; سنڌي شخصيتون: معراج محمد خان - رياض سهيل

29 July, 2016

معراج محمد خان - رياض سهيل

معراج محمد خان
کاٻي ڌر جي اصول پرست سياستدان جو لاڏاڻو
رياض سهيل
معراج محمد خان جو خواب ملڪ تي مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي حڪمراني هئي ۽ هو اهو خواب اکين ۾ کڻي ئي دنيا ڇڏي ويو. ان خواب جي پورائي لاءِ هن ايوب خان ۽ جنرل ضياءُ الحق کان علاوه ان پيپلز پارٽيءَ کي به ڇڏي ڏنو هو، جنهن جي منشور ۾ سندس سوچ ۽ فڪر جو به نچوڙ شامل هو.


کاٻي ڌر سان سلهاڙيل نامور سياسي شاگرد ۽ مزدور اڳواڻ معراج محمد خان خميس رات دير سان ڪراچيءَ ۾ ڊگهي علالت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. سندن تدفين مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
معراج محمد خان اتر پرديش جي ضلعي فرخ آباد ۾ پيدا ٿيو. هو 1949ع ۾ ان وقت تائين ڀارت ۾ رهيو. جيستائين سندس گهر کي اويڪيو پراپرٽي قرار ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ هو پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ اچي آباد ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ منهاج برنابه ناليوارو صحافي ۽ مزدور اڳواڻ هو.
معراج محمد خان شاگرد سياست ذريعي پاڪستان جي سياسي افق تي اڀريو. 1959ع سندس سياسي زندگيءَ جي ٽرننگ پوائنٽ هئي، جڏهن شاگرد سياست تي پابندي هنئي وئي ۽ معراج محمد خان سميت کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هي اُهي ڏينهن هئا جڏهن آمريڪي صدر جي آمد جي موقعي تي کاٻي ڌر جي شاگرد اڳواڻن ۽ صحافين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. ان دوران ئي لاهور جي شاهي قلعي ۾ مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر جي مرتئي جو واقعو پيش آيو.
1960ع ۾ جڏهن کاٻي ڌر جون جماعتون ماسڪو نواز ۽ چين نواز ڌڙن ۾ ورهائجي ويون ته انهن جو اثر شاگرد تنظيمن تي به ٿيو ۽ معراج محمد خان چين نواز ڌڙي ۾ شامل ٿي ويو.
ايوب خان جڏهن جمهوريت بحال ڪئي ۽ شاگرد تنظيمن تان پابندي ختم ڪئي ته 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پولو گرائونڊ ۾ ايوب خان جي حامي مسلم ليگ ڪنوينشن جي ميڙاڪي ۾ شاگرد اڳواڻ داخل ٿي ويا ۽ هنن اسٽيج تي قبضو ڪري پنهنجا مطالبا پيش ڪيا، جنهن کانپوءِ معراج محمد خان سميت ٻارنهن شاگرد اڳواڻن کي لاهور بدر ڪيو ويو ته اها هڪ ملڪ گير تحريڪ بڻجي وئي.
قافلو جڏهن حيدرآباد پهتو ته سڄو شهر اٿلي پيو ۽ اتان به کيس ڪڍيو ويو، ايئن هو پنجاب ۾ داخل ٿي ويو، جيڏانهن ويو ٿي اتي ڪاليجن ۾ موڪلون ٿي ويون، هڪ جوش ۽ خروش جو دور هو، جنهن جي سڀ کان وڏي علامت معراج محمد خان هو. 1965ع ۾ جڏهن پاڪ-ڀارت جنگ ٿي ان وقت معراج محمد خان جيل ۾ هو، حڪومت کيس گذارش ڪئي ته ماڻهن کي ريڊيو تي خطاب ڪري ۽ قومي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪري، جيڪو هن ڪيو. ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڳاپن ۾ جڏهن ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ ڀٽو استعيفيٰ ڏئي ڪراچيءَ پهتو ته اين ايس ايف سندس مان ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت جهلي، جتي ڀُٽي سوشلزم کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو ۽ جنهن جي ڪري هو ڀُٽي جي ويجهو ٿيو ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
ڊاڪٽر جعفر احمد جو چوڻ آهي ته جڏهن پيپلز پارٽي ٺهي ته کاٻي ڌر جا ڪيئي ماڻهو ان ۾ شامل ٿي ويا. ڇو جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته کين پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي اڳين مورچي طور استعمال ڪرڻ گهرجي. هو سمجهن ٿا ته معراج محمد خان پارٽي قيادت جي اشاري تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
تجزيا نگار ڊاڪٽر توصيف احمد جو چوڻ آهي ته ڀُٽي کي اين ايس ايف پليٽ فارم فراهم ڪيو هو ۽ ڪراچيءَ جي مزدورن ۽ شاگردن ۾ متعارف به انهن ئي ڪرايو هو.
پيپلز پارٽي جي قيام ۽ نظريي ۾ معراج محمد خان جو اهم ڪردار هو، ايتري تائين جو حفيظ پيرزادي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي اردوءَ تقرير جو فن سيکارڻ ۾ به سندس اهم ڪردار هو. ان جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو جيڪو بنيادي نهرو هو ان کي عام ڪرڻ ۾ به هن جو اهم ڪردار هو.
پيپلز پارٽيءَ ۾ هن ابتدا ۾ تنظيمي ذميواري سنڀالي ۽ بعد ۾ کيس وفاقي وزير جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ته جلد ئي استعيفيٰ ڏنائين، سندس اختلافن جو هڪ سبب مولانا ڪوثر نيازي به ٻڌايو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر جعفر احمد جو چوڻ آهي ته معراج محمد خان جا جيڪي خيال ۽ نظريا هئا، سي پ پ سياست جي نظرين سان مطابقت رکندڙ نه هئا، تنهن ڪري هن پارٽي ڇڏي ڏني، جنهن جي ڪري کيس ڀُٽي جي ڪاوڙ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويو. سياسي جماعتن کي ٺاهه ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي آئيڊل سياست ڪن ٿا، تن جا ٺاهه قابل قبول نه ٿا هجن، تنهن ڪري انهن جو اهڙين جماعتن ۾ هلڻ محال ٿي وڃي ٿو.
پيپلز پارٽيءَ کانپوءِ هن قومي محاذ نالي پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت برطرف ڪري مارشل لا هنئي وئي ته هو اڳين مورچن تي هو. اهڙي طرح هو جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ يعني ايم آر ڊي جو به اهم حصو رهيو.
عمران خان جڏهن تحريڪ انصاف جو بنياد وڌو ته معراج محمد خان پنهنجي سوچ ۽ فڪر سميت ان ۾ شامل ٿي ويو ۽ کيس پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو، تجزيا نگار ۽ صحافي مظهر عباس موجب عمران خان، جنرل مشرف جي حمايت ڪئي ته ان وقت کان سندس عمران خان سان نظرياتي اختلافن جنم ورتو، عمران خان سان گڏ هو جنرل مشرف سان ملاقات لاءِ هليو ويو، جتي جنرل مشرف عمران خان کي چيو ته اوهان سٺا سياسي ڪارڪن آهيو پر نواز شريف جو مقابلو چوڌري بهتر انداز سان ڪري سگهن ٿا. تحريڪ انصاف ڇڏڻ کانپوءِ هو مزدور ڪسان پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو پر ڪو به فعال ڪردار ادا ڪري نه سگهيو، اڄ ڪلهه هن عملي سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ورتي هئي ۽ صرف علمي ۽ ادبي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
(بي بي سي جي ٿورن سان)


No comments:

راءِ ڏيندا