قاضي عبدالمجيد عابد
هڪ مثالي شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب
مغل
قاضي عبدالمجيد
عابد پنهنجي ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي. ان بعد باقي تعليم حيدرآباد ۾ مڪمل ڪئي.
سندن تاريخ پيدائش مارچ ۱۹۱۵ع چئي وڃي ٿي. عملي زندگي جو آغاز خانداني پيشي حڪمت سان ڪيائون.
قاضي صاحب هڪ متحرڪ
انسان هئا. جيتوڻيڪ قاضي صاحب جڏهن ۱۱ سالن جا هئا ته سندن والد محترم قاضي عبدالقيوم وفات ڪري
ويا هئا والده به ٿوري عرصي اندر گذاري وئي. سندس وڏي ڀاءُ قاضي محمد اڪبر سندن
سرپرستي ڪئي جو ان وقت ۱۵-۱۶ سالن جو هو. قاضي عبدالمجيد عابد ۽ ٻيا ننڍا ڀائر قاضي محمد اڪرم ۽ قاضي
محمد اعظم هئا. چئني ڀائرن ۾ بي حد محبت
هئي. قاضي عبدالقيوم جي وفات کان پوءِ قاضي برادران وڏي جدوجهد ڪري خاندان جو نالو
روشن ڪيو ۽ سياست توڙي صحافت ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو.
قاضي عبدالمجيد
عابد هڪ خوددار نوجوان هو. هُن پنهنجي پير تي بيهي اڳتي وڌڻ ٿي چاهيو تنهن ڪري
پنهنجي زندگي جو آغاز روزاني الوحيد اخبار ۾ ملازمت سان ڪيائين. ان وقت کيس ۲۰-۲۵ رپيا ماهوار پگهار ملندو هو پر ايتري پگهار ۾ ڏاڍا خوش
هئا. روزانه الوحيد اخبار ۾ کيس عملي صحافت جو تجربو حاصل ٿيو. اڳتي هلي سندن
رجحان صحافت ڏانهن ٿيو. قاضي عبدالمجيد عابد ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي
۾ استاد رهيو. جتي کيس استاد جي حيثيت سان کين نئين نسل جي تربيت ڪرڻي پئي ۽ بطور
استاد پاڻ به گهڻو سکيو. قاضي عابد گڏوگڏ تعليم به جاري رکي. انگريزي ۾ گريجوئيشن
سان گڏ ايل ايل بي به ڪري ورتائين.
قاضي عبدالمجيد
عابد جو جواني وارو زمانو سياسي تحريڪ جي ڪري ڏاڍو اهم هو. پهرين عالمگير جنگ (۱۹۱۴-۱۹۱۸) کان پوءِ گڏيل يورپي طاقتن خلافت عثمانيه کي ٽڪر ٽڪرا ڪرڻ
جي سازش ڪئي. استنبول جيڪو خلافت عثمانيه جو تخت گاهه هو تي برطانيه ۽ فرانس قبضو ڪري
ورتو ۽ ترڪ فوج کان هٿيار واپس وٺي Disarmڪيو ويو. انهي جي رد عمل ۾ سڄي هندستان ۾ تحريڪ خلافت
شروع ٿي. سنڌ جي مسلمانن به تحريڪ خلافت ۾ ڀرپور حصو ورتو. تحريڪ خلافت مسلمانن ۾
سياسي شعور پيدا ڪيو. ۱۹۲۲ع ۾ مصطفيٰ ڪمال پاشا يونانين کي ازمير ۽ ٻين علائقن مان ڌڪي ترڪي ۾
جمهوريت جو بنياد رکيو. مارچ ۱۹۲۴ع ۾ خلافت جو خاتمو ڪري ترڪيه جمهوريه جو پهريون صدر
بنيو. سنڌ ۾ هندوئن جو وڏ اثر رسوخ هو ۽ هو تعليم کان علاوه زندگي هر شعبي تي ڇانيل
هئا ۽ سياسي طور به وڌيڪ باشعور هئا. ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جي مسلمانن جي هلايل آزادي جي تحريڪ ڪامياب ٿي.
سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪري جدا صوبو بنايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا
کليا.
حيدرآباد ۾ به
هندوئن جو وڏو زور هو. حيدرآباد ۾ ان وقت قاضي برادران قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي
عبدالمجيد عابد ۽ مير برادران مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر سياسي
طور پاڻ کي منظم ڪري رهيا هئا.
قاضي عبدالمجيد
عابد کي ان وقت سياست جو ماهر سڏيو ويندو هو ۽ کيس ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو.
سندس وڏو ڀاءُ قاضي محمد اڪبر سنڌ مسلم ليگ جو اهم ڪارڪن هو ۽ قائد اعظم محمد علي
جناح رح قاضي محمد اڪبر جي صلاحيتن جو قائل هو. انهي ڪري سائين جي ايم سيد سان ڊسمبر
۱۹۴۶ع واري اليڪشن ۾ کيس مسلم ليگ جو اميدوار نامزد ڪيو. انهي مقابلي جي پلاننگ
قاضي عبدالمجيد عابد پاڻ ڪئي هئي. قاضي محمد اڪبر جي ورڪ لاءِ علي گڙهه مان شاگرد
به آيا هئا. انهي اليڪشن ۾ قاضي محمد اڪبر مسلم ليگ جي سيٽ تان ۴۱۶۵ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سائين جي ايم سيد جيڪو
سيد گروپ جو اهم اميدوار هو ۲۸۶۹ ووٽ کنيا ۽ ناڪام ٿيو. الله ورايو ميمڻ جيڪو آزاد
اميدوار هو صرف ۲۵ ووٽ کنيا. اها سيٽ بي حد اهم هئي. جيڪا مسلم ليگ جي نوجوان ڪارڪن قاضي
محمد اڪبر کٽي نه صرف مسلم ليگ کي ڪاميابي سان هم ڪنار ڪيو هو پر ان سان گڏوگڏ اهو
هڪ اهم سياسي ڪارنامو هو جنهن قاصي برادان جو مان مٿانهون ڪيو. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته اهو جمع جو ڏينهن
هو ۽ رمضان المبارڪ جي ۲۷ تاريخ هئي. مسلمانن جي خوشي جي ڪا انتها
نه هئي. ان ورهاڱي جي نتيجي ۾ لکها ماڻهو سکن ۽ هندستان جي انتها پسند
هندوئن هٿان شهيد ڪيا ويا ۽ لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾ لکين مسلمان هندستان مان بي سرو
ساماني جي حالت ۾ لڏي هتي آيا. انهن جي اڪثريت هجرت ڪري سنڌ ۾ آئي. انهن جي آبادڪاري
۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد عملي حصو ورتو ۽ انهن ڏتڙيل مهاجرن کي سنڌي
مسلمانن جنهن اسلامي جذبي سان مهمان نوازي واري ڪردار سان هتي رهايو اهو واکاڻ جوڳو
آهي. قاضي برادران جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هزارين خاندان سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ اڄ اهي
وڏا سرمائيدار ۽ صنعتڪار ٿي ويا آهن ۽ الله تعاليٰ کين هر طرح سان نوازيو آهي.
قاضي عبدالمجيد هڪ گهڻن پهلوئن واري شخصيت هو. هو محنت ڪري هن مرتبي تي پهتو هو.
هن ڏکيو وقت به ڏٺو هو. انهي ڪري کيس غريبن جي پريشانين جو احساس ٿيندو هو. ڏاڍو
يار ويس ماڻهو هو. پاڻ شرافت جي سياست جو قائل هو ۽ اها سندس وڏي خوبي هئي جو سندس
دوست نه صرف سنڌ بلڪه سڄي پاڪستان تائين موجود هئا. بلوچستان ۾ قاضي محمد عيسيٰ،
پنجاب ۾ ممتاز دولتانه ۽ سرحد ۾ خان عبدالقيوم خان سان سندس وڏي دوستي هئي.
قاضي صاحب پهريائين
ڪائونسلر جي حيثيت ۾ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي. حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي ۾ آيا. جلد
پنهنجو هڪ وڏو گروپ ٺاهي ورتائين. ان کان پوءِ جلد ئي حيدرآباد ڊويزن ڪوآرڊينيشن ڪيمٽي
جي چونڊ ٿي. جنهن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد کي وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. قاضي عابد صاحب
هاڻي تجربه ڪار سياستدان بنجي چڪو هو. اڳتي هلي سندس ڪوشش جي نتيجي ۾ بشير احمد
چانڊيو حيدرآباد ڪارپوريشن جو ڊپٽي ميئر ٿيو ۽ ندوي صاحب ميئر مقررٿيو نه صرف
ايترو بلڪه حيدرآباد جي هڪ مقبول ۽ مثالي شخصيت جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پاڻ نه
صرف روزانه عبرت جو باني ليکڪ ۽ دانشور هو بلڪه اهم سياسي شخصيت به هو.
قاضي عبدالمجيد
عابد کي صحافت جو به عملي تجربو هو. انهي اخبار ڪڍڻ لاءِ ڪافي عرصي کان سوچي رهيو
هو. پاڻ محسوس پئي ڪيائين ته اخبار جي ذريعي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان سياست ۾
به اها ڪم ايندي.
۱۹۵۷ع ۾ حيدرآباد مان هفتيوار نڪرندڙ اخبار عبرت اکين وارن لاءِ قاضي برادران
محمد عثمان ڏيپلائي کان خريد ڪري روزانه عبرت جي نالي سان پهريون ايشو ۱۴ آگسٽ ۱۹۵۸ع تي ڪڍيو. اڳتي هلي روزانه عبرت روزانه
الوحيد جي جاءِ اچي والاري، گذريل ۵۴ سالن کان روزانه عبرت وڏي شان ۽ دٻدٻي سان شايع ٿيندي
رهي ٿي.
۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي پاڪستان ۾ جمهوريت جي خاتمي ۽ مارشلا لاءِ لڳڻ کان پوءِ سنڌي صحافت
لاءِ بي حد آزمائش وارو وقت آيو ۽ سنڌي
پريس لاءِ ڏاڍيون سختيون ۽ رڪاوٽون پيدا ٿيو.
ون يونٽ جي قائم ٿيڻ ۽ مارشل واري دور ۾ لفظ سنڌ جو پرچار ۽ سنڌ جو نقشو
روزانو عبرت ۽ ٻين اخبارن جي لوح مان حذف ڪرايو ويو ته جيئن سنڌي نئين نسل جي ذهن
مان سنڌ صوبي جو خيال نڪري وڃي.
اهڙي آزمائش واري
دور ۾ محترم قاضي عبدالمجيد عابد مرحوم ايڊيٽر ان چيف چيف وڏي همت سان سنڌ جي ڪاز
کي روزانه عبرت جي ذريعي سنڌي عوام آڏو پيش ڪندو رهيو ۽ مارشل لا حڪومت جي غلط
پاليسين خلاف ايڊيٽوريل، مقالا ۽ مضمون روانه عبرت ۾ شايع ڪري سنڌي صحافت ۾ پنهنجو
مقام پيدا ڪيو.
انهي دوران هاري اڳواڻ
حيدربخش جتوئي جو انقلابي مضمون ”سنڌ ۽ وطن جو سرشتو، قسطوار عبرت ۾ ڇپيو. جنهن
بعد جنرل محمد ايوب خان جي مارشل لائي حڪومت روزانه عبرت اخبار جا اهي پرچا ضبط ڪري
اخبار کي تنبيهه ڪئي.
دراصل روزانه عبرت
اخبار سنڌي عوام جي ترجمان رهي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ نقطه نظر پيش ڪرڻ لاءِ هر
اديب ۽ لکندڙ لاءِ روزانه عبرت جا دروازن کليل رهيا آهن. ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ تي
جيڪي ظلم ۽ زيادتون ڪيون ويون ان جي باري ۾ فڪر انگيز مضمون، تنقيدي جائزه ۽ مقالا
عبرت ڇاپيا.
ڪوڙن ڪليمن جو پول پڌرو ڪيو ۽ مارشلا حڪومت جو ڌيان
انهي طرف ڇڪايو.
هتي آئون ايترو ٻڌائيندو
هلان ته روزانه سان منهنجو تعلق ايترو پراڻو
آهي جيترو عبرت اخبار جي ڄمار آهي. منهنجو پهريون مقالو بعنوان ”حضرت محمد صلي
الله عليه وسلم باني اسلام“ روزانه عبرت ۾۲۷ سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ ڇپيو. ييعني روزانه عبرت جي اشاعت کان هڪ مهينو
تيرهن ڏينهن کان پوءِ. ان وقت آئون انٽر آرٽس ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو شاگرد
هئس. قاضي عبدالمجيد عابد هميشه نئينب ٽهي جي لکندڙن جي حوصله افزائي ڪندا هئا.
انهي ڪري جڏهن به
منهنجي ساڻن ملاقات ٿيندي هئي ڏاڍو ڀائيندا هئا. اهو تعلق آخر وقت تائين قائم رهيو
۽ اڄ به قاضي اسد عابد سان اهو رشتو قائم آهي.
آئون گذريل ۵۴ سالن کان عبرت ۾ سرڪاري مصروفيات جي باوجود
يا تقريبن ۱۵ سال ملڪ کان ٻاهر هئڻ جي باوجود مقالا ۽ مضمون، تبصرا ۽ تجزيا لکندو رهيو
آهيان. ڏيڍ سال کن هفتيوار ڪالم حال احوال به لکندو رهيس. جنهن ۾ ملڪي، معاشرتي
خرابين، عوام مسائل ۽ تعليمي پسماندگي جهڙن موضوعن تي سنڌي عوام اڳيان پنهنجو نقطه
نظر روزانه عبرت ذريعي پيش ڪندو رهيو آهيان. انهي کان علاوه تحريڪ پاڪستان سنڌ جي
بمبئي پريزيڊنسي مان عليحدگي لاءِ جدوجهد، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جو تحريڪ پاڪستان ۾
حصو وغيره وغيره تي مسلسل لکندو رهان ٿو.
قاضي عبدالمجيد
عابد مرحوم جو پنهنجو هڪ اسٽائيل هو. روزانه عبرت قاضي صاحب لاءِ هميشه ناياب
اثاثو رهي آهي ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ وڏي معيار تي پهتي آهي. قاضي عابد
مرحوم ڪارڪنن کي هميشه همٿائيندا رهندا هئا ۽ سندن دلجوئي ڪندا رهندا هئا. جنهن ڪري
ڪارڪن هڪ جذبي ۽ لگن سان اخبار جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا رهيا اهو پنهنجي قلم کي انصاف
جي ڪرسي تي ويهڻ واري جج جيان حق ۽ انصاف جو علمبدار سمجهندا هئا. قاضي عابد مرحوم
صحافين ۽ قلمڪارن جو قدر دان هو. مون کي ڏاڍو ڀائيندا هئا ۽ منهنجي ساڻن هميشه
نياز مندي رهي. قاضي عابد صاحب جن آخري وقت تائين باقائدگي سان روزنه عبرت جي آفيس
۾ صبح ۽ شام جو اچي ويهندا هئا ۽ اهم خبرن، مضمونن، مقالن ۽ تبصرن جي باري ۾
پنهنجي راءِ ۽ مشورا ڏيندا هئا.
قاضي عبدالمجيد
عابد نه صرف روزانه عبرت جا باني هئا پر ان سان گڏوگڏ ناميارا صحافي، اديب تحريڪ
پاڪستان جا سپاهي ۽ سابق وفاقي وزير به رهيا پر انهي جي باوجود پاڻ هڪ سٺا انسان،
غريب نواز ۽ عوام دوست شخص هئا. سندن هميشه اها ڪوشش رهي ته روزانه عبرت عوام جي
ترجمان اخبار رهي.
روزانه عبرت پنهنجو
اوائلي سفر سنڌ موٽرز واري بلڊنگ مان شروع ڪيو. بعد ۾ انهي بلڊنگ واري جڳهه تي هوٽل
اورينٽ تعمير ڪئي وئي.
قاضي صاحب جي ڪوششن
۽ صحافي برادري لاءِ احترام سبب روزانه عبرت کي شروع ڏينهن کان ئي سنڌ جا برک
صحافي مليا. محترم شيخ علي محمد مرحوم بحيثيت ايڊيٽر ۽ هڪ سال بعد ۱۹۵۹ع ۾ عزيزم پروانو ڀٽي عبرت جي ماهوار ايڊيشن
کي عوام ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ بي لوث خدمت ڪئي. ڪجهه عرصي بعد شيخ عزيز پڻ هن اخبار
۾ اچي ويو. ان کان سواءِ خير محمد کوکر ته آخري دم تائين عبرت سان نڀايو. روزانه
عبرت جي عوام مقبوليت جي ڪري انهي دور جا لاتعداد ناميارا اديب شاعر عالم ۽ محقق
پنهنجا مقالا عبرت ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪليندا هئا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڏينهون ڏينهن
هي اخبار سنڌ عوام ۾ مقبول بڻندي وئي ۽ اهڙي
طرح سنڌي عوام خصوصن سنڌ جي ڳوٺاڻن کي باشعور بڻائڻ ۾ عبرت وڏو رول ادا ڪيو آهي.
انهن برک عالمن
اديبن ۽ تجزيه نگارن مان چند جو ذڪر ڪرڻ بي حد ضروري آهي. جن جا ڪالم پڙهڻ لاءِ
عبرت جا پرستار ٻي ڏينهن جو بي چيني سان انتظار ڪندا هئا. مولانا غلام محمد گرامي
مرحوم جو جهول داتا وارو ڪالم، تحريڪ پاڪستان جي عظيم اڳواڻ ۽ روزانه والوحيد جي
سابق ايڊيٽر ۽ سنڌيت جي پرچارڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو ”نعره مستانه“ سنڌ جي عوامي
ليڊر محترم رسول بخش پليجي جون لکيل ڪورٽ جون ڪهاڻيون۽ قائد اعظم جي باري ۾ لکيڪ
تحقيقي مقالا، سنڌ جي عظيم سياستدان ليکڪ ۽ صحافي محترم پير علي محمد شاهه راشدي
جو رند ۽ پنڌ وارو ڪالم ۽ خود قاضي عبدالمجيد عابد جا پنهنجا مضمون، مقالا ۽
سفرناما ۽ انهي کان علاوه ٻين ڪيترن عالمن ۽ محققن جا مقالا ۽ مضمون به روزانه
عبرت ۾ ڇپندا رهن هئا. جنهن ڪري پڙهندڙ جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهندو هو.
انهي کان علاوه
قاضي عابد مرحوم نوجوان ادبين مقالا نگارن ۽ شاعرن جي به حوصله افزائي ڪندا هئا.
روزانه عبرت جو هڪ ٻيو ڪارنامو هي آهي ته اخبار ننڍڙن ٻارڙن جي شوق ۽ اتساهه لاءِ ٻارڙن
جي ٻاري جو سلسلو شروع ڪيو جنهن جو پهريون انچارج سنڌ حڪومت جو موجوده سينيئر وزير
پير مظهر الحق هو جيڪو ان وقت ماما موجي جي نانءُ سان انهي صفحي کي سنواريندو
هو. عورتن لاءِ خواتين جي محفل اديبن لاءِ
اديبن جي ڪچهري ۽ شاگردن لاءِ وري شاگردن جون سرگرميون جو سلسلو شروع ڪيو. انهي
کان علاوه زراعت جي باري ۾ معلومات ۽ اسلام جي ڄاڻ لاءِ اسلامي تاريخي مضمون شايع ڪري
سنڌي عوام جي علم ۾ واڌارو آندو. انهي چوڻ ۾ يقينن اسين حق بجانب آهيون ته روزانه
عبرت سنڌي صحافت جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. جنهن سنڌي عوام ۾ ۽ خاص ڪري سنڌي ڳوٺاڻن
۾ اخبار پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو ۽ سجاڳي پيدا ڪئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
سنڌي صحافت اردو ۽ انگريزي صحافت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻولي جي اهميت جو
احساس ڏياريو. اهو انهي ڪري ممڪن ٿيو جو قاضي برادران سنڌي صحافت جي تمام گهڻي
خدمت ڪئي ۽ آخر ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جا صدر بڻيا ۽ هن سوسائٽي ۾ پاڪستان
جي سڀني ٻولين کان علاوه اردو ۽ انگريزي جون اخبارون به شامل هيون.
جڏهن مارشل لا دور
حڪومت ۾ ۱۹۸۵ع ۾ غير پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون ته قاضي عبدالمجيد عابد ان وقت جي
سينيئر سياستدان مير علي احمد ٽالپر کي وڏي ليڊ سان شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. قومي
اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ اطلاعات نشريات، پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير ٿيو.
وزارت دوران عام ماڻهن
جا ڪم خدمت جي جذبي سان ڪندا هئا. هو نه صرف سندس تڪ جي ماڻهن جا بلڪ تڪ کان ٻاهر
سنڌ جي ٻين شهرن جا ماڻهو به وٽس ايندا هئا ته هو نه صرف انهن جي نوڪرين لاءِ هر
ممڪن ڪوشش ڪندو هو. پر جيستائين انهن کي نوڪري جو آرڊر نه ملندو هو تيستائين سندن
رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪندو هو.
صوبائي وزارت هجي يا مرڪزي سندس ڪراچي اسلام آباد ۽ حيدرآباد جي آفيسن توڙي
رهائشگاهن جا دروازا هميشه کليل رهندا هئا. وزير جي حيثيت ۾ عبرت اخبار واري آفيس
نه وساريائين. اتي به سنڌ مان آيل ڳوٺاڻن ۽ شهرين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا حل ڪندا
هئا ۽ ڪم ڪار سان گڏوگڏ سندن چانهه يا شربت سان آجيان ڪئي ويندي هئي. قاضي عابد
صاحب پنهنجي عوام جي خدمت عبادت جي جذبي سان ڪندا هئا. اڄ وزيرن ۽ صلاحڪارن تي اهي
الزام لڳايا وڃن ٿا ته هو پئسا وٺي نوڪريون ڏين ٿا ليڪن قاضي عبدالمجيد عابد لاءِ
سندن مخالف به اها گواهي ڏيندا هئا ته هو شرافت جهو مجسمو آهي ۽ هن جي سياست جو اهم نقطو بي لوث خدمت آهي. مٿس ڪوبه
الزام نٿو لڳائي سگهجي. قاضي عابد جو سياست تجربو ايترو ته وسيع هو جو هو جيڪي
سياسي اڳڪٿيون ڪندو هو سي ۹۰ سيڪڙو صحيح ثابت ٿينديون هيون. ۶ صفحن تي مشتمل. قاضي عابد صاحب جو هڪ سياسي
تجزيو قاضي اسد عابد وٽ موجود آهي جنهن ۾ ۱۹۷۱ع وارين چونڊن جي باري ۾ لکيو هئائين ته اولهه پاڪستان ۾
ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب
الرحمان جي عوامي ليگ ڪاميابي ماڻيندي. کين ائين پئي لڳو ته پاڪستان ٽٽي ويندو. جيڪو
اڳتي هلي سچ ثابت ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ قاضي محمد اڪبر کي منع ڪئي هئائين ته هو پ
پ جي مخالفت ۾ چونڊون وڙهي نه ته هارائيندو اها اڳڪٿي به سچ ثابت ٿي. قاضي افضل
عابد سندس ننڍو فرزند هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته هو گهر ويٺو هو ۽ ڊرامو
ڏسي رهيو هو ته ان وقت خبر آئي ته فاروق احمد لغاري پاڪستان جو صدر ٿي ويو آهي. هن
هڪدم چيو ته هاڻي پ پ ۱۰ سال حڪومت ۾ رهندي جنهن تي قاضي عبدالمجيد عابد چيو ته اهو ئي محترمه جو
سر وڃائيندو. اها پيشنگوئي به سچ ثابت ٿي.
محمد خان جوڻيجو جڏهن
وزيراعظم پاڪستان هو ته هن اي پي سي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن بين الاقوامي
صورتحال ۽ پرڏيهي پاليسي بابت ڪي اهم فيصلا ڪي سگهجن. محمد خان جوڻيجو جي سوچ هئي
اها اي پي سي اوستائين ڪامياب نه ٿي سگهندي جيستائين محترمه بينظير ڀٽو صاحبه،
مولانا شاهه احمد نوراني ۽ امير جماعت اسلامي اي پي سي ۾ شريڪ نه ٿيندا. ان وقت
جنرل ضياالحق پاڪستان جو صدر هو ۽ جنهن محترمه بينظير ڀٽو جي والد ۽ پاڪستان پيپلز
پارٽي جي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي هئي. محمد خان جوڻيجو بخوبي
واقف هو ته قاضي عبدالمجيد عابد سلجهيل سياستدان آهي ۽ بهترين صلاحيتن جو مالڪ آهي
۽ پنهنجي سياسي تدبر فهم ۽ فراست جي ذريعي منجهيل مسئلا به حل ڪري ٻين کي قائل ڪرڻ
جي صلاحيت رکي ٿو. انهي ڪري کيس ڪيبنٽ ۾ سينيئر وزير بڻايو هئائين ۽ محترمه بينظير
ڀٽو صاحبه، مولانا شاهه احمد نوراني ۽ امير جماعت اسلامي کي اي پي سي ۾ شريڪ ٿين
جو ٽاسڪ ڏنو هو. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته قاضي عابد صاحب جا سڀني سياستدانن سان سٺا
تعلقات هئا. مولانا شاهه احمد نوراني سندس ويجهو دوست هو. جنهن ڪري اي پي سي ۾
شامل ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ورتائين. امير جماعت اسلامي کي اي پي سي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ
پروفيسر غفور احمد ذريعي دعوت ڏنائين. جيڪو قاضي صاحب جو دوست هو. محترمه بينظير ڀٽو
صاحب کي اي پي سي جي اهميت ٻڌائيندي نيٺ قائل ڪري ورتو ته سندس شرڪت پ پ ۽ پاڪستان
لاءِ بي حد فائدي مند آهي. اهڙي طرح سڀني ليڊرن محترمه بي نظير ڀٽو شهيد سميت اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي. اها قاضي عبدالمجيد عابد
جي سياسي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هئي انهي چوڻ ۾ اسان بلڪل بجانب آهيون ته
قاضي عبدالمجيد عابد هڪ مدبر سياستدان ۽ مثالي شخصيت هئا.
ازدواجي زندگي:
قاضي عبدالمجيد
عابد جي ازدواجي زندگي به مثالي هئي. سندس ٻه گهر واريون هيون. پهرين گهرواري سندس
چاچي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي نياڻي هئي جنهن مان ۶ پٽ ۽ ٻه نياڻيون هئس. بي گهر واري اردو ڳالهائيندي
هئي. جنهن مان ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون دنيا ۾ آيون. قاضي صاحب پنهنجي اولاد کي اعليٰ
تعليم ڏياري ۽ بنا فرق جي پنهنجي اولاد کي سار ڏنو. اهڙو مثالي ڪٽنب اسان کي مشڪل
سان ملندو. قاضي عابد صاحب جي ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ به مثالي محبت هئي ۽ هو سڀني جو
تمام گهڻو خيال رکندو هو. اولاد لاءِ قاضي صاحب هڪ مثالي پيءَ هو ۽ سڀ پٽ ۽ ڌيئون
ساڻس والهانه پيار ڪندا هئا ۽ سندن دل ۾ قاضي عابد صاحب لاءِ بي حد احترام ۽ عقيدت
جو جذبو قائم رهيو. قاضي عابد صاحب عمر جي آخري ڄمار ۾ پنهنجن پٽن توڙي نياڻين جي
رهائش گاهن تي پهچي پاڻ سندن خير خيريت پڇندو هو ۽ پنهنجن پوٽن ۽ ڏهٽن کي پيار ڪندو
هو. قاضي عابد صاحب جي سڄي زندگي توازن ۾ گذري. شام جو گهر واپسي جو وقت مقرر هو.
هو هميشه ٻارن کي چوندا هئا ته ڪيڏانهن به وڃو پر رات جو ساڍي اٺين يا نوين وڳي
تائين گهر پهچي وڃو.
هو رات جو وقت ٻارن سان گڏ گذاريندو هئا. عشا جي نماز پڙهڻ
کان بي بي سي تان خبرون پڻ ٻڌندا هئا. دستر خوان تي سياست توڙي ڪٽنب جي معاملن تي ڳالهه
ٻولهه به ڪندا هئا. انهي ڪچهري مان سڀ لطف اندوز ٿيندا هئا. رات جا جنهن مهل ۱۰ يا ساڍا ڏهه ٿيندا هئا ته هڪدم اٿي چٽڪي وڄائي
چوندا هئا ته هاڻي رٽائر ڪريو. دراصل قاضي عبدالمجيد عابد سڄي زندگي منظم طريقي
سان گذاري ۽ ٻارن ۾ ڊسيپلين پيدا ڪيائين. پٽن ۽ ڌيئرن سان برابري جو سلوڪ ڪندا
هئا. جنهن ڪي سڀڪو وٽائنس خوش هو. قاضي عابد صاحب جون نياڻيون ڊاڪٽر ٿيون ۽ ٻه پٽ
پڻ ڊاڪٽر آهن ۽ ڪي وري انجنئير، قاضي اسد عابد صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو
آهي.
قاضي اسد عابد کي
محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پ پ جو ٽڪيٽ ۱۹۹۳ع ۾ ڏنو. اها سيٽ قاسم آباد ڄامشورو گڏوگڏ لطيف آباد جا ٻه
يونٽ ڇڏي باقي سمورو لطيف آباد ان تڪ ۾ شامل هئا. سندس مقابلي ۾ اردو ڳالهائيندڙ
آبادي هئي جنهن جا اميدوار مقابلي ۾ هئا. قاضي اسد عابد جي ملنسار شخصيت ۽ قاضي
عبدالمجيد عابد جو اثر رسوخ ۽ عوامي سپورٽ
جي ڪري اها سيٽ قاضي اسد عابد کٽي ۽ سوا ٽي سال عوام جي بي لوث خدمت ڪئي.
جيتوڻيڪ قاضي اسد عابد هن وقت نه ايم اين اي آهي نه وري وزير ليڪن عوام ۾ وزيرن
کان وڌيڪ مقبول آهي ۽ هن وقت به هر ڪو کيس جي ۾ جاءِ ڏي ٿو ۽ احترام ڪري ٿو. اڄ به
ماڻهو ڪمن لاءِ وٽس اچن ٿا. قاضي عبدالمجيد عابد جي لائق نياڻي ڊاڪٽر فهميده مرزا
پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي علائقي بدين ۽ پاڪستان جي خدمت پئي ڪري.
پاڻ بدين مان ايم اين اي جي سيٽ تي چونڊجڻ
بعد قومي اسيمبلي جي پهرين مسلمان خاتون اسپيڪر بڻي آهي. جنهنجي صلاحيتن کي پاڪستان
۽ دنيا ۾ مڃتا ملي آهي. سندس ور ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا
جي شخصيت به ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هن سال ۱۲ فيبروري تي مير غلام محمد خان ٽالپر جي
ورسي تي موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيف گيسٽ جي حيثيت ۾ ٽنڊو باگو جي مير غلام
محمد خان ٽالپر جي مدرسي ۾ آئي هئي ۽ ساڻس گڏ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به آيا هئا
ناچيز اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ ورسي تي شرڪت
ڪئي. اسٽيج تي ڊاڪٽر فهميده مرزا منهنجي ساڄي پاسي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کاٻي
پاسي ويٺل هئا. اتي مون سان لاڙ جي مقبول سياستدانن جو تفصيلي تعارف ٿيو ۽ مون
محسوس ڪيو ته اسان جي نياڻي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جنهن سان
منهنجا پراڻا تعلقات هئا ۽ مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو جون خوبيون نظر آيون. ڊاڪٽر
فهميده مرزا هڪ پرخلوص سياستدان آهي ۽ عوام ۾ بي حد مقبول ليڊر ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار
مرزا به پرجوش مقرر سنڌ ۽ پاڪستان سان والهانه محبت ڪندڙ مقبول عوامي ليڊر آهي.
آئون پنهنجو مقالو
کي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي پنهنجي پيءُ قاضي عبدالمجيد عابد جي باري ۾ لکيل لفظن تي
ختم ڪندس.
اهي لفظ ٻڌائين ٿا
ته کيس پنهنجي والد محترم لاءِ بي حد پيار هو ۽ پيءُ جي ياد سندس قيمتي سرمايو
آهي.
ڊاڪٽر فهميده مرزا
لکي ٿي ته بابا ٻاهران ايندو هو ته آئون کيس چوندي هئس ته مون وٽ اچي رهو پر جڏهن
لاڏاڻو ڪري رهيا هئا ته ان جا آخري ڏينهن مون وٽ رهيل هئا ۽ مون کي چيائين ته بابا
توهان مون کي چوندا هئا ته مون وٽ رهو سو آخري گهڙيون زندگي جون توهان وٽ آهيان ۽ هو
رات جو ۱۰ وڳي ۲۷ آگسٽ ۱۹۹۶ع ۾ راهه رباني ٿي ويا ۽ هو اسان
کي روز رات جو ۱۰ وڳي چوندا هئا ته هاڻ ريٽائر ڪرڻ
جو وقت اچي ويو آهي.
انا لله و انا اليہ راجعون.
دراصل الله جي نيڪ
بندن کي خبر پئجي ويندي آهي ته هو لاڏاڻو ڪرڻ وارا آهن. بيشڪ قاضي عبدالمجيد عابد
به خدا جو نيڪ بندو هو. الله سائين کيس جنت نصيب ڪري (آمين)
قاضي عبدالمجيد عابد
هڪ گهڻ رخي شخصيت
طارق بلوچ
قاضي عبدالمجيد
عابد ۲ مارچ ۱۹۱۵ع ۾ ضلعي دادو جي مشهور شهر سيوهڻ شريف جي هڪ ديني گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.
اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ عبور سان گڏ فارسي سان به گهڻي شناسائي هئي. عبدالمجيد کان
وڌيڪ لقب عابد سان پڪاريو ويندو هو. قاضي عابد جي خاندان ۾ رڳو پاڻ ۽ هن جو وڏو ڀاءُ
قاضي اڪبر نامور شخصيت نه هئا بلڪه هن جو والد بزرگوار قاضي عبدالقيوم به پنهنجي
وقت جو هڪ عظيم شخص هو. قاضي عبدالقيوم مشهور حڪماء ۾ شامل هو. هن سر غلام حسين
هدايت الله جي خلاف بمبئي ڪائونسل جو اليڪشن وڙهيو. هن بلديه حيدرآباد جي صدر جي
حيثيت سان به خدمت ڪئي ۽ ميونسپل اسڪول بورڊ جا چيئرمين رهيا. انهي جي ڪري قاضي
عابد کي وراثت ۾ سماجي ۽ سياسي مرتبو مليو. انهيءَ ورثي کي قاضي صاحب ۽ سندن وڏي ڀاءُ
قاضي اڪبر جدوجهد سان قائم رکيو. پاڻ ۲۱ سالن جي عمر ۾ يعني ۱۹۳۳ع ۾ بلديه حيدرآباد جا نائب صدر ۽ پوءِ صدر
منتخب ٿيا.
قاضي عابد شروعاتي
تعليم حيدرآباد ويسٽ ڪچي جي ميان علي بخش پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري پوءِ پاڻ سنڌ
مدرسي ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪيائون ۽ ۱۹۳۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون ۽ پوءِ (ڊي جي اين) هاڻوڪو گورنمينٽ
ڪاليج حيدرآباد مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائون.قاضي عابد بمبئي يونيورسٽي جي
زير نگراني انٽر امتحان ۾ سڄي سنڌ جي مسلمان شاگردن مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پاڻ
بي اي آنرز ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان ڪيو ۽ تعليم جي دوران ڪجهه عرصو سنڌ مدرسي مان تدريس
جو تجربو حاصل ڪيائون. پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائون ۽ براهه راست ڊسٽرڪٽ لوڪل
بورڊ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ٿيا.
قاضي عابد ننڍي
هوندي کان ئي ذهين قابليت رکندڙ ٻار هو. ڪلاس جي سڀني شاگردن ۾ سندس اهليت هميشه
نمايان هوندي هئي. جنهن ڪري سندس استاد کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. وقت جي پابندي
۽ استادن جو احترام سندس اخلاقي جزو هو. ايتري قدر جو اها فطرت عمر جي آخري گهڙي
تائين به قاضي صاحب ۾ موجود هئي. سندس نجي محفلن ۾ خواهه ادبي يا معاشرتي گڏجاڻين
۾ يا سياسي حيثيت ۾ قاضي صاحب هميشه استادن جي عزت ۽ احترام جو دل سان خيال رکندا
هئا. ننڍي هوندي ئي قاضي صاحب کي نماز پڙهڻ جو شوق هوندو هو. پڙهائي سان گڏ پابندي
سان مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا. گهر جي ڀر واري مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ روزمره جو
معمول هوندو هو. جنهن سبب ننڍي هوندي کان ئي قلبي صفائي ۽ نيڪ خصلتون قدرت وٽان
عطا ٿيس. مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن آئون اسلام آباد ۾ ساڻس گڏ رهندو هوس ته مون ڪڏهن
نه ڏٺو ته پاڻ ڪنهن وقت جي نماز ڇڏي (قضا) ڪئي هجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته قاضي
عابد کي استادن کان سٺي تربيت حاصل ٿي پر سندس والد جي شخصيت جو پڻ گهرو اثر پيل هوس.
سندس والد بلند خيالات اعليٰ ڪردار جو
انسان هو. قومي ۽ ملڪي خدمت جو جذبو هوندوهوس، جنهن ڪري پنهنجي اولاد جو پڻ انهيءَ
نقطي نگاهه کان پرورش ڪئي. اهو ئي سبب هو جو قاضي عبدالمجيد اڳتي هلي قومي درد
رکندڙ ۽ عوام سان همدردي رکندڙ اڳواڻ ثابت
ٿيو. قاضي عبدالمجيد کي انگريزي تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي چاچي (سهرو) حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي جهڙي بلند مرتبت شخص جي اثر ۽ نظرداري هيٺ رهڻو پيو. اها قاضي عبدالمجيد جي خوش قسمتي هئي جو حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي جي زير سايه اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سنڌ جي انهن
اعليٰ درجي وارن ماڻهن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي قوم جي اصلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ
وقف ڪري ڇڏي هئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هو هڪ سلجهيل ۽
هوشيار سياستدان، باشعور صحافي، اديب، محبِ وطن ۽سنڌي اڳواڻ هو. سندس بيٺڪ ۾ هر
وقت سياستدانن، اديبن ۽ دانشورن جو مجموعو موجود رهندو هو. انهي ماحول ۾ قاضي
عبدالمجيد عابد رهي هڪ صحتمند سوچ، ويچار رکندڙ باصلاحيت نوجوان ثابت ٿيو. سندس
شخصيت جو بنياد ايئن چئجي ته اتي پيو، جنهن کي اڳتي هلي پختگي ۽ عملي زندگي نصيب ٿي.
اهڙي طرح قاضي عابد جي دل و دماغ جي نشونما اهڙي گهواري ۾ ٿي جتان ملڪ جا وڏا وڏا
انسان پيدا ٿيا. جن جي ڪردار ۽ شخصيت ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش نه هئي.
قاضي عبدالمجيد عابد جي تعليم ڪاليج جي دوران شاگرد تنظيم ۾ شاندار حصو ورتو.
خصوصن قائداعظم محمد علي جناح کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ اهڙي طرح ملڪ جي آزادي واري
ابتدائي قافلي ۾ شريڪ ٿيو. بلڪه ڪراچي ۾ قائداعظم سان ملاقاتون به ڪيائين، جنهن جي
دور رس نگاهن هن نوجوان کي ڪافي هونهار ۽ باشعور نوجوان قرار ڏيندي چيو ته هي
نوجوان گهڻي قومي خدمت ڪري سگهندو.
قاضي عبدالمجيد
عابد جي دور ۾ سنڌ جي سماجي حالت ٻن وڏن حصن ۾ ورهايل هئي.هڪ مسلم سماج ۽ ٻي هندو
سماج. مسلم معاشرتي حالتون پنهنجي نوعيت ۽ تقاضائن ۾ بلڪل مختلف هيون. بلڪه وڏن ۽
صاف لفظن ۾چئجي ته هڪ منتشر ۽ بي جان معاشرو هو. جنهن ۾ هڪ قوم بي حس زندگي گذاري
رهي هئي. مسلم قوم سنڌ جي حڪومت ۾هئڻ سبب جيڪا ڪجهه پاڻ ۾ طاقت موجود رکي هئي سا ۱۸۵۷ع واري انقلاب ۾ به ختم ڪري ويٺي. ۽ عام
معاشري تي نااميدي، مايوسي ۽ محرومي ڇائنجي وئي. جنهن ڪري مسلمان نه رڳو وقت گذرڻ
سان گڏ پست همٿ ٿيندا ويا بلڪه ايتري قدر احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿيندا ويا جو هندو
سماج جي بهتري ۽ بدتري اڳيان سندس قومي وجود خطري ۾پئجي ويو. اهڙي وقت ۾ سماج سڌارڪ
انسانن جي ضرورت هئي. مگر هڪ ته طبقاتي فرقابندي ٻئي طرف جاگيردارانه نظام تنهن ڪري
سنڌ جي عوام جي معاشري يا سماجي حالتن کي ڪنهن هڪ اصول تي ترقي يافته خطوط تي هلائڻ
نهايت مشڪل ڪم پئي نظر آيو. وڏو نقصان سندن معاشي ڪمتري سبب پئجي رهيو هو. هندو
سماج پنهنجي سڌارڪ تنظيمن ۽ تجارتي سهولت سبب زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي يافته هو.
مگر مسلم معاشرو تاريڪ راهن تي گامزن هو. الغرض ڪو به اجتماعي وجود نظر نٿي آيو.
فقط ڪنهن ڪنهن هنڌ ڪا انفرادي ڪوشش ڏسڻ ۾ آئي ٿي. جنهن جو آواز رئيس غلام ڀرڳڙي ۽
هڪ نور محمد مرحوم جهڙن باهمٿ انسانن وٽان اٿيو ٿي. پر پوءِ ڪٿان خاطر خواهه جواب
نه ملڻ ڪري صدا بصحرا ٿي ويو.
اهڙي وقت قاضي
عبدالمجيد عابد جهڙن انسانن جي ڪوششن ۽ همتن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي. قاضي صاحب
اهو راز سمجهي ورتو هو ته مسلم معاشرو پنهنجي ڪم علمي سبب روبزوال آهي. تنهن ڪري سڀ
کان پهريائين مسلمان جي تعليمي ميدان ۾ ڪوشش ڪرڻ اهميت رکي ٿي. قاضي صاحب تعليمي
تنظيمن ۾ حصو ورتو ۽ مختلف حصن ۾ اسڪول کولرائڻ، بي گهر ماڻهن کي آباد ڪرڻ، ۽ طبي
سهولتن لاءِ اسپتالون کولائڻ جا ڪم ڪرڻ لڳو. نتيجو هي نڪتو جو قاضي صاحب ٿوري ئي
عرصي ۾ سماجي طور خدمتن ۾ به نمايان حيثيت جو مالڪ بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ قاضي صاحب
کي ڪيترن تنظيمن جي سرپرستي قبول ڪرڻي پئي. مثال طور: بئنڪن ۽ اصلاحي ڪلبن جي
صدارت يا سرپرستي ڪرڻ لڳا، رليف ڪاميٽي جي آنرري سيڪريٽري جي حيثيت ۾ قاضي صاحب
تقريبن ۲۰۰۰ ماڻهن کي روزگار سان لڳايو. بلڪه انهن جي آبادڪاري لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري
انهن کي اجهو ڏنو. قاضي صاحب هڪ دفعو پنهنجا خيالات ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي
انهن خدمتن کي خداوند قبول ڪري ته آئون قيامت روز سندس اڳيان سرخرو ٿيندس.
قاضي صاحب نيوز
پيپرز سوسائيٽي جا سيڪريٽري ٿي صحافين جي ڪافي خدمت ڪئي آهي. ازانسواءِ پنهنجي
خدمات جي دوران ڪيترن اهم شخصيتن سان پڻ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. جنهن مان
قائداعظم، علي برادران، مولانا ظفر علي خان، نوابزاده لياقت علي خان،، مهاتما
گاندهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڪيترائي پرڏيهي ملڪن جا سربراهه شام آهن.
هونئن ته قاضي صاحب
کي ڪيترن سماجي شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. جن سان ڪيترن خود قاضي صاحب
کان تجربو حاصل ڪيو آهي.پر انهن مان سندس وڏو ڀاءُ قاضي محمد اڪبر نمايان حيثيت رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ قاضي
عبدالمجيد عابد هر لحاظ کان پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مشهور سماجي اڳواڻ ۽ سياستدان
محمد اڪبر قاضي کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿو.
سندس تعاون ۽ مشورا پڻ قاضي صاحب وٽ نهايت اهميت جا حامل هئا. ليڪن ڪيترن حالتن ۾
عابد صاحب محمد اڪبر قاضي جي صلاح و مشوري تي عمل پيرا رهندو هو. بقول ڊاڪٽر حڪيم
حاجي عبدالستار لاشاري (جيڪو ٻنهي ڀائرن جو ويجهو ساٿي هو) جو چوڻ هو ته غصي جو
تيز ۽ جذباتي هوندو هو، جنهن کي قاضي عابد
صلاح ۽ مشهورن سان سمجهائي Cool Down ڪندو هو. جنهن تي پاڻ قاضي اڪبر پنهنجي ننڍي
ڀاءُ جي ڳالهه مڃڻ تي مجبور ٿي ويندو هو. اها ڳالهه سندس لاءِ قابل فخر پڻ آهي جو
سندس همعصر سندس ڀاءُ هو.
سنڌي ڪلاسيڪي ادب
قاضي صاحب جن جي خاندان جو ورثو هو. عربي، فارسي، دينيات، ادب و شاعري سندن وڏن جي
علمي دور جو امتيازي نشان هو ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري رهندو اچي. جنهن ڪري سندن
خاندان مان اڃا به ادبي ۽ تعليمي شخصيتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. جن جو وجود سنڌي قديم
و جديد ادب لاءِ فخر جو باعث آهي. سنڌ جي علائقي ۾ سنڌي ادب جو ذخيرو جيتوڻيڪ بي انداز هو مگر اهو ڪن خانداني ڪتب
خانن ۾ محفوظ ۽ پوشيده هو. جنهن ڪري عوام جي نظر کان پري هو.فقط ڪن مخصوص علمي
ذوق رکندڙ ان مان استفاده حاصل ڪري سگهندا هئا. جنهن ڪري هڪ ته خاص تحقيقاتي ڪم نه
ٿي سگهيو. ٻي طرف بلند پائيه جا عالم و اديب پيدا نه ٿي سگهيا. مگر قاضي عبدالمجيد
عابد انهن خوش بخت نوجوانن مان هو جنهن کي علمي ذخيرو نهايت آسانيءَ سان حاصل ٿي
سگهيو. هن پنهنجي چاچي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (سهري) جي علمي ذخيري مان سنڌي زبان
جو قديم ۽ جديد علمي خزانو حاصل ڪيو. جنهن ڪري سندس معلومات ۽ علميت ۽ گران قدر
اضافو ٿيو. شايد ڪو ٻيو اهڙو شاگرد هجي جنهن کي انهيءَ عمر ۾ علم جي سڃاڻپ ملي هجي
يا ايتري علمي ڪتب خاني جو مطالعو ڪيو هجي! ان ڪري اهو قبول ڪرڻو پوندو ته قاضي
عبدالمجيد کي شاگرديءَ جي دور ۾ ئي علمي برتري حاصل ٿي چڪي هئي. جنهن وقت قاضي
عبدالمجيد عابد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو ته ان وقت
سنڌ ۾ اگرچِ تعليمي ادارا تمام محدود هئا. مگر انهن جي معيار ۽ صلاحيت جو تمام گهڻي
قدر خيال رکيو ويندو هو. سنڌ مدرسته السلام ان وقت سڀني ۾ بلند درجو رکندڙ درسگاهه
شمار ٿيندو هو. هن ئي ڪاليج مان ميران محمد شاهه، حيدر بخش جتوئي، شمس العلماءُ
عمر بن دائود پوٽي جهڙا علم و ادب جا آفتاب ۽ ماهتاب نروار ٿي چڪا هئا. جن جي
علميت جي روشني چوڏس چوڌار خوب پکڙجي رهي هئي. انهيءَ درسگاهه ۾ قاضي عبدالمجيد
عابد تعليم حاصل ڪئي. جنهن ڪري ان جي صلاحيت ۾ ڪو شڪ نٿو ڪري سگهجي.
سنڌ جو مروثي
تعليمي نظام ٻٽي سرشتي ۾ هلي رهيو هو.هڪڙا ادارا اهڙا هئا جن پنهنجي علمي تعمير جو
بنيادي پٿر قديم علوم تي رکيو هو ۽ ڪجهه
ادارا اهڙا وجود ۾ آيا جن ۾ انگريز حڪومت طرفان جديد انگريزي نظام کي برتري حاصل
هئي. جنهن ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ ڪامورن جي کيپ تيار ڪرائي ويندي هئي. اهي ٻئي نظام هڪ
ٻئي جي مخالف نظرين ۽ اصولن تي روان هئا. سنڌ مدرسته السلام ئي ان وقت اهڙو ادارو
هو. جنهن ۾ ٻنهي اصولن کي گڏي اهڙا مستقبل جا معمار پيدا ڪيا ويا پئي جنهن لاءِ
چيو ويندو هو ته هڪ طرف زيور علم سان
آراسته هجن ته ٻئي طرف نئين حڪومت جي ڪامياب آفيسر ٿي صوبي جي معاشي حالت ۾ پڻ
مضبوط ٿي سگهن. بلاشڪ قاضي عبدالمجيد اهڙو نوجوان هو جنهن نه رڳو اتان انگريزيءَ
۾گريجوئيشن ڪئي پر تعليم جي قديم نظام جي خوبين کان به بخوبي معلومات رکندڙ هو ۽ اڳتي
هلي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ هڪ ڪامياب آفيسر به ٿيو ۽ ڪامياب اديب پڻ ٿيو، جنهن
جو ثبوت سندس اعليٰ ڪارڪردگي مان اسان کي ملي سگهي ٿو.
قاضي عبدالمجيد
عابد جي وڏن ادبي خدمت تمام سٺي نموني ڪئي آهي. ٻين کي پاسيرو رکي رڳو حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي جي علمي و ادبي خدمات تي تبصرو ڪجي ته اها ڳالهه چڱيءَ طرح معلوم ٿئي
ٿي ته حڪيم صاحب جي صحبت ۽ شاگرديءَ مان ڪيترا بلند پائيه جا اديب پيدا ٿيا بلڪ حڪيم
صاحب جي تصنيفات جو اندازو پڻ سَوَن جي
تعداد ۾ ملي سگهي ٿو.حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي مصنفانه مرتبي جوهڪ مثال ڪافي
آهي ته جڏهن سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي پهرئين
تصنيف شايع ڪرڻ لاءِ آنحضور جن جي طيبه لاءِ انتخاب ڪيو ته فقط حڪيم صاحب جي ڪتاب
کانسواءِ ڪو به ڪتاب سنڌ ۾ملي نه سگهيو. اهو ڪتاب سيرت طيبه جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن
به ٻوليءَ ۾ لکيل سيرت النبي ڪتاب کان گهٽ نه هو.
قاضي عبدالمجيد
عابد کي جيئن مٿي چيل آهي ته هڪ وڏي علمي
ذخيري مان استفاده ڪرڻ جو سنهري موقعو مليو جنهن ۾ قاضي صاحب نهايت چڱي طرح مطالعو
ڪيو ۽ ادب، تاريخ، سفر نامه، سوانح وغيره جو خاص مطالعو ڪيو، اهي ئي سندس پسنديده
موضوع هئا جن ۾ اڳتي هلي قاضي صاحب طبح آزمائي ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب اديب ثابت ٿيا. قاضي صاحب جيئن انگريزي ۾ گريجوئيشن ڪئي تنهن ڪري
انگلش ۾ پڻ ڪافي علمي ڪتابن جي مطالح جوموقعو ميسرٿين، ان ڪري مغربي علمي، ادبي
رفتار کان گهڻي واقفيت حاصل ڪيائون، انهي
مان جديد ادبي رحجانات کان پڻ معلومات حاصل ڪيائون، انگريزي ادب انوقت به ڪافي
مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي شاهوڪار هئا، ان ڪري قاضي صاحب ان مان پڻ چڱي انداز
۾ علمي سرمايو حاصل ڪيو. قاضي عبدالمجيد عابد شاگرديءَ دور ۾جيئن ته گهڻا مضامين
لکيا، جنهن ڪري منجهس قلمي رواني پڻ پيدا ٿي جيڪا اڳتي هلي کين صحافي زندگي ۾ پڻ
معاون ثابت ٿي ۽ قاضي صاحب هڪ ڪامياب مدّير
جي حيثيت ۾ سٺو داد حاصل ڪيو. قاضي صاحب جي تصنيف ۱(يورپ جو سير) هڪ ڪامياب ۲(سير و سفر)۳ (مونکي ياد آهي ته سياسيات) ۴ (سنڌ جي سياست) وغيره آهن، يورپ جو سير هڪ ڪامياب
۽ مشهور تصنيف آهي، قاضي صاحب يورپ جي سفر ۾ جيڪي مشاهدا ڪيا آهن ۽ جيڪي ڪجهه ڏٺو
يا جن سان مليو سو پنهنجي مخصوص انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي، هي تصنيف هڪ قسم جو سفر
نامو آهي، جنهن کي قاضي عابد نهايت دلڪش انداز ۾ پيرايه ۽ اهڙي نوعيت ۾ ڪاغذ تي عڪس
بند ڪيو آهي جو پڙهندڙ ٿوري وقت لاءِ انهي ماحول ۾ پاڻ کي گم ٿيل محسوس ڪري ٿو. ڪتاب
۾ وڏي خوبي هيءَ آهي ته قاضي صاحب نه رڳو ان ۾ ادبي نڪتا پيش ڪيا آهن بلڪ اتي
سماجي، سياسي ۽ سائنسي ترقي ۽ ردوبدل جا اسباب ۽ قائدا ۽ نقصان پنهنجي گهري نظر
سان جاچي پرکي پيش ڪيا آهن، جنهن ڪري پڙهندڙ جديد يورپ جي هر ڳالهه کان واقف ٿي وڃي
ٿو.قاضي عبدالمجيد عابد عام لکندڙ وانگر فقط واقعات ڪو نه لکيا آهن. بلڪ جيئن هڪ
دانشور ۽ اديب معائنو ۽ مطالعو ڪندو آهي. نئين هر هڪ ڳالهه جي تَهَه ۾ پڻ ويو آهي
۽ ان جي پوري صورتحال تي خيال آرائي ڪئي اٿس، فقط سرسري يا مٿا ڇري نگاهه ڪو نه وڌي
اٿس. پر هڪ فنڪار وانگر انهن جي هر هڪ پهلوءَ کي سامهون رکي پوءِ ان تي تنقيد ڪئي
اٿس جنهن ڪري دلڪشي سان گڏ معلوماتي اندازهر هنڌ جهلڪا ڏيئي رهيو آهي. ڪتاب ايترو
عام فهم زبان ۾ لکيو ويو آهي جو ٿوري عرصي ۾ انجا ٻيا ڇاپا پڻ شايع ٿي ختم ٿي ويا
هئا. انهي مان سمجهي سگهجي ٿو ته قاضي صاحب جي قلم جو اعجاز ڪيترو نه واضح ۽ بلند
پايئه جو آهي.
قاضي عابد ته
هونءَ بي انداز مضامين لکيا آهن پر سياسي ۽ اهم شخصيتون وارو سلسليوار
معلوماتي مضمون جيڪو تقريبن هڪ سئو مضامين
تي مشتمل آهي بيحد ڪامياب ۽ غير معمولي آهي، هي باتصوير سلسله وار مضامين هئا جيڪي
مشهور روزنامو عبرت ۾ شايع ٿيا آهن. زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ صاحبن هن جي
ساراهه ڪئي آهي ۽ معلومات جي لحاظ کان جامع مڃيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل ڪيترين اهم ادبي، سياسي، سماجي خواه ٻين شعبن سان تعلق
رکندڙ اهم شخصيتن کان واقفيت حال ڪري سگهندا هئا ڇاڪاڻ ته ڪيترا اهڙا انسان پنهنجي عمده ڪارڪردگي ڏيکاري
گذاري ويا آهن جن کان آئنده نسل بلڪل غير واقف آهي، هي مضامين اها گهٽتائي گهڻي
قدر پوري ڪري سگهن ٿا.
قاضي عبدالمجيد
عابد ڪاليج جي شاگرديءَ واري دور ۾ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو ۽ شاگرد تنظيمن
ذريعي سياست جي ابتدا ڪئي، انوقت گڏيل
هندوستان ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جدوجهد آزادي ۾ نمايان وڏيون جماعتون هيون. جنهن ڪري زندگي سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن ۾ انهن
جو اثر ٿيڻ لازمي هو تنهن ڪري تعليمي اداره ئي انهن کان خالي نه هئا. جنهن ڪري هر
هڪ ڪاليج ۾ شاگرد تنظيمون ٻن وڏن حصن ۾ تقسيم ٿيل هيون. هڪ مسلم ليگ سان تعلق رکندڙ
۽ قائد اعظم محمد علي جناح رحمته الله جي آواز تي لبيڪ چئي مسلمانان هند جي سياسي
حقوق لاءِ آزاديءَ جي تحريڪ هلائي رهيا هئا، ٻئي طرف آل انڊيا ڪا نگريس ڪاميٽي،
جنهنجا اڳواڻ مهاتما گانڌي ۽ پنڊت جواهر لعل نهرو هئا. هن ۾ اڪثريت هندن جي هئي،
هيءَ جماعت جو نعرو گڏيل هندوستان جي آزادي
حاصل ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ هن جو چوڻ هو ته هندو ۽ مسلمان هڪ قوم آهي ان ڪري
هندوستان جي آزادي ٻنهي قومن جو گڏيل مطالبو آهي. هن ۾ ڪجهه مسلمان پڻ شريڪ هئا.
قاضي عبدالمجيد شروع کان وٺي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان آزادي واري سياست ۾ حصو ورتو ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب جي دوربين نگاهه
ڏسي رهي هئي ته سنڌ جي مسلمانن جي سياسي ترقيءَ کانسواءِ تعليمي ۽ معاشي ترقيءَ جو
راز پڻ مسلم ليگ جي قيادت ۾پوشيده آهي، قاضي عبدالمجيد عابد جو اهو اندازو بلڪل
صحيح ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ وارو اهم مسئلو پڻ مسلم ليگ
قيادت حل ڪري سگهي ۽ محمد ايوب کهڙو، سر شاهنواز ڀٽو، غلام محمد ڀرڳڙي، پير الاهي
بخش جهڙن سياستدانن پڻ هن ئي پليٽ فارم
تان اٿيو آواز بلند ڪيو . قائد اعظم رحمته الله جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي.
قاضي عبدالمجيد
عابد انهيءَ تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو نوجوانن سان گڏ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾
اجتماع ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ عوام جي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪرڻ جيئن سنڌ
جو عوام بيدار ٿئي ۽ سنڌ اسيمبلي ٺهڻ وقت هو
پنهنجو سياسي ڪردار چڱيءَ طرح ادا ڪري سگهن. قاضي صاحب ان وقت سنڌ جي راءِ
هموار ڪرڻ ۽ ٻهراڙيءَ کان وٺي شهرن تائين تحريڪ هلائي بيداري آندي نتيجو هي نڪتو
جو قاضي عابد سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويو ۽ سندس سياسي خدمت جو اعتراف هر طبقي مان
ٿيڻ لڳو. سنڌ بمبئي کان جدا ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جو انتخاب ۽ وزارت جو سوال جو
مسئلو سنڌ جي سياست ۾وڏي حيثيت اختيار ڪئي. ڪانگريس ڪجهه مسلمان اڳواڻ پاڻ سان
ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. جن مان خان بهادر الهه بخش سومرو برک سياستدان
سمجهو ويندو هو ۽ هن جي سياسي اثر رسوخ
سبب مسلمان ۽ هندو گڏجي سندس قيادت ۾ ڪانگريس وزارت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهڙي
طرح مسلم ليگ جي ڪاميابي مشڪوڪ بڻجي وئي. ان وقت مسجد منزل گاهه تي هندن جو قبضو ڪرڻ
جوحربو استعمال ڪيو. ڇاڪاڻ ڪيترن سالن کان هو مسجد کي پنهنجو مندر چئي قبضو وٺڻ جي
ڪوشش ڪري چڪا هئا. ۽ ناڪامياب ٿيا هئا. هنن الهه بخش وزارت ۾ اثر رسوخ جو فائدو
ورتو ٿي. مگر مسلم ليگ اعتراض ڪيو ته اها قديم مسجد آهي. ان ڪري مسلم ليگ اڳواڻ
ميدان تي نڪري آيا جن ۾ قاضي عابد تقريرون ۽ ورڪ ڪرڻ سان مسلمانن جي مڪمل رهنمائي ڪئي،
جنهن ڪري صحيح رهنمائي سبب مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪانگريس وزارت کي
استعيفا ڏيڻي پئي. اهڙي طرح قاضي عبدالمجيد عابد پنهنجي مسلم ليگ قيادت سان يقين ۽
اعتماد سان ڪم ڪندو رهيو. جنهن ڪري هڪ ته سندس شهرت وڌي وئي. ٻئي طرف منجهس اعليٰ
قيادت جون صلاحيتون پيدا ٿي ويون. جنهن سبب هر هڪ ڪامياب ۽ مشهور سياستدان ليکيو
ويو. قائد اعظم محمد علي جناح ۱۹۴۰ع ۾ لاهور ۾ قرارداد پاڪستان پاس ڪيو ۽ هندوستان جي ڏهن ڪروڙ
مسلمانن يڪ-آواز هڪ آزاد مملڪت پاڪستان جي آزاديءَ جو مڪمل مطالبو پيش ڪيو جنهن ڪري
مسلمان هند هڪ نئين ولوله ۽ جوش سان جذبي سان متحرڪ ٿي ويا. سنڌ ۾ به انهيءَ آواز
تي لبيڪ چئي نوجوان سياستدان پنهنجي جذبي سان ملت جي نصيب العين لاءِ اڳتي وڌڻ لڳا.
قائد اعظم رحمة الله عليه چونڊن جو اعلان ڪري
اهو ثابت ڪرڻ گهريو ٿي ته جمله مسلمان مطالبي پاڪستان تي متفق آهن ۽ هو انهيءَ
مطالبي کان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنهن به
حالت ۾ تيار نه آهن. ڪانگريس ڪجهه مسلمان اميدوار جدا جدا تڪن تان بيهاريا ان ڪري
مسلم ليگ لاءِ امتحان جو وقت اچي ويو. قاضي عبدالمجيد عابد انهيءَ گروپ ۾ سرگرميءَ
سان ڪم ڪيو. جنهن کي مسلم ليگي اڳواڻ ۽ اميدوارن کي هر طرح ڪامياب ڪرڻو هو. ڇاڪاڻ
ته انهن جي ڪاميابيءَ لاءِ خود قائد اعظم
خاص اپيل ڪئي هئي. قاضي عبدالمجيد عابد بجا طور تي انهيءَ فرض ادائيءَ کي پنهنجي
ذهانت، قابليت ۽ سياسي سمجهداري سان ادا ڪيو ۽ رات ڏينهن هڪ ڪري آرام ڦٽائي مسلم
ليگي اميدوارن کي ڪامياب بنايو. سندس اهو ڪارنامو سنهري اکرن ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ
۾ هميشه ياد رهندو. خاص طور ڪوٽڙي دادو واري انتخاب ۾قاضي عبدالمجيد عابد جنهن
سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪيو اهو اعليٰ قيادت پڻ تسليم ڪيو.قاضي عابد انهي انتخاب ۾
جنهن سياسي بصيرت جو ثبوت ڏنو اهو قاضي صاحب جي پوري سياسي مستقبل تي حاوي رهيو.
ان بعد قاضي عابد هڪ آزمودگار ۽ جهانديد سياستدان ٿي ملڪي اُفق تي نمودار ٿيو ۽
سندس ذهانت ۽ حب الوطنيءَ جو اعتراف وڏن وڏن
اڳواڻن سهڻن الفاظن ۾ ڪري کيس دادِ تحسين ڏنو. واقعي قاضي عابد انهيءَ داد جو هر
طرح لائق هو. ڇاڪاڻ ته اهو ڪو معمولي ڪارنامو نه هو جو مسلم ليگ سنڌ ۾ ۹۹ سيڪڙو جايون کڻي پوري هندستان۾ سنڌ کي مسلم
ليگ جو قلعو ڪري پيش ڪيو. اڳتي هلي سنڌ
صوبي پاڪستان سان شموليت جو ٺهراءُ بحال ڪري قائداعظم ۽ مسلم ليگ سان پنهنجي قسمت ڳنڍي
ڇڏي.
قاضي عبدالمجيد عابد اهو خوشنصيب سياستدان آهي،
جنهن کي پاڪستان جي آزادي بعد به ملڪ جي خدمت جو موقعو قدرت عطا ڪيو. قاضي صاحب جي
خدمتن جو اعتراف خود بابا قوم حضرت قائد اعظم محمد علي جناح پڻ ڪيو.جنهن جو ذڪر
قاضي صاحب وقت بوقت پنهنجي ٽي وي ۽ ريڊيو تقريرن ۽ مذاڪرن ۾ پڻ ڪيو هو. جيڪو پوءِ آزادي ۽ ”يوم وفات قائد
اعظم“ جي موقعي تي خصوصي طور قاضي عابد ڪندو رهيو. ليڪن خدمت جو ميدان قاضي صاحب
پنهنجي حلقئه ۽ بلديه جي حد تائين مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس يقين آهي ته خدمت جي
ضرورت بلديه جي حد اندر سڀ کان زياده آهي. تنهنڪري پاڻ خاص طور بلديه صدارت کي
پسند ڪندي شهري سياست کي ئي مقدم سمجهيو. ۽ ڪيترا سال حيدرآباد بلديه جو صدر ٿي ملڪ
۾ قوم جي خدمت به حسن و خوبي سان سر انجام ڏني. انهيءَ دوران قاضي صاحب ملڪ جي
ترجماني ڪرڻ لاءِ ڪيترن بين الاقوامي ادارن ۾ قيادت ڪئي ۽ پنهنجي سياست معلومات جا
جوهر ڏيکاريا. اهڙي طرح قاضي عابد هر طرح ملڪي ۽ قومي خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو.
بعد ۾ ماڻهن جي وڌيڪ خدمت خاطر قاضي صاحب پنهنجي حلقئه کي وڌائي پوري پاڪستان جي
عوام،ملڪي ۽ قومي خدمتون ڪرڻ لاءِ وفاقي سطح تي پنهنجي پاڻ کي مڃرايو ۽ ۱۹۸۵ کان ۱۹۸۸ع تائين محمد خان جوڻيجو جي ڪابينا ۾ رهيو.
جنهن ۾ خوراڪ ۽ زراعت، اطلاعات ۽ نشريات، پاڻي ۽ بجلي ۽ تعليم جو وفاقي وزير پڻ
رهيو ۽ پنهنجي صلاحيتن سان پاڻ کي مڃرايو. سندن وفات ۲۷ آگسٽ ۱۹۹۶ع ۾ ٿي ۽کين سول لائينز ڪنٽومينٽ حيدرآباد
جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
قاضي عبدالمجيد عابد
صحافت، سياست ۽ ادب جو وڏو نانءُ
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
اِئين
اڪثر گهٽ ئي ٿيندو آهي ته ڪي ماڻهو هڪ ئي وقت سياستدان به هُجن، اديب به هُجن ۽
صحافت جي دُنيا ۾ به سندن ڌاڪو هُجي. ڇو ته ايتريون ساريون خوبيون هڪ ئي وقت ڪنهن
ماڻهوءَ ۾ هُجڻ ذري گهٽ ناممڪن هوندو آهي، جيڪڏهن ڪو سُٺو اديب آهي ته اُن کان
سياست سنڀالي ناهي ٿيندي، بلڪه هُو سياست کان پرانهون هُجڻ ۾ عافيت سمجهندو آهي،
اِئين وري اديب ورلي ئي سُٺا صحافي ثابت ٿيندا آهن. ڇو ته هر ڪم ۾ محنت ۽ مهارت
گهربل هوندي آهي ۽ اِها ڳالهه هر ڪنهن جي وس جي ناهي هوندي ته هُو هر شعبي ۾ محنت
ڪري سگهي. ڪي ٿورڙا ئي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت ايترن شعبن تي ڪمانڊ
حاصل هوندي آهي. جناب قاضي عبدالمجيد عابد به اهڙين چند شخصيتن مان هڪ هو، جنهن
صحافت، ادب ۽ سياست ۾ هڪ جيترو نانءُ ڪمايو.
قاضي
عبدالمجيد عابد ولد عبدالقيوم عباسيءَ جو نالو سنڌي صحافت، ادب ۽ سياست ۾ هڪ قابل
احترام شخص طور ورتو وڃي ٿو. سندن ولادت ۲ مارچ ۱۹۱۵ع ۾ سيوهڻ شريف ۾ ٿي، ۱۹۳۲ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ ۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ عملي طور
صحافت ۾ قدم رکيائون، ۱۹۵۸ع ۾
عبرت اخبار محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان خريد ڪري هن اخبار کي ترقي ڏياريائون. سندن
لکيل عبرت جا ڪالم صحافتي دنيا ۾ اهميت رکن ٿا. ادبي دنيا ۾ سندن اهم ڪارنامو ”سفر
يورپ جي ڊائري“ سفرنامو آهي جو خطن تي مشتمل 4۰۸ صفحن جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جا خط قاضي صاحب جن ”عبرت“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ
علي محمد صاحب کي يورپ جي سفر دوران وقت به وقت لکيا. جنهن جو ڪتابي صورت ۾ پهريون
ايڊيشن ۱۹۶۰ع ۾ عبرت وارن ڇپايو ۽ ٻيو ايڊيشن نيو فيلڊس
پبليڪيشن جي منتظم فيروز ميمڻ، سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ
سهڻي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو.
۱۹۶۰ع ۾ قاضي صاحب جن پنهنجي گهرواريءَ جي ڪينسر جي علاج جي سلسلي ۾ يورپ ويا،
جتان سندن لکيل خطن ۾، پنهنجي ذاتي احوال سان گڏ، مختلف مشهور اسپتالن جي ڄاڻ آهي
۽ فارغ وقت ۾ سندن گهمڻ، ڦرڻ جو احوال آهي، هيءُ ڪتاب هڪ معلوماتي سفرنامو شمار
ٿئي ٿو. هن ڪتاب جو تعارف غلام محمد گرامي لکيو آهي، گرامي صاحب موجب ته: ”عابد
صاحب پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل تمام رنگين ۽ دلڪش نثر لکيو آهي. اڄڪلهه سهل
ممتنع نثر ۽ مسجع نثر ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ اديب ئي لکي سگهي ٿو. سندن تحرير رنگين ۽ ساده
آهي“. جيئن ته قاضي صاحب هيءُ سفر اڄ کان تقريباً ۵۵ سال اڳ ڪيو هو، انهيءَ وقت جهاز ڪيترن ملڪن، مثلاً بغداد، دمشق، روم،
جنيوا، وغيره مان ٿيندو پوءِ لنڊن پهچندو هو. اهو هڪ ڊگهو هوائي سفر هو. انهيءَ
وقت لنڊن جو نئون ماڊرن سهوليتن سان آراسته ايئرپورٽ ٺهي رهيو هو. (اڄڪلهه ڊائريڪٽ
اڏامن ۾ سفر آرامده آهي).
هن
سفرنامي ۾ ”هارلي اسٽريٽ“، جيڪو مشهور و معروف ڊاڪٽرن جو علائقو آهي، ان جو
معلوماتي ذڪر تمام فائديمند ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. علاج و معالجي کان سواءِ فارغ وقت ۾
پاڻ سٺي نموني سان يورپ کي گهميائون ۽ ڪيترن هنڌن جو تفصيل ڪتاب ۾ ڏنو اٿن. سندن
گهميل تفريحي جڳهين ۾ پڪاڊلي سرڪس، ٽرئفلگر اسڪوائر، لنڊن ميوزم، ٽاور آف لنڊن،
ميڻ جي مجسمن جو ميوزم، شاهي خاندان جون مشهور عمارتون ويسٽ منسٽر هال، ويسٽ
منسٽرابي، ۱۰ ڊائوننگ اسٽريٽ، ونڊسر ڪئسل
(شاهي خاندان جي گهمڻ جي جڳهه جتي هو موڪلون گذاريندا آهن) ۽ ٻيا ڪئين هنڌ اچي وڃن
ٿا.
برٽش
حڪومت جي تاريخي، سماجي ۽ اقتصادي ڄاڻ سان گڏ، اتي جي باشندن جون ڪرداري خوبيون ۽
خاميون ذڪر ڪري برطانوي تهذيب و تمدن کي کولي بيان ڪيو اٿن. لنڊن جي هوائي اڏي جي
حُسنِ انتظام جي تعريف ڪندي بيان ڪن ٿا ته: ”اڃان هوائي اڏي مان قدم ٻاهر نه ڪڍيو
هئائون، جو کين هڪ ليڊي آفيسر لفافو ڏنو. جنهن ۾ نياپو لکيل هو، ته ڊاڪٽر
عبدالمجيد عباسي ٻاهر Reception ۾ توهان جو
انتظار ڪري رهيو آهي، هڪ نئين ملڪ ۾ نو وارد کي اهڙو پيغام انتهائي تسلي پهچائي
ٿو“. ملڪ جي ٽيڪس جي انتظام کي واکاڻيندي لکن ٿا ته. ”يونائيٽڊ ڪنگڊم آف گريٽ
برٽين (U.K) جي ويلفيئر اسٽيٽ نه صرف هر
بي روزگار جي پرگهور لهي ٿي، پر اسٽيٽ روزگار به مهيا ڪري ڏئي ٿي ۽ عمر رسيده
اشخاص جي ۽ ٻارن جي کاڌي ۽ اسڪولن جي خرچ جي جوابداري به نڀائي ٿي. صرف عوام جي
ايمانداريءَ سان ادا ڪيل ٽئڪسن جي ڪري اهي ملڪ ترقي به ڪن ٿا ته سندن عوام پڻ
خوشحال زندگي گذاري ٿو“.
هتي جي
باشندن جي خوبين سان گڏ خامين کي ذڪر ڪندي، کين سندن زندگي گهڻي مشيني تمدن جي لڳي
ٿي. هو مائٽن مان بيزار آهن، نوجوان نسل نشي ڏانهن راغب ۽ بي راهه رويءَ ڏي مائل
آهي. هن ڪتاب جي سنڌي بقول گرامي صاحب جي سجيل جڙيل نثر آهي. انهيءَ ڪري باوجود
يورپ جي رنگين ۽ دلچسپ احوال جي ڪيڏيءَ مهل ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو نصابي ڪتاب پڙهي
رهيا آهيون. ڪٿي ڪٿي قاضي صاحب جن ٺيٺ سنڌي محاورا ۽ مشابهت وارا سهڻا جملا
استعمال ڪيا آهن. لنڊن جي پرسڪون ۽ پئرس
جي عيش و طرب ۽ هنگامن واري شهر جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي لکن ٿا: ”پئرس ۽ لنڊن ۾ ايترو
فرق آهي، جيترو هڪ نائيٽ ڪلب ۽ ڏيئلداس ڪلب ۾“. يا پئرس جي بهترين ڊبل روٽي کين،
بامبي بيڪريءَ جي ياد ٿي ڏياري.
علمي ۽
ادبي لحاظ کان هن ڪتاب جي هڪ اهم حيثيت آهي، منجهس يورپ جي باري ۾ سٺي ۽ وسيع ڄاڻ
ڏنل آهي. هيءُ هڪ معلوماتي سفر نامو آهي. محققن موجب ته، ”سفر يورپ جي ڊائري“
پهريون باقائده سفر نامو آهي، جنهن پڙهندڙن ۾ غير ملڪ جي احوال پڙهڻ جو شوق جاڳايو
۽ ڪتاب کي سٺي مقبوليت ملي. قاضي صاحب سياست، صحافت، علم ۽ ادب ۾ ڪاميابيون
ماڻيون. هو خدا ترس انسان هو. سندس زندگيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط انسانيت جي خدمت هو.
پاڻ ۲۷ آگسٽ تي هن جهان مان وفات
ڪيائين.
No comments:
راءِ ڏيندا