; سنڌي شخصيتون: علي نواز تڳر - مظهر خاصخيلي

10 July, 2016

علي نواز تڳر - مظهر خاصخيلي

علي نواز تڳر
ھڪ انسان دوست استاد
مظهر خاصخيلي
جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو، ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏي موت جو مزو چکڻو پوي ٿو. پر ڪي موت اڻ مندائتا ٿيندا آهن، اهي جيءَ کي جهوري وجهندا آهن. ائين ئي ۱۸ اپريل تي فقير صفت ماڻهو ۽ تعليمي ماهر استاد علي نواز جي وڇوڙي وڍ وڌا آهن. سندس موت هزارين دلين کي جهير وجهي ڇڏيا آهن ۽ نوشهروفيروز باءِ پاس ڀرسان سندس ڳوٺ گل محمد تڳر ۾ جڏهن سوين ماڻهو مختلف برادرين سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جا اڳواڻ سندس جنازي ۾ جڏهن شامل ٿيا هئا ته ان وقت هر ماڻهو ائين اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو ڄڻ علي نواز تڳر ان جي گهر جو ڀاتي هجي. اهو رشتو ڪي ڪي ماڻهو جوڙيندا آهن جنهن رشتي کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ۽ اهڙو ماڻهپو گهٽ ماڻهن ۾ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، جن لاءِ هر اک روئندي هجي ۽ هر دل دانهون ڪرڻ تي آتي هجي. اهي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ماڻهو ليکيا ويندا آهن. استاد علي نواز تڳر کي گهڻي ڀاڱي نوشهروفيروز جي آسپاس جي ڳوٺن جا پڙهيل لکيل نوجوان ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺاڻا سائين علي نواز ڪري سڏيندا هئا. اڄ جڏهن هو اسان سڀن وٽ جسماني طور موجود ناهي، ان وقت ان جي ڪمي محسوس ڪجي ٿي. ڇو ته اسان نوشهروفيروز ضلعي جا رهواسي، ان استاد علي نواز جهڙي ٻاجهاري ماڻهو کي ٻيهر ان ديس تان ڪيئن ورائي وٺي اينداسين، جنهن ديس تي هيڪر ڪير به ويو ته اتان ٻيهر واپس ناهي وريو ۽ سائين علي نواز به اهڙي ڏوراهين ديس تي جسماني طور موڪلاڻي ڪري هليو ويو آهي.


اهڙا ماڻهو جيڪي گهڻي ڀاڱي ٻين جي ڏکن سورن دردن ۾ ڪم ايندا آهن، اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا آهن. نوشهري ضلعي جي هزارين ماڻهن پڙهيل لکيل نوجوانن ٻهراڙي جي ڳوٺاڻن کي اها خبر ۽ ڄاڻ آهي ته اسان جي نوشهروفيروز ضلعي جو گهڻو گهرو سائين علي نواز تڳر هو، جيڪو ڪنهن به وقت ڪنهن کي به ضررور ڏک ۾ ڪم ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ايمرجنسي ۾ ڪٿي به ضلعي اندر رت جي ضرورت هوندي هئي ته کيس هر ماڻهو اها صلاح ڏيندو هو ته هو سائين علي نواز تڳر سان رابطو ڪري، سندس مسئلو حل ٿي ويندو. ۽ اهو سچ آهي ته هي ماکي جهڙو مٺڙو ماڻهو هر مرض جو علاج هوندو هو. جيڪو به ڪنهن به مسئلي ۾ الجهيل يا ڦاٿل هوندو هو ته هوان کي اهڙي مٺي انداز سان صلاح ڏيندو هو ڄڻ ان جو مسئلو پاڻ مرادو حل ٿي ويندو. هن ڪيترن ئي غريب شاگردن کي وڌيڪ تعليم پرائڻ تي اتساهيو ۽ انهن جي ڪافي جاين تي مالي مدد به ڪئي ۽ ڪيترن ئي مسڪين شاگردن جا فارم پاڻ لکي ڀرايا. اهي اڄ به سائين علي نواز تڳر کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ سان گڏ ياد رکندا.
هن محبتي ماڻهو نوشهروفيروز جي باءِ پاس ٻاهران ڳوٺ گل محمد تڳر ۾ مسڪين ڳوٺاڻي قادر بخش تڳر جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ تعليم ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي. سياسي حوالي سان سڄي عمر سنڌ ساگر پارٽي سان واڳيل رهيو ۽ سنڌ ساگر پارٽي جو مرڪزي آرگنائيزر رهڻ سان گڏ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو مرڪزي صدر پڻ رهيو ۽ استاد تنظيم پ ٽ الف ۾ ڪيترائي ڀيرا عهديدار چونڊيو ويو. ان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز جو سيڪريٽري به رهيو ۽ سگا ۾ پڻ ڪم ڪيو. 48 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو. اڄ هو اسان سان جسماني طور تي گڏ ناهي پر سندس ڏنل پيار کي ڪو به وساري نه ٿو سگهي. جنهن به هڪ دفعو سائين علي نواز تڳر سان ملاقات ڪئي هوندي ته هن کيس ڄڻ پنهنجو دوست يار بڻائي ڇڏيو هوندو.
اهو سچ آهي ته جيڪڏهن روئڻ سان ڪير واپس اچي ته شايد محبوب ماڻهو ۽ محبت ڏيندڙن جي اوچتي موت تي ماڻهو راتين جون راتيون جاڳي روئي، ۽ ڌڻيءَ کان اُنهن کي واپس گهري وٺي، پر ائين ناهي ٿيڻو. سائين هاڻ ڪڏهن به واپس ناهي ورڻو، پر جيڪڏهن پنهنجي دلين اندر ڏسبو ته ائين لڳندو ته ڄڻ هو ڪيڏانهن ويو ئي ناهي. سچ به اِهو آهي ته هُن جيڪي محبتون ڏنيون آهن، اُنهن وسيلي هو هميشه اسان سڀني جي دلين ۾ زندهه رهندو.


علي نواز تڳر
نوشهروفيروز جو ايڌي
مظهر خاصخيلي/نوشهروفيروز
اهڙو ئي لاهوتي فقير صفت مومن ماڻهو هر دلعزيز تعليمي ماهر استاد علي نواز تڳر ۱۸ اپريل تي جسماني طور تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آھي. اهي ماڻهو جيڪي گهڻي ڀاڱي ٻين جي ڏکن سورن دردن ۾ ڪم ايندا آهن اهي ماڻهو تمام آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿورا آهن. ڀلي ڪراچيءَ جي عبدالستار ايڌي کي پوري دنيا ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي پر مون سميت نوشهري ضلعي جي هزارين ماڻهن پڙهيل لکيل نوجوانن ٻهراڙي جي ڳوٺاڻن کي اها خبر ۽ ڄاڻ آهي ته اسان جي نوشهروفيروز ضلعي جو ايڌي سائين علي نواز تڳر هو جيڪو ڪنهن به وقت ڪنهن کي به ڏک ۾ ڪم ايندو هو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ايمرجنسي ۾ ڪٿي به ضلعي اندر رت جي ضرورت هوندي هئي ته کيس هر ماڻهو اها صلاح ڏيندو هو ته هو سائين علي نواز تڳر سان رابطو ڪري سندس مسئلو حل ٿي ويندو. ڪيترن ئي غريب شاگردن کي وڌيڪ تعليم پرائڻ تي اتساهيو ۽ انهن جي ڪافي جاين تي مالي مدد به ڪئي ۽ ڪيترن ئي مسڪين شاگردن جا فارم پاڻ لکي ڀرايا. سياسي حوالي سان سڄي عمر سنڌ ساگر پارٽي سان واڳيل رهيو ۽ سنڌ ساگر پارٽي جو مرڪزي آرگنائيزر رهڻ سان گڏ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو مرڪزي صدر پڻ رهيو ۽ استاد تنظيم پ ٽ الف ۾ ڪيترا ئي ڀيرا عهديدار چونڊيو ويو ان سان سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز جو سيڪريٽري به رهيو ۽ سگا ۾ پڻ ڪم ڪيو. 48 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان موڪلاڻي ويو.


No comments:

راءِ ڏيندا