; سنڌي شخصيتون: امر جڳديش ملاڻي

10 August, 2016

امر جڳديش ملاڻي

امر جڳديش ملاڻي

ٿر جي روايتن جو امين - ٽيويهين ورسيءَ جي حوالي سان

مير نادر علي ابڙو



سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر جو جڏهن به ذڪر ڪٿي ٿيندو آهي ته مون کي هڪڙو پيارو ماڻهو، مٺي-ڄائو امر جگديش ملاڻي، ياد ايندو آهي. اڄ هن جي وڇوڙي کي ۲۳ سال گذري چڪا آهن. تنهن جي باوجود به ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هن جا ٽهڪ ۽ تقريرون، اڄ به مون کي پڙاڏو بڻجي، مٺيءَ جي گڊي واري ڀٽ کان ٽڪرائيندي محسوس ٿينديون آهن. هو ڇا ته انسان هو. جنهن وٽ ماڻهپو ۽ انسانيت ئي سڀ کان اتم ذات هئي. هن پنهنجي سموري ڄمار جا پل، ٿر جي محروم ماڻهن جي خوشحالي تي گهوري ڇڏيا. هن جا نيڻ ڪڏهن به ستا ڪو نه. هو ٿر جي خوشحاليءَ جي آس لڳائي ميلا مچائيندو رهيو. ڪراچيءَ جي ايوانن کان ويندي اسلام آباد تائين ۽ هر نگري ۾ ٿرين جي خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پنهنجو جيون هنن مٿان گهوري ويو. سندس يادون اڄ به ٿر جي گهرن ۽ گهٽين، وستين ۽ واهڻن ۾، موجود ماڻهن جي اندر ۾ جهاتيون پائين ٿيون.


منهنجو ذاتي طور، ٿر سان روحاني قسم جو عشق رهيو آهي. ٿر جي اندر هر وقت سڪ پلجندي نظر آئي آهي. هتي ملندڙ محبتن کي شايد ئي ڪو انسان هجي، جيڪو فراموش ڪري سگهي. انهن محبتن جو ٿر جي لوئيءَ ۽ لڄ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪندڙ امر جگديش ملاڻي، جنهن جو جنم مٺيءَ اندر برهمڻ گهراڻي ۾ ٿيو. پاڻ پنهنجي ٻاروتڻ کان ويندي ٺيٺ جوڀن تائين ڀٽو ازم جو ديوانو رهيو. سندن تعلق ڪو وڏي فيملي سان نه هو. سندس گهراڻو، وچين طبقي سان لاڳاپو رکندو هو. پاڻ محدود وسائل هجڻ سبب، انٽر تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو ۽ بعد ۾ حيدرآباد جي علائقي شيخ ڀرڪيو ۾ وڃي ميڊيڪل اسٽور کوليائين. جتي صبح کان شام تائين، ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪرڻ بعد، پنهنجي سياسي استادن ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ مولابخش چانڊيو وٽ وڃي ڪچهريون رچائيندو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿيڻ بعد، پاڻ اسٽور ڇڏي مڪمل طور سياسي رستو ورتائين ۽ سندس سياسي جذبا، بم ۽ گولين جيان، گجگوڙ ڪري نروار ٿيا ۽ پاڻ سرگرم ڪارڪن طور سامهون آيو. کيس مٺي شهر لاءِ، صدر ۽ بعد ۾ ضلعي لاءِ جنرل سيڪريٽري، مقرر ڪيو ويو.

سندس شمار انهن جان نثارن ۾ ٿيندو هو، جيڪي ڀٽي جي نالي پويان جان ارپي ڇڏيندا هئا. کيس شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سڳن ڀائرن وانگر ڀانئيندي هئي ۽ مذهبي تهوار رکشا ٻنڌڻ تي کيس راکي ٻڌندي هئي. هندو ڌرم ۾ رکشا ٻنڌڻ جي ڏينهن هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي سلامتي ۽ وڏي ڄمار لاءِ ڌاڳي جي صورت ۾ راکي ٻڌندي آهي. محترمه نصرت ڀٽو به جگديش ملاڻي کي شاهنواز ڪري سڏيندي هئي. هو واحد ڪارڪن هو، جيڪو ۷۰ ڪلفٽن تي رهندو هو. سندس پارٽيءَ سان محبت کي ڏسندي ۱۹۸۸ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني ويئي، جيڪا سيٽ هن اڪثريت سان کٽي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. جتي پهچڻ بعد، پاڻ ٿر جي ماڻهن جو آواز بڻجي، انهن جي حقن جي حاصلات ۽ مسئلن جي حل خاطر، سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي ڀرپور انداز سان آواز بلند ڪيو. هن جي سياسي بصيرت کان متاثر ٿي، سندس مخالف به ديوانا هوندا هئا.

جگديش ملاڻي سان منهنجي لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۽ سالگرهه جي موقعي تي اڪثر ڪچهري ٿيندي رهندي هئي ۽ انهن ڪچهرين ۾ پاڻ اڪثر طور تي اها ڳالهه ڪندو هو ته محبتن ۽ مسڪراهٽن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو ۽ هن ۾ واقعي به اهڙي خوبي سمايل هئي. هن پنهنجي سموري جيون جي اندر ڪڏهن به ذات، نسل، مذهب، متڀيد اونچ نيچ کي اهميت نه ڏني. انهن سمورين شين کان بالاتر بڻجي، انسانيت جي خدمت ڪئي. سموري جيون ۾ ڪڏهن ڪنهن موڙ تي ڪٿي ٿڪل نظر نه آيو. هن محلن کي ڇڏي جهوپڙين جي ڳالهه ڪئي ۽ اهي جهوپڙا ۽ لانڍيون هن جي سياست جو محور هيون. هو انهن چونئرن ۾ ويهي ٿرين کي سجاڳيءَ جا گيت ٻڌائيندو هو. هن جي اندر ۾ ٿر جي ماڻهن لاءِ انتها جو درد سمايل هيو. هو غريب ٿرين جي نالي ٿيل هو. پ پ سان عشق هئڻ سبب، جگديش ملاڻي کي ڪيئي سختيون ڀوڳڻيون پيون. جيلن ۾ وڃڻو پيو، پر پاڻ پنهنجي عزم تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو. هن هر سختي برداشت ڪئي پر پنهنجي پارٽي سان ڪيل عشق جو ڀرم رکيو. هن ٿر جي اندر نفرتن جو خاتمو آندو. ٿري ماڻهن کي سندن ووٽ جي اهميت محسوس ڪرائي ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي. هن ٿري ماڻهن ۾ شعور پکيڙڻ ۽ پنهنجا حق ڪيئن وٺجن جو سبق ڏنو. هو ٿر جي سڃاڻپ هيو ۽ ٿر جي شهر مٺي جو اهو ستارو هيو، جيڪو سدائين آسمان تي چمڪندو رهندو. هو ٿرين کان اهڙي نموني وڇڙي ويو، جنهن جو تصور ۽ خيال به نه هو ته ڪو هو اوچتو منهن موڙي ويندو. اڄ سندس وڇوڙي کي ۲۳ سال پورا ٿي چڪا آهن. پر ٿر جا ماڻهو اڄ به هن کي پنهنجي وچ ۾ ٿا ڀانئين ۽ ملاڻي خاندان جو اهو ساڳيو ئي عشق ڀُٽي خاندان سان هلندو ٿو اچي. هزارين مشڪلاتن باوجود به هر حال ۾ هن خاندان ڀُٽي خاندان سان وفا ڪئي آهي. اڄ جگديش ملاڻي جي ورسي جي موقعي تي جتي ڀُٽي خاندان جا گيت پيا جهونگاريا وڃن ته اتي هزارين ماڻهو جگديش ملاڻي کي به پڪارون پيا ڪن. اهو هن جو عشق ۽ محبت هئي جيڪا اڄ آواز بڻجي، ٿر جي هر واهڻ وستي جي اندر گونجي رهي آهي. امر جگديش ملاڻي ۽ سندس دوست ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ سينيئر صحافي فقير محمد لاشاري جڏهن لانگ مارچ لاءِ پارٽي سربراهه محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڏنل سڏ تي اسلام آباد طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ڪار هڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي ويئي ۽ اهي مهراڻ جا موتي، سنڌ جا بي مثال ڪردار، موت کي ڀاڪرن ۾ ڀري، جدائي جا جام اوتي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا.

جگديش ملاڻي جي لاڏاڻي جي خبر تي سمورو ٿر رنو هو ۽ هر طرف سوڳوار ماحول جا پاڇا ٿي نظر آيا. سمورو ٿر ۽ انهي جا شهر جگديش ملاڻي جي لاڏاڻي تي بند ٿي ويا. جگديش جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس مشن جاري رکندي سندس ڀاءُ موتي رام ملاڻي عوامي خدمت جي جذبي سان سياست ۾ پير ڊگهيڙيا ۽ ۱۹۹۳ع ۾ موتي رام ملاڻي کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اقليتن واري خاص سيٽ تي ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني، جيڪا سيٽ هن اڪثريت راءِ سان کٽي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي هلندي ٿر واسين جي هر واٽ ۽ وک تي هر سڏ ۾ گڏ رهندي خدمت ڪئي. پر وقت جي رفتار ۽ موت جي ديوي موتي رام ملاڻي کي به اسان کان کسي ورتو. تنهن بعد اڄ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ساڳئي واٽ تي هلي رهيو آهي ۽ جگديش ملاڻي جون سڪون لاهي پيو. ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جگديش ملاڻي وانگي انتهائي بي قرار ٿو نظر اچي. خدا در دعا آهي ته شل مهيش ملاڻي جگديش ملاڻي جي ڇڏيل مشن کي ساڀيان ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿئي ۽ ٿر دنيا اڳيان دبئي بڻجي وڃي.


 

امر جڳديش ڪمار ملاڻي جي ياد ۾

ڊاڪٽر دليپ ننداڻي

ٿر جي تاريخ جي اکين کان اهي ڏينهن نه وسريا آهن.جن ڏينهن ۾ جڳديش ڪمار ملاڻي پنهنجي دوست فقير شير محمد بلالاڻي سان گڏجي ڀٽن ڀر جهوپڙن ۾ پ پ پ جو جهنڊو جهولائي عوامي سياست کي اڀار ڏيئي اڳتي وڌيو ھو. ٿر جا مارو ماڻھو جيالي جڳديش ڪمار کي پيار مان جڳلو چوندا هئا.

۱۹۵۹ ۾ مٺي جي مهاديو مهراج جي گهر ۾ جنم وٺندڙ جڳديش ملاڻي ۱۹۸۸ ۾ پ پ ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بنيو ۽ جڏھن ڪاميابي بعد مٺي پهچي رهيو هو ته مٺي جي هزارين ماڻھن سندس تاريخي استقبال ڪري اهو ثابت ڪيو هو ته غريب ٿري ماڻھن کي ھڪ مڊل ڪلاس جو ليڊر ملي چڪو آھي انهي استقبال ٿر جي سياسي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ سوين ماڻھن پيرين پنڌ استقبال ڪري کيس پوري شھر جو گشت ڪرايو هو. سياست جي ڏوهه ۾ ڪيترائي ڏينهن جيلن جي سلاخن ۾ رهيو. آمريت عقوبتن هيٺ رهيو ڪلاشنڪوف جا ڪيس پڻ ٿيا پر هن پ پ جي جهنڊي کي هٿن مان ڇڏيو ۽ اڏول ٿي بيٺو رهيو اهو ئي سبب هو جو شھيد بينظير جڳديش کي ”ڀاءُ“ چوندي هئي ۽ هن کي هنڌو ڌرم مطابق ڀيڻ هئڻ جي ناتي راکي پڻ ٻڌائي هئي ملاڻي خاندان اڄ به انهيءَ ناتي کي برقرار رکيو اچي، اڄ به ملاڻي خاندان ۽ ڀٽو فيملي جو هڪ گهرو لاڳاپو آھي. آمريت جا دور انهيءَ کي ڇني ناهن سگهيا.

جڏھن آمر مشرف جي دور ۾ ڪير اليڪشن بيهڻ لاءِ تيار نه هو ته امر جڳديش ملاڻي جو ڀاءُ ڊاڪٽر مھيش ملاڻي انهيءَ سان سينو ساهي پارٽي جي جهنڊي جي ڇانوءُ ۾ انهيءَ وقت جي وزيراعظم جي اميدوار شوڪت عزيز جو مقابلو ڪري اهو ثابت ڪيو ته ڀٽو خاندان سان امر جڳديش جي ڪيل واعدي تان ڪڏھن به هٽي نٿو سگهجي. جڳديش ملاڻي اهو ماڻهو هو جنهن ٿر مان وڏيرن ۽ گهوڙن تي توڙي چٺين تي ووٽ وٺڻ وارن کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ساڳي وقت سماجي فرسوده رسمن کي للڪاري ۽ مهاڏواٽڪايو ۽ ارباب اختيارن کي نه صرف عوام جي وچ ۾ آندو پر ٿر جي مسڪينن کي ووٽ ۽ ووٽ جي اهميت سمجهائي.

اڄ به مٺي جي هر گهر ۾ توهان کي امر جڳديش جو فوٽو نظر ايندو. اها سندس محبت ۽ حب هئي جيڪا اڄ تائين قائم دائم آهي. جڳديش ملاڻي آخري دم تائين پيپلزپارٽي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ آخر ۾ به جڏھن محترمه جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پئي ويو ته جڳديش ملاڻي سان رستي ۾ حادثو پيش آيو جنهن جڳديش پنهنجي ساٿين ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو، صحافي فقير محمد لاشاري جيڪي انهيءَ وقت ئي شھيد ٿي ويا ۽ جڳديش زخمي ٿيو جنهن بعد هو سگهو ئي ديهانت ڪري ويو جيڪو ڏينهن ٿر لاءِ بدنصيب ڏينهن هو جنهن تي ٿر کان هڪ سهارو کسجي ويو.

امر جڳديش جو خاندان اڄ به سندس واٽ تي هلندي پيپلزپارٽي سان پنهنجو لاڳاپو برقرار رکندو پيو اچي. سندس پٽ سشيل ملاڻي ونود ملاڻي پڻ سياسي ميدان ۾ سرگرم بڻجي عوام جي وچ ۾ آھي سندس ڀاءُ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي هن وقت به پيپلزپارٽي جو اعتماد وارو ساٿي آھي انهيءَ کانسواءِ پورو ملاڻي پريوار ڀٽو خاندان سان وفا کي ورجائيندي پنهنجي عوام جي خدمت ۾ مصروف آھي امر جڳديش ملاڻي جسماني طرح ته جدا ٿي ويو آھي پر سندس جدوجهد ۽ فڪر صدين تي قائم ۽ دائم رهندو سندس خاندان اڄ به سندس ئي روپ ۾ ٿر جي عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آھي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



امر جڳديش ڪمار ملاڻي

ٿر جي مٺيءَ جو جوڌو ۽ ڪارڪن رهنما

نند لال لهاڻو

هونئن ته ٿر جي مٽي ڪيترن ئي تاريخدانن، سياستدانن، ليکڪن توڙي ڏات ڌڻين جي جنمن سان ڀريل آهي، پر جڳديش ڪمار ملاڻي جو ڪردار ۽ ان جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن مان انوکي ۽ بي مثال آهي. سندس تعلق مٺيءَ جي مهراج گهراڻي سان هو ۽ هن ۸ جنوري ۱۹۵۹ع تي مٺي جي مهراج برادري جي گهراڻي ۾ مهاديو ملاڻي جي گهر هن ڪائنات ۾ پهرين اک کولي هئي، هو ننڍي هوندي کان ئي بردبار، باهمت ۽ دليراڻي شخصيت جو مالڪ هو. هو سنگت ۾ سرگهورڻ وارو ماڻهو هو ۽ جوانيءَ ۾ هميشه جستجو جو ذوق رکڻ جو عادي هو. ان ڪري هن پنهنجي لاءِ اها ئي سياسي لائين اختيار ڪيائين جنهن ۾ جستجو هئي.هن پنهنجي روحاني ۽ دلي خوشي حاصل ڪرڻ خاطر ٻين لاءِ جاکوڙ ڪرڻ وارو خواب کڻي پيپلز پارٽي جي سياسي پليٽ فارم تان سياسي خدمت جو آغاز شروع ڪيو. پ پ پ جي هلندڙ جمهوريت واري تحريڪ ۾ شامل ٿي ضياءَ آمر خلاف عوامي جدوجهد ۾ شامل ٿي ويو، جنهن سبب پ پ پ قيادت توڙي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو اڳيان هڪ پياري ڀاءُ ۽ هڪ پياري پٽ جي شفقت ماڻي ورتائين ۽ ٿر ۾ پڻ پ پ پ جي سڃاڻپ بڻجي ويو. هي البيلو ماڻهو جڏهن مٺي جي گهٽين ۾ نڪرندو هو ته هر وقت سندس ٽولو گڏ هوندو هو ۽ هو هر ماڻهو سان نياز ۽ نوڙت سان کلي ڳالهائيندو ۽ ملندو هو. هو جڏهن ۱۹۸۸ع ۾ پ پ پ ٽڪيٽ تان پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ بعد پهرين ڀيرو پنهنجي شهر مٺي پهتو ته سندس استقبال  لاءِ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ تاريخي استقبال ڪري ٿري عوام کيس پنهنجو هجڻ جو ثبوت ڏيئي ڇڏيو، جنهن جو هن پوري طرح ڀرم پڻ رکيو ۽ اهو ڏينهن مٺي واسين جي اکين ۾ اڄ به آسماني تاري جيان چمڪي رهيو آهي ۽ جڳديش ملاڻي کي مٺي ناڪي کان پيرين پنڌ گلن جا هار پارائي سڄي شهر مان کهمائي پنهنجي گهر تائين آندو ويو هو انهي ڏينهن کان وٺي هر عام توڙي مخالف اهو مڃي ڇڏيو هو ته هاڻي مٺي شهر جو سياسي وارث جڳديش ملاڻي جو خاندان ئي آهي. تاريخ انهي حقيقت کي صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ۽ مٺي واسين ملاڻي سان هر سياسي موڙ تي نڀايو آهي، جڳديش ملاڻي پنهنجي طبيعت ۾ هڪ سياسي ڪارڪن سان گڏوگڏ هڪ سماجي خدمتگار پڻ هو ۽ هو غريبن جي هر طرح جي مدد پڻ ڪندو هو. پر غريب جي اڱڻ تي هر خوشي غمي ۾ پهرين وڃي پهچندو هو جنهن ڪري غريب طبقي جو اڳواڻ سمجهيو ويندو هو. هن ٿر ۾ عوامي سياست جو بنياد وڌو هو ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو ۽ سختيون برداشت ڪيائين. پر ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو ۽ آڻ نه مڃيائين. خاص طور ڄام صادق علي جي دور ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا جيل جون ياترائون ڪرايون ويون. انتظامي توڙي اخلاقي حدون اورانگهي هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويون، ڪلاشنڪوف جا ڪيس پڻ مڙهي بدنام آفيسرن حوالي ڪيو ويو، پر هن سمورن ظلمن ۽ صعوبتن جو مڙس ٿي مقابلو ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سندس عزم ۽ اصول ڪارونجهر جيان مضبوط ۽ اڏول آهن،  جڳديش ڪمار ملاڻي جمهوريت جو ساٿ ڏيندي پنهنجي عظيم قائد جي فلسفي  تي هلندي محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪندي اسلام ويجهو گجر خان ڦاٽڪ وٽ هڪ ٽرالر جي خطرناڪ روڊ حادثي دوران پنهنجي سچن ساٿين ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ جديد صحافت جي باني فقير محمد لاشاري ۽ غلام قادر پليجي سان گڏ گاڏي ۾ سخت زخمي ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ فقير لاشاري شهيد ٿي چڪا هئا ۽ جڳديش ملاڻي ڪنهن ڏينهن زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي پهرين آگسٽ ۱۹۹۳ع تي ديهانت ڪيو ۽ پهرين آگسٽ جي انهي بدنصيب ڏينهن جڳديش جو وڇوڙو مٺي توڙي ٿر جي هر گهر ۾ مرتئي جي دردناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ۽ انهي ڏينهن مٺي جي هر ماڻهو کي ملاڻي هائوس اڳيان اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو ويو. امر جڳديش ڪمار ملاڻي جي ڪيل خدمتن عيوض پ پ پ کيس پنهنجي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سندس ڀاءُ سرڳواسي موتي رام ملاڻي کي پڻ ايم اين اي شپ ڏني ۽ اڄ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي پڻ پنهنجي ڀائرن جي ڪردار سبب ايم اين اي بڻيل آهي ۽ ملاڻي خاندان جي پ پ پ لاءِ رت جي ڀيٽا ڏيندڙ عظيم قربانين وارن خانديانن ۾ ڳڻي سگهجي ٿي. 

No comments:

راءِ ڏيندا