; سنڌي شخصيتون: شاهه نصير

10 July, 2016

شاهه نصير

شاهه نصير

صوفي شاعر

گل مورو


هيڪر ويهه اچي، نوشهري ۾ نصير چوي...

صوفي شاهه عنايت شهيد، ڀٽائي، سامي، سچل جو صوفياڻو فڪر ۽ شاعري هند توڙي سنڌ ۾ دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تصوف واري فڪر يعني انسانيت واري فڪر سان اڄ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اهو ئي پيغام کڻي هند ۽ سنڌ جو صوفي شاعر شاهه نصير، جنهن ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهروفيروز ۾ ۱۲۲۳ هجري ۾ ان وقت جي ناليواري صوفي شاعر عبدالحي نقشبندي جي گهر ۾ جنم ورتو. اهو ئي سندس والد عبدالحي نقشبندي جهوڪ ميرانپور جي صوفي شاعر ۽ تصوف جي پرچارڪ فضل الله قلندر جو دوست بڻيو ۽ ان جي وفات کان پوءِ صوفي شاهه نصير سندس اها واٽ جيڪا شاهه عنايت شهيد واري فڪر مان سندس والد کي نصيب ٿي هئي، اهو ئي پيغام کڻي جهر جهنگ ۾ نڪري پيو، جنهن جي شاعري سنڌي، اردو، فارسي، سرائيڪي اڄ به ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي، جنهن ۾ سندس مشهور صوفي ڪلام آهي ته:


غمزن ساڻ غلام ڪري وئين،

يار اسان کي دوست اسان کي،

سڪ ته نصير کي سمهڻ نه ٿي ڏئي،

کائڻ پيئڻ حرام ڪري وئين،

دوست اسان کي يار اسان کي.

سندس اها مشهور شاعري سنڌ جي نامور گلوڪاره عابده پروين کان وٺي ڀڳت ڪنور رام تائين ڳائي وئي. صوفي شاهه نصير جي خاندان بابت تاريخ ڄاڻائي ٿي ته سندس وڏا اصل خليج کان هجرت ڪري افغانستان جي شهر احرار ۾ رهيا، جتان کان سندن هڪ بزرگ عثمان نقشبندي اچي نوشهروفيروز ۾ آرامي ٿيو، صوفي شاهه نصير جي خاندان سان وابسطه صوفي شهاب الدين جنهن کي سير ڌڻي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهو به تمام وڏو صوفي شاعر هيو، جيڪو يمن ۾ مدفون آهي. شاهه نصير ابتدائي تعليم پنهنجي والد عبدالحئي کان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ساهتي پرڳڻي جي مشهور عالم مولانا محمد قاسم ۽ قاضي غلام محمد کان حاصل ڪئي، شروع کان ئي پاڻ تصوف واري فڪر سان سرشار ٿيل شاعري جي رياضت صوفياڻي سنگ سان گڏجي ننڍپڻ کان ئي ڪندو رهيو، سندس درگاهه تي سندس دور ۾ به سدائين سماع جون محفلون رچنديون هيون ۽ انهن سماع وارين محفلن جو طور طريقو به صوفي شاهه عنايت شهيد واري رنگ ۽ ڍنگ ۾ هوندو هيو. صوفي شاهه نصير جي شاعري ۾ اڄ به انسانيت جو فڪر، ديس جو درد امن ۽ آشتي جو پيغام سمايل نظر اچي ٿو. هن ئي صوفياڻي سڳنڌ واري سرزمين تان ڪيترائي سنڌ جا ناليوارا صوفي شاعر سندس ئي رمزن سان رچي نروار ٿيا، جن ۾ صوفي فقير خوش خير محمد هيسباڻي، فقير عثمان سانگي، فقير حاجن شاهه، موهن فقير، فقير حشمت راءِ، فقير هري سنگهه، خوشي رام سودائي، فقير دريا خان جهڙا وڏا وڏا صوفي شاعر، جيڪي هن وقت به الستي عشق جو نظارو بڻيل نظر اچن ٿا، جن جي ٻولين ۾ روحاني رمزن جي جهلڪ نظر اچي ٿي، جن جي جيءَ ۾ من جي مونجهه مٽائي، اندر اجاري، سڪ پريت، امن ۽ ايڪتا جا پُر پيالا پياري، نينهن جا نشان ڏيکاري، مست ۽ الست جو ذڪر نظر اچي ٿو. اهو صوفي شاهه نصير جو ئي ڪمال هيو جو هن پنهنجي ڌرتيءَ تي صوفياڻي سنگ کي شاهه لطيف جي فڪر، سچل سرمست جي سرمستي ۾ رڱي ايترو ته نروار ڪيو جو ان جو نينهن اڄ به دنيا جهان جي تمام وڏن صوفي شاعرن ۾ سندس نانءُ وڏو ليکيو وڃي ٿو. سنڌ توڙي هند جي هر صوفي فنڪار صوفي شاهه نصير جي شاعري کي تمام گهڻو ڳايو آهي، صوفي شاهه نصير هندو مسلم ايڪتا ٻڌي جو پرچارڪ هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترائي هندو مسلم گيڙو رنگ ۾ رچي صوفياڻي سُنگ جي سمجهاڻي اثبات ۽ وحدت واري واٽ کي پنهنجو محور بڻائي اڄ به سامي سفر هليا جيان، ڪو پروڙي پنڌ، اهو پنڌ ۽ پيچرا گيڙو رتا ڪپڙا پائي جهرجهنگ جهانگيئڙن ۽ ماروئڙن کي درد ۽ سورن جون ڪٿائون سڻائيندي صوفي شاهه نصير جي تنبوري جي تارن سان سڻائي رهيا آهن ته؛

سور ٿيا ٿم سامهان، ننڍائي لاڪون،

صوفي شاهه نصير پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي رومانوي داستانن کي تمام گهڻو ڳايو آهي، سندس ڪلام تي نمايان طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو اثر نظر اچي ٿو، هن شاعري وسيلي اهو پيغام ڏنو ته گهر ويهڻ جون صلاحون نه ڏيو، مان پنهون واري رنگ ۾ رتل آهيان. شاهه نصير جي شاعري ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر عشق جي آتش ۾ پاڻ کي پچائڻ، مدائتي مينهن کي سارڻ، وطن دوستي جو درس، ڌرتي سان عشق، سانگيئڙن جي سڪ، انسانيت وارو فڪر، روحاني رمزن سان روح، حسن، عشق، سونهن ۽ سينگار سان محبت، تصوف واري فڪر سان اڻ کٽ عشق، محبوب جي رمزن ۽ غمزن ۾ سانورين اکين جي سونهن نهايت خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي آهي.

شاهه نصير پنهنجي شاعري ۾ ڪافي، بيت، مرثيو، ڏوهيڙو ۽ وائي کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ نمرتا، نماڻائي، وينتي ۽ ماروئڙن سان محبت جو سبق سمايل آهي. شاهه نصير جي شاعري ”ڪلام شاهه نصير“ جي ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي. شاهه نصير جي درگاهه ڀرسان سندس اها جوڙايل قديمي مسجد جيڪا 300 ورهيه اڳ جي تاريخي حيثيت رکندڙ هئي، اڄ اها به سنڌ جي ثقافت کاتي کان وٺي وقت جي حاڪمن کان وسري وئي ۽ ڀور ڀور ٿي وئي. صوفي شاهه نصير جي آڳنڌ ۾ ئي سنڌ جو لقمان حڪيم سڏيو ويندڙ پير نول گهوٽ جيڪو صوفي شاهه نصير جي خاندان سان وابسطه آهي، اهو سنڌ جو تمام وڏو حڪيم ٿي گذريو آهي، ايتري قدر جو جڏهن مخدوم طالب الموليٰ ننڍپڻ ۾ بيمار ٿي پيو هو ته ان وقت سندس چاچو غلام حيدر صديقي هالا کان علاج لاءِ کيس کڻي آيو ته کيس دوا سان گڏ دعا ڏيندي کيس لقب ڏنو هيائين ته اڄ کان مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ هوندو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان لقب سان کيس ياد ڪيو وڃي ٿو. صوفي شاهه نصير جا تڪيا يا سندس تصوف واري فڪر جون روح رينجهائڻ وارا آستانا ڏٺا وڃن ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به موجود آهن، ايتري قدر جو سکر ٻاهران سنڌ جي قديمي شهر چڪ ۾ انباهه شريف جي درگاهه جتي هندو مسلم هڪ ليکيا وڃن ٿا ۽ ان درگاهه سان وابسطه صوفي شاعرن سائين پير شاهه سندس فرزند فيض درياهه بادشاهه جو تعلق به صوفي شاهه نصير جي گادي سان لکيو وڃي ٿو. صوفي شاهه نصير ۱۹۰۰ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي، سندس ابدي آرامگاهه ساهتي جي شهر نوشهروفيروز ۾ صوفي شاعرن لاءِ ۽ تصوف واري فڪر جي پرچار ڪرڻ لاءِ اڄ به تمام وڏي حيثيت رکي ٿي، سنڌ ۽ هند جو هي عظيم صوفي شاعر پوري برصغير ۾ ان جا هندو توڙي مسلم تمام گهڻا ماڻهو عقيدت مند ۽ سندس فڪر جا پرچارڪ اڄ به موجود آهن، شاهه نصير پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀومي نوشهروفيروز کي هينئن ياد ڪيو هو ته؛

هيڪر ويهه اچي، نوشهري ۾ نصير چوي،

سچ چوان ٿو سهڻا، ڄاڻج ڳالهه سچي،

رنگ تنهنجي ۾ رانول، ويو روح رچي،

تنهنجي ڪڏهن ڪچي، ڪنهن سان ڪندس ڪينڪي.


 

شاھ نصير

سنڌ جو گھڻ-ٻوليائي ڪلاسيڪل شاعر

زاھد رڄپر

ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز جو صوفي شاعر شاهه نصير پنهنجي دور جو گهڻ ٻولين وارو شاعر ٿي گذريو آهي. هن کجين واري شهر نوشهروفيروز ۾ ۱۲۲۳ هجري ۾ جنم ورتو. سندن وڏا افغانستان جي شهر احرار مان لڏي، پهريان نوشهروفيروز جي ڀرسان ميان عدر جي درگاهه وٽ ويٺا، جتي هنن رهڻ لاءِ حويلي جوڙائي، پر بعد ۾ اتان لڏي شهر جي اولهه طرف پارو واهه جي ڪپ تي اچي لڏي ويٺا. ان وقت پارو واهه جا رڳو پار نظر آيا ٿي ۽ پارو واهه ڪڏهوڪر نوشهري کان رسي پنهنجو پنڌ مٽائي چڪو هو. جنهن ڪري پارو واهه جي ڇڏيل زمين تي رڳو کجين جا باغ هئا. ان بابت هن وقت درگاهه شاهه نصير جو گادي نشين پير منير احمد چوي ٿو ته؛ ”اسان جا وڏا سعودي کان هتي آيا هئا.“

شاهه نصير پارو جي ڪپ تي نئون ڳوٺ اڏايو. جڏهن ته سنڌ جا وڏا خاندان ۽ درگاهون به هن درگاهه جا عقيدتمند آهن.

شاهه نصير ابتدائي تعليم، پنهنجي والد عبدالحي جيڪو پنهنجي وقت جو تمام گهڻو وڏو حڪمت جو ماهر ۽ عالم هو ۽ کيس درگاهه وارو سائين ڪري سڏيو ويندو هو، ان کان ورتي ۽ بعد ۾ وڌيڪ تعليم مولوي محمد قاسم ۽ قاضي غلام محمد کان حاصل ڪئي.

شاهه نصير کي راڳ ويراڳ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، جنهن ڪري سندس مئخاني تي محفلون سدا متل رهنديون هيون. هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ سير سفر ڪندي، افغانستان جا جبل جھاڳيا ۽ هندوستان جا پٽ جهاڳيا ۽ دنيا جا راز پروڙيا.

ڀٽائيءَ کان وٺي موجوده دور تائين وايون ۽ ڪافيون، نج سنڌي شاعريءَ جي صنف طور اڀري سامهون آيون. جيڪي سنڌ واسين جي من جي مونجهه مٽائي، اندر اجاري، سڪ، پريت، امن ۽ ايڪتا جا پرُ پيالا پياري نينهن جا نشا ڏياري، مستو مست ڪنديون رهيون آهن. جنهن ڪري شاعر نصير به ڪافي گهڻي لکي. محققن جو چوڻ آهي ته؛ ”شاهه نصير به شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي جو تسلسل آهي. هن به انهن صنفن ۾ ڪلام چيو آهي ۽ اهو ئي پريت جو پيغام ڏنو.“ اهو ئي سبب آهي جو شاهه نصير جو ڪلام نه فقط سنڌ پر هند ۾ پڻ بيحد مقبول آهي. آل انڊيا ريڊيو تان اڪثر سندن هي شاعري ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.

غمزن ساڻ غلام، ڪيو آ يار اسان کي،

يار اسان کي، دوست اسان کي،

ڪنهن کي دين مليو، ڪنهن کي دنيا،

عشق اصل کان انعام، ڪيو آ يار اسان کي،

غمزن ساڻ غلام،

سنڌَ سنڌَ ۾ آ، ميخ محبت جي،

لنئو لنئو منجهه لغامُ، ڪيو آ يار اسانکي،

غمزن ساڻ غلام،

سڪ ته نصير کي محب ملڻ جي،

کائڻ پيئڻ حرام، ڪيو آ يار اسان کي،

غمزن ساڻ غلام.

شاهه نصير، هندو مسلم ايڪتا جو پرچارڪ هو. اهو ئي سبب آهي جو بنا مذهبي فرق جي هندو توڙي مسلم سندس مريد هئا. هو پنهنجي اندر ۾ صوفي هو. سندس پيغام، پيار ۽ پريت جو پيغام هو ۽ پاڻ صوفي شاهه عنايت جو تسلسل هو. پاڻ تصوف جي رنگ ۾ رڱيل شاعر هو. اهڙو صوفي شاعر هو، جنهن ويٺي ننڊ نه ڪئي پر عشق جي منزل ۾ سدائين اڻ تڻ ۾ رهيو.

شاهه نصير پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي رومانوي داستانن کي تمام سهڻي نموني ڳايو آهي ۽ هن ڀٽائي جي اثر هيٺ سر ماروي، سر سسئي ۽ ٻيا سر لکيا. حسن ۽ عشق جو مضمون شاعريءَ سان گڏ لازم ۽ ملزوم آهي. صوفي شاعرن من مان مير ڪڍي، حرص هوا ڇڏي، سيني مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو آهي، تڏهن حضرت عشق اچي سندن دل ۾ ديرو ڄمايو آھي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه نصير فرمايو؛

نيڻن ننڊ ڦٽاءِ، جي اٿئي آتش عشق جي،

ڇڏي حرص هوا سڀ، پيرُ پرت ۾ پاءِ،

لنئون لالڻ سان لاءِ، جي اٿئي سُڌَ سڪڻ جي.

شاهه نصير ڪافيءَ جو شهنشاهه شاعر هو. سندس ڪافيون، هند ۽ سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن. شاهه نصير پنهنجي ڪافين ۾ سهڻي مضمون، اثرائتي انداز بيان ۽ سهڻي سنڌيءَ جو اعليٰ مثال آهي. جڏهن ته شاهه نصير کي گهڻ-ٻولين وارو شاعر به چيو وڃي ٿي. هن سنڌي، سرائيڪي، فارسي، اردو، هندي ۽ ٻين زبانن ۾ شاعري ڪئي. شاهه نصير کي ڄاڻايل زبانن تي عبور حاصل هوندو هو. شاهه نصير جي شاعريءَ کي سنڌ جي وڏن گائڪن ڳايو آهي، جن ۾ عابده پروين، استاد منظور علي خان، ڍول فقير، علڻ فقير، سيد جعفر شاهه ۽ ٻيا ڪيترا ئي فنڪار شامل آهن.

شاهه نصير ۱۹۰۰ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پارو واهه جي ڪپ تي کجين جي باغ ۾ تدفين ٿي، جتي اڄ به هر سال ميلو مچندو آهي. صوفي راڳ ويراڳ جون محفلون مچنديون آهن. پر افسوس آهي جو هن شاعر جي فڪر، فلسلي، شاعري تي جيڪا گهڻ-رخي تحقيق ٿيڻ گهرجي ها، اها نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري سندس شاعريءَ جو وڏو حصو اڃا تائين غائب آهي. نامياري اديب نواز علي شوق سندس ڪجهه ڪلام هٿ ڪري ان کي ڇپائي تاريخ جو حصو ته بڻايو آهي پر ان ۾ شاهه نصير جي اردو، فارسي، هندي شاعري شامل ناهي، جنهن بابت محقق پروفيسر شمشاد سومري تحقيق ڪئي ۽ ڪجهه شاعري هٿ ڪئي آهي. جنهن لاءِ هو چوي ٿو ته؛ ”شاهه نصير جي فارسي شاعري، عشقيه شاعري آهي. جنهن ۾ عشق تي انتهائي گهرائي ۽ ڪمال سان لکيو آهي.“




شاھ نصير

صوفي شاعر

گل مورو

فيروز فقير ويرڙ جيڪو لطيف سائين جو فقير هو. جيڪو والي سنڌ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو سپاھ سالار هو. جڏهن ميان نصير ڪلهوڙي سنڌ ۾ پنهنجي حاڪميت جو بنياد رکيو ته انهيءَ زماني ۾ ساهتي پرڳڻي جي ننڍن وڏن ڳوٺن، وستين واهڻن کي گڏ ڪري فيروز فقير ويڙ نئون شهر جوڙايو جيڪو اڳتي هلي سندس نالي پٺيان نوشهروفيروز سڏجڻ لڳو. اهو چئي سگهجي ٿو ته هي شهر سن ۱۰۶۶ع ڌاري وجود ۾ آيو.

انهيءَ زماني ۾ ميان نصير محمد “واليءَ سنڌ” بڻجي چڪو هو. سنڌ جو مشهور اديب مرزا قليچ بيگ جنهن اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ هتي ڊپٽي ڪليڪٽر طور ڪم ڪيو. جنهن شهر جي نالي بابت لکيو آهي ته:-

“هن جي نالي پٺيان ان کي نوشهروفيروز سڏين ٿا. اهو شهر نون ڀاڱن يعني حصن ۾ هو. جنهن ۾ جدا جدا برادريءِ جا ماڻهو ويهاريا (آباد) ڪيا ويا هئا. انهيءَ ڪري “نوشهروفيروز” نالو مليس. ”

تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺو وڃي ته ڪيترا ئي محقق ان راءِ تي متفق آهن ته، شهر جو بانيڪار “فيروز فقير” نهايت ذهين ۽ وڏي دماغ وارو انسان هو. پاڻ شهر جو بنياد رکندي، ان جي جاگرافي بيهڪ طرف پورو ڌيان ڏنائين.

ميان نصير محمد جي سپھ سالار فيروز فقير بابت سنڌ جو نامور محقق پروفيسر عبدالله مگسي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي لکي ٿو ته:-

“ميان نصير محمد جو ساٿي سندس سپھ سالار “فيروز فقير” پنهجي وقت جو وڏو سياسي مدبر، اعلى منتظم، صلاحڪار، ۽ بهادر، سرواڻ هو. جڏهن ميان صاحب جي عبوري انقلابي حڪومت مضبوط ٿيڻ لڳي، ۽ شاھ پنهنجي سلطان سنڌو درياھ تي ضابطو رکڻ شروع ڪيو ۽ واپاري ٻيڙين کان محصول وٺڻ لڳو ته ان وقت سوچيو ويو ته، درياھ جي ٻئي ڪناري تي به پنهنجي حاڪميت قائم ڪجي، ته جيئن پنهنجي حاڪيت جون حدون اڃان به وڌائي سگهجن انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ميان صاحب، “فيروز فقير ويرڙ” کي ساهتي پرڳڻي ڏانهن موڪليو جنهن هي نئون شهر نوشهروفيروز تعمير ڪرايو. انهيءَ سوڀ اُن وقت آزاديءَ جي تحريڪ جي جدوجهد ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪيو. ”

جڏهن سنڌ جو سپوت ميان نصير محمد سن ۱۱۰۳ هجري ۾ وفات ڪري ويو ته فيروز فقير به زندھ هو. ميان دين محمد جي دور ۾ جنهن وقت امير شيخ جهان کي سنڌ ڦرڻ ۽ لٽڻ لاءِ موڪليو ته ساهتي جي سپوت فيروز فقير ويرڙ ڌارين جي لشڪر سان مهاڏو اٽڪايو اهو ديس جو دشمن امير شيخ جهان جنهن سنڌ ڌرتي تي قبضو ڪرڻ پئي چاهيو. انهيءَ جنگ دوران هن سپھ سالار فيروز فقيرويرڙ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هيءُ به سنڌ جو سپوت فيروز فقير ويرڙ وڙهندي وڙهندي شهادت ماڻي هوندي پر افسوس جو ان بابت ڪابه تحقيق ناهي ٿي سگهي. پر اها حقيقت آهي ته شهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سنڌ جي ٻين گمنام سپھ سالارن جيان ابدي آرامي هوندو.

هن ئي فيروز فقير ويرڙ جي شهر نوشهروفيروز ۾ اهڙا به صوفي بزرگ شاعر ۽ نامور اديب پيدا ٿيا جن جي هاڪ اڄ به سڄي سنڌ ۾ ٻڌي وڃي پئي جهڙيءَ ريت صوفي شاھ عنايت شهيد جهوڪ واري ۽ هالن واري صوفي بزرگ مخدوم محمد نوح جو ڳانڍاپو انهيءَ دور ۾ رهيو. اهو ئي ساڳو منظر ساهتيءَ جي شهر نوشهروفيرز ۾ به نظر اچي ٿو جو صوفي شاھ عنايت شهيد جي تصوف واري فڪري واٽ هن ئي شهر جي صوفي بزرگ صوفي شاھ نصير جي والد صوفي عبدالحيءَ کي نصيب ٿي ۽ اهڙيءَ ريت مخدوم محمد نوح هالن واري جي فڪري سوچ هتان جي صوفي بزرگ ميان عدر سلطان کي ملي اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ تصوف واري فڪري سوچ جا مڻيادار ماڻهو هتي به پيدا ٿيا. سو صوفي شاھ نصير کان وٺي صوفي پير ڪمال فقير تائين کوڙ سارا صوفي شاعر اديب ۽ تصوف جا پيروڪار سندن ئي صحبت جي ڪري پيدا ٿيا. تصوف جي باري ۾ ننڊي کنڊ جي عظيم انقلابي اڳواڻ امام انقلاب عبيدالله سنڌي جو چوڻ آهي ته: “جڏهن حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وٽ اسلام قبول ڪرڻ ويس ته حافظ صاحب مون کي پهريون درس سچل سرمست جي هن وائيءَ سان ڏنو

ڇوڙ گمان گدائي والا

شملا چا ٻڌ شاهي دا

ٻڌائي ته مون ان ڏينهن ڄاڻي ورتو هو ته “انا” ان برتر وجود جو اولڙو آهي استاد جي ڏسيل ان وائيءَ جو اثر هو جو مان دنيا جي نهايت وڏن تخت نشين شخصيتن جي سامهون به پاڻ کي ڪمتر محسوس نه ڪيو. ڪيڏي به وڏي کان وڏي مهم جي سرانجامي ڪرڻ تي ڪڏهن به خيال کي لوڏو نه آيو سو ڏٺو وڃي ته هي ساهتي پرڳڻي جا صوفي شاعر به انهيءَ خيال جا هئا. جن شاھ شهيد جي فڪر واٽ تي هلندي ڪنهن جي آڏو به ڪنڌ نه جهڪايو ۽ هميشه مذهبي متڀيد کان خالي رهي ڪري انساني برابريءَ ۽ مذهبي رواداريءَ واري سوچ کي اهميت ڏني اهو ئي تصوف جو اصل ۾ فڪر آهي. ۽ ان فڪر سان سلهاڙيل ساهتي جي صوفي شاعرن جو ذڪر تفصيل سان هيٺ پيش ڪجي ٿو.

صوفي شاھ نصير جي ولادت شهر نوشهروفيروز ۾ ۱۲۲۳هجري ۾ ٿي، سندس والد صوفي عبدالحي نقشبندي هڪ وڏو عالم ۽ عارف ٿي گذريو آهي. جيڪو جهوڪ ميرانپور جي صوفي فصل الله قلندر جو دوست هو. صوفي عبدالحي نقشبندي جيڪو پير شهاب الدين سير ڌڻي جو فرزند هو پنهنجي والد صوفي شهاب الدين سير ڌڻيءَ جي وفات کان پوءِ پاڻ سلوڪ واري مسند تي ويٺو سندس سيني ۾ اڳ ئي شاھ سچل ساميءَ جا سلوڪ سمايل هئا. هن جي پريت واري پيغام ۾ روحاني رمزن جو رچاءُ هو جڏهن نادر شاھ ايراني جي فوجي لشڪر سڄي سنڌ جي ڦرلٽ ڪندي ساهتي جي شهر نوشهري تي خونخوار حملو ڪري ساهتي پرڳڻي جي ننڍن وڏن شهرن توڙي واهڻ وستن کي لٽي ۽ ڦري رهيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ صوفي عبدالحي سمجھ لائق ننڍي عمر وارو هيو جنهن پنهنجي اکين سان نادر شاھ جي فوجين جي بربريت ۽ دردناڪ وارڌاتون ڏٺيون تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته هي ان سانحي جو اکين ڏٺو شاهد هيو جو اها نادري ڪاھ سڄي سنڌ وطن جي وارثن کي لٽي ڦري ڌرتي ڌڻين کي غلام بنائڻ ٿي چاهيو. تاريخ جا ورق اڄ به شاهد آهن ته سنڌ جي صوفين هميشه قبضا خورن سان مهاڏو اٽڪائڻ پنهنجو مشن سمجهيو ۽ هر ڌارئي ڦوروءَ جي اها تاريخ رهي آهي ته ان مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪندي مذهبي منافرت وڌائي پنهنجا مقصد ماڻڻ کي اوليت ڏني آهي. انهيءَ نفاق واري سازش کي ناڪام بنائڻ لاءِ سنڌ جي صوفين شاه عنايت شهيد واري سنت ادا ڪرڻ لاءِ ميرانپور جو مڱتو بڻجي تصوف واري انسانيت جي آفاقي فڪر کي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچايو. هي صوفي عبدالحي به جهوڪ جي جهلڪ پسڻ کان پوءِ مذهبي متڀيد جي رستاروڪ ڪرڻ لاءِ پريت جو پيغام کڻي سيلاني بڻجي سنڌ ۽ هند جو سفر ڪيو ۽ سندس فرزند عظيم صوفي شاھ نصير تي به اهو تصوف وارو اثر هو. سندس والد کي شاھ نصير جي تعليم ۽ تربيت جو گهڻو فڪر هيو. تنهن ڪري هن پنهنجي پٽ جي وڌيڪ تربيت لاءِ سنڌ جي صوفي شاعر عثمان فقير سانگيءَ کي مقرر ڪيو هو. جيڪو عبدالحي جو مريد پڻ هيو، ۽ ڪيتري ئي وقت تائين درگاھ تي گذارڻ لڳو. سنڌ جو مشهور صوفي شاعر خوش خير محمد فقير هيسباڻي وري عثمان فقير سانگيءَ جو گهاٽو دوست ۽ عبدالحي جو عقيدتمند رهيو. صوفي شاھ نصير کي ٻنهي صوفي شاعرن جي صحبت شاعراڻو ڪمال ڏيارڻ ۾ مددگار ضرور ثابت ٿي هوندي. سندس وفات کان پوءِ سندس فرند صوفي شاھ نصير گادي نشين بڻيو. اها عالم آشڪار حقيقت آهي ته صوفي شاھ نصير جي درگاھ جي اڳڻ اچي اڄ به ڪيترا ئي پريت جا پانڌيئڙا روحاني رمزن سان پنهنجي پياسي من کي پرڪش پيالن سان پُر نور ڪن ٿا. اصل ۾ صوفي شاھ نصير جا وڏا اباڻا عرب کان هجرت ڪري پهريان اچي افغان جي شهر احرام ۾ رهيا. جتان سندن هڪ بزرگ محمد عثمان نقشبندي اچي نوشهري فيروز ۾ رهائش پذير ٿيو. سندن وارثن چواڻي مطابق ته صوفي شاھ نصير جو هڪ برزگ صوفي شهاب الدين جنهن کي سير ڌڻي جي نانءَ سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اهو هن وقت به يمن ۾ مدفون آهي.

جڏهن ته شاھ نصير جي والد سائين عبدالحيءُ کي درگاھ وارو سائين سڏيو ويندو هو. جڏهن ته هن درگاھ واري سائين پنهنجي والد محترم کان شاھ نصير ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم مولانا محمد قائم ۽ قاضي غلام محمد کان حاصل ڪئي، ۽ روحاني فيض پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ گهڻو وقت رياضت ۾ گذاريندو هو ۽ صوفياڻي سُنگ سان کين ننڍپڻ کان ئي عشق هو. سندن هن صوفي درگاھ تي سماع جون محفلون هر سانجهيءَ متل هونديون هيون. ماڻهو پنهنجي عشق جي اُڃ اجهائڻ لاءِ اچي صوفي شاھ نصير جي اڳڻ تي آسڻ ٿيندا هئا. اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.

صوفي شاھ نصير پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو سير سفر ۾ گذاريو، جنهن افغانستان جو سير ڪرڻ کان علاوه هند توڙي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي، صوفياڻو سُنگ کڻي امن ۽ آشتي جو درس ڏيندو رهيو ۽ تصوفي فڪر جو پرچارڪ بڻجي، پريت جو پيغام پنهنجي صوفياڻي شاعريءَ وسيلي ڏيندو رهيو. سندس عقيدت مند هند توڙي سنڌ ۾ هن وقت به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هن صوفي آستاني تان سبق رڳي خوش خير محمد هيسباڻي ۽ عثمان سانگيءَ نه پر ٻين ڪيترن ئي اهو درس ورتو. جن ۾ فقير حاجن شاھ، فقير عالم شاھ، فقير خوشي رام سودائي، هي سمورا صوفي فقير صوفياڻي رنگ ۾ رچي صوفي شاعر بڻيا. ان کان علاوه مشهور صوفي شاعر سلطان شاھ جيڪو لاڙڪاڻي جو رهاڪو هيو صوفي شاعر شاھ نصير جي صحبت ۾ اچي پنهنجي دور جو ڪافيءَ جو مشهور شاعر ٿي بڻيو سندس شاعريءَ ۾ “سلطان” تخلص ڪم آڻيندو هيو. جنهن جو قلمي بياز هن وقت به علمي درس گاهن ۾ موجود آهي.

صوفي شاھ نصير هندو مسلم ايڪتا (ٻڌي) جو پرچارڪ هو. اهو ئي سبب آهي اڄ به هندو توڙي مسلم سندس عقيدت مند هر سال اچي هتي آسڻ ٿين ٿا. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ تصوف جي سمجهاڻي، اثبات ۽ وحدت واري واٽ کي پنهنجو مقصد بڻايو. جڏهن ته شاھ نصير پنهنجي پيغام ۾ هر وقت هيئن چوندو رهيو:-

سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ

اهو پنڌ ۽ اهي پيچرا گيڙو رتا ڪپڙا پائي، جهر جهنگ جهانگيئڙن ۽ ماروئڙن، کي درد ۽ سورن جون ڪٿائون سڻائيندي، درس ڏيندو رهيو ته:-

سُور ٿيائم سامهان، ننڍائي لاڪون،

شاھ نصير پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي رومانوي، داستانن کي تمام سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. سندن ڪلام تي اثر شاھ لطيف جو نمايان نظر اچي ٿو. هي صوفي شاعر شاھ نصير هندي سنڌي ادبي توڙي فارسي ۽ ٻين ٻولين جو به ڄاڻو هو. سنڌي شاعري سان گڏ ٻين ٻولين ۾ به شاعري پڻ ڪئي آهي. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي اهو پيغام ڏنو ته مون کي گهر ويهڻ جون صلاحون نه ڏيو. مان پنهونءَ واري رنگ ۾ رتل آهيان، شاھ نصير جي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر، عشق جي آتش ۾ پريت کي پچائڻ، مندائتي مينهن کي سنڀارڻ، وطن دوستيءَ جو درس ڌرتيءَ سان عشق، سانگيئڙن جي سِڪ، روحاني رمزن سان روح، من، عشق ۽ سينگار سان محبت ۽ تصوف واري فڪر سان اڻ کٽ عشق، محبوب جي رمزن غمزن، سِڪ محبت ۽ سانورين اکين جي سونهن نهايت خوبصورت انداز ۾ پنهنجي شاعريءَ وسيلي بيان ڪئي آهي. شاھ نصير سنڌي، سرائڪي، فارسي، جو تمام وڏو صوفي شاعر آهي. جنهن جي شاعريءَ هند توڙي سنڌ ۾ وڏي چاھ سان ٻڌي ۽ پڙهي وڃي ٿي.

شاھ نصير پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي، بيت، مرثيو، ڏوهيڙو، ۽ وائيءَ کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

شاھ نصير جي شاعريءَ جو ڪتاب “ڪلام شاھ نصير” جي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ وينتي ۽ ماروئڙن سان محبت جو سبق سمايل آهي. هن صوفياڻي درگاھ ڀرسان اها قديمي مسجد جڙيل هئي. جيڪا ساڍا ٽي سؤ ورهيه قديمي مسجد ليکي ويندي هئي جيڪاثقافت کاتي جي بي ڌياني ۽ وارثي نه ڪرڻ جي سبب ڪري سنڌ جي ٻين عظيم ورثن جيان اها به ميسارجي وئي. هن قديمي ورثي کي بچائڻ جي ڪوشس نه ڪئي وئي. شاھ نصير جون اهي سوکڙيون، جيڪي هن پنهجي زندگيءَ ۾ ڪتب آنديون، اهي درگاھ جي گادي نشين صوفي پير منير الدين وٽ اڄ به محفوظ آهن جن ۾ جُتي، گيڙو پٽڪو، درستار بندي، ڪوئنرو، نگارا ۽ ٻيون سوکڙيون۽ اها “لٺ” نما بيراڳڻ، جنهن تي شاھ نصير جڏهن به سير سفر تان ٿڪي ٽٽي ايندو هو ته مٿو ٽيڪي تصوف جو روحاني ذڪر ڪندو هو. اهي اڄ به موجود آهي.

صوفي شاھ نصير جي هن ابدي آرام گاھ ۾ سندس بزرگ ۽ ٻاهران قديمي قبرستان ۾ سنڌي تاريخي ماڳ، مڪليءَ جهڙي قبر، ۽ هن جي حفاظت ۽ خدمت ڪندڙ مسافر مست پريو فقير ۽ ٻيا ڪيترا ئي مست الست فقير ابدي آرامي آهن، جيڪي پنهنجي من ۾ صوفياڻي فڪر جون سڀيتائون سانڍيو سُتا پيا آهن.

اهڙي طرح صوفياڻي رنگ ۾ رچيل سنڌ جا وڏا ناليوارا صوفي شاعر، خوش خير محمد هيسباڻي، فقير عثمان سانگي، فيض دريا بادشاھ ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفي شاعرن هتان ئي تصوف جي تند ورتي، پنهنجي عشق جي آلاپن کي هتان ئي نروار ڪيو. جن شاھ نصير جي آڳنڌ تي رياضت ڪندي گهڻو وقت گذاريو. کين صوفياڻي شاعريءَ جو درس به هتان ئي نصيب ٿيو. ايتري قدر جو عثمان فقير سانگي آخر وقت تائين هن درگاھ تي رهيو ۽ اهو بو واضح رهي ته انباھ شريف واري صوفياڻي درگاھ جيڪا سنڌ جي قديمي شهر چڪ ۾ ضلعي شڪارپور ۾ موجود آهي ان کي به هتان ئي فيض نصيب ٿيو ۽ تاريخي حقيقت آهي ته ان تاريخي انباھ شريف واري درگاھ کي جوڙائڻ ۾ صوفي منش انسان ڀڳت ڪنوررام جو ڪردار رهيو. جتي هندو مسلم ايڪتا جو درس ڏنو ويندو هو. اهو درس به صوفي شاھ نصير جي صحبت مان ئي کين نصيب ٿيو.

سنڌ جي هن عظيم صوفي شاعر شاھ نصير ۱۹۰۰ع ۾ وفات ڪئي، سندس ابدي آرام گاھ نوشهروفيروز شهر ۾ موجود آهي. جتي هر سال ٽي ڏهاڙا، ميلي جي وقت ۾ هزارين عقيدت مند ڏيھ توڙي پرڏيھ مان اچي دلي سُرور، سڪون حاصل ڪرڻ سان گڏ، پنهنجو ناتو نڀائڻ لاءِ اچي آسڻ ٿيندا آهن. ساڳي طرح روح جي سان سنڌ جو هي عظيم صوفي شاعر، شاھ نصير پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي جنم ڀومي نوشهروفيروز کي به نه وساريو ۽ هن ريت ياد ڪيو ته.

هيڪر ويھ اچي، نوشهري ۾ نصير چوي،

سچ چوان ٿو سهڻا، ڄاڻيم ڳالھ سچي،

رنگ تنهنجي ۾ رانول، ويو روح رچي،

تنهنجي ڪڏهن ڪچي، ڪنهن ڪندس ڪينڪي. (شاھ نصير)

No comments:

راءِ ڏيندا