جمال الدين فقير
جيڪو پڻ جدا ٿي ويو
نواز ڪنڀر
ھو سُر وکيرڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ، صوفيت،
سادگي ۽ فقيري جو ٻاھريون تعارف پنھنجي وضعداري سان دنيا آڏو ڪرائي ڇڏيندو ھو ۽ ڳائيندي
جھڙوڪر ھو سنڌ جي دکن ۽ دردن جي ڪھاڻي بيان ڪري ڇڏيندو ھو. ميندي رتا ڳاڙھا وڏا وار،
مڇون ۽ ڏاڙھي، گيڙو رتا ڪپڙا ۽ انھن رنگن سان ڀيچ کائيندڙ سندس چمڙي، ھن جي پنھنجي
تعارف جا اھڃاڻ ھئا. ھو تمام مٿين سُرن تي ڳائڻ مھل ڄڻ ته واڪا ڪري ڪنھن سان مخاطب
ھوندو ھو، ويٺلن کي ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ٻڌندڙن جو ڌيان ڪنھن خاص ڳالھ ڏانھن
ڇڪائڻ جي جُستجو ڪندو ھو، اھا ڳالھ، اھو درد، اھا پيڙھا جيڪا اڪثريت ڪڏھن به سمجھي
نه سگھي! سندس اندر جو درد، جيڪو ھو دنيا آڏو انھيءَ طريقي سان نروار ڪرڻ جي ڪندو ھو.
اھو شخص جنھن کي دنيا جمال الدين فقير جي نالي سان سڃاڻندي ھئي، پر ھو پاڻ لاءِ چوندو
ھو ته فنڪار ھڪ الڳ شي آھي ۽ فقيري الڳ. آئون فنڪار نه، فقير آھيان. پر دنيا سندس اھو
پيغام صحيح طرح سمجھي نه سگھي!
جيسلمير جو ھي فقير گھراڻو ورھاڱي
وقت پنھنجو خاندان به رستي ۾ وڃائي ڄڻ ته ورھائي آيو. سالن پڄاڻا جن بابت جنھن نموني
خبر پئي، اھا الڳ ڪھاڻي ۽ داستان آھي. ھي خاندان شروع ۾ سانگھڙ ضلعي جي تعلقي سنجهوري
جي تاريخي ڊپٽي ڳوٺ ۾ رھائش پذير ٿيو، بعد ۾ راجا جي ريل واري رستي تان ھلندو ھي خاندان
ڇٽڻ وساڻ (نويد وساڻ) ڳوٺ ۾ آباد ٿيو. جڏھن ٻوٻي جي مشھور ريلوي اسٽيشن ڀرسان قائم
ڳوٺ رشيد خان مري ۾، ھن تر ۾ پھريون ڀيرو بجلي آئي ۽ ڳوٺ وڌڻ لڳو ته ھي به سِري اچي
اتي ويجھا ٿيا. جنھن بعد 2013ع ۾ ھنن اتان پنڌ تي 12 کن ايڪڙ زرعي زمين وٺي پنھنجو
ڳوٺ تعمير ڪرڻ شروع ڪيو. جنھن جي پيڙهه جو پٿر ڄڻ ته جمال الدين فقير جي ھتي (21 رمضان
۽ 27 جون 2016ع تي) ابدي آرامي ٿيڻ سان رکجي ويو ۽ سنڌ ۾ ھڪ نئين آستاني ۽ مئخانو وجود
۾ آيو. جيڪو ھاڻ ”مئخانه جمال الدين فقير“ جي نالي سان سڃاتو ويندو. خبر ناھي ته ھن
علائقي جي مٽي ۾ ڪھڙي ڪشش ھئي، جنھن يا ته ھتي فنڪار پيدا ڪيا يا پوءِ انھن کي سڪ جي
سڳي سان ڇڪي ھتي آندو. جيڪڏھن ھتان کان ڏکڻ ۾ ڏسبو ته ڍول فقير جھڙي دلبر فنڪار جي
جنم ڀومي پاٽويون ۾ ڪجھ ئي پنڌ تي نظر ايندي. جيڪڏهن ڀرسان ئي اوڀر ۾ اکيون آڙائيبيون
ته ٻوٻي تي نظر پوندي، جتي ملڪ جي نالي واري فنڪاره تصور خانم شادي ڪري آباد ٿي. اولھ
۾ ”مونکي نال نه نيائون“ ۽ ”ھجت نھين ھلندي“ جھڙا ڪلام ڏيندڙ منفرد فنڪار فقير امير
بخش ڪلوھي جي آستاني دلور موري تي نظر پوندي ۽ اُتر ۾ برِصغير جو مھان ڪلاسيڪل راڳي
خان صاحب گلزار علي خان سانگھڙ ۾ ڊيوٽي ڏيندي نظر ايندو. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ انھيءَ
وچ واري علائقي ۾ ھڪڙو خال ھو، جڳھ خالي ھئي، الله لوڪن جي منزل ۽ مسافري تي ايندي
ويندي ساھي پٽڻ لاءِ اھو ھنڌ گھربل ھو، ۽ اھا جاءِ جمال الدين فقير اچي ڀري.
1952ع ۾ ڳوٺ ڇٽڻ وساڻ ۾ جنم وٺندڙ،
اتي ئي پرائمري پاس ڪري ۽ ديني تعليم حاصل ڪندڙ، ٽن ڀينرن جي ھن اڪيلي ڀاءُ تي مذھبي
رنگ، گيڙو رنگ کان اڳ ۾ ئي چڙھيل ھو. ھن فقير جو نه صرف روزي نماز سان لاڳاپو رھيو،
پر ھو نفلي روزا به رکندو ھو ۽ قرآن شريف جي تلاوت به پابندي سان ڪندو ھو. اھو ئي سبب
آھي ته ھن 2013ع ۾، ڇھن ستن مھينن جي لڳاتار محنت سان، پنھنجي ھٿن سان قرآن شريف لکيو.
ھو نه صرف ڳوٺ ۾ بلڪ سڄي تر ۾ جنازي نماز پڙھائڻ کان علاوه عيد نمازون ۽ نڪاح به پڙھائيندو
ھو. تمام گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندي ته جمال الدين فقير ھڪ سٺو شاعر به ھو. ھن 150 کن
ڪلام به لکيا، پر پنھنجو ڪلام، پاڻ ڪڏھن به نه ڳايو. ھنئن ته راڳ سُتيءَ ۾ مليو ھئس
۽ ھن راڳ جا شروعاتي سبق پنھنجي والد مصري فقير وٽ پڙھيا. بعد ۾ ھن پنھنجي برادري جي
اُستاد مولا بخش کان به سکيا ورتي ته ھو سھراب فقير جي سُنگ ۽ سنگت ۾ رھڻ دؤران به
گھڻو ڪجھ سکيو. جمال الدين فقير باقاعدي ڳائڻ ته 1972ع کان شروع ڪيو، پر سندس پھرين
رڪارڊنگ 1988ع ۾ خيرپور ريڊيو تي ٿي ۽ کيس ٻڌڻ وارن جو وڏو حلقو اُتر سنڌ ۾ به ھو.
بعد ۾ کيس محمد قاسم ماڪا جي ڪيسٽن به ڪافي شھرت ڏياري. ھو ڪيترن ئي ٻاھرين ملڪن ۾
به سنڌ ۽ ملڪ جي راڳ جي تعارف جو وسيلو بڻيو. سندس پھريون غير ملڪي دورو 1998ع ڌاري
اٽليءَ جو ٿيو، جنهن بعد ھن ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳايو، جن ۾ ھالينڊ، بيلجيئم، آمريڪا، فرانس،
سنگاپور، ترڪي، تيونس، برطانيه ۽ دبئي وغيره شامل آھن. ھڪ ڀيري لنڊن ۾ ٿيل ھڪ موسيقي
پروگرام ۾ ھن ملڪ جي نمائندگي ڪئي، جتي صدر پرويز مشرف به موجود ھو. پروگرام بعد جڏھن
مشرف پاڪستاني فنڪارن سان ملڻ دوران جمال الدين فقير سان مليو ۽ کانئس ڪنھن ڪم ڪار
بابت پڇيائين ته ھن مسڪين ماڻھو بجاءِ پنھنجي بيروزگار پٽن لاءِ يا پنھنجي لاءِ ڪجھ
گھرڻ جي، سنڌ جي ھڪ زيرِ عتاب آيل نالي واري اديب ۽ ڪاموري جي بحالي لاءِ گذارش ڪئي.
جيڪو بعد ۾ بحال ٿي وٽس آيو به سھي. ھن پنھنجي لاءِ يا پنھنجي پٽن جي نوڪري وغيره لاءِ
به ڪڏھن ڪنھن کي نه چيو. ھن بس اھو ۽ اوترو ڪيو، جيتري مٿس ”ڊيوٽي“ لڳل ھئي!
ھنئن ته جمال الدين فقير ڪافي شاعرن
کي ڳايو، پر صوفي صادق فقير ڀنڀري جو ستن ٻولين ۾ چيل ڪلام به واھ جو ڳايو. سندس گائڪي
تي کيس 2001ع ۽ 2013ع ۾ لطيف ايوارڊ ملڻ کان
علاوه سچل ايوارڊ، مصري فقير ايوارڊ، پي ٽي وي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مختلف تنظيمن
پاران ڏنا ويا. پر افسوس جو صدارتي ايوارڊ جنھن جو ھو سچو پچو حقدار به ھو، اھو کيس
حياتي ۾ نه ملي سگھيو! جيتوڻيڪ کيس راڳن ۾ ڀيروي تمام گھڻي پسند ھئي، پر ھو جوڳ، راڻو
۽ ڪوھياري به ڪمال جي ڳائي انھن راڳن جو ڄڻ ته حق ادا ڪندو ھو. پرڀاتي ڳائڻ مھل سندس
فن عروج تي نظر ايندو ھو. سسئي ڳائڻ مھل ائين لڳندو ھو، ڄڻ ھو سورن جي سڳي کي سوريندو
ھجي، جنھن ڪري ھر اک آلي ۽ دل ماندي ھوندي ھئي. ڪيترن ئي سالن تائين مسلسل مٿين سُرن
۾ ڳائڻ جي باوجود نه ته سندس آواز ڪڏھن ويٺو، نه ئي آواز ۾ ڪڏھن ڪا خراش ئي آئي. ان
حوالي سان قدرت کيس دل کولي نوازيو ھو. ھن ويندي ويندي ڳوٺ ۽ برادري جي سڀني ماڻھن
سان آخري ملاقاتون ڪيون. وصيتون نه صرف زباني ڪيون، پر لکت ۾ به ڇڏي ويو. پونئيرن کي
ھڪٻئي جي پارت به ڪري ويو ته دل گھرين کان وڃڻ جي اجازت وٺي پوءِ ويو. ويندي مھل ھو
انتھائي پرسُڪون رھيو. ھن وڃڻ جو وقت ۽ ويلو به اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو ھو! ھو موڪلائڻ مھل
عجب نموني روح سان مخاطب ٿيندي چوندو رھيو ته، اڏر پکيڙا اڏر. عجيب اتفاق آھي ته سندس
والد جي وفات 10 محرم تي ٿي، ڪجھ سالن بعد سندس والده 9 محرم تي موڪلايو. فقير چوندو
ھو ته مون به 10 محرم گھري آھي، پر ملندي ڪو نه، سندس ڳالھ سچ ثابت ٿي ۽ کيس 21 رمضان
جي رات، يعني حضرت علي عه جي شھادت جي تاريخ نصيب ٿي.
No comments:
راءِ ڏيندا