فقير جانڻ چن
موت جي مارڻ جو مان
ناهيان
ابراهيم لاشاري
پنهنجي سنڌ ڌرتي کي
اهو اعزاز حاصل آهي هي سرزمين صوفين، فقيرن، امن، رواداري وارن جو ديس سڏيو وڃي ٿي
هن ڌرتي هر دور ۾ ڪيترن ئي املهه انسانن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي پنهنجو پنهنجي
ديس جي ماڻهن جو نالو هميشه جرڪايو آهي، اهڙي طرح منهنجي شهر وارهه کي پڻ اهو شرف
حاصل آهي ته هن علائقي جي املهه انسانن جنهن ۾ عالم، اديب، شاعر، سگهڙ، ڪالم نگار،
سياستدان، صحافي، پڻ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هن ڌرتي سان گڏ پنهنجو نالو ڏيهان
ڏيهه مشهور ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي انهن
منجهان وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿرڙي هاجران جي
فقير محمد حسن چن کي اها گهڙي نهايت خوشين جي نصيب ٿي جو سال ۱۸۹۵ع ڌاري صوفي مشن ٻار جانڻ چن جي نالي سان
سندس گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد فقير محمد حسن چن بلوچستان جي هڪ (بروهي قبيلي)
منجهان رحيم خاتون سان شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي نڪاح ڪيو هو هن صوفي فقير جانڻ چن جو ٻانگ
جو نالو (جان محمد چن) رکيو ويو مڱر فقير جانڻ چن کي مرشد وري (صادق علي) جي خطاب
سان هميشه ڪوٺيندا هئا. پاڻ شاعري ۾ تخلص
وري (جانڻ چن) استعمال ڪندو رهيو جڏهن هي صوفي صفت ٻار نصابي تعليم جي عمر کي پهتو
ته گهر وارن سندس کي ديني تعليم ڏيارڻ
خاطر مدرسي منجهه ويهاريو مسلسل (ٽي سال) هي صاحب ان مدرسي منجهه پڙهيو مڱر قرآن
پاڪ جو ڪجهه (ايميون) پڙهي پڙهڻ کان نابري واريون، مدرسي جي معلم سندس گهر وارن
سان هن جي پڙهائي جو سربستو احوال اوريو ته هي ٻار هت پڙهي نه سگهندو پوءِ جلد جانڻ سائين پڙهائي واري سلسلي منجهان هٿ
ڪڍي وڃي مال چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي جهنگ ۾ اڪيلائي پسند ڪرڻ لڳو، جان محمد
المعروف جانڻ چن صاحب يارهن، ٻارهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ديني عالم
فقير محمد حسن چن هن دنيا مان وصال ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، جانڻ سائين پاڻ
هميشه اڪيلائي پسند ڪندا هئا انهي زماني منجهه پيرن جي پير (سيد عبدالقادر جيلاني
بغدادي رح) تي ڀروسو رکندي هر ڏکي گهڙي منجهه هميشه زبان تي (يا دستگير) جو اسم
اوچاريندي نظر آيا سال ۱۹۱۹ع ڌاري خلافت تحريڪ واري زماني منجهه مسلمان ۽ هندو هڪ ٿي انگريزن (گورن)
خلاف مخالف ٿيا هئا ته جانڻ چن سائين پنهنجي ڀاءَ بخشل چن سان انقلابي شاعري ڪرڻ
شروع ڪيائون جلد ئي شاعري جي ڪري عام خلق خدا وٽ وڏي مشوري ماڻيائين، پاڻ جانڻ
سائين ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهتو ته وارهه تعلقي جي (کيٽاڻ) ڳوٺ جي کيٽاڻ خاندان جي معزز گهراڻي منجهان شادي وارو نڪاح ٿيو
جنهن منجهان رب سائين پنج نِاڻين ۽ چار نرينان اولاد عطا ٿيس جن منجهان ٽي نياڻيون
ننڍي هوندي رحلت فرمائي ويون پٽن ۾ فتح علي چن، شوڪت علي چن، محمدعلي چن مست ۽ هڪ
فرزند ننڍي هوندي رب سائين کي پيارو ٿي ويو هو فقير جانڻ چن پيٽ گذر لاءِ (درگاهه
حيدر شاهه تعلقه وارهه) ان جي ڀرسان هڪ هندو سيٺ جي (ڏهه جريب) زمين هارپي تي ڪري
پنهنجي زندگي جو گاڏو پئي گهليائين اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان جڏهن آزاد ٿيو ۽
هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ته هندو جڏهن ملڪ ڇڏي هليا ويا ته اها زمين سندس جي نالي
تي الاٽ ٿي مڱر زمين جي وارثي نه ڪيائين فقير جانڻ چن سائين ننڍي وهي کان ئي توڪل
تي يقين رکندڙ انسان هئا صدائين من ۾ (حق موجد) جو آواز بلند ڀائي ڪندي نظر آيا
هميشه من منجهه اهيو خيال هوندو هيس ته (اڄ ڏنو ٿين سڀاڻي به ڏيڻ وارو رب ڪريم
آهي) فقير جانڻ چن غريبن جو هڏ ڏوکي انسانيت جو علمبردار ٿي لوڪان لوڪ مشهوري ماڻيائين
جڏهن هاري تحريڪ جو پايو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڌو ته هي فقير به ان تحريڪ جو حصو
بڻجي غريبن، هارين، مسڪين، ماروئرن جي دردن جو درمان بڻجي ان وقت جي اليڪشن منجهه ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جو چٽو پٽو ساٿ ڏنائين ان اليڪشن ۾ تر جي مشهور زميندارن حاجي خان ڪلهوڙو
۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڏو اثر رسوخ استعمال ڪري سندس جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ پئسن جو
طرح طرح جون لاچون ڏئي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو مڱر هي صوفي مشين شاعر سمورين لاچن کي ٿڏي
غريبن رهارين جي حقن جو آواز بلند ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو، ان
زماني منجهه پنهنجي من جو آواز انقلابي شعر چئي عام خلق ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾
ڪامياب ويو پاڻ ان زماني منجهه هارين جي حقن جي ڳالهه ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري
عام خلق کي ٻڌائي ٿو؛
ڪري سجاڳي جلدي جاڳي
هاري! ٿيو هوشار
بگهڙ اٿيا ٿو خون پيئڻ
لاءِ، سڄڻ سائين تهدل ٿي تڪرار!
بلڊنگون، بنگلا، ماڙيون
بلوري! تنهن ۾ سمهي ڀوتار
چوانڪن جو تنهنجي
گهر ۾ چڀڪو سسي ڦيرائن ٻار
چلمون نه ٽيڪين حقا
بلغاري، تنهنجو ڇڪي ڀوتار !
اڪ جو نڙو تو ڪان
اهو به ڪونهي، تن تي آهين تيار
روز حجامت روز
سنوارت، تنهنجو ڪري ڀوتار
ننهن بغل رڳو
تنهنجا وڌي ويا، هيٺيان زياده وار!
ريڊيا ، فونا گانا
تماشا، تنهنجو ٻڌي ڀوتار
تون ڪوڪ گدڙ جي ٻڌين
ٻني ۾، همت تون نه هار
جانڻ چن چوي ڪر کڻ ڪيهر!
ڀڄي وڃي ڀوتار
تون آهين طاقت، تنهنجي
هٿ ۾ ووٽ جي آهه تلوار
تنهن بعد رات ڏينهن
شعر مٿان شعر چوندو چوندو هارين، پورهيتن، زميندارن ۾ واهه جو مشهوري ماڻيائين پوءِ يڪتارو کڻي (حق موجود صدا موجود)
جي صدا پئي بلند ڪيائين سندس کي راڳ سکڻ جي اڻتڻ لکي ته اوچتو هڪ صوفي راڳيندڙ
(سيد غلام حسين شاهه) سان ملاقات ٿي سندس جو آواز من ۾ ڇوليون هڻڻ لڳو پوءِ ان کان
راڳ ڳائڻ جا سڀ گر سکيو ان صوفي فنڪار سيد بادشاهه جو تعلق صوبي پنجاب جي ڪنهن
سرائڪي علائقي سان هو، بس پوءِ الاهي جي رمز ۾ محو ٿي حقيقي مالڪ جي راهه ڳولڻ جي
طلب ٿيس ۽ فقير جانڻ چن کي من ۾ اهو خيال اچي اڌمان پئي ڏنا ته (الله تعالي جو پنڌ
ڪاڏي آ؟) يعني حق جي راهه رستي لاءِ مرشد جي ڳولا اچي من ۾ طلب ٿيس بس پوءِ
من ۾ فڪر جي اها تسبي هيس ته ڪو ڪامل مرد ملي جيڪو هادي رهبر بڻجي جيڪو رب
سائين جي واٽ ڏيکاري، فقير جانڻ چن کي حقيقي عشق جي ميخ لڳي وئي پوءِ نوان نوان
صوفياڻان ڪلام ڳائيندو ڳائيندو حق ،سچ جي ڳولا ۾ نڪري پيو ان حق جي عشق منجهه زارو
قطار روندو روندو بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀريندو رهيو وري هڪ ڀيري ان راڳيندڙ
سيد غلام حسين شاهه جي مشهوري سان (رياست شاهاڻين) ۾ گڏجي آيا پوءِ اتي پنهنجو
مرشد ڪامل (سيد امام مهدي شاهه) جهانيان رح جو هٿ تي هٿ رکي طالب بڻجي ويو ۽ سرڪار
سيد امام مهدي کي پنهنجو مرش بڻايائين سال ۱۹۵۱ع ڌاري سرڪار صوفي شاعر مهدي سائين جهانيان وٽ حاضري ڀري
رهيو هو ته سندس جي آمد تي سرڪارمهدي جي زبان منجهان هي الفاظ ڪلام جي صورت ۾ ظاهر
ٿيا پاڻ فرمايائون فقير جانڻ چن لاءِ ته
يار اچي ٿو ڏاڙهي
وارو
وڄندو هائي نغارو،
آيو اٿئو ڏاڙهي
واري جو وارو
وڄندو هائي نغارو
اهڙي طرح فقير جانڻ
چڻ پڻ مرشد کي شاعرانه جواب ڏيندي فرمايو ته
ذاتي صفا تي هي شعر
اسا ڏا ، قبلي ذڪر ڪميندي هون
ونحن اقرب ويجها ٿيو
سي روجي رمز ليندي هون
محبت مست و مست
بنايا ، دونها درد دکيندي هون
تن وچ تاران ڪرن
پچاران وحدت نال وڄيندي هون
اهڙي طرح هي صوفي
فقير جانڻ چڻ پنهنجي مرشد جي رنگ ۾ ڀرجي ويو سندس اندر وڌيڪ اجرو صاف چٽو بڻجي ويو
اهڙي طرح هن فقير جي شاعرانه انداز جي هاڪ ڍاڪا تائين ان وقت جي صدر پاڪستان جنرل
محمد ايوب تائين پهتي سندس جي ملاقات لاءِ ملڪ جي نامور سياستدان شهيد عوام جناب
ذوالفقار علي ڀٽو کي پڻ چيو هو تنهن بعد سندس ٻنهي ليڊرن اڳيان شاعري پڙهڻ ۽
ملاقات جو موقعو پڻ ميسر ٿيو تنهن کان علاوه هن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي نياڻي
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان وزيراعظم هائوس لاڙڪاڻو منجهه جناب عبد
القادر ابڙو جي سهڪار سان سال ۱۹۹۴ع جي آخر ڌاري ملاقات پڻ ٿي هئي، فقير جانڻ چن تصوف جي
رنگ سان جڏهن جڙي راس ٿيو پاڻ هميشه پنهنجي حياتي منجهه خلق خدا جي خدمت ڪندي نظر
آيو صوفياڻي سلوڪن سان گهڻن ئي طالبن کي حقيقي راهه ڏيکاريائين پاڻ خلق خدمت ۾
يقين رکندي ان زماني منجهه جڏهن گهاڙ واهه (لاڙڪاڻو) مان نڪرندڙ واهه کي بند ڪري
هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد پئي ٿي ان وقت ڪيترن ئي ماڻهن درخواستون ڪيون مڱر
گورنمينٽ ،ڪامورن ڪوئي ڌيان نه ڌريو ان زماني منجهه جڏهن عوامي ليڊر جناب ذوالفقار
علي ڀٽو صاحب وزير خارجه جي منصب تي فائز هو پاڻ لعلورائنڪ شهر اچي مسلا پئي ٻڌا
جتي هي صوفي فقير جانڻ چڻ عوامي اپيل شاعري جي صورت ۾ ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري ٿو
اچي تنهنجي ڪورٽ ۾
اپيل ڪيم
جانڻ چن خيراتي وڪيل
ڪيم
پاڻ کي تنهن جو
اصيل ڪيم
جيڪو راهه خدا ٿو
تقرير ڪري!
هي گهاڙ غريب فرياد
ڪري
ڏسي واهر وزير سان
حال ڪري
اهو نظم جناب
ذوالفقارعلي ڀٽو سان نهايت دل سان ٻڌي مسئلي کي جلدي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو،، فقير
جانڻ چن عمر جي آخري حصي ۾ سخت بيمار ٿي پيا ميڊيڪل رپورٽ تحت سندس (غدود ) ڀرجي چڪا
هئا پاڻ سول اسپتال ڪراچي ايشيا جي ناليواري ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي وارڊ ۾ داخل ٿيا
تنهن بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال منجهان به علاج ورتائون پاڻ نومبر ۱۹۹۵ع ڌاري پنهنجي آستاني ڳوٺ موندرلاکا (وارهه
) ۾ نهايت بي چين ۽ بي آرامي واري زندگي
جا لمحا پئي گذاريا آخر ڪار ۲۳ ڊسمبر ۱۹۹۵ع ڇنڇر ڏينهن شام ڌاري پنهنجي هڪ پياري
رياضتي طالب (امن علي ) کي سڌ ڏنائون ته پاڻ ايندڙ رات هن جهان منجهان مظر مٽينداسين
۽ واقع ٿيو به ائين ئي ته پهرين شعبان ۱۴۱۶هجري مطابق ۲۴ ڊسمبر ۱۹۹۵ع آچر ڏينهن زندگي جا ۱۰۰ سال پل گذاري هزارين طالب ، فقير گهر وارن
کان اوچتو فجر مهل آرام جي حالت هميشه هميشه لاءِ راهه رباني وٺي مالڪ حقيقي سان وڃي
مليا سندس جي گاڌي واري منصب تي وڏو پٽ فتح علي (نصيب علي) ويٺا . مڱر اهي به هي
جهان ڇڏي وڃي ابدي آرامي ٿيا مڱر هاڻ سال ۲۰۰۳ع کان فقير جانڻ چن جي گاڌي جو وارث سندس پوٽو فقير صفت
انسان، نهايت سٻاجهڙو شفيق انسان (جونئير جانڻ چن) المعروف جان محمد چن پڻ اهم
منصب تي فائز آهن. جونيئر جانڻ چن هر سال ۲۴ ڊسمبر تي سندس عرس مبارڪ ملهائيندو پيو اچي
اڄ ۲۴ ڊسمبر ۲۰۱۸ع تي هن يگاني صوفي فقير جانڻ چن جي ۲۳ھين ورسي ڳوٺ
موندر لاکا لڳ وارهه منجهه وڏي عقيدت سان ملهائي ويندي جونئير جانڻ چن سندس مزار ٿي
گلن جي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جون تقريبون شروع ڪري ورسي ملهائيندا سنڌ جا اديب
عالم هن صوفي شاعر جي ورسي تي سندس ڪم ۽ ڪردار تي روشني وجهندا سند س ڪلام عرض ڪجي
ٿو
مشين خالي تون ڪين
وهاءِ، پڇا ٿيندي هت پرزن جي،
ڌوڙ ڪمايو ٿو ڌوڙ ڪمائين!
مشين ملي ٿي موتين لاءِ،
عاشق رستو راهه ٻڌائن،
عام جي ليکي راڳ ٿا ڳائن،
عالم جاهل شاهه گدا
کي، جانڻ چن! تون واعظ ٻڌائي!
فقير جانڻ چن
ديسي عالمگير فڪر جو پيروڪار!
جاويد پٺاڻ
ديسي عالمگير فڪر لاءِ رهبر ۽
رهنمائي ضروري آهي! جرمني چوڻي آهي ته ”جيڪو پنهنجو استاد پاڻ هوندو آهي، ان جا شاگرد
احمق پيدا ٿيندا آهن.“ ديسي سائنسدان فقير جانڻ چن فرمائي ٿو تـ،
اَجايا هٿ آسمان ڏي، ملان تون نه
کڻ،
تو ۾ وَرُ وٿاڻ آ، تنهن ۾ ٽٻي
هَڻ،
ڏسين ڇو ٿو ڏور، تون ويجهو
اکيون کڻ،
جي تون سڃاڻين صورت کي تـ وِکَ
بـ آهي گھَڻِ،
”جانڻ چن“ چوي مَڻ، مرشد بنا نـ ملئي!
عارف فقير اندر کي ٺاهي انسان
کي انسان سان پيار ۽ محبت لاءِ عشق آباديءَ جو سبق ڏين ٿا!
فقير جانڻ چن لاءِ چون ٿا تـ هن
روايتن کي نواڻِ بخشيندي غيرسائنسي انداز کي ٿُڏيو ۽ سائنسي انداز ۾ سوچ ۽ پرک
ڪيائين. فقير جانڻ چن جو اصل نالو جان محمد هو. هُو ذات جو چن هو ۽ جانڻ چن سندس
تخلص هو. سيد مهدي شاھ جهانيان رحـ وٽان کيس فقيريءَ جي طلب ۱۹۵۲ع ڌاري نصيب ٿي.
فقير جانڻ چن جو جنم ۱۳۱۳ھ بمطابق ۱۸۹۵ع ڌاري ڳوٺ ٿرڙي هاجران ۾ فقير محمد حسن چن
رح جي گھر ۾ ٿيو. جڏهن فقير جانڻ چن عمر ۱۱ (يارنهن) ورهيـ هئي تـ سندس والد هن
مادي دنيا کي ترڪ ڪري گھران اڻکٽ پنڌ تي نڪري پيو هو. سندس والد ان کان پوءِ وري
ڪڏهن موٽي نـ آيو. سن ۱۹۱۹ع ۾ برصغير ۾ انگريز راڄ خلاف تحريڪ خلافت اُٿي، جنهن ۾ فقير
جانڻ چن ۽ سندس ڀاءُ بخشل چن انقلابي شعر چوڻ وسيلي شرڪت ڪئي.
فقير جانڻ چن جوانيءَ جي
شروعاتي عرصي کان ئي فقيرن، دليرن ۽ علم
رکندڙ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪري ورتي هئي. اهڙي صحبت سندس انداز ۾ دٻيل جذبي کي
اڀارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. فقير جانڻ چن جي جوش ولولي ۽ جذبي جي ڪري پورهيت ۽ بي
خوف ليڊرن جي دلين ۾ هن لاءِ گھڻو چاھ رهندو هو. فقير جانڻ چن هارين جي طرفدار ۽
هڏ ڏوکي اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ جو پڻ هاري تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو. اهڙين سرگرمين سبب
فقير جانڻ چن جي اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ زميندار مٿس ڪاوڙيل رهندا هئا.
طالب ٿيڻ کانپوءِ فقير جي تَرَ
جي مُکُ وڏيري هن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو. فقير جانڻ چن جنرل محمد ايوب خان واري دور
۾ لڳ ڀڳ هڪ سال سکر جيل ۾ قيد رهيو. جيل ۾
رهڻ دوران ئي کيس سندس مرشد وٽان طالب ڪرڻ جو اَمُر مليو. جنهن تي فقير جانڻ چن
فقير محمد پناھ ٿهيم کي طلب ڏئي طريقت ۾ اسم فيض علي ڏنو. اهو فقير جانڻ چن جو
پهريون طالب هو.
فقير جانڻ چن جي حيدرآباد شھر ۾
حسين شاھ جهانيان رحـ جي آستاني تي پڻ آمدرفت جو سلسلو رهندو هو. اُتي ٿيڻ وارين
ڪچهرين سبب ڪيترن ئي ماڻهن جو فقير جانڻ چن ڏانهن ڌيان وڌندو رهيو. آتان پڻ هڪ
مذهبي شخصيت جو پٽ فقير جانڻ چن جو طالب ٿيو. ان مذهبي شخصيت سوڌو سندن ٻين ساٿين
کي اها ڳالھ پسند نـ آئي. نتيجي ۾ هنن پاران فقير جانڻ چن خلاف الزام تراشين جو
سلسلو شروع ڪري ڏنو. مختلف فرقن سان لاڳاپيل ڪجهھ شخصيتن پاران پڻ اڳتي هلي فقير
جانڻ چن خلاف الزام تراشي ڪئي ويئي ۽ کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويو. ۱۹۹۱ع ۾ هو نارا جيل
حيدرآباد ۾ رهيو. ۱۹۹۲ع ۾ جيل مان رهائي ماڻڻ کانپوءِ دادو ضلعي جي پيارو اسٽيشن ۾
آستانو اڏايائين. جتي اڄ بـ فقيرآباد نالي آستانو آهي. ۱۹۹۴ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو
پاران عبدالقادر ابڙو آڏو اها خواهش ظاهر ڪئي ويئي تـ هو فقير جانڻ چن سان ملڻ
چاهي ٿي. جنهن بعد لاڙڪاڻي ۾ PM هائوس ۾
شھيد بينظير ڀٽو فقير جانڻ چن سان ملاقات پڻ ڪئي. شهيد راڻي بينظير ڀٽو پاران فقير
جانڻ چن کي هڪ ڪوارٽر پڻ تعمير ڪرائي ڏنو ويو پر فقير جانڻ چن ڪڏهن بـ پاڻ اتي
رهائش اختيار نـ ڪئي. حياتيءَ جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ جسماني طور چاڪ نـ هئڻ ڪري
لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ بـ داخل رهيو. پهرين شعبان ۱۴۱۶ هجري بمطابق ۲۴ ڊسمبر
۱۹۹۵ع تي فجر مهل فقير جانڻ چن سو ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري
ويو.
نصيرآباد کان وارھ روڊ تي موندر
لاکا ڳوٺ ۾ ”فقير جانڻ چن“ جو عرس
مبارڪ هر سال ۲۴ ڊسمبر تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي! جتي راڳ ويراڳ جي
صورت ۾ توحيد جي تنوار ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندي آهي!
صوفي فقير جانڻ چن
صادق علي
مختصر احوال
فقير سائين جو اسم مبارڪ جان
محمد ذات “چن” تخلص “جانڻ چن” ۽ مرشد جو ڏنل اسم صادق علي آهي. سن ۱۳۱۳ھ مطابق ۱۸۹۵ع
ڌاري ڳوٺ ٿرڙي هاجران ۾ فقير محمد حسن چن جي گهر سندن جنم ٿيو. سندن ماءُ سڳوريءَ
جو اسم پاڪ “رحيم خاتون” هو. فقير جانڻ چن سائين جا چار ڀائر هئا. جن مان ٽي فقير
سائين کان وڏا ۽ هڪ ننڍو هو. ننڍپڻ ۾ سندن وڏن ڀائرن فقير سائين کي تعيلم حاصل ڪرڻ
جي مقصد سان مدرسي ۾ داخل ڪرايو ٽي سال گذري ويا پر ايڏي وقت ۾ فقير سائين قرآن پاڪ
جون ايميون ئي ٽي پڙهيا ۽ جيڪو ذهن منجھ ويٺن سو فقط اکر ئي هڪڙو “الف” هو. مدرسي
جي استاد فقير سائين جي ڀائرن کي چيو ته ئي ڪو نه پڙهندو هن کي وڃي ڌنار ڪيوس انهي
واقهي کان پوءِ فقير سائين ڪڏهن به ٻيهر ظاهر تعليم جي ويجهو نه ويا پوءِ فقير
سائين ڌنار ڪو ڪم ڪرڻ لڳ ننڍائي کان ئي پاڻ اڪيلائي پسند ڪندا ها. پنهنجو وقت ڪچهرين
۾ ئي گذاريندا هئا جي مال جهنگ ۾ ته پاڻ به مال سان گڏ و گڏ رهندا ها انهي دور ۾
ئي سندن ايمان “دستگير” ته هوندو هو. جڏهن ته پاڻ اڃان ننڍيءِ وهي ۾ هئا پر تنهن
هوندي به نه الله نه رسول بلڪ دستگير يعني دستگيري ڪرڻ وارو اها وائي سندن وات
هوندي هئي ڪيڏي مهل به ڪا مشڪل اچي وڃي ته سندن وات مبارڪ مان يا دستگير جي صدا نڪري
ويندي هي. جيڪا هڪ عجيب ڳالھ آهي. فقير سائين ۱۱ ورهين جا هئا. جو سندن ولد صاحب دنيا ترڪ ڪري هليا ويا ۽ وري موٽي نه آيا.
فقير سائين انهي وقت کان وٺي کين خواب ۾ ڏسندا هئا روئي چوندا هئا ته “بابا اسان
کي ڇڏي نه وڃن اسان ڪنهن کي بابا ڪري چئون اسان کي نه ڇڏ! تنهن تي سندن والد صاحب
جواب ڏيندا هئا ته تو سان ته ملان ٿو، باقي هتي رهڻو ناهي دنيا ڇڏڻي آ.” اهو ئي
سبب هو جو ننڍپڻ ۾ ئي فقير سائين جي مزاج ۾ سنجيدگي ۽ دردمندي پيهي وئي. پاڻ اڃا
بلوغت ۾ به نه هئا ته شاعري شروع ڪيائون.
فقير سائينءَ جي جواني، شادي ۽
اولاد:
سنه ۱۹۱۹ع ۾ خلافت تحريڪ جي
هلچل هئي جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو هڪ طرف ٿي انگريزن جا مخالف ٿيا. خلافت تحريڪ اٿي
ئي لاڙڪاڻي مان هئي تنهن ۾ فقير جانڻ چن سائين ۽ سندن ننڍو ڀاءُ بخشل چن، انقلابي
شعر ڪلام چوندا هئا. جوانيءَ جي شروعات کان وٺي فقير سائين جو وقت فقيرن بهادرن ۽
علم وارن سان گذريو سندس جوش جذبي ۽ پردرد طبيعت جي ڪري هاري پورهيت ۽ مجاهد ليڊر
دل سان کين چاهيندا ها فقير جانڻ چن سائين ٽيهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ “کٽياڻ” (تعلقو
وارھ، ضلعو لاڙڪاڻو) مان هڪ کٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪئي اولاد ۾ کين پنج نياڻيون ۽
چار فرزند عطا ٿيا هڪ فرزند ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ نياڻين مان ٽي وفات ڪري
گذريون فقير جانڻ چن جا ٽي فرزند آهن جن جا اسم شريف هن ريت آهن؛ ۱.فتح علي چن ۲. شوڪت
علي چن ۳. محمد علي چن مست (محمد علي چن
مست سائين شروعات کان وٺي مست هئا ۽ ۱۹۹۴ع جي ڊسمبر
۾ وفات ڪيائون) ننڍپڻ کان وٺي فقير جانڻ چن سائينءَ جو خيال توڪلي هو پاڻ هميشه
انهي ڳالهه تي يقين رکندا آيا ته “اڄ ڏنئين سڀاڻي ڏيندو” شاديءَ کان پوءِ درگاھ
حيدر شاھ تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو جي اڳيان هڪ هندو جي ڏھ جريب زمين تي فقير سائين
هارپو ڪندا هئا. جڏهن پارٽيشن جي دور ۾ هندو هليا ويا تڏهن اها زمين فقير جانڻ چن
سائين جي نالي الاٽ ٿي پر پاڻ اها ترڪ ڪري ڇڏيائون.
هاري تحريڪ جو دور؛
جڏهن هاري تحريڪ جو دور آيو
جنهن ۾ ڪامريڊ رحيد بخش جتوئي، عبدالفتاح ميمڻ ۽ حاجي خان ڪلهوڙو اليڪشن ۾ بيٺا تڏهن
فقير جانڻ چن سائين هارين جي طرفدار حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو. حاجي خان ڪلهوڙو
دولتمند هو هن پئسن جي لالچ ڏيئي فقير سائينءَ کي پنهنجي طرفدار ڪرڻ چاهيو پر فقير
سائين کي کي اهو خيال ٿيو ته “غريبن مسڪينن جي خدمت ڪجي جتي بکون آهن اڃون آهن”
هارين ۽ پورهيتن ۾ هوش ۽ جوش جاڳائڻ لا ڪئي انقلابي نظم چيائون تن مان فقط هڪڙو ئي
نظم مڪمل مليو جيڪو فقير سائين پاڻ ٻڌايو تنهن جو ٿلهه پيش ڪجي ٿو.
ڪري سجاڳي! جلدي جاڳي هاري ٿيو
هوشيارا
بگهڙ اٿيا تو خون پيئڻ لاءِ
انهي نظم کانسواءِ انهي سلسلي
جي ڪلامن جا ڪجهه شعر جيڪي فقير سائين ٻڌايا سي پڻ پيش آهن.
وٺي ڏاند گهوڙي جي گوءِ لڳي مٿان
گهوڙي وارا ڪن گوءِ تي لڳي
هلي اچ او هاري
قدرت تنهنجو وارو آيو ظالم
زمينداري ٿي ويءِ تباهي
هر ٿيو سجايوآ ڇڏيائون
فقير جانڻ چن ۲۴ ڊسمبر ۱۹۹۵ع ۾
وفات ڪري ويو، سندس مزار تعلقي نصير آباد جي ڳوٺ موندر لاکا نزد نصير آباد ۾ آهي،
جتي هر سال، ۲۴ ڊسمبر
تي عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.
صوفي فقير جانڻ چن
(۱۸۹۵ع- ۱۹۹۵ع)
جبار آزاد منگي
اصل نالو صوفي فقير
جان محمد، ۱۳۱۳ هجري مطابق ۱۸۹۵ع ڌاري ڳوٺ ’ٿرڙي هاجران‘ تعلقو وارھ-نصيرآباد ضلعو شڪارپور بعد تعلقي وارھ
اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ديني عالم فقير محمد حسن چن جي
گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس امڙ جو نالو رحيمان خاتون هـو. فقـيـر جـانـڻ چـن کي مـرشـد
طـرفـان ’صادق علي‘ جو نالو ڏنو ويو.
سندس والد مولوي
محمـد حسـن فقـيـر بلـوچسـتان جـي هڪ بروهي گهراڻي مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس
۳ نياڻيون ۽ ۷ پٽ پيدا ٿيا. جن مان ٻه پٽ محمد قاسم ۽ عبدالرزاق چن ننڍي هوندي ئي وفات ڪري
ويا. فقير جانڻ پنهنجي حيات ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي هو. سندس ڀائرن کيس ٽي سال هڪ
مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. پر قرآن پاڪ جون ڪجهه ايميون ئي پڙهيو. هن ان کانپوءِ ڪا
بہ ظاهري تعليم نہ ورتي، سندس ابتدائي ڪرت جهنگ ۾ مال چارڻ ۽ اڪيلائي هئي. انهيءَ
دور ۾ پاڻ سيد عبدالقادر جيلانيءَ تي اعتقاد رکندو هو ۽ هر مشڪل وقت ۾ ’ياد
دستگير‘ جي صدا بلند ڪندو هو. ۱۱ ورهين جي ڄمار ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. سال ۱۹۱۹ع ۾ لاڙڪاڻي مان هليل خلافت جي تحريڪ ۾
پنهنجي ننڍي ڀاءُ بخشل چن سان گڏجي سياسي خدمت پڻ ڪيائين ۽ انقلابي شعر چيائين.
ائين سندس شاعري جوش، جذبي، درد، هارين، پورهيت ۽ انقلاب جي موضوعن تي جاري رهي. ۳۰ ورهين جي ڄمار ۾ وارھ تعلقي جي ڳوٺ کٽياڻ
جي هڪ کٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪيائين. کيس ۵ نياڻيون ۽ چار پٽ پيدا ٿيا. شاديءَ کان پوءِ هڪ هندو جي
زمين تي هارپو ڪيائين.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي
هندن پاران هندستان لڏي وڃڻ کانپوءِ اها زمين کيس الاٽ ٿي، پر پاڻ اها ڪو نہ
کنيائين. هاري تحريڪ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان ڀرپور ساٿ ڏيندي انقلابي نظم
چيائين: ڪري سجاڳي! جلدي جاڳي، هاري ٿيو هوشيار!
بگهڙ اٿيا ٿوَ خون
پيئڻ لاءِ.
هاري تحريڪ کان
پوءِ سندس ڪلامن زور ورتو. يڪتاري تي ڪلام ڳائيندو هو ۽ سنڌ جي ننڍين وڏين درگاهن
تي حاضري ڀريندو رهندو هو. کيس عشق حقيقي جي ميخ لڳي، ’الله جو پنڌ ڪاڏي آ‘ جي
جستجو ۾ نت نوان صوفياڻا ڪلام ڳائيندو، حق ۽ سچ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. الاهي عشق ۾
زارو قطار روئندو بزرگن جي حاضري ڀريندو رهيو.
اطاعت
۱۹۵۱ع ۾ صوفي شاعر مهدي سائين جهانيان وٽ پهتو. سندس آمد تي مهدي سرڪار هيءُ ڪلام
ڳايو:
يار اچي ٿو ڏاڙهيءَ
وارو،
وڄندو هائي نغارو،
آيو اٿئو ڏاڙهيءَ
واري جو وارو،
وڄندو هائي نغارو.
موٽ ۾ فقير جانڻ چن
پنهنجي اندر جي اور هيٺئين ڪلام ۾ ڪئي:
ذاتي صفا تي هي شعر
اسا ڏا، قلبي ذڪر ڪميندي هون،
ونحن اقرب، ويجها ٿيو
سي روجي رمز ليندي هون،
محبت مست و مست
بنايا، دونها درد دکيندي هون،
تن وچ تاران ڪِرن
پچاران وحدت نال وڄيندي هون.
مهدي سرڪار جي مريد
ٿيڻ کان پوءِ سندس اندر وڌيڪ اجرو ٿي ويو. صدر ايوب ۽ پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي
آڏو عوامي شاعري پڙهيائين.
جيل وڃڻ
سکر جيل ۾ ايوبي
مارشل واري دؤر ۾ قيد پڻ ڪاٽيائين، جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو تہ ضد ڪري بيهي رهيو تہ
مون تي وڏيري حاجي عمر ڦلپوٽي وارن جيڪو ڪيس ڪيو آهي اهو درست آهي ۽ مون کي ان جي
معافي نہ پر سزا کپي. ائين ڏهن مهينن جي جيل دوران پاڻ ڳائيندو وڄائيندو پنهنجو
عشق ريجهائيندو رهيو. اتي ئي مهدي سرڪار جي اجازت سان سندس پهريون طالب محمد پناهه
ٿهيم ٿيس ۽ جيل کان نڪرڻ کانپوءِ سندن مريدي جو اهو سلسلو وڌيڪ پراثر بنجي ويو. پاڻ
نفي ۾ گذارڻ لڳو. سندس هيءُ ڪلام مشهور آهي : وڪامي وياسين دلبر جي در تي، ڪندو
قرب پنهنجو ٻانهي جي گهر تي.
ڪفر جي فتوا
صوفياڻي شاعريءَ
تان ۱۹۹۱ع ۾ مٿس ڪجھ مولوين پاران واجب القتل جي فتويٰ جاري ٿي. آخري وقت فقير صاحب
گهڻو عليل رهيو.
وفات
پهرين شعبان ۱۴۱۶ھ/ ۲۴ ڊسمبر ۱۹۹۵ع آچر ڏينهن فجر مهل وفات ڪيائين. سندس آخري
آرام گاھ نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ موندر لاکا تعلقو نصير آباد ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ۾
آهي، جتي هرسال سندس ورسي ملهائي ويندي آهي.
ڪتاب
فقير جانڻ چن جي
مختصر سوانح ۽ ڪلام ’حق اثبات‘ جي نالي سان ياور علي ڪاظمي ۽ محبت علي پاران ترتيب
ڏئي ڇپايو ويو.
نيدر لئنڊ ۾ صوفي فقير
جانڻ چن جي صوفي طريقت جو احوال
رفيق وساڻ
تازو ۲۴ ۽ ۲۵ ڊسمبر
تي سنڌ ۾ ۲۰ صدي جي پوئين اَڌ وارن ڏهاڪن جي هڪ يگاني، بيباڪ ۽ ريڊيڪل ملامتي صوفي
طريقن ۽ فڪر کي عام ڪندڙ صوفي فقير سائين چن جو نصير آباد ڀرسان ڳوٺ موندر لاکا ۾
ساليانو ۲۴هون عرس ميلو ٿي گذريو، جيئن ته آئون برن يونيورسٽي سئٽزرلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي
ريسرچ سنڌ ۾ صوفي ڪلچرل هيرٽيج جي موضوع تي ڪري رهيو آهيان. ان سلسلي ۾ هڪ اينٿراپالاجسٽ
طور سنڌ ۾ صوفي طريقيت ۽ فڪر سان لاڳاپيل مختلف ماڻهن سان رابطي ۾ رهندو آهيان.
فقير جانڻ سائين جي صوفي طريقت ۽ فڪر سان سلهاڙيل نوجوان، ڪامريڊ ۽ گادي نشين
جونيئر جان محمد سان به ڊجيٽل ميڊيا جي دور جي مهربانين سان محبتن جو سلسلو ڳنڍيل
رهندو آهي، ڪجهه مهينا اڳ فقير جونيئر جان محمد سان فقير جانڻ سائين جي سالياني
ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ جو عارضي پروگرام به رٿيو هئم، پر اُنهن ڏينهن ۾ پاڪستان اچڻ جو
موقعو نه ملڻ سبب شرڪت نه ڪري سگهيس.
نومبر مهيني ۾ مون
کي نيڌرلينڊ جي شهر گرونِنگن (Groningen) ۾ ساڳئي نالي سان قائم يونيورسٽي جي سينٽز
فار رليجن، ڪانفلڪٽ اينڊ گلوبلائزيشن ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس جي هڪ گڏيل پينل ۾
گهرايو ويو، جنهن جو موضوع دنيا جي مختلف مذهبن ۾ راڳ ويراڳ جي روايت ۽ ان ذريعي
مذهبن اندر جڙيل حدبندين، فرق ۽ وابستگي جي حوالي سان هو. هي سالياني ڪانفرنس ڊچ
ايسوسيئشن فار دي اسٽڊي آف رليجن طرفان منعقد ڪئي وئي ۽ اسان جو گڏيل پينل اصل ۾
جرمني جي مائينز يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ۽ سندس ڊاڪٽورل ريسرچر شاگردياڻي طرفان
جوڙيو ويو. مائينز يونيورسٽي آف جرمني ۾ اهو پروفيسر ۽ سندس ريسرچ ٽيم اسلامي جهاد
۽ ڊجيٽل ميڊيا جي استعمال جي موضوع تي هڪ وڏو پروجيڪٽ هلائي رهيا آهن. هن ڪانفرنس
پينل ۾ سندن ڪم داعش جي انتهاپسندن جي نام نهاد جهاد ۽ تشدد ڀرئي ميوزڪ جو ڊجيٽل
ميڊيا تي آن لائن استعمال جي حوالي سان هو. سندن ڪم ڏسي مون کي ياد آيو ته
افغانستان ۾ طالبان جي حڪومتي دور ۽ نائين اليون کانپوءِ پاڪستان ۾ به انتهاپسندي
تي ٻڌل ڪيسٽ رڪارڊرز ۾ عام جام هئا.
بهرحال، پاڻ ڳالهه
پئي ڪئي سنڌ جي بيباڪ ريڊيڪل ملامتي صوفي فقير جانڻ چن جي. نيڌرلينڊ ۾ ڪانفرنس
دوران اسان جي پئنل مان مون کي پاڪستان اندر مذهبي روشنيءَ ۾ ملامتي صوفي راڳ ويراڳ
ورثي ۽ روايت جي ريڊيڪل آرٽسٽڪ ۽ ثقافتي اظهار توڙي سڃاڻپ بابت ڳالهائڻو هو، پينل
جي موضوع جي نسبت سان مقصد هو ته اسلام اندر (منهنجي ڪيس اسٽڊي سنڌ پاڪستان ۾)
صوفي طريقت جي خيال ۽ فڪر توڙي راڳ ويراڳ جي اظهار ذريعي اسلام بابت فڪري ۽ طريقت
جي تڪثريت ۽ گوناگونيت موجود آهي. معنيٰ صوفي راڳ ويراڳ جي طريقت ۽ روايت وارو
ثقافتي اظهار، اسلامي معاشري ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ ۽ وابستگي جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ اِهو
ان معنيٰ ۾ به هو ته اسلام بابت جڙيل جيڪو جامد، خشڪ ۽ هڪ-طرفو تصور اولهه ۾ موجود
آهي، اهو ٺيڪ ناهي. جڏهن ته اسلام ۾ خود تمام گهڻي فڪري روايت ۽ طرقيت جي حوالي
سان همه گيريت (Diversity) آهي، خاص ڪري صوفي راڳ ويراڳ جي پاپولر
ورثي ذريعي اسلام ۽ اسلامي سماجن جي ڪثرتي ۽ رنگارنگي سماجياتي لقاءُ کي ڏسي سگهجي
ٿو. چوڻ جو مقصد ته صوفيت ۽ صوفين جي تنقيدي توڙي تخليقي ثقافتي اظهار لاءِ اسلام
گهڻ رنگي سڃاڻپ کي ٺاهڻ ۾ تاريخي محرڪ طور ڪردار ادا ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ هونئن ته
صوفين جي ثقافتي ورثي جو هڪ وڏو تاريخي سلسلو آهي، جنهن ۾ سلطان باهو، بُلي شاهه،
شاهه حسين، خواجه فريد، شاهه عبداللطيف، سچل سرمت، بيدل فقير، سامي، روحل فقير ۽ ٻيا
کوڙ سارا صوفي اچي وڃن ٿا. اُنهن پنهنجي صوفي فڪر، ڏاهپ ۽ خيالن توڙي طريقن سان
اسلام ۾ رواداري ۽ همه گيريت واري سڃاڻپ بابت بيانيي کي جوڙڻ ۾ هٿي ڏني آهي، پر هن
ڪانفرنس پينل ۾ منهنجو فوڪس سنڌ ۾ 20هين صديءِ جي ٻن اهم ريڊيڪل ملامتي صوفي روايت
جي اظهار طور سڃاڻپ رکندڙ سائين مهدي شاهه ۽ ان جي طالب فقير جانڻ سائين بابت هو.
منهنجي گفتگو جو موضوع هن ٻن ريڊيڪل صوفي شاعرن جو فڪري ورثو ان ڪري به هو، جو سنڌ
۾ اُهي ٻئي ملامتي صوفي روايت جا اهم اهڃاڻ آهن، جن کي انٽرنيشنل فورمز تي پيش ناهي
ڪيو ويو، ٻيو وري اسلام اندر صوفيت ۽ صوفين جي تنقيدي ڏاهپ، داخليت ۽ اختيار (Human Subjectivity and agency)
جي اظهار کي سندن صوفي روايت کي چٽي نموني پيش ڪري سگهجي ٿو. اُن کانسواءِ هي ٻئي
صوفي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جا آهن، خاص ڪري فقير جانڻ چن ته بلڪل ويجهي ۽ همصر دور
جو آهي. هو ۱۹۹۵ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس صوفي شاعريءَ فرقيوار، انسان دشمن ۽
استحصال پسند ملائيت خلاف بيباڪ ۽ مزاحمتي اظهار سان گڏ ضياءُ جي دور کانپوءِ پاڪستان
۾ پيد اٿيل سماجي ۽ سياسي صورتحال جي معروضي حالتن تحت ٿي ڏسجي.
هتي اهو ضرور ٻڌائيندو
هلان ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي تياري دوران فقير جانڻ سائين بابت وڌيڪ معلومات جي
حوالي سان فقير ياور علي ڪاظمي به منهنجي گهڻي مدد ڪئي، ياور علي ڪاظمي سنڌ جي
مشهور آرٽسٽ ۽ سنڌ ميوزيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر مرحوم ظفر ڪاظمي جو فرزند آهي، هو هن وقت
آمريڪا ۾ رهي ٿو. ياور علي ڪاظمي ۱۹۹۰ع جي شروعاتي سالن ۾ فقير جانڻ سائين جي صوفي
طريقت ۽ فڪر کان متاثر ٿي سندس شاگردي ۾ آيو. حيدرآباد جي هڪ پڙهيل شهري ۽ آرٽسٽ
خاندان سان واسطون هجڻ جي حيثيت سان ياور لاءِ ريڊيڪل ملامتي صوفي طريقت اختيار ڪرڻ
جو دلچسپ داستان آهي، جيڪو هُن آمريڪا مان واٽس ايپ ذريعي هڪ ڊگهي ۽ تفصيلي ڪچهري
دوران ونڊيو. فقير ياور اڃان ڪاليج واري عمر ۾ هو ته فقير جانڻ چن جي شاگردي ۾ آيو
۽ انهن فقيرن ۾ به شامل هو، جِن کي فقير جانڻ سائين خلاف ٿيل مرتذي واري ڪوڙي ڪيس
۾ نارا جيل ڀيڙو ڪيو ويو. فقير ياور ڪاظمي فقير جانڻ سائين جي ۱۹۹۲ع ۾ مووي رڪارڊنگ
جو انٽرويو به شيئر ڪيو، جيڪو هن هاڻي فقير جانڻ سائين جي نالي سان ٺهيل فيس بڪ
ويب پيج تي رکيو آهي. اهو انٽرويو فقير جانڻ جي صوفي خيالن کي سمجهڻ لاءِ اهم
تحقيقي مواد آهي. مون کي اُنهي جهور پوڙهي ريڊيڪل صوفي جي سماجي ۽ سياسي شعور
جاويچار ٻڌي اندازو ٿيو ته صوفيت ۽ صوفين جي تنقيدي سمجهه کي هڪ سماجي سياسي انٽلڪچوئل
پروجيڪٽ طور اسان جي جديديت پسندن رد ۽ نظرانداز ڪيو آهي. فقير جانڻ سائين صوفي فڪر
سان پنهنجي وابستگي جي حوالي سان ٻڌايو ته “اسان جو خيال ٻاروتڻ کان وٺي ان پاسي
هو، پوءِ هلندي هلندي اسان انقلابي به ٿياسين، مولانا محمد علي، شوڪت علي ۽ گانڌي
جي دور جو ماڻهو آهيان، ان کانپوءِ حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلاب ۾ سندس ميمبر به
هئس. مون کي خيال ٿيو ته هارين ۽ غريبن جي خدمت ڪريان، جتي جتي پئسو ۽ لالچ ناهي، ڀوڳڻو
آهي ۽ پيادل پنڌ ڪرڻو آهي. سو پنهنجو خيال اوڏانهن ويو، جتي خُدا جي خلق جي خدمت ٿي
سگهي. وڏيري سان منهنجي نه پئي.”
مون کي فقير جانڻ
سائين جا اهڙا خيال ٻڌي ائين لڳو ته صوفي طريقت ۽ فڪر ۾ جيڪا فقيري آهي، اُها غير
طبقاتي سماج جو شعور رکي ٿي ۽ جيڪا عام ماڻهن جي خدمت واري ڳالهه ڪري ٿي. آئون
سمجهان ٿو ته صوفيت جي هن فڪري عملي پاسي کي سنڌ ۾ اڄ جي جديد ترقي پسند سماجي ۽
سياسي تبديلي سان جوڙڻ گهرجي. نه ڪي، پير پرستي ۽ استحصالي درگاهي روايتن کي. ڪانفرنس
پينل ۾ منهنجي گفتگو کانپوءِ گروننگن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڊچ فلسطيني ريسرچر ناري،
جنهن جو ڪم مراڪش ۾ حاجين جي موضوع بابت آهي، اُنهي فقير جانڻ سائين جو ڪلام کيس
ونڊڻ لاءِ چيو. کيس فقير جانڻ چن جو ريڊيڪل صوفي اظهار ڏاڍو دلچسپ لڳو.
No comments:
راءِ ڏيندا