; سنڌي شخصيتون: اسرار، شام، ٻارن جو مسيحا، عيسيٰ، ميمڻ،
Showing posts with label اسرار، شام، ٻارن جو مسيحا، عيسيٰ، ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label اسرار، شام، ٻارن جو مسيحا، عيسيٰ، ميمڻ،. Show all posts

02 September, 2016

اسرار شام - عيسيٰ ميمڻ

اسرار شام
ٻارن جو مسيحا
عيسيٰ ميمڻ
ڏاهپ جتي انساني زندگي لاءِ لازم ملزوم آهي اتي ڏاهپ، ڏکن/ دردن جو سبب به بڻجي ٿي. جڏهن ڏاهپ انسان کي پنھنجي ذات کان ٻاهر ڪڍي عالم انسانيت جو درس ڏئي ٿي، تڏهن سڄي انسانذات جا ڏکَ درد هر ڏاهي ماڻهوءَ ۾ بيچيني پيدا ڪن ٿا. انھيءَ بيچينيءَ ۾ راحت به آهي ته پيڙا به آهي. جيئن لطيف چيو ته؛ ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏسن.“ جڏهن ماڻهو ڀورو آهي ته ڀورائي ۾ ڀال ڪري ٿو پر پوءِ جيئن سمجهه جو دائرو وڌي ٿو تڏهن ذميواريءَ جو دائرو به وڌي ٿو ته ڏکن جو دائرو به وسيع ٿئي ٿو. هر باشعور ماڻهو ان پيڙا مان گذري ٿو ۽ اها پيڙا ئي آهي جيڪا هر باشعور ماڻهوءَ کي تاريخ بڻائي ٿي. هڪ اهڙي پيڙا مان ئي گذرندڙ سنڌ جي تاريخ جو انمول هيرو اسرار شام به آهي، جنھن پنھنجي شعور جي سفر ۾ ڌرتيءَ جي خوبصورت تخليق ٻارن جي ذهني نشو و نما ۾ وقف ڪري ڇڏي.