڪرائڻ، اسٽيج ڊراما ڪرائڻ جھڙا ڪيترا ئي عمل ڪيا. جن جي ذريعي ٻارن جي اندر
ويٺل صلاحيتن کي اجاگر ڪيو هو. هن اسڪول ۾ پنھنجي خرچ تي جيڪا اسٽيج ٺھرائي هئي
اها الائي ڪيترن ئي ٻارن ۾ جي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي رهي. هي جڏهن
ٻارن سان گڏ ويھندو هو تڏهن هن کي پنھنجي وڏي عمر هئڻ جو احساس ئي نه رهندو هو. هن
پاڻ کي ڪڏهن وڏو سمجهيو به نه هو. هن جي طبيعت ۾ ٻارن جون سڀ خاصيتون هونديون
هيون. هن کي ان جو ادراڪ چڱيءَ ريت هو، پر هي ان ۾ ئي پنھنجو سڪون سمجهندو هو. هن
سادگيءَ کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو هو. هن جي سادگي ته مثالي هئي. اها
سادگي، ڀلي اڄ سماجي طور تي سٺي نه سمجهي وڃي پر هن ان کي پنھنجي لاءِ لازمي
سمجهيو هو. ايتري قدر جو هن موبائيل فون رکڻ کي به وقت ۽ پئسي جو زيان پئي سمجهيو.
هن چيو ته؛ موبائيل جي ڪري ماڻهن ۾ مفاصلا وڌيا آهن. موبائيل جي ڪري، ماڻهن هڪ ٻئي
ڏي اچڻ وڃڻ گهٽايو آهي. ٻارن جي وڌيڪ موبائيل استعمال ڪرڻ جي ڪري، پڙهائي متاثر ٿي
آهي. ان ڪري، هو موبائيل ايس ايم ايس بجاءِ، هن دؤر ۾ خطن لکڻ تي گهڻو زور ڏيندو
هو. اھا هن جي سادگي هئي، جيڪا گهڻن ماڻهن لاءِ، عجيب ۽ ڏکي ضرور هئي پر هن عملي
طور تي ايئن ڪري به ڏيکاريو هو.
اڄ جڏهن اسرار شام اسان جي وچ ۾
نه آهي، تڏهن سنڌ جا ٻار هڪ مسيحا کان محروم ٿي ويا آهن ۽ جڏهن ماڻهو مسيحائن کان
پري ٿيندو آهي تڏهن يقيني طور تي انسان جي خساري جو وقت شروع ٿيندو آهي. هن ٻارن
جي مسيحا جي وڇوڙي سنڌ جي ٻارن کي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏيو آهي!
No comments:
راءِ ڏيندا