; سنڌي شخصيتون: آغا غلام نبي صوفي

04 August, 2016

آغا غلام نبي صوفي

آغا غلام نبي صوفي
ارشاد ڪاغذي
آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن خان المعروف آغا صوفي ۱۸ سيپٽمبر ۱۸۸۹ع تي تولد ٿيو. آغا صوفي ابتدائي تعليم شڪارپور جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول مان حاصل ڪري، سيڪنڊري تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخلا ورتي ۽ بعد ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. آغا صوفي مئٽرڪ جي امتحان ۾، سنڌي پيپرن جا جواب، نثر بدران نظم ۾ لکيا هئا.


آغا صوفي کي شاعري جو شوق ڪمسَنيءَ کان هو. پروفيسر لطف الله بدوي ماهوار سنڌو رسالي نومبر ۱۹۳۸ع ۾ لکيو آهي ته آغا صوفي ٻڌايو هو ته: ”جڏهن مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن هڪ شعر لکيو هوم، اتفاق سان اهو مرحوم عبدالقادر بيدل ڀُٽي جي هٿن ۾ پهتو، جو پڻ سٺو شاعر هو ۽ سندس تخلص بيدل هو. هن ان تي ناقدانه نظر وڌي ۽ ڪي غلطيون مون کي ڏيکاريائين. مون ان سان بحث ڪيو ۽ آخر فيصلو علوي مرحوم تي ڇڏيو ويو. مرحوم علوي (علي نواز) مون کي داد ڏيندي عبدالقادر کي چيو ته، ”هن جي عمر ڏي به ڏس ۽ شعر جو لکڻ به ڏس. اسان هن عمر ۾ رانديون ڪندا هئاسين.“ 
ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته هو ننڍپڻ کان ئي ڪوِتا جو ڏات ڌڻي هو. هو نه فقط سٺو ۽ مشهور شاعر هو پر ان سان گڏوگڏ محقق، ناٽڪ نويس، مصنف، حاذق حڪيم، صوفي، سٺو راڳي، اداڪار، هدايتڪار ۽ بِهتر منتظم پڻ هو. 
ڌرم اپڪار اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي شڪارپور جي باري ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب لکي ٿو: ”شڪارپور شهر جي هن ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ جو سڀاپتي ۽ پريزيڊنٽ ديوان ٺاڪرداس ناگراڻي هو ۽ جنرل سيڪريٽري مهراج بنسي رام هو. شڪارپور جي هن جڳ مشهور ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ جي ڊائريڪٽرن ۽ هدايتڪارن ۾ سنڌ جو نامور قلمڪار آغا غلام نبي المعروف آغا صوفي ۽ مهراج تيجڀانداس هئا.“ [1]
آغا صوفي جو والد صاحب، خيرپور رياست جو نائب وزير هو ۽ ان دور ۾ آغا صوفي خيرپور ۾ ڪجھ عرصو، ميرن جي شهزادن کي پاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سن ۱۹۱۹ع ۾ خيرپور رياست جي تعليم کاتي جي اعليٰ عهدي تي فائز ٿيو. خيرپور ۾ رهڻ دوران درازا جي درگاھ سچل سرمست جي مشهور صوفي سنت سخي قبول محمد شاھ درازي جي هٿ تي بيعت ڪري سندس مريد ٿيو ۽ هو هڪ اهڙو مريد بنجي ويو، جنهن جي مڃتا هر هنڌ ڦهلجي وئي. سخي قبول محمد شاھ درازي کيس پنهنجو نانڪ بنايو، جيئن سچل سرمست جو خاص ۽ پيارو نانڪ يوسف هو، تيئن سخي قبول محمد شاھ، آغا صوفي تي نانڪ نانءُ ڌري عزت، مان ۽ اعزاز سان نوازيو. انڊين لٽريچر ڀاڱو ٻيو جو ايڊٽ ڪندڙ امريش دتا جي بقول: آغا صوفي پهريان آغا حسن جان (۱۸۸۸ع-۱۹۷۳ع ) جو مريد ٿيو ۽ پوءِ علي محمد لقماني جو اثر قبول ڪيو. پر سخي قبول محمد درازي جي محبت ۾ نانڪ بڻجي نروار ٿيو. آغا جي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي نانڪ تخلص پڻ ملي ٿو.                                                                         
انڊين لٽريچر ۾ سندس تعارف هن ريت ڪيو ويو آهي: ”غلام النبي صوفي، آغا (سنڌي) ڄم: ۱۸۸۹ع وفات: ۱۹۳۸ع. عرف عام آغا صوفي، شڪارپور، سنڌ جي مشهور دراني پٺاڻ خاندان جو فرد هو. پرائمري تعليم شڪارپور ۽ هائر سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسي ڪراچي مان حاصل ڪيائين. طب جي تعليم پڻ ورتي. هن جو والد صاحب ٽالپرن جي حڪومت ۾ خيرپور رياست جو نائب وزير هو. هن خيرپور رياست جي تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي.
شروعات ۾ هو آغا حسن جان جو مُريد ٿيو، پوءِ علي محمد لقماني جي سنگت ۽ صحبت ۾ رهيو. ان کانپوءِ صوفي سنت سخي قبول محمد شاه درازي جو چيلو بڻيو، جنهن سندن نالو نانڪ ڌري پنهنجو بنايو. هن کي درگاه ۾ صوفي بزرگ نانڪ يوسف جو گھر رهائش جي استعمال لاءِ ڏنو ويو هو. آغا صوفي سادگي واري هلت هلندو هو پر هو سٺي ۽ بلند خيال، ڌيان ۽ گِيانَ جو مالڪ هو. هن جو لباس سفيد شلوار ۽ ڪُڙِتو ۽ گيڙو پٽڪو هو. هو فقيرن جي سنگت ۽ غريب ماڻهن جي صحبت کي اوليت ۽ اهميت ڏيندو هو. هو موسيقيءَ جو شوقين ۽ ڄاڻو هو رات جو پنهنجا گيت لکي راڳ رنگ جي محفل ۾ پنهنجي ترتيب ۽ ٺاهيل ڌن تي ڳائيندو هو. هو عظيم صوفي هو ۽ پنهنجي تحريرن ۾ صوفي متي جي اُپَٽار ڪندو رهندو هو ۽ يوگي هو.
هن جا ڇپيل ڪتاب هي آهن: دنيا دورنگي، گلزارِ محمد، عشقِ آغا، فريادِ آغا، ارمانِ آغا، طبي جواهر، مناجات قرآن، فارسي-سنڌي گرامر، هندي يوگا وديا. اهي سڀ ڪتاب اڻ لڀ آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتاب هي آهن: ۱. شاھ ناما: هي ڪتاب سنڌي ۾ لکيل آهي ۽ سندس پٽ آغا ضياءُالدين وٽ قلمي نسخو موجود آهي. ۲. هندستان ۾ ڊرامن جي تاريخ: هي ڪتاب هندستان جي گذريل ٻن هزار سالن کان وٺي ۱۹۲۰ع تائين جي عرصي تي مشتمل طويل ناٽڪ جي تاريخ جي باري ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب جو قلمي نسخو آغا صوفي جي ڀائٽيي عبدالرسول خان وٽ محفوظ آهي. ان کان علاوه سندس ڀائٽيي وٽ ”ڪرشنا ڪپرا“، ”شانِ اسلام“، ”انقلابِ يورپ عرف جرمني سازش“ جا قلمي نسخا موجود آهن، ۽ ”ڪاليج جو زمانو“. آخري ڪتاب ناٽڪن جو مجموعو آهي. آغا صوفي نه فقط هڪ سٺو ناٽڪ نويس هو پر اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو.“ [2]
آغا صوفي ”سچل سرمست“ جو رسالو ۱۹۳۳ع ۾ ترتيب ڏنو هو. هي رسالو آغا غلام نبي گل حسن خان (صوفي) مهتمم (حڪيم حاذق) شڪارپور جي پريس سچانند نيونند رام تلريجا، شيام سندر پرنٽنگ پريس، لکيدر، شڪارپور پاران ۱۹۳۳ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. آغا صوفي شڪريه جي سري هيٺ فقير ولڀداس درازي (ڊپٽي ڪليڪٽر) جن جا ٿورا مڃيندي لکي ٿو ته:
”آخر ۾ فقير ولڀداس درازي (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي حق ۾ سواءِ دعا جي ٻيو ڪجھ چئي به نٿو سگھان. جن شريف دوست هر طرح سان منهنجي مئل شوق کي زنده ڪرڻ ۾ مسيحيٰ جو ڪم ڏنو آهي. مان مبالغي سان نٿو چوان ته جيڪڏهن منهنجو هي هم رفيق شفيق دوست مون کي هن ڪم ۾ پنهنجي مصلحت مشوره جي خزاني مان همت جي جواهرن سان مالامال نه ڪري ها، پڻ مالي ۽ خيالي امداد نه پهچائي ها، ته هي عشق ۽ عرفان جي عطرداني، اهل ذوق شوق جي دماغن کي، هوند ايترو جلد معطر ڪين ڪري ها.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي تي تنقيد ڪندي هن رسالي ۾ آغا صوفي رقمطراز آهي: ”جناب گربخشاڻي صاحب واري شاھ جي رسالي جي شرح نظر مان ڪڍندي، اسان کي ڏک ظاهر ڪرڻو ٿو پوي، ته ديوان موصوف جو قلم الائي جي ڪيئن قبضي مان نڪري ويو آهي، جو سچل سرمست جهڙي عالم فاضل ۽ ثاني منصور جي باري ۾ لکيو اٿس ته ... ”سچل وغيره شاھ صاحب جي دز کي به رسي ڪين سگھيا آهن.“ انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته سرمست صاحب جي تحريري ڪارنامن مان، جناب ديوان صاحب جي نظر کي، هڪ نقطو به نصيب ڪين ٿيو آهي.“
تحرير جي آخر ۾ هن هڪ شعر به لکيو آهي:
لطف مستی تو کيا جانے واعظ
ارے صاحب تو نے تو پی هی نهين
آغا صوفي هن رسالي ۾ سچل سرمست ۽ شاه لطيف جو مَوازَنو ڪيو آهي. ان ڀيٽ ۽ بحث کي سهڙيندي ۽ تبصرو ڪندي پروفيسر لطف الله بدوي تذڪره لطفي جي پهرئين جلد ۱۹۵۳ع ۾ ان جو جواب تفصيل سان ڏنو آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ اوهان جي خدمت ۾ ٽه-ماهي مهراڻ ۱۹۸۹ع ۾ ڇپيل هڪ مقالي جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. ”هي رسالو شڪارپور جي آغا غلام نبي صوفيءَ (وفات ۱۹۴۱ع) ترتيب ڏنو، جيڪو فقير ولڀداس (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي امداد سان شڪارپور پريس مان ۱۹۳۳ع ۾ پڌرو ٿيو. جڏهن آنجهاني گربخشاڻي صاحب شاه لطيف جو مستند متن عالمانا انداز سان مقدمو لکي پڌرو ڪيو، جنهن جي مهاڳ ۾ گربخشاڻي صاحب ڄاڻايو هو ته؛ ”سچل وغيره شاھ جي دز کي رسي نه سگھيا.“ تڏهن صوفي صاحب ان مقابلي ۾ هي سچل جو رسالو تيار ڪيو. جيتوڻيڪـ ٻنهي عالمن جي علمي ڪاوش ۾ ڏينهن رات فرق آهي. ۳۲۰ صفحن تي حيات سرمست ۽ ۴۹۳ صفحن تي مشتمل ڪلام ۽ شرح لکيل آهي. هن رسالي ۾ ۳۹ سنڌي ۹ سرائڪي ۴ اردو ۽ ۶ فارسي غزل آهن، البت بيتن جو ڀاڱو ٻين رسالن کان سوايو آهي. [3]
جهڙي نموني ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ عبدالطيف جي ڪلام تي ڪم ڪري شاھ جو رسالو ڏنو ۽ پنهنجو نور نچوئي علمي ۽ ادبي پورهيو ڪري پاڻ ملهايو. اهڙيءَ طرح آغا صوفي ”سچل سرمست“ ترتيب ڏئي، اڻ ميو ڪم ڪيو. رسالي ۾ صوفيت ۽ ويدانيت جي باري ۾ سندس لکيل لکت تمام گھڻي معلوماتي آهي. هو سچل سرمست جو عاشق، معتقد ۽ شارح هو، جنهن پنهنجي علميت جا سمنڊ وهائي، سچل سرمست جي رسالي کي بنيادي ماخذ طور متعارف ڪرائي، هڪ اهم ادبي ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي. ان مان سندس ماڻ ۽ مريادا جو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو. هڪ اسڪالر ۽ اهو به اعليٰ پد تي پهتل عالم جي قلم سان هڪ اهڙو دنگ ڪيو اٿس جو هر ڪنهن جو ڪم ناهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر مخمور بخاري آغا صوفي جي سچل سرمست جي رسالي جي نئين سري سان ايڊٽ ڪري ان تي حاشيا لکيا آهن. هيءُ ڪتاب ثقافت کاتي پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب وڏي عرق ريزي ۽ مهارت سان ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر مخمور بخاري جو يادگار ڪارنامو ليکيو ويندو.
پير سائين حسام الدين راشدي صاحب سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ آغا صوفي جي باري ۾ خيالن جو اظهار ڪيو هو، جيڪو هتي پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته تاريخي حقيقتن کان جيئن واقفيت حاصل ٿئي. ”مان کي ياد آهي چڱيءَ طرح ته مرحوم گربخشاڻي جڏهن شاھ جو رسالو شايع ڪيو، جڏهن پهريون دفعو آرائش ۽ تزئين جي لحاظ سان آغا صوفي مرحوم، جيڪو هتان جي درگاه جو ايترو ئي عقيدتمند، ايترو ئي عاشق ۽ ايترو ئي وا رفته ۽ جان فدا هيو، جيئن اسان جو اڄ علي اڪبر درازي ڏسو ٿا پيا، انهيءَ ويچاري تمام سٺي نموني رسالو شايع ڪري ۽ هيءَ تسڪين ڏيڻ دل کي گھري ته گويا گربخشاڻيءَ جي مقابلي تي هن شايع ڪيو هو، سچل جو رسالو.“ [4]
آغا صوفي جي ادبي پورهئي جي واکاڻ ڪرڻ ضروري آهي. هو گونا گون شخصيت جو مالڪ هو ۽ ان جي بدولت هن ادب جي کيتر ۾ ڪيئي ڪارناما سر انجام ڏنا. نثر توڙي نظم جو پڪو، پختو ۽ باڪمال عالم ۽ ڄاڻو هو. هو في البديہ شعر چوڻ تي مَلڪو رکندڙ هو. سندس تحرير فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور آهي. ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو صاحب ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ ۾ آغا صوفي جي شاعري جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”آغا صوفي جي شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪافي ۽ غزل جي فن تي ڪثرت سان طبع آزمائي ڪئي آهي. هو علم عروض جي پيچيدگين جو ڄاڻو هو. سندس صحبت ۾ ڪيترا شاگرد رهيا، جن کانئس شعر ۽ شاعريءَ جي تربيت حاصل ڪئي. آغا صوفي جي شاعري ۾ ڪتب آندل ٻولي سليس ۽ سلوڻي آهي. پاڻ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن ڪري هن جي ڪلام ۾ رواني موجود آهي.“
تربت جي لاءِ ”آغا“ جي هڪ گل نه بچايئي،
اغيار کي عطا ته، سڄو هار ٿيو آھ.

بي قرب کي دلڙي ڏيڻ، آهي غلط، آهي غلط،
اڄ اڻ سڏيو ڪنهن وٽ وڃڻ، آهي غلط، آهي غلط.
هي نانگ ڪُل قهري اَٿي، ظالم ادا زهري اٿي،
تن سان وڃي ياري ڳنڍڻ، آهي غلط، آهي غلط.
آغا صوفي في البديہ شاعري چوڻ تي مَلڪو رکندو هو. مئٽرڪ جي امتحان ۾ پيپرن جي سوالن جا جواب شاعريءَ جي صورت ۾ ڏنا هئائين! سڀني کي حيران ڪيو هيائين. آغا صوفي لاهور جي طبيه ڪاليج مان طب جي سند حاصل ڪئي هئي. هن علم حڪمت تي ڪيئي ڪتاب لکيا، جن مان ”طبي جواهر“ نالي هڪ ڪتاب سڄو شعر ۾ لکيو. اها هڪ اهڙي خصوصيت آهي جيڪا ڪنهن ڪنهن ۾ هوندي آهي.
مرچ ڪارا ۽ ڪٽي جيرو چٽو،
ٻيڻ ماکيءَ سان گڏي چاٽو ڪريو،
پوءِ چٽايو هن منجهان بيمار کي،
ٿو ڇٽائي کنگھ جي آزار کي.

تپ اندر ۾ آھ  تو کي جي ادا،
پيءُ بنفشو تولو کن صبح مسا،
کنگھ ان سان جي اٿي ته تان تون پوءِ،
مُلهٽي به ميل ان سان ڪجھ ذرو.

پيچ ۾ بادام جي ڏي ڪٽي،
مکڻ سان ”آغا“ تـ رتيون چار ٽي.
آغا صوفي جي دم سان شڪارپور ۾ شعر و سخن جو ماحول روان دوان رهيو. ان زماني جي ڪاليج جا نوجوان شاگرد ۽ استاد توڙي شهر واسي، سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ڪرڻ سان گڏ متاثر ٿي، کانئس سکيا حاصل ڪري، ماحول کي وڌيڪ پرڪشش بڻائيندا هئا. آغا جي دور ۾ شڪارپور ۾ ڪيترا ئي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ شهر ۽ ٻاهر کان شاعر اچي حصو وٺندا هئا. ڪشنچند ”بيوس“ پڻ انهن مان گھڻن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو هو.
آغا صاحب ۴۹ سالن جي عمر ۾ ۲۵ جولاءِ ۱۹۳۸ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. ياد رهي ته مختلف ليکڪن آغا صوفي جي فوتگي تاريخ مختلف درج ڪئي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب مستند تحقيق ڪري تاريخ کي درست ڪيو آهي.



[1] شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو، ص ۴۹۸
[2] آغا صوفي، انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر: واليم 2، ايڊيٽ: امريش دتا. صفحو ۱۴۰۷
[3] سچل جي ڇپيل رسالن جو سرسري ۽ تنقيدي جائزو. خادم عباسي
[4] ڳالهيون منهنجي سنڌ جون







آغا غلام نبي صوفي

سچل سائينءَ جو شارح

ڊاڪٽر مخمور بخاري

آغا غلام نبي سيپٽمبر ۱۸۸۹ع ۾ شڪارپور جي سيوي در محلا ۾ پيدا ٿيو. اميراڻي گھر ۾ جنم سبب ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپنو، پنجن سالن جي عمر ۾ گھر جي ويجھو اُن وقت جي مشهور سنڌي اسڪول ‘نادر واري’ ۾ داخل ٿيو جيڪو اڃا تائين پنهنجي اصل جاءِ تي ‘قاضي محلا پرائمري اسڪول’ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن کان پوءِ انگريزي تعليم جي لاءِ شڪارپور ۾ قائم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. سنه ۱۸۸۵ع ۾ سنڌ جي هڪ ڏاهي ۽ محسن خانبهادر حسن علي آفندي، علي ڳڙهه ڪاليج جي طرز تي مسلمانن جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ ‘سنڌ مدرسة الاسلام’ جو قيام عمل ۾ آندو. سنه ۵ آڪٽوبر ۱۸۹۷ع تي مقرر ٿيل مدرسي جي پرنسپل ‘پرسي هائيڊ’ (Percy Hide)، ٽالپر اميرن جي ٻارن کي مدرسي ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ خاص توجھ ڏنو. ان دؤر ۾ آغا گل حسن، رياست خيرپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. هن ان اثر هيٺ پنهنجي پُٽ آغا غلام نبي صوفي کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنه ۱۸۹۸ع ۾ داخل ڪرايو، جتي هن ۱۹۰۷ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو جنهن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. اُن امتحان جي هڪ پيپر جا سوال آغا ‘صوفي’ سنڌي شعر ۾ لکيا. جنهن کان پوءِ هو واپس رياست خيرپور ۾ پيءَ وٽ موٽي آيو. سندس والد کيس شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، سندس ڪتاب ‘آغاز عشق آغا’ مان ڄاڻ ملي ٿي ته هو ۲۵ جون ۱۹۰۷ع تي شڪارپور هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس ۾ موجود هو. جتان هن سنه ۱۹۰۸ع ۾ تعليم مڪمل ڪئي. کيس ان کان پوءِ رياست ۾ قائم انگريزي اسڪول ۾ سنه ۱۹۱۱ع ۾ پارسي زبان جو استاد مقرر ڪيو ويو. ايمانداري، محنت ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن سالن اندر ميرن طرفان سندس عهدي ۾ ٽي دفعا اضافو ڪيو ويو، جنهن تحت اول کيس رياست جي مير صاحبن جي شهزادن جي تعليم جو اتاليق مقرر ڪيو ويو، جيڪا ذميواري آغا ‘صوفي’ ڀرپور نموني سان ادا ڪئي. سنه ۱۹۱۹ع ۾ کيس رياست جي تعليم کاتي جو سپريڊنٽ مقرر ڪيو ويو. هن نئين ذميواريءَ کي پڻ هن احسن نموني سان نڀائيندي رياست ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ اهم ۽ منفرد ڪردار ادا ڪيو. هن اُن منصب تي رهندي رياست جي سمورن اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي لاءِ ‘آسان فارسي زبان’ ۾ گرامر تيار ڪيو جيڪو ان دؤر ۾ هڪ نئين ڪوشش هجڻ باوجود ڪامياب ٿيو، جنهن جو ثبوت ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته اهو ڪتاب ٿوري وقت کان پوءِ سموري سنڌ جي ٽريننگ ادارن لاءِ نصاب طور منظور ڪيو ويو. ان کان پوءِ آغا صاحب انگريزي جو گرامر پڻ لکيو، جيڪو ڊي پي آءِ طرفان سنڌ جي هاءِ اسڪولن جي پنجين درجي جي شاگردن جي لاءِ نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. افسوس هي ٻه اهم ڪتاب هن وقت بنهه ناياب آهن. ان دؤر ۾ آغا صاحب جي خيالن ۾ تبديلي آئي ۽ هن جو لاڙو تصوف ڏانهن وڌيو ۽ هو اول سيد حسن جان سرهندي جو مريد ٿيو، پر کيس ان رنگ ۾ طبيعت کي قرار نه آيو ۽ پوءِ علي محمد لقماني جي ساٿ ۾ درگاهه سچل سرمست جي ان وقت جي گادي نشين ميان قبول محمد صاحب المعروف سخي صاحب جي صحبت ۾ داخل ٿيو. درازي در جي فيض مان ايترو ته فيضياب ٿيو جو سندس خيالات ۽ زندگيءَ جي طرز تبديل ٿي وئي. پاڻ ان رنگ ۾ ايترو ته رنڱجي ويو جو مرشد کيس پنهنجن پيارن طالبن ۾ شامل ڪندي گيڙو الفي ڍڪايائينس ۽ هو عام فقيرن وانگر هٿن ۾ چپڙيون ۽ يڪتارو کڻي درگاهه تي چوڪي پڻ ڏيندو هو. سندس گھڻو وقت درگاهه تي ئي گذرندو هو، تنهن ڪري سندس ستگر کيس رهڻ لاءِ اها تاريخي ڪوٺي ڏني جنهن ۾ سچل سائين جي پياري طالب نانڪ يوسف روحانيت جون منزلون طئه ڪيون هيون. سندس ان روش جي سخت مخالفت پڻ ٿي؛ پر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندي هڪ قدم اڳتي ‘صوفي’ نالي سان رسالو جاري ڪري همه اوست ۽ ٻين صوفي عقيدن متعلق مواد شايع ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي ڪجھ وقت کان پوءِ رياست طرفان پابندي لڳي وئي ۽ کيس سزا طور نوڪريءَ تان پڻ هٽايو ويو.

آغا صوفيءَ جون علمي ادبي خدمتون:

آغا صوفي حاذق حڪيم هجڻ سان گڏوگڏ هڪ اديب، شاعر ۽ محقق پڻ هو. هن جتي نصاب لاءِ ڪتاب لکيا اُتي هن ٻيو به ڪيتروئي علمي ڪم به ڪيو پر کيس خبر ناهي ته ڇو سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ ڪا جوڳي جاءِ نه ڏني وئي ۽ نه ئي سندس علمي ادبي پورهئي کي هڪ هنڌ يڪجا ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي جو هي شاعر، اديب ۽ سچل شناس موجود دور کان ذري گھٽ وسري چڪو آهي. هن وقت ته سندس اڻڇپيل مسودا به گھڻي ڀاڱي گُم آهن، جن جا فقط مختلف تحريرن ۾ حوالا ملن ٿا. آغا صوفي جي ڪم کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا. (الف) علم ادب جي ترقيءَ ۾ عملي ڪردار. (ب) قلمي پورهيو.

(الف) علم ادب جي ترقيءَ ۾ عملي ڪردار:

سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور مان جڏهن جنوري ۱۹۳۲ع ۾ ماهوار رسالو ‘سنڌو’، مسٽر بولچند وسو مل راجپال جاري ڪيو ته هن آڪٽوبر ۱۹۳۲ جي پرچي ۾ ‘سنڌي ساهت سميلن’ ڪوٺائڻ لاءِ ايڊيٽوريلس ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي نينڍ ڏني، سندس ڇهن مهينن جي مسلسل محنت کان پوءِ ۱۵ ۽ ۱۶ اپريل تي شڪارپور ۾ اُها ڪانفرنس ٿي، اُن ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻي، ڀوڄ راڄ ناگراڻي، حنيف صديقي ۽ ڪن ٻين سان گڏ آغا غلام نبي صوفي جو ڪردار گھڻو اهم ڏسجي ٿو، اهڙي شاهدي ماهوار سنڌو جي ۱۹۳۶ جي مختلف پرچن مان ملي ٿي. ساڳيءَ ريت شڪارپور ۾ ۱۹۳۲ع ۾ ‘سي اينڊ ايس’ (چيلا سنگھ سترام داس بجاج ۽ سيتل داس تيرٿ داس پنجابي)، ڪاليج جي بنياد رکڻ ۾ آغا صوفي پڻ پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪيون، جنهن کان پوءِ هن شڪارپور ۾ شاعراڻي ماحول کي هٿي ڏيارڻ لاءِ بزمِ مشاعره شڪارپور جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ڪامياب طرحي مشاعره ٿيا. ۶-۵-۴ مئي ۱۹۳۴ع تي شڪارپور ۾ ٻارن جي يارهين ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ پڻ بزم پاران مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو. هن مشاعري ۾ آغا صوفي سميت قادربخش بشير، پسيرام شامداس مٿراڻي، ليکراج عزيز، هولا رام پورن، قاضي عبدالرؤف عبد، حافظ واليڏنو سومرو، حافظ يار محمد سومري سميت ٻيا ڪيترائي شاعر شامل ٿيا.

شڪارپور ۾ سنه ۹۶-۱۸۹۵ع ڌاري ‘ڌرم اپڪار اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي’ جو بنياد ديوان ٺاڪر داس ناگراڻي ڪن ساٿين سان گڏ رکيو ۽ پاڻ ان جو پريزيڊنٽ مقرر ٿيو ۽ جنرل سيڪريٽري مهراج بنسيرام بڻيو. هن سوسائٽي ۾ آغا صوفي ڊائريڪٽر ۽ هدايتڪار طور ننڍي عمر ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. هن ڊراما سوسائٽي ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا جيڪي مقبول ٿيا. اهڙن انڪن ۾ مرزا قليچ بيگ جو شڪنتلا، منڊليءِ جي صدر ديوان ٺاڪر داس جو چنڊراولي ۽ تريا چلتر، گاگن سنگھ آتما سنگھ آڏواڻيءَ جو شڪنتلا دشنيت ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. هنن ڊرامن کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ ۾ پردي پويان ٻين دوستن سان گڏ آغا صوفيءَ جو به اهم ڪردار آهي. اهڙيءَ ريت سنه ۱۹۲۴ع ۾ آغا صوفي ‘الهلال ڊرامٽڪ سوسائٽي’ جو بنياد رکيو. جيڪا ۲۹-۱۹۲۸ع تائين ڪم ڪندي رهي. هن سوسائٽي طرفان آغا صاحب جا ڊراما ‘دنيا دورنگي’، ‘شانِ اسلام’، ‘آغا حشر جو اردو ڊرامو ‘صيد هوس’ ۽ ماستر رحمت علي جو ‘تصويرِ رحمت’ پيش ڪيا ويا.

آغا غلام نبي صوفي جو والد جڏهن رياست خيرپور جي نائب وزير جي عهدي تان رٽائر ٿي واپس شڪارپور ۾ اچي رهيو ته هن هندو سيٺن طرفان مسلمان زميندارن سان ڏيتي ليتي جي معاملي تي ٿيندڙ زيادتين کي محسوس ڪندي پنهنجي گھر جي ويجھو ‘شڪارپور ڪو آپريٽو سوسائٽي’ جي نالي سان هڪ اناج جي وڪري جو ڊيپو کوليو. اڳتي هلي آغا گل حسن امدادِ باهمي جي اصول تي ‘گرين سيل سوسائٽي’ جو قيام وجود ۾ آندو جنهن کي پڻ والد سان گڏ آغا صوفي سنڀاليندو هو. ان کا علاوه پاڻ ڪجھ وقت شڪارپور جي ميونسپالٽي جو ميمبر به ٿي رهيو ۽ چيئرمين سينيٽري ڪاميٽي جي حيثيت ۾ شڪارپور جي چڱي خاصي خدمت ڪيائين.

(ب) قلمي پورهيو:

آغا صوفيءَ پنهنجي مختصر ڄمار ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. جيڪي گھڻو ڪري شاعري جا آهن. سندس ڪجھ ڊراما پڻ ڇاپي ۽ قلمي حالتن ۾ موجود آهن. جڏهن ته سندس زندگي جو يادگار قلمي پورهيو سچل سرمست متعلق تاريخي دستاويز آهي (جيڪو ايندڙ صفحن ۾ اوهان پڙهي سگھو ٿا). آغا صوفيءَ جي لڳ ڀڳ ٽيويهن ڪتابن جي هڪ لسٽ ته ملي ٿي پر افسوس جو انهن مان ٿورن شايع ٿيل ڪتابن مان پڻ اسان کي ڪي چند هٿ اچي سگھيا. اسان گھڻي ڪوشش کان پوءِ آغا صاحب جي سموري قلمي پورهئي متعلق جيڪا ڄاڻ حاصل ڪري سگھيا آهيون اُها پيش ڪجي ٿي:

گلزار محمدي: شاعريءَ جو هي مجموعو ۲۸ صفحن تي مشتمل آهي جيڪو پوڪرداس شڪارپور طرفان ۱۹۱۳ع ۾شايع ٿيو.

دنيا دورنگي عرف عشق نيرنگي: آغا صاحب جو هي ڊرامو جڏهن پهريون دفعو ‘ينگ مين اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي’ شڪارپور طرفان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ته گھڻو مقبول ٿيو. جنهن کان پوءِ ڪيترائي دفعا اسٽيج ڪيو ويو. ان جي مقبوليت کي محسوس ڪندي ٿانورداس تاجر ڪتب طرفان ۱۹۱۴ع ۾ هن ڊرامي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جنهن جو ٻيو ڇاپو ورهاڱي کان پوءِ ۱۹۶۰ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٽيون ڇاپو ۱۹۷۰ع ۾ ساڳي اداري پاران شايع ڪيو ويو.

فارسي گرامر: هي ڪتاب رياست خيرپور جي تعليمي ادارن لاءِ آغا صاحب پنهنجي ملازمت دوران لکي شايع ڪرايو.

Grammatical Primer (انگريزي گرامر): هي ڪتاب رياست خيرپور جي تعليمي ادارن لاءِ آغا صاحب پنهنجي ملازمت دوران لکي شايع ڪرايو.

آغاز عشق آغا: ۶۴ سنڌي غزل جو هي مجموعو ۶۰ وڏن صفحن تي پکڙيل آهي. جنهن کي حيدرآباد جي بُڪ سيلر دليپ سنگھ اينڊ برادرس ۱۹۲۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي وڪري جي لاءِ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هفتيوار ‘صوفي ڪلام’ اخبار ۾ اشتهار پڻ ڇپيا. هي ڪتاب هن وقت بنهه ناياب آهي.

فرياد آغا: ۲۴ سنڌي غزل جو ننڍي سائيز جي ۲۴ صفحن تي ڦهليل هي مجموعو چانڊو مل گيانچند بُڪ سيلر حيدرآباد پاران ۱۹۲۹ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.

سچل سرمست: سچل سرمست جي خانداني پسمنظر، زندگي، فن ۽ فڪر سميت ڪلام جي سهيڙ تي مشتمل هي ڪتاب مصنف خود پنهنجي خرچ تي سچانند نيوانند رام تلريجا شيام سندر بجلي پريس شڪارپور مان ۱۹۳۳ع ۾ شايع ڪرايو. (جنهن بابت تفصيلي گفتگو اسان ايندڙ صفحن ۾ ڪنداسين).

طبي جواهر: آغا صاحب شاعر به هو ته حڪيم به، موسيقي شناس ته خوش گِلو به. انهن سمورين ڳالهين جو فائدو وٺندي هن طب جي نسخن کي شاعريءَ جي انداز ۾ ڏاڍي دلچسپ پيرائي ۾ پيش ڪيو. جيڪو سنه ۱۹۳۵ع ۾ ڀائي ٿڌا سنگھ گلاب سنگھ بُڪ سيلر شڪارپور ڇپائي پڌرو ڪيو.

تاريخ ڊرامه: هن ڪتاب ۾ ننڍي کنڊ جي ڊرامي جي تاريخ کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ مشرقي هندستان (قديم زمانو)، وچ وارو زمانو ۽ ڊرامانگار ۽ هلندڙ زمانو ۽ ڊرامانگار، هندي ڊرامو، بنگالي ڊرامو ۽ اسٽيج، هندي ٻولي ۾ ڊرامو جهڙا عنوان قائم ڪري ڊرامي جي فن ۽ تاريخ کي خوب اجاگر ڪيو ويو آهي. هٿ جي لکيل ۳۴۸ صفحن واري هن مسودي کي مصنف ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۶ع تي لکي مڪمل ڪيو. هي ڪتاب اڻڇپيل حالت ۾ ڇپائي جي انتظار ۾ موجود آهي.

مناجات قرآني: آغا صاحب باعمل صوفي هو هن پنهنجي حياتيءَ ۾ قرآن شريف مان اخذ ٿيل دعائون ۽ ڪن ننڍين سورتن جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جيڪي سندس وفات بعد سندس شاگرد شيخ ساز علي ‘ساز’، ‘مناجات قرآني’ جي نالي سان ترتيب ڏنيون. جنهن کي سندس والد، مرحوم جي روح کي ايصال ثواب خاطر ۱۹۳۸ع ۾ مسلم پريس شڪارپور مان شايع ڪرايو.

افسوس آغا: هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ آغا صاحب جا ۲۴ غزل شامل آهن.

ارمغان آغا:

شان اسلام: (ڊرامو)

انقلاب يورپ: (ڊرامو)

جرمن سازش: (ڊرامو -اڻڇپيل)

ڪرشن ڪرپا: (ڊرامو -اڻڇپيل)

عبرت: (ڊرامو -اڻڇپيل)

هو الحڪيم: ۵۶ صفحن تي مشتمل هي ڪتاب منوهر پرنٽنگ پريس شڪارپور مان شايع ٿيو، جنهن ۾ پڻ طبي نسخا شامل آهن.

هندو يوگا وديا:

ڪاليج ڪا زمانه: (اردو ڊرامو)

پهلا پيار: (اردو ڊرامو -اڻڇپيل)

شاهنامه سنڌ: آغا صاحب ‘شاهنامه فردوسي’ جي طرز تي سنڌ جي تاريخ کي منظوم انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو گھڻو حصو مڪمل ڪري چڪو هو پر ساڻس زندگي وفا نه ڪئي ۽ اهو ڪتاب اڻ مڪمل ئي رهجي ويو.

گلشن آغا: سنڌ جي نامور شاعر سيد اظهر گيلاني ۱۹۹۸ع ۾ آغا صوفيءَ جو سمورو ڪلام مختلف جاين تان هٿ ڪري هن نالي سان ترتيب ڏنو، جيڪو قلمي حالت ۾ سنڌي ادبي بورڊ وٽ ڇپائي جي انتظار ۾ آهي.

(۱۹ جولاءِ ۲۰۱۵ع تي سندس ۷۷ هين ورسي آھي.)





No comments:

راءِ ڏيندا