تنوير عباسي
شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه
عڪس
رکيل مورائي
زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو،
توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم،
دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو،
تنهنجي نيڻن کي چميم،
روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو.
سچ پچ مون سان بلڪل ائين ٿيو
هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي
آڊيوٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيا ته هن وڏو ڀاڪر ڀري
ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي
آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو
ساري “هو تازو انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس
ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو
ساڻسن پهريون مکا ميلو هئو.
اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي ڄڻ،
هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ لاءِ
آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن کان
پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه علم.
هو شاهه تي ڳالهائي رهيو هئو،
ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور،
ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته
اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل
ماڻهو نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو
آهي. هو شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي
ٿي.
سنڌيءَ جي اڄ جي شاعرن ۾ هن جو
نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي ڪري
نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان جو
سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي،
تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ نفاست
سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو پر
پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽
سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي:
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ
جي
هو جهڙو پاڻ نفيس ۽ تازگيءَ
ڀريو. اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري.
هائو تنوير! اهو مان آهيان،
جتي تون آهين ته توسان آهيان.
تون ڪٿي آهين ڪٿي آهين تون،
تون جتي ناهين اتي مان آهيان.
جڏهن به دوست ٿا توسان ملڻ جا
ڏينهن اچن
لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي ٽڙڻ جا
ڏينهن اچن.
رڳون ڏسان پيو توکي ۽ توسان ڳالهايان.
ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي وهڻ جا ڏينهن اچن.
تنوير کي وڻي ٿي هڪ پياري
ڇوڪري.
نالو نٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعري ۾
نه جملن جي ڳوراڻ نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي غير ضروري ڀرمار! بلڪل
پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي وڃي.
رڳو ٿيون رباب پڙهجي ته به
ايمان تازو ٿي وڃي،
ساجن سونهن سرت پڙهجي ته به
ايمان ٿي وڃي تازو.
شاعريءَ سان گڏوگڏ هن ادب جي هر
صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي
حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب.
“شاهه لطيف جي شاعري آهي” جنهن
جا سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب هيٺ آيل سندس
اهم ڪتاب آهن:
خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ۽
نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو
اعليٰ روپ رکن ٿا
سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب:
ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن.
سچل تي سندس انگريزي ۾ ترتيب ڏنل
ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب “ترورا” پنهنجو مٽ پاڻ
آهي.
خاص ڪري ان ۾ هائيڪو ۽ آزاد نظم
تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي،
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو “ ڏوري ڏوري ڏيهه” به سفري ادب ۾ نهايت ئي
اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب “منهن تنين مشعل” آهي جيڪو
سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي
ڀاڱي اديب شاعر نه آهي.
هڪ ٻيو ڪتاب:
“جي ماريا نه موت” هيءُ هڪ ناول
جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾ نئين سنڌي شاعريءَ
جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو،
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
وطن دوستيءَ تي لکيل هن انقلابي
ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ اعليٰ
مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي.
شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ
جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب آهن.
۱- “رڳو
ٿيون رباب”
۲- “شعر”
۳- “سج
تريءَ هيٺان”
۴-” هي
ڌرتي”
۵-” تنوير
چئي”
هيءُ ڪتاب سنڌي الاجيءَ سڀني ڪتابن
کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽
۶ -” ساجن
سونهن سُرت” هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي
ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر
صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ آهي ڇپائي لاءِ.
۽ آخري پلن تائين لکندو رهڻ
وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا
ٿي ويو آهي. ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع سندس جنم ڏينهن آهي.
هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه ڏنو سنڌ ان
جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد بخاري،
موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي جنهن جو
پورائو ناممڪن آهي.
۽ اڄ ڪلهه جڏهن هن جو مڙهه
اسلام آباد جي پٿرائين زمين ۾ دفن ٿي چڪو آهي تڏهن، هن جو ڪو چاهيندڙ سوچي رهيو
آهي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هو پنهنجي محبوب ليکڪ کي، سندس قبر تي وڃي ٻن لڙڪن جي
ڀيٽا ڏئي سگهندو، سندس قبر جا ڪوهين دور آهي. ان جي پيراندي کان ويهي هو پنهنجا
تازا شعر ارپڻ ڪري سگهندو ۽ جي ائين نه ڪري سگهندو ته کيس جيڪو ڏک ۽ بيوسي ٿيندي
ان جو سبب اهو هڪ ئي شخص آهي، جيڪو رسمن
جي نالي سندس جسماني پٽ آهي.
۽ اسين سنڌ جا اڻ ڳڻيا سندس
روحاني اولاد جيان جيڪي آهيون انهن کي اهو حق به نه آهي ته اهو چئي سگهن ته هن شخص
کي ان مٽي ۾ دفن ڪيو وڃي جنهن مٽي جي مان وڌائڻ لاءِ هو سڄي عمر جستجوءَ ۾ رهيو ۽
جنهن مٽيءَ کي هن ماءُ سمجهيو، مئي پڄاڻا هن کي ان ماءُ جي هنج کان به پري
ڪيو ويو. اهڙي قسم جي اڻ قبوليل جلاوطني ۾
هن جو ورح ڇا سوڀي ديري کي نه ساريندو هوندو ؟! هن جو روح خيرپور جون کجيون نه
تڪيندو هوندو؟! ڇا هن جا اڻپورا رهجي ويل ڪتاب هن جي دوري نه محسوس ڪندا هوندا؟
جيڪي وري ڪڏهن به هن جي هٿن جي ڇهاءُ جو لطف نه وٺي سگهندا.
۽ ڪوفي جهڙي شهر ۾ سرڪاري نوڪر
سندس پٽ اهو ڪيئن ڀلجي ويو آهي ته جڏهن هو ڪنهن به سبب جي ڪري ان شهر مان ڪڍيو
ويندو، تڏهن هن لاءِ اهو ممڪن رهندو ته هو پنهنجي سمورين مصروفيتن مان ڪجهه وقت
ڪڍي، سوڀي ديري کان اسلام آباد وڃي رسم نڀائڻ لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو نائين محرم
شريف تي يا ستاويهين رمضان شريف تي پنهنجي ان عظيم پيءُ جي قبر تي ٻه ٻُڪ ٻاجهريءَ
جا ۽ هڪ لوٽو پاڻي جو رکي ايندو، جيئن هن جو روح پنهنجي پونئيرن جي موجودگي محسوس
ڪري؟!
اسان جون دعائون سدا هن سان گڏ
آهن، ڌڻي شال کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ اها توفيق به ڏئي ته هو ڪنهن به اهڙي احساس کان
جيڪو کيس گناهه جو احساس محسوس ٿئي، اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي عظيم پيءُ جي قبر تي وڃي
پنهنجي ڪيل غلطيءَ تي ندامت جا ۽ اعتراف جا ٻه لڙڪ وهائي کانئس معافي گهري.
تنوير عباسي
جيئڻ اسانجو ڪجهه اهڙو
آهي!
شعبان وسطڙو
ڪي ماڻهو انهيءَ
ڪري به وڻندا آهن ته هو ايندڙ خوشحال وقت جون ڳالهيون ڪندا آهن، مرڪن ۽ محبتن کي
ٻين سان ونڊيندا آهن، گلن جي سرهاڻ ۽ خوشبوءِ کي اهميت ڏيندا آهن، مايوسين ۽
نراسائين کان نه ڊيڄاريندا آهن، پر هو ته پاڻ به همت جو رستو ڏيکاري اڳلي جي جان ۾
همت ۽ طاقت پيدا ڪندا آهن، ڇوته پاڻ به اهڙي سرهاڻ جا واسيل هوندا آهن، جن مان هر
ڪو واس وٺڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي. اهڙو هڳاءُ پکيڙيندڙ سنڌ جي هڏڏوکي ۽ لاجواب
ماڻهو تنوير عباسي به هو.
ٻرياسين ٻه پل پر
وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارين چراغن کي
ٻاري ڇڏيوسين.
تنوير عباسي سان
منهنجي ڏيٺ ويٺ تمام پراڻي هئي. ايڏو گهرو ڳانڍاپو نه سهي پر هو پنهنجي ڪردار ۽
لکڻين سان منهنجي روح ۾ رچيل هو، نور نبي عباسي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ جنميو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ
طبيب بنجي ويو ۽ مسيحا بنجي غريب اٻوجهه ماڻهن جي سيوا ۽ خدمت ۾ جنبي ويو. (پاڻ
خيرپور ۾ پنهنجي خانگي اسپتال هلائيندو رهيو). ننڍي هوندي کان ئي علم ادب جي شوق
کيس انهيءَ منزل تي پهچايو، جتي سندس ڏاهپ نمايان ٿي بيٺي ۽ هو شاعري ۽ نثر جو وڏو
ڄاڻو ۽ ماهر ليکجڻ لڳو ۽ ادب جي ذوق کيس اهڙو ته رچائي ريٽو ڪيو جو ڪنهن به صورت
وقت جي مفڪرن ۽ ڏاهن کان گهٽ نه هو، هونئن به چوندا آهن ته سٺا ڪتاب ۽ دل جي سچائي
هر ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي. تنوير جي لکت ۾ تمام گهڻي پختگي هئي، مون کي جن
لکارين جو نثر ۽ لکڻ وڻندو آهي تنوير به انهن مان هڪ آهي تنوير ڏينهن رات نور
نچوئي ادب لاءِ ڪافي ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪيون ۽ هن تعبيري ۽ معياري لکتون سنڌي ادب کي
ارپيون، هو بنيادي طور شاعر ٿي اڀريو پر سندس بهترين ۽ بين القوامي مطالعي کيس نثر
لکڻ تي به مجبور ڪيو ۽ هن نثر جي ميدان ۾ جيڪي واهڙ وهايا آهن تن جو به ڪمال آهي،
پاڻ نثر ۽ نظم جي ٻولي کي جنهن حسن سان نکيري نروار ڪيو آهي، انهيءَ سندس ادبي قد
ڪاٺ واري وزن کي هٿي ڏني. تنوير عباسي سنڌي ادبي سنگت سان تمام گهرو سلهاڙيل رهيو،
هن ادبي سنگت کي هڪ نئون رخ ۽ موڙ ڏنو ۽ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوانن کي
موقعو فراهم ڪيو، جنهن سبب سنڌي ادبي سنگت ۾ فڪري سجاڳي نظر آئي ۽ انهيءَ سجاڳي
سبب اڄ تائين ادبي سنگت جيڪو ڪردار نڀائي رهي آهي ۽ جنهن رخ ۾ سنڌ جي مڙني ڏکن
دردن سان سلهاڙيل رهي آهي اهو ڪريڊٽ تنوير ڏانهن وڃي ٿو. هن جنهن به فيلڊ ۾ جتي به
قدم رکيو انهيءَ سان خوب نڀايو ۽ سچ به ته گهڻو ڪجهه ڏئي ويو، پوءِ ادبي ميدان هجي
يا ادارا هجن، دوست هجن يا دوستن جا به دوست، پر سچ ته سندس انهيءَ شعر جيان هو
بلڪل سچ چئي ويو ته:
ڪجهه ڏئي وينداسين،
ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون ۽ ڏئي
ميوو ڇڻي وينداسين.
۽ اها حقيقت
آهي ته جيئري ته هو هر ڪنهن مٿان پنهنجي جان به نڇاور ڪندو هو پر مُئي کانپوءِ به
پنهنجو جسم عوام کي ارپي ڇڏيو، ڇوته دل جي سچائي به سٺن ڪتابن وانگر ڪنهن جي سمجهه
۾ نه ايندي آهي ۽ اهڙي طرح سچن ماڻهن کي سمجهڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ۽
تنوير به اهڙو سچو کرو ۽ فقير منش ماڻهو هو، جيڪو جهڙي تهڙي جي سمجهه کان مٿانهون
هو، انهن سٽن جيان ته:
اسان انڌيرن سان
رکي دوستي، روشني سان بغاوت ڪئي آ،
اسان ڪري خريد درد
سور سارا، سکن جي سخاوت ڪئي آ.
تنوير ادب ۾ پير
پائي ۽ شاعري ۾ هن قلم جو جيڪو پورهيو ڪيو آهي، تنهن ۾ هن پنهنجو تخلص مغموم
سڏرايو پر پوءِ ستت ئي پنهنجو نالو تنوير عباسي سڏائڻ لڳو ۽ هن جيڪا به ادبي خدمت
ڪئي سا تنوير عباسي جي نانءُ سان اسان جي سامهون آهي. تنوير ادبي دنيا ۾ جيڪا نواڻ
آندي تنهن جو ڇيهه ناهي پر هنن نين نين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي، سندس جيڪا فڪري
سوچ هئي اها به ڪمال جي هئي، هن جو فڪر جنهن ۾ ايندڙ وقت لاءِ نئين نسل لاءِ آسان
رستو ٻڌايل آهي ته جيئن ڪٿي ٿڙي ٿاٻڙجي نه پون، هو پنهنجي ڏنل نظرئي تي آخري وقت
تائين به قائم رهيو، هن جي نظرئي ۽ فڪر ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي سنڌي عوام شامل هو.
تنوير عباسي هڪ
کرو، سچو شاعر ۽ سٺو انسان هو جيڪو چند ماڻهن ۾ وڏو ماڻهو مون ڏٺو، هن پنهنجي سڄي
زندگي ۾ ڪنهن به دوست کي ڌوکو نه ڏنو پر پنهنجي شاعري ۾ لکيل لفظ لفظ جيان جهڙو
لکت ۾ کرو اهڙو سامهون سنگت ۾ به سچو ۽ کرو شخص نظر آيو. تنوير پنهنجي شاعري ۾
لفظن جو هڪ اهڙو ته ڄار اڻيو آهي ۽ جيڪا اڻت ۽ لفظن جي ڪاريگري ڪئي تنهن عوام جي
من کي موهي وڌو آهي ۽ سندس لفظن جون لڙهيون ماڻهن جي من اندر جهڙيون رقص ڪنديون
هجن ۽ ائين جڏهن ماڻهن جي چپن تي سندس گيت هُرڻ لڳا ته سچ پچ ته هو عوامي شاعر جي
حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو ويو.
تون جي چپ ٿي وئين
تنوير، ته ڪو به نه شعر ٻڌائيندو،
دل وارن جي درد
وندن جي محفل ڪير مچائيندو،
تون جي آمهون
سامهون هوندين وقت ائين گذري ويندو،
رات کٽي ويندي پر،
ڪوئي ڳالهيون ڪين کٽائيندو.
تنوير سنڌي ٻولي جو
ڀلوڙ شاعر هو، سندس ڪيل مطالعي مان اها لکا ملي ٿي ته سندس حيثيت سنڌي شاعري ۾ هڪ
وڏي شاعر جيان آهي، هو پنهنجي دور جو سرموڙ شاعر ليکجي ٿو. تنوير حوصلي وارو شاعر
هو هن ڪڏهن به همت نه هاري بلڪه اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو. قوميت جي
حوالي سان تنوير ۾ ننڍي هوندي کان ئي اها جهڙي سُتي پيل هجي جڏهن به سنڌ سان ويڌن
يا ڏاڍ ٿيو، اتي هن سر اڏي تي رکي اڳتي قدم وڌايو ۽ سنڌ جي ذهني فڪري آجپي جي هر
وقت سنڌي قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو، هن سنڌ ڌرتي کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيو ۽
وڏي واڪي چوندو هو ته ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي ۽ سچ به ته تنوير ڌرتي لاءِ ماءُ بنجي
ڏيکاريو. هن ڪنهن سان نه ڏاڍائي ڪئي ۽ نه ئي هُن چاهيو ته مونسان ڪير ڏاڍائي ڪري،
تنوير جو اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ، کائڻ ۽ چوڙڻ هر هڪ شئي ۾ نفاست شامل هئي. هن زندگي کي
هر وقت هر موڙ تي خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڏسڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ ڪنهن قدر ڪاميابي
ماڻي. تنوير محبتي ماڻهو هو تڏهن ته سندس اڳيان پويان دوستن جا ميڙ هوندا هئا.
سندس سڀاءُ واري شخصيت جيڪا هر ماڻهو کي مُنڊي وجهندي هئي ۽ پهرين ملاقات کانپوءِ
ماڻهو سندس محبتي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو هو، اهو سندس محبتي تاثير هو جنهن سندس شخصيت
کي اڃان به اوچو ۽ مضبوط بنائي رکيو هو. پاڻ دوستي ۾ دوستن مٿان فدا پيو ٿيندو هو،
شل نه ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي، تڙپي پوندو هو جهڙو هو اندر ۾ ڏاڍو حساس هو، دوست جڏهن
مهمان ٿي وٽس ايندا هئا ته هو سندس خدمت ڪندين نه ٿڪبو هو.
تنوير عباسي ادب ۾
هر موضوع تي ڏاڍي وائکي نموني لکيو، اهو پوءِ اها شاعري هجي يا نثر ۾ ڪهاڻي، سفر
نامو، خاڪا، تحقيق ۽ ٻيو ڪجهه ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو پاڻ هڪ بهترين مفڪر،
محقق، ادب جو پارکو، ڏاهو ۽ دانشور هو. علم ۽ ادب جو ڄاڻو، ڪيترن ئي دوستن ۽
شاگردن سندس رهنمائي ۾ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ورتيون. شاهه صاحب جو عاشق ۽ ساڻس
والهانه عقيدت ۽ محبت ڪندڙن مان هو، شاهه سائين تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيائين.
هُن ڪڏهن همت نه هاري بلڪه هر ڪنهن کي سگهاري ٽيڪ ڏيندو هو ۽ جيئڻ جو ساهس بخشيندو
هو، هن محبت سان حسين زندگي کي نيڻن سان پسيو ۽ هو زندگي ۾ ڪنهن به لمحي مايوس ۽
نراس نظر نه آيو، هن وٽ جيڪي ڪجهه به هيو سو آخر ۾ ونڊي ورڇي سڀني کي ڏئي ويو، اها
آهي زندگي ۾ جيئڻ جي سوچ ۽ لوچ سندس ئي انهيءَ سٽن جيان ته:
ٻرڻ اسان جو ڪجهه
اهڙو آهي،
جتي وڃون ٿا روشني
آ،
جيئڻ اسان جو ڪجهه
اهڙو آهي،
جتي جيئون ٿا،
زندگي آ.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو
رضوان گل
سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف
شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن،
سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽
خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي،
انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.
سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي
پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون
ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو
بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو
شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن،
شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، جو هو هڪ ئي وقت
سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو
ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾
پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙو ئي اظهار هن
پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مون کي نثر کان وڌيڪ نظم سان
لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مون کي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي
انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“
تنوير عباسيءَ جي ڇٺيءَ جو نالو نور نبي ولد گل حسن آهي.
سندس جنم ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ ۾ ڳوٺ سوڀي ديري، ضلعي خيرپور
ميرس ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج
ڊي جي سنڌ ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايم بي.بي ايس
لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۰ع ۾ پاس ڪيائين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پهريون شعر ۱۹۵۰ ۾ رسالي ”فنڪار“
حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ”رڳون ٿيون رباب“ ۱۹۵۸، ”شعر“ ۱۹۷۰، ”سج تريءَ هيٺيان“
۱۹۷۷، ”هيءَ ڌرتي“ ۱۹۸۵، ”تنوير چئي“ ۱۹۸۹، ”ساجن سونهن سرت“ ۱۹۹۶ شامل آهن. سندس
ڇپيل ٻين ڪتابن ۾، ’ٻاراڻا ٻول‘ ۱۹۷۳، ’جديد سنڌي شاعري‘ ۱۹۸۱، ’شاهه لطيف جي
شاعري‘ جلد پهريون ۱۹۷۶، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو ۱۹۸۵،’ شاهه لطيف جي
شاعري‘ جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل) ۱۹۸۹، ’نانڪ يوسف جو
ڪلام‘ ۱۹۸۲، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ ۱۹۸۳، ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ ۱۹۸۴، ويٽنامي ناول جو
ترجمو ’جي ماريا نه موت‘ ۱۹۷۳، سچل سرمست يادگار ڪميٽي
خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا ۹ جُلد سهيڙيل ۱۹۸۰ کان ۱۹۸۹ ۽ مضمونن، خاڪن،
يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘ ۱۹۸۸، شامل آهن. ان کان
علاوه ادب ۽ سماج جي حوالي سان لکيل سندس سئو کان وڌيڪ مقالا مختلف تحقيقي جرنلس ۽
رسالن ۾ ڇپيل آهن.
تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو
ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو.
سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون
منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو،
جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان
متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم
عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر جي سخت پابند ۽ شعري صنعتن
سان جھنجھ ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن سان ڀرپور نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر
پيش آهن:
داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسيـن،
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري
مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي. سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۸ تائين يعني فقط اٺن
سالن تي محيط آهي، پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس
شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق ”سندس نظم ’نئين مارئي‘ بلڪل
هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو
آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏڪا نه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾
مجبور نه ٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نه ٿي پر پنهنجي
مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جُھڪي نه ٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽
اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي. جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو،
هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر جو سربلند ڪيو، ’نئين مارئي‘ بلڪل اهڙي
امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ
”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت
نگاري، جي ڳالھ ٿيڻ لڳي. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده
کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام،
هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ
۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم
۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ
حوالي سان تنوير جون هي سٽون ڏسو:
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي.
منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي،
ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تو لاءِ آهي.
هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن
جي گونج سان گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽
بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي
ٿي:
هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا،
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا.
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا،
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري
مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي
تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي ته: ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽
شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ
کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس
جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن
جا مکيه عناصر آهن.“
ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد
حسيني لکيو آهي ته: ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ تنوير عباسيءَ جي
شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن
کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين.“ امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي
شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترائي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾
ايندو. اهي نظم سندس روح جو آواز آهن. اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي،
تلخي به آهي ته بيباڪي به.
تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن
۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ
سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين
صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽
ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان
۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت
آهي.
تنوير عباسي جي ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ تي اسلام آباد ۾
وفات ٿي، سنڌ ڌرتيءَ جو هي سپوت ڪوهين ڏور اسلام آباد ۾ مدفون آهي، پر جڏهن به
جديد سنڌي ادب جو ذڪر ايندو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف
۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو.
ڊاڪٽر
تنوير عباسي
جديد
سنڌي شاعريءَ جو هڪ سگهارو ٿنڀ
رضوان گل
ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي انهن
ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾
اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. جو هو
هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ
واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو.
اهڙوئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مونکي نثر کان
وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مونکي نظم وڌيڪ وڻندا هئا
پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“
تنوير عباسي جي شاعريءَ جو
جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت
الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ
ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي
فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو.
تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر
ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا
وزن، بحر ۽ شعري صنعتن جي گرد نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن:
داغهائي دلِ ويران کي ڏسي
رهنداسين
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي
رهنداسين
دوست اچ اڄ ته وٺون سمجھي مزاجِ
عالم
يار جي زلفِ پريشان کي ڏسي
رهنداسين.
رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي
دامن ۾
بيادگارِ جنون ڪجھ ته پير هن ۾
هجي.
دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي
ويندي اڄ زيست جو حاصل
ديدؤ پونم مهر خموشي چئي ڏيندا
احوالِ مفصل.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم
جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي ۽ سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۸ تائين يعني فقط اٺن سالن تي
محيط آهي پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به
شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق سندس نظم ”نئين مارئي“ بلڪل هڪ نئين انداز ۽
موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه
پر چڻنگون آهن، هو سڏ ڪانه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نٿي رهي پر
زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو
جھڪي نٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي
ضرورت آهي.... جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون
سهي روشن خيال فڪر کي سربلند ڪيو، ”نئين مارئي“ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ
وارو نظم آهي.
تنوير عباسي جي ڄاڻايل نظم جي
ٿوري جھلڪ:
جي مطمئن نه ٿياسين قرار ڪجھه
ته مليو
اٿاھ سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجھه
ته مليو
اسان ته بوند گھري ٿَي اسان کي
باھ ملي
فلڪ ڏٺو جي هي برق و شرار ڪجهھ
ته مليو
اوهان کان ڪجھ به ملڻ جي اميد
ڪونه هئي
لٿو جي ٿورو گھڻو دل جو بار
ڪجهھ ته مليو
مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو
ملي
ويو ٿي گھٽجي فضا تان غبار ڪجھه
ته مليو.
ڄاڻايل عرصي بعد ڊاڪٽر تنوير
عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽
سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، رومانويت ۽ جماليات جي ڳالھ
ٿيڻ لڳي، ڊاڪٽر تنوير عباسي جي هن دؤر جي شاعريءَ ۾ اهڙا عڪس چٽا نظر اچن ٿا. هاڻي
سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن
پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽
نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون
جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽
ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان سندس هي شعر ڏسو:
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا
آهن
منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ
آهي
منهنجي قوت منهنجي طاقت تولاءِ
آهي
ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تولاءِ
آهي
منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لاءِ
آهي
آءٌ نماڻو آهيان آءٌ نماڻو
آهيان
سنڌڙي جڳ جي ساري عظمت تولاءِ
آهي
هونئن ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه
آهي مون ۾
پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تولاءِ
آهي
هن سموري عرصي ۾ تنوير جي
شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ و گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا
هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾
دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي:
هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا
واچوڙا
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون
ڏڪائيندا
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪونئون
اڀاريندا
هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين
ٿينداسين
جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي
ويندا
رکي اميد بهارن کي پيا
سڏينداسين
جي پنهنجي لاءِ نوان گونج گل
کڻي ويندا
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين
قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل
آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي، ته؛ ”تنوير
عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا
ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي
وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽
حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“
ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ
۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو
آهي.“ (۹) تنوير عباسيءَ جي شاعري
مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي
جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين. امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي
شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترا ئي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾
ايندو، اهي نظم سندس روح جو آواز آهن، اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي،
تلخي به آهي ته بيباڪي به. تنوير جي اهڙن نظمن مان هڪ طويل نظم جا ڪجهه شعر ڏجن
ٿا:
هاڻي آءٌ نه سُوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي
مون هر دؤر ۾ رت هاريو آ
مون هر دؤر ۾ ساھ ڏنو آ
منهنجو ساھ گھٽيو ويو آ
۽ هر وير ڪٽيو ويو آ
مون ئي پٿر کاڌا آهن
۽ زنجير به پاتا آهن
مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان
سِسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان
مُرڪي مون سڀ سور سَٺا ٿي
چُپ چُپ سڀ الزام ٻُڌا ٿي
صدين کان خاموش رهيس مان
۽ ايڏو بيهوش رهيس مان
ماڻهن جو ويساھ کڄي ويو
ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو
ماڻهن سمجھيو سچ ڪانئر آ
ماڻهن سمجھيو سچ بي طاقت آ
جنهن ۾ ناهي ڪائي همت
هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي.
تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني
صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره
شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو
روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري
اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي
مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا
ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي. جڏهن به جديد سنڌي ادب جي تاريخ لکي
ويندي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽
معتبر ليکيو ويندو.
تنوير عباسي
سندس ياد ۾
ابراهيم لاشاري
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڊسمبر
مهيني جي ۷ تاريخ سال ۱۹۳۴ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن جي سڀاڳي صبح جو گل حسن عباسي جي گهر ۾ اکيون
کوليون. سندس تعلق پڙهيل لکيل ڪٽنب سان هو. ڇو جو سندس والد، گل حسن عباسي صاحب
ڪليڪٽر جي اهم منصب تي فائز رهيو. سندس تربيت به عمدي نموني جي ٿي. سندس شروعاتي
تعليم به والد جي شفقت سان ڳوٺ سوڀوديري جي اسڪول منجهان ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچي جي
مختلف اسڪول، ڪاليجز، هيرانند اڪيڊمي، اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي سائنس ڪاليج
مان حاصل ڪئي ڊاڪٽر تنوير عباسي ايم بي بِي ايس جي سند ۱۹۶۰ع ڌاري لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد منجهان حاصل ڪئي. سال ۱۹۶۴ع کان هميشه لاءِ اچي خيرپور ۾ پنهنجي زندگي پنهنجي گهرواري محترمه ڊاڪٽر
قمر عباسي ڦول باغ جي ڀر ۾ (سنڌ اسپتال) نالي هڪ خانگي شفا خانو کولي مسڪينن ۽
غريبن جي مدد ڪندي ۽ کين تپاسيندي نظر آيا، ڊاڪٽر صاحب زندگي جي آخري لمحي تائين
ڊاڪٽريءَ جي پيشي سان پڻ سلهاڙيل نظر آيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان جي محبوب شاعر
سال ۱۹۵۳ع ڌاري ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ
دوران شعر لکڻ جي شروعات ڪئي، ان زماني منجهه پنهنجو (تخلص مغموم) استعمال ڪندو هو
۽ شاعريءَ جون سڀ وصفون ۽ گر، شيخ محمد ابراهيم خليل کان استاد بڻائي ورتائين.
پنهنجو اصل ڇٺيءَ جو نالو نورنبي عباسي هيس، مگر سنڌي ادب ۾ وري تنوير عباسيءَ
مخلص سان پنهنجو نالو نروار ڪيائين، ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو
آهي، جنهن سنڌي نظم ۾ وڏي وسعت آندي، سندس وايون، دوها، غزل سمورن رنهن سان سرشار
نظر اچن ٿا هن جپاني صنف (هائيڪو) تي پڻ سنڌي زبان ۾ شاندار ڪم ڪيو، ڊاڪٽر تنوير
سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ انگريزي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. ۽ ان کان علاوه هندي، فارسي
۽ فرنيچ زبانن جي بهترين ڄاڻ رکندڙ سنڌي اديب هو، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ بهترين
شاعر ٿي گذريو آهي هو پنهنجي من جو اظهار پنهنجي شاعري وسيلي هن طرح ڪري ٻڌائي ٿو
ته:
آءَ ته کلندي ملندي گهاريون
گهڙيون چار هليا وينداسين،
ورهه ورهائڻ آيا
آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين،
اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ
ڄاتي پار هليا وينداسين،
جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به
منهنجا يار هليا وينداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر هجڻ
کانسواءِ هي سهڻو اديب تحقيق ۽ تنقيد ۾ به پاڻ ڀرر رهيو، سندس تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم
به اعلي قسم جو مڃيو وڃي ٿو، هن تحقيق جي سلسلي ۾ سنڌي ادب کي نوان ۽ جديد قسم جا
لاڙا متعارف ڪرايا، ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر سان گڏ هڪ بهترين نثر نويس به هو، هي
پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي رسالن، اخبارن، ميگزينن کي لاتعداد مضمون، مقالا ڏئي سنڌي
ادب کي آسودو ڪرڻ جي نمايان ڪوشش ۾ هميشه رڌل نظر آيو، هن ادبي پورهي ۾ سنڌي ادب
جي لاءِ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ ڪتابن جا ترجما ڪيا، انهن ڪتابن منجهه ”رڳون ٿيون
رباب“، ”سج تري هيٺان“، ”هي ڌرتي“، ”تنوير چئي“، ”ساجن سونهن سرت“، ”ٻاراڻو ٻول“،
”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”جي ماريه نه موت“، ”شاهه جو رسالو“ (اردو) (”شاهه لطيف جي
شاعري“، ”ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، ”نانڪ يوسف جو ڪلام“، ”ترورا“ “منهن تنين
مشعل“، ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ ، ”سپني کان سهڻي ساڀيا“، ”پوان شال قبول“ ۽ ٻيا
ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن سنڌ جي هن محبوب اديب جو سنڌي ادب ۾ مڃڻ جيڏيون ادبي
خدمتون آهن سندس شمار وڏن اديبن ۽ شاعرن منجهه ٿئي ٿو، سندس تحقيقي ادبي پورهيو
سمورن اديبن کان بهتر ۽ لاجواب ۽ باڪمال نظر اچي ٿو، هن لاکيڻي لطيف يعني ڌرتي جي
وڏي مان وڏي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، حق موجود سدا موجود جو
نعرو هڻندڙ حضرت سچل سرمت، خوش خير محمد
هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين شاعرن اديبن تي ٿيل تحقيق اعليٰ ۽ اتم حيثيت واري جاءِ
ولاري ٿي. سندس تحقيقي فن اعليٰ ۽ شاندار
قسم جو۽ سنڌي ادب جي سونهن ۾ واڌرو
ڪيل نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب کي اهو
به اعزاز حاصل آهي ته هن جو حضرت سچل سرمت جي سوانح، ڪلام ۽ پيغام بابت ايترو ته
ادبي ڪم ٿيل آهي جيڪو سالن کان ڪير اديب نه پئي ڪري سگهيو، هن سچل چيئر جي
ڊائريڪٽر جي منصب يا سچل يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ جيڪي به ڪانفرنسون
ڪوٺائڻ جو بندوبست ڪيو يا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي، سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو ڪرائي پڌرا ڪرايا .ڊاڪٽر صاحب
وڏو سچل شناس اديب هو، هن دنيا جي ڪيترن ملڪن جا رنگ ڍنگ ، ادب چانچي ڏٺا ۽ پنهنجي
زندگي جا پل گهمي سفر ڪري انهن ملڪن جي
رهڻي ڪهڻي ڏٺي، جن ملڪن منجهه اٽلي ، فرانس، يونان ، دبئي ، برطانيا، آمريڪا،
هالينڊ ، ۽ اولهه جرمني جو سفر ڪري هڪ سنڌي ادب کي هڪ (سفرنامون) پڻ ڏنائين، ڊاڪٽر تنوير عباسي عظيم انسان
پنهنجي شاعري ۽ تحقيقي ڪم سبب ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جن منجهه
پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۽ ٻين کوڙ ساران اعزازن سان
پڻ کيس نوازيو ويو، هن ممتاز ۽ سنڌ جي ڏاهي انسان پنهنجي زندگي ۾ پنهنجن گهر ڀاتين
کي وصيعت پڻ ڪئي هئي ته راهه رباني ٿيڻ وقت سندس جسم(لاش) ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن
کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، مگر ان جي وصيعت تي عمل اڻپورو رهجي ويو، هي ڏاهو اديب
زندگي جا آخري پل پنهنجي اکين جي ٺار پٽ سرمد عباسي ضاحب سان گڏ اسلام آباد شهر ۾
گذاري رهيو هو ته اوچتو سندس طبيعت ناساز ٿي پئي، سندس کيس پٽ ترت اسپتال داخل
ڪرايو، مگر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، ۲۵ نومبر
خميس ڏينهن سال ۱۹۹۹ع ۾ زندگي جون سڀ ادبي محفلون
ڇڏي، ۶۴سال ۱۱ مهينا ۱۸ ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه لاءِ راهه رباني وٺي ويو. سندس
آخري آرام گاهه اسلام آباد منجهه آهي، سندس ادبي خدمتون، هميشه ياد رهنديون، اڄ ۲۵ نومبر تي ۱۷ هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
احمد علي صابر چانڊيو
رات مان آيو سندءِ وارن جو واس
تون وسين ٿو روح جي آس پاس.
سونھن ۽ سندرتا جي وادي تھذيبن جي امڙ سنڌو
پوتر ڌارا سان وهنجي سبز وار اُڀا ڪري دنيا جي
دل تي ناز ڪندڙ ”سنڌ“ جنھن پنھنجي ڪُک مان عظيم سپوتن ۽ سرواڻن، ڌنڱن،
محققن، دانشورن، مصورن ۽ مھذب ماڻھن کي جنميو. ڌرتيءَ جي دل تي محبت وکيري ڪڏهن
سارنگا ۽ سڏونت، ڪڏهن سسئي پنھون، ڪڏهن ڀوري ۽ ڦلونت، ڪڏهن سھڻي ميھار ته ڪڏهن
مارئي ۽ بختار ڏني. سنڌ هڪ اهڙي وستي آهي جنھن هزارين سال تھذيبن جي اوٽ ۾ پنھنجي
اولاد کي پاليو. موهين جي ماٿر رني ڪوٽ ۽ مڪليءَ جو ماڳ ان ڳالهه جا کليل ثبوت
آهن. سنڌ ڌرتي جتي قدرتي ذخيرا موجود آهن، قدرتي وسيلن ۽ سنڌ ندي جھڙي عظيم درياء
سامونڊي ۽ پھاڙي علائقا ٿر ۽ ڪوهستان جتي انب پچن ۽ مورَ نچن، جتي سرنھن، ميندي ۽
سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ هجي ان پر رونق وادي، شاهه، سچل، سامي، بيدل، حامي،
بيڪس، جامي، تارڪ، بيوس، اياز، استاد، سرويچ، منشي، پيرل ۽ تنوير عطا ڪيو. اها
ملھائتي مٽي اصولن ۽ آدرشن جي پاسداري ڪندڙ رهي آهي. جنھن تي هزارين هلائون ٿيون
پوءِ به پنھنجي ٻولي ۽ وجود کي زنده ڪندي آئي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جو دؤر
جڏهن تھذيبون بن موت مري چڪيون آهن، ٻوليءَ ۾ ڌاريا اکر گهر ڪري ويا آهن، آدرش ۽
اصول مٽجي چڪا آهن، گهر بدريون بک ۽ بدحاليون، روڄ ۽ راڙا، ڦرلٽ ۽ ڌاڙا ڌرتي جي
تھذيب ۾ ڄڻ شامل ٿي چڪا آهن پر اهڙين حالتن ۾ ڌرتيءَ ڄاون پنھنجي فن فڪر سان اهڙن
هاڃن تي انور پيرزادي، ڪليم لاشاري، فقير محمد لاشاري، زخمي چانڊئي راشد مورائي،
احمد خان مدهوش، استاد، اياز، سرڪش، سرويچ سجاوليءَ وانگر تنوير عباسيءَ پڻ اهڙي
ارڏائيءَ سان ڌرتيءَ جي مامرن تي دليريءَ سان لکيو آهي. جڏهن ارغونن، ترخانن،
انگريزن، پارسين، عربن ۽ مغلن جي دؤر ۾ اديبن سنڌ بچائي ورتي اڄ ته سنڌ سنڌين جي
هٿن ۾ آهي. هو ڪين چاهيندا ته ڪو غاصب هن ڌرتيءَ تي فوجي اڏا قائم ڪري، بند ٻڌي
عظيم سنڌو ڌارا کي قيد ڪري يا سنڌ م تھذيبون ۽ عظيم ماڳ ملياميٽ ٿين. اگر ڪوئي
چنيسر پيدا به ٿيو ته دودي جي روپ ۾ بقا جي جوت جاڳائڻ وارا ارڏا انسان جاڳي
پوندا. صابر کي به سگهه ايندي، ٻالڪ پڻ ڏونگر راء سومري وانگر نکري نروار ٿيندا پر
ڌرتي ماتا جي وجود کي هاڃو ٿيڻ ڪين ڏيندا. اهڙن ارڏن مان تنوير عباسي هڪ ڪردار آهي
ڀل ته هيمون وانگر ڪنھن ظالم کي سنڌو ڪناري ڪين واڳايو هجي يا سريمڻ وانگر ڪنھنگ
قنڌار ۾ وڃي شڪست ڏني هجي. هوشوءَ وانگر ٽلٽي ۽ کرڙي جنگ ۾ ”مرسون مرسون سنڌ نه
ڏيسون“ نعرو ڪين لڳايو هجي. دودي ۽ دولھه وانگر ڪڏي ڪنڌ نه ڪٽايو پر هن هڪ اهڙو
مورچو پڪڙو جتان هزارين هوشو، هيمون، سرڪش، سريمڻ ۽ اڏول انسان تيار ڪري شعوري جنگ
جي تياري پڪڙي. تنوير عباسي هڪ اهڙي محاذ تي اٽل رهيو جيڪو ادبي، معاشي ۽ معاشرتي
محاذ هيو.
تون نه آئين ته سندء ياد ڇو آئي آهي،
ڇا مان سمجهان ته هرهڪ آس اجائي آهي.
تنوير عباسيءَ جي شاعري ڪلاسيڪي رنگ سان
رنگيل نظري ٿي جيڪا ڪُلي طرح حسن ۽ نزاڪت سان ٽمٽار آهي. حسن کي مطلق وجود سڏيو
آهي، وجوديت مطلق جي ڏات آهي. ڏات جو ڏيھه ۾ ڇيد ڪرڻ جڏهن اوکو آهي ته پوءِ ڏاهي ۽
ڏاتيار متعلق ڪھڙو ورت ۽ ورجاءُ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته حسن ۽ نزاڪت جو مشاهدو
حواسن وسيلي نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي ڪسوٽي اندر جي اک ٿئي ٿي تنوير جي شاعري ۾
استاد جي شاعريءَ وانگر اظھار جو انتھائي عروج سمايل آهي. سنڌ ڌرتيءَ جا سڀئي
سرجڻھار اياز، بيوس، ادل يا ٻيا تمام سھڻا شاعر آهن. سندن شاعريءَ ۾ غضب جا سنيھا
۽ نفاست آهي. الائي ڇو مونکي شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، حامي، چيزل، فيضل،
تارڪ، استاد، پيرل، دادن ۽ تنوير پسند آهن. آسي زميني ۽ وشال جي شاعري به تمام
بھتر اثر دل تي ڇڏيندڙ آهي. انھن مڙني شاعرن ۾ لاڦ لٻاڙ ۽ اوديا ڪين ٿي نظري اهڙا
ٻيا ڪيئي شاعر آهن جن جي ڪارڻ سنڌ جي جهولي ڀريل آهي جيڪي جمالياتي حسن سان
سنواريل آهن. جماليات جو موضوع دنيا جي هر مفڪر جي توجھه جو مرڪز پئي رهيو آهي.
جيڪڏهن شاهه لطيف جي ڪنھن به شعر کي کڻبو ته ان جو ڇيد ڪرڻ انتھائي اوکو لڳندو.
مثال ”عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا.“
ڌرتيءَ جا هڙئي مفڪر ان ڏس ۾ جاکوڙي بنايو
ڀل لطيف جي ان فڪر کي ڪو عيان ڪري ته ڏسجي انتھائي مشڪل نظرجندو، ڇاڪاڻ ته عزازيل
ڪھڙي صورت ۾ عشق ڪيو. عاشق کي پنھنجو گوشت تريءَ تي ترڻو پوندو آهي يا ڪاٺ ٿي ڪٽبو
آهي. جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪرڻا پوندا آهن، گهاڻي ۾ گهمڻو پوندو آهي. پر عزازيل مطابق
سندس عشق جي اها انتھا پڻ اڃا ڪسيري آهي. ان هڪ شعر تي هڪ بھتري مقالو پيش ڪري
سگهجي ٿو پر لطيف جو شعر اڃان به اڳڀرو رهندو. دل کي ڇھندڙ فقرا دل تي ڳچ وقت
تائين عڪس ڇڏيندا آهن. تنوير عباسي لاءِ شمشير الحيدري سھڻي رسالي ماهه ڊسمبر ۱۹۷۴ع صفحه ۷۸ تي به عنوان ”سنڌي شاعري ۾ جماليت“ ۾ لکي ٿو ته، تنوير جي شاعري حسن
ڏانھن انفرادي نظر، ذات جي اظھار، گھرين خواهشن ۽ قدرتي مقصدن جي جمالياتي شاعري
جا سھڻا مثال آهن. جھڙوڪ ”هر ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو“ يا ”منھنجي دل ٿي چوي وقت جي
بيڪران بحر ۾ هي اکيون ڇلڪندڙ ڇوليون ڏسو“
وغيره يا
سوريءَ جي ڀر تان ٿو ٻڌجي پرينءَ جو پڙلاءُ،
مان ڏيئو آهيان پرين تون روشني آهين اٿاهه.
تنوير عباسي جديد سنڌي شاعرن جي صفِ اول جي
ممتاز ترين شاعرن ۾ شامل اهن. ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع خيرپور ضلع جي ڳوٺ سوڀوديرو ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم اين جي وي
هاءِ اسڪول ڪراچي، ڊي جَي سائنس ڪاليج ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان
ڪئي. خيرپور کي مسڪن ڄاڻي پريڪٽس ڪندا رهيا. زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ اسلام آباد
هجرت ڪري ويا. وصيعت سائنس ڪارج ۽ تحقيقي مقصدن لاءِ پنھنجو مڙهه ميڊيڪل ڪاليج جي
شاگردن جي ريسرچ لاءِ سپرد ڪرڻ لاءِ چيو هئو. پر ٽيڪنيڪي وجوهات جي بنياد تي سندن
وصيعت تي عمل درآمد نه ڪيو ويو. سندن جي سوچ جو جائزو ان وصيعت مان وٺي سگهجي ٿو
ته جيئري ته سنڌ ڌرتي، ٻولي لاءِ لاڀائتا هئا. پر مرڻ پڄاڻا به انسانيت لاءِ پاڻ
کي ارپي ڇڏيائون. نه صرف ايترو بلڪه هنن
زندگيءَ جون سموريون بھارون انسانيت لاءِ ارپي ڇڏيون هيون مرڻ بعد به سندن خواهش
هئي ته سندن لاش بيڪار ۽ بيمقصد ڪين ٿئي. ان مان به نونھال اسڪالر لاڀ حاصل ڪري
سگهن .
اچو ته پاڻ کي باهه ڏيون، من ڪنھن کي ڪوئي
ڪم اچون،
ان باهه تي ڪنھن جو روٽ پچي، من ڀٽڪيل ڪوئي
راهه ڏسي.
(صابر)
تنوير عباسي جي اثرائتي ۽ لاڀائتي حياتي صرف
چاليھه سالن تي مشتمل هئي پر هزارين صديون جاکوڙين کي دعوت ڏيندڙ آهن. سندن جي فن
۽ فڪر تي گھري نظر ڌرڻ جي ضرورت آهي. هو پنھنجي ذات ۾ ادراڪ کان گهٽ ڪين هئا ”رڳون
ٿيون رباب“ سندن پھريون مجموعو آهي جيڪو ۱۹۵۸ع ۾
شايع ٿيو. ان ڪتاب اچڻ تي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان سندس لاءِ اتساهه ڀريا، پاٻوهي خط
پھتا. پاڻ پنھنجي محنت تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ واقعي سندن ڪتاب سنڌي شاعري جي صنف جو
قابل قدر اضافو هئو. سندن جو ٻيو مجموعو ۱۹۷۰ع ۾،
”سج تريءَ هيٺان“ ٽيون مجموعو ”هيءَ ڌرتي“ ۱۹۵۷ع کان
وٺي سمورو ڪلام ”تنوير چئي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي جي زيرِ اهتمام شايع ٿيو. اڃان
پڻ سندن شاعريءَ جو گهڻو حصو موجود آهي.
تنوير عباسي سنڌي ادب جي جديد تصورات ۾
نھايت اهم ترين ڪم ڪري ڌرتيءَ جي سرجڻھارن ۾ نالو اڳلي فھرست ۾ لکرايو. تنوير
عباسي هڪ بھترين ڊاڪٽر، نامور شاعر، هڪ بيمثال انسان هئا. هو خدا پرست هڏڏوکي
انسانيت جو گهڻ گهرو، مڪمل مذهبي ۽ سماجي ادراڪ جو داعي هئو. هڪ بھترين دوست جي
حيثيت سان ملندو هئو. سندس نظر ۾ ذات پات ۽ نسل جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. هڪ
غيرتمند سنڌي ۽ مڪمل مسلمان هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نثري مواد ڀل ته ڪنھن ڇاپي
جي صورت ۾ ڪنھن کان اوجهل رهيو هجي پر اهو هڪ سراسر سچ آهي ته سندن تمام وڏو ادبي
نثري مواد موجود آهي. جنھن کي تحقيق ۽ تاليف جي ڪسوٽيءَ تي آڻڻ گهرجي. نثري ڪاوشن
۾ تحقيقي بنيادن تي ڪيترائي ڪتاب موجود اٿن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي
تحقيقي مضمون ٽن جلدن ۾ نانڪ يوسف جي ڪلام جو انتخاب تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ۱۹۸۲ع ۾ شايع ٿيو .
ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪلاسيڪل ادب جا سرموڙ
اديب هئا، نت نوان تحقيقي ڪم، سر تي سھرا ڪري کڻي جاکوڙيندا هئا. ۱۹۸۲ع ۾ خير محمد هيسباڻي جي ڪلام جو انتخاب ۽ تحقيقت جائزو ڏنائون. پاڻ
سنڌي ٻولي جا نھايت ئي گهڻ-گهرا هئا، سماجيات ۾ سندن تمام وڏيون خدمتون هيون.
حالانڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي تي ان وقت ايترو ڪنھن به ڪين سوچيو هئو پر سندن جي وڃڻ
کان پوءِ جيڪا ڪمي ادبي حلقي محسوس ڪئي سا کوٽ اڃان تائين دل ۾ پئي ککي ٿي. هو
زنده دل انسان هئا، سندن ذات مقناطيسي اثرات کان خالي ڪانه هئي. اڀرن سڀرن کي به
پيار ڪندڙ هئا. اڄ جي اديب کي ڏسبو ته نفرت، خودثنائي ۽ لالچ جي جهنگل ۾ ٿو گذاري
پر ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ املھه انسان هئو. بلا لوڀ لالچ انسانيت ۽ ادب لاءِ
جاکوڙيندي نظر ايندا هئا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جن ڪيترن ئي ڪتابن جا
ترجما پڻ ڪيا هئا. سندن جو هڪ ترجمو ويٽنامي ناول جو ۱۹۷۳ع ۾ ڇپيو هئو، جنھن جا ڪيترائي ايڊيشن مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. ڊاڪٽر
تنوير عباسي مضمون نگار به هئا ۽ Memories پڻ لکندا هئا، جنھن کي
”وارتائون“ جو نالوٿي ڏنائون. مون سان ان جو ذڪر (خود تنوير) سنڌي ادبي سنگت جي
چونڊ دوران ڪيو هئائون. مان پاڻ کي خوش قسمت ٿي ڄاتو جڏهن ڀر ۾ ويھي احوال ورتا
هئائين. سائين تنوير، قاضي علي اڪبر درازيءَ وانگر سچل جي پروانن مان پڻ هئا، سچل
سرمست جي سالياني تقريب کي قلم بند ڪيو هئائون، جنھن جا گهڻو ڪري ۹ مجموعا سندن جا ترتيب ڏنل آهن.
ڊاڪٽر تنوير خاموش ويھڻ کي شيطان جي بيگر
ڄاڻندو هئو ان ڪري هر وقت سندن آنڱريون گردش ڪندڙ هيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
تي لکڻ وارن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو اڃا اڳرو نظر ايندو جو پاڻ شاهه جي
رسالي جي قلمي نسخن تي تمام گهڻو لکيو آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي گهڻ گهرو ڪميٽيڊ انسان،
قول ۽ فعل ۾ سچو باشعور سماجي ڪارڪن، بھترين محقق، تمام ڏاهو تحقيق نگار ۽ دانشور
هو. نه صرف ايترو بلڪ تھذيبي روايتن جا امين هئا. سندن جي زباني، هيءَ ته ڪابه
اهڙي سياسي، سماجي يا تھذيبي سرگرمي ڪانه هئي جنھن ۾ تنوير ڪين هجي. هو ڌرتي جو
روشن خيال اڻ ملھه انسان هئو. ون يونٽ جي خلاف قومي جدوجھد ۾ زخمي چانڊئي جيان سڀ
کان اڳرو هئو. سچ ۽ صلح جو پرچارڪ هئا. سندن جي شاعري واري مجموعي ”رڳون ٿيون
رباب“ کي اگر غور سان مطالعي هيٺ آڻبو ته ”سچ“ کي ئي سندن شاعري جو بنياد تصور
ڪبو.
امداد حسيني مطابق؛ تنوير عباسيءَ جي شاعري
کلي ميدانن ۾ نئين آفاق ۽ فن جي شاعري آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق؛ ڊاڪٽر تنوير
عباسي شاعري ۾ تمام روشن خيال ۽ ترقي پسند، جذبات ۽ جوشيلا هئا. تنوير عباسي هڪ
پرخلوص ۽ حقيقت پسند هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا گھرا دوست
هئا ۽ سندن شخصيت تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وارا گھرا اثر موجود هئا.
تنوير عباسي ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع ۾ اسان کان
جسماني طور تي جدا ٿي ويا.
هر انسان آ سچو موتي، هر دل آ پارس جي کاڻ،
تون ڀي سوچ سمجهه نادان.
يا
انسان مون کان ڪيڏو ڏور تارا ڪيترا نزديڪ.
هر انسان جا ٻه روپ ٿين ٿا هڪ روپ ۾ هو شريف
النفس، باڪردار، با اصول ۽ ٻي روپ ۾ هو شيطاني صفت ۾ زنده ٿو رهي. ڪي ڪي انسان
ٻنھي روپن ۾ مسيحائي جا معمار ۽ منبا ٿين. ڪي وري ابن الوقت انسان ذات لاءِ هاڃي
ڪار، ذاتي مفادن تي زنده رهندڙ ٿين ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي جا ٻه نه بلڪ ڪيئي روپ
هئا. هو هر روپ ۾ مھان ۽ ذي شعور لاڀائتو انسان هئو سندن سڃاڻپ هڪ ”ويڄ“ هڪ اهڙي
معالج جي طور ٿي جيڪو ٻنھي روپن ۾ انساني مسيحائي طور ڄاتو ۽ سڃاتو ٿي ويو. بيمار
۽ زخمي انسانن جي خدمت ويڄ ٿي ته ڪيائين پر ڏهج ۽ ڏک ۾ گهيريل انسانن کي به
شاعريءَ جي پيڄ سان امرتا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ٻنھي صورتن ۾ هو بھترين ثابت ٿيو.
سندس جو سموريون لکڻيون ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ ڪارڻ هيون. هڪ جاءِ تي مان کيس ڪردار
نگاري جي بنياد تي رشاڊ ڪاپوشنڪي جي روپ ۾ ڏٺو جيڪو دنيا جي سمورن ڏهجن تي صحافي
طور ٿي سڃاتو ويو، جنھن پولينڊ جي هڪ ننڍڙي شھر پينسڪ ۾ رهي پوري دنيا جي آقائن جي
ڪڌي ڪردارن کي وائکو ڪيو هو. هن جي تجزين کي جن ۾ ”امپوريم“ اڳوڻي اٿوپيا جي
شھنشاهه ۽ ايران جي رضا شاهه پھلوي تي لکيل ”شھنشاهه“ ۽ انگولا جي “Another
day of life” تي لکيو نه صرف ايترو بلڪ ٽين دنيا جي حوالي سان “The Sokar
War” لکي پوري دنيا کي ٿرٿلي ۾ وڌو. جناب ڀٽو پڻ ”ڪاپوشنڪي“ جو مداح
هئو، جنھن هن رخي دنيا کي حسين دنيا طور تي پيش ڪرڻ ۽ انسان دوستيءَ جا اسباب ٿي
جوڙڻ چاهيا. هن انسانيت کي نگهوسار ۽ تاراج ٿيڻ کان بچائڻ ٿي گهريو تنھن جي شروعات
هن پنھنجي ڌرتي ۽ قوم کان شروع ڪئي پر ظالم قوتن سندن سارا منصوبا مڻ مٽيءَ ۾
دفنائڻ ٿي چاهيا. پر عظيم ڀٽو اڳي کان اڳرو ثابت ٿيو.
اٿي مھڪ ملير مان مِٽيءَ پيو مينھن،
مئي منھنجو نينھن اڳي کان اڳرو ٿيو. (شاهه)
ڪاپوشنڪي، عظيم ڀٽو جو اڳواڻي ڪردار رهيو،
جنھن کي پوريءَ دنيا ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ٿو وڃي. اهڙي طرح تنوير عباسي پنھنجي ڌرتي،
ٻولي ۽ قوم لاءِ انتھائي ڪارائتو هئا. ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ ادارو ۽ ادراڪ هئا.
جنھن جي ڪيل ڪمن کي صديون زنده قومون اڳواڻ طور ياد ڪنديون رهنديون.
تنوير عباسي
زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو
(ڪجهه عڪس تنوير عباسيءَ جي شخصيت ۽ شاعري جا)
رکيل مورائي
جيئن ئي تو کي ڏٺم،
زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو،
توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم،
دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو،
تنهنجي نيڻن کي چميم،
روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو.
سچ پچ مون سان بلڪل ائين ٿيو
هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي
آڊيوٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيا ته هن وڏو ڀاڪر ڀري
ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو
هئو ته؛ ”ڪاٿي آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون“؟ توکي لڇمڻ
ڪومل ڏاڍو ٿو ساري ”هو تازو انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتانن
سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس ته نيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ
وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو ساڻسن پهريون مکا ميلو هئو.
اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي هو
ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ لاءِ آيل
هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن کان پوءِ
ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه علم.
هو شاهه تي ڳالهائي رهيو هئو،
ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور،
ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته
اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو
پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو
به نه رهيو آهي. هو شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي
ئي گهرجي ٿي.
سنڌي جي اڄ جي شاعرن ۾ هن جو
نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي ڪري
نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان جو
سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي، تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ نفاست سان گڏ تازگي
۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو پر پڙهندڙ جيئَن
جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽ سندس شاعري بلڪل
ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي:
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ
جي
هو جهڙو پاڻ نفيس ۽ تازگيءَ
ڀريو. ۽ اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري.
هائو تنوير! اهو مان آهيان،
جتي تون آهين ته توسان آهيان.
تون ڪٿي آهين ڪٿي آهين تون،
تون جتي ناهين اتي مان آهيان.
جڏهن به دوست ٿا توسان ملڻ جا
ڏينهن اچن
لڳي ٿو ڄڻ ته گلن جي ٽڙڻ جا
ڏينهن اچن.
رڳو ڏسان پيو توکي ۽
توسان ڳالهايان.
ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي
وهڻ جا ڏينهن اچن.
تنوير کي وڻي ٿي هڪ پياري
ڇوڪري.
نالو نٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعري ۾
نه جملن جي ڳوراڻ نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي غير ضروري ڀرمار! بلڪل
پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي وڃي.
رڳون ٿيون رباب پڙهجي ته به
ايمان تازو ٿي وڃي،
ساجن سونهن سرت پڙهجي ته به
ايمان ٿي وڃي تازو.
شاعريءَ سان گڏوگڏ هن ادب جي هر
صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي
ٿيسزن کان اهم ڪتاب.
”شاهه لطيف جي شاعري آهي“ جنهن
جا سنڌ ۾ ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب هيٺ آيل سندس اهم
ڪتاب آهن:
خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ۽
نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا
سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب:
ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن.
سچل تي سندس انگريزي ۾ ترتيب
ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”ترورا“ پنهنجو مٽ پاڻ
آهي.
خاص ڪري ان ۾ هائيڪو ۽ آزاد نظم
تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير
ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو ”
ڏوري ڏوري ڏينهن“ به سفري ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان
پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ” منهن تنين مشعل“ آهي جيڪو سندس ويجهن يارن دوستن تي
لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي اديب شاعر نه آهي.
هڪ ٻيو ڪتاب:
”جي ماريا نه موت“ هيءُ هڪ ناول
جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾ نئين سنڌي شاعريءَ
جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو،
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
وطن دوستيءَ تي لکيل هن انقلابي
ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ اعليٰ
مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي.
شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ
جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب آهن.
۱- ”رڳو
ٿيون رباب“
۲-
”شعر“
۳- ”سج
تريءَ هيٺان“
۴-” هي
ڌرتي“
۵-”
تنوير چئي“
هيءُ ڪتاب سنڌي الاجيءَ سڀني
ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽
۶ -”
ساجن سونهن سُرت“ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب آهي، ان کان سواءِ ٻيا
الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي ته شاهه جو رسالو پڻ
ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ آهي ڇپائي لاءِ.
۽ آخري پلن تائين لکندو رهڻ
وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا
ٿي ويو آهي. ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع سندس جنم ڏينهن آهي.
هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه ڏنو سنڌ ان
جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه
آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ نارايڻ شيام،
شيخ اياز، استاد بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي
وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ناممڪن آهي.
۽ اڄ ڪلهه جڏهن هن جو مڙهه
اسلام آباد جي پٿرائين زمين ۾ دفن ٿي چڪو آهي تڏهن، هن جو ڪو چاهيندڙ سوچي رهيو
آهي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هو پنهنجي محبوب ليکڪ کي، سندس قبر تي وڃي ٻن لڙڪن جي
ڀيٽا ڏئي سگهندو، سندس قبر جا ڪوهين دور آهي. ان جي پيراندي کان ويهي هو پنهنجا تازا
شعر ارپڻ ڪري سگهندو ۽ جي ائين نه ڪري سگهندو ته کيس جيڪو ڏک ۽ بيوسي ٿيندي ان جو
سبب اهو هڪ ئي شخص آهي، جيڪو رسمن جي نالي سندس جسماني پٽ آهي.
۽ اسين سنڌ جا اڻ ڳڻيا سندس
روحاني اولاد جيان جيڪي آهيون انهن کي اهو حق به نه آهي ته اهو چئي سگهن ته هن شخص
کي ان مٽي ۾ دفن ڪيو وڃي جنهن مٽي جي مان وڌائڻ لاءِ هو سڄي عمر جستجوءَ ۾ رهيو ۽
جنهن مٽيءَ کي هن ماءُ سمجهيو، مئي پڄاڻا هن کي ان ماءُ جي هنج کان به پري ڪيو ويو.
اهڙي قسم جي اڻ قبوليل جلاوطني ۾ هن جو ورح ڇا سوڀي ديري کي نه ساريندو هوندو ؟!
هن جو روح خيرپور جون کجيون نه تڪيندو هوندو؟! ڇا هن جا اڻپورا رهجي ويل ڪتاب هن
جي دوري نه محسوس ڪندا هوندا ته جيڪي وري ڪڏهن به هن جي هٿن جي ڇهاءُ جو لطف نه
وٺي سگهندا.
۽ ڪرفي جهڙي شهر ۾ سرڪاري نوڪر
سندس پٽ اهو ڪيئن ڀلجي ويو آهي ته جڏهن هو ڪنهن به سبب جي ڪري ان شهر مان ڪڍيو ويندو،
تڏهن هن لاءِ اهو ممڪن رهندو ته هو پنهنجي سمورين مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي، سوڀي
ديري کان اسلام آباد وڃي رسم نڀائڻ لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو نائين محرم شريف تي يا
ستاويهين رمضان شريف تي پنهنجي ان عظيم پيءُ جي قبر تي ٻه ٻُڪ ٻاجهريءَ جا ۽ هڪ
لوٽو پاڻي جو رکي ايندو، جيئن هن جو روح پنهنجي پونئيرن جي موجودگي محسوس ڪري؟!
اسان جون دعائون سدا هن سان گڏ
آهن، ڌڻي شال کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ اها توفيق به ڏئي ته هو ڪنهن به اهڙي احساس کان
جيڪو کيس گناهه جو احساس محسوس ٿئي، اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي عظيم پيءُ جي قبر تي وڃي
پنهنجي ڪيل غلطيءَ تي ندامت جا ۽ اعتراف جا ٻه لڙڪ وهائي کانئس معافي گهري.
(ڇپيل- ڪونج- ممبئي ۲۰۰۰ع)
ڊاڪٽر تنوير عباسي
سنڌ جي نامياري شاعر، لطيف ۽ سچل شناس مُحقق ۽ مٺڙي ماڻهوءَ سان واقفيت
عيسيٰ ميمڻ
سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر،
محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي
عباسي هو. هن ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾
جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو
امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ
گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان
پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾
روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري
سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير
الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.
تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾
وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن
تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا
لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي
شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش،
کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي.
تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي
ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور
ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ
آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا
جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي
ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (۱۱ سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار
ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽
سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته
رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به
مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:
(۱) رڳون ٿيون رباب (شاعري: ۱۹۵۸ع)، (۲)
شعر (۱۹۷۰ع)، (۳)
جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: ۱۹۷۳ع)، (۴) ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۷۳ع)، (۵) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق: جلد I-
۱۹۷۶ع)، (۶)
شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، ۱۹۸۵ع)، (۷) شاهه لطيف جي شاعري (۳ جلد گڏ، ۱۹۸۹ع)، (۸) سج تريءَ هيٺان (شاعري: ۱۹۷۷ع)، (۹)
جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۸۱ع)، (۱۰) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام
(ترتيب: ۱۹۸۳ع)، (۱۱) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۲ع)، (۱۲)
ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: ۱۹۸۴ع)، (۱۳) هيءَ ڌرتي (شاعري: ۱۹۸۵ع)، (۱۴) Sachal Sarmast، (۱۵) منهن
تنين مشعل (خاڪا: ۱۹۹۰ع)، (۱۶) تنوير چئي (شعري ڪليات:۱۹۸۹ع)، (۱۷)
ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: ۱۹۸۸ع)، (۱۸) ساجن سونهن سرت (شاعري: ۱۹۹۶ع)، (۱۹) سپني کان سهڻي ساڀيا (تقريرون ۽
ليڪچر: ۲۰۰۲ع)، (۲۰) سچل جو رسالو (ترتيب:اڻ ڇپيل)، (۲۱) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: ۲۰۰۰ع).
سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ،
ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن.
ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو
انسان، ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد
سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي
سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون
وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا
کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه
اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير
ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت (۱)
تنوير عباسي- هڪ مطالعو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (۲)
پوان شل قبول (مرتب: اياز گل)، (۳) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر
پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ سانجهي“ اياز گل
ترتيب ڏئي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي
ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
سنڌ جو نامور اسڪالر - ورسيءَ جي مناسبت سان
ارشاد ڪاغذي
ڊاڪٽر تنوير عباسي سان منهنجي ڏي وٺ ڪا نه
هئي، پر هن سان اهڙو تعلق جڙي ويو، ڄڻ ته هو منهنجو محسن ۽ وڏو هو.
هر دفعي سلام موڪلڻ ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي اندر ۾ آسيس محسوس ڪندو هيس. هونئن مون هن
جي شاعري ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪتاب پڙهيا هئا ۽ ويٽنامي ناول” جي ماريا نه موت“ جو
ترجمو پڙهي سندس عظمت جو اڳ ئي قائل ٿي ويو هيس. ڊاڪٽر تنوير عباسي جا اسان جي
پياري دوست سائين انور فگار هڪڙي سان ذاتي ۽ گھرا تعلقات هوندا هئا ۽ سائين پي ايڇ
ڊي ٿيسز جي تياري جي سلسلي ۾ ساڻس ملندو رهندو هيو. هڪ دفعي ڊاڪٽر هينري هالينڊ جو
ڪتاب آندو هيو، شڪارپور جي باري ۾ ڪجهه صفحا استاد محترمي نقش ناياب منگي صاحب
فوٽو اسٽيٽ ڪرايا ۽ ڪتاب کي نظر مان ڪڍيو. تنهن جي ڪري ڊاڪٽر تنوير عباسي سان
غائبانه واقفيت هئي ۽ سائين انور جي معرفت اليڪ سليڪ به ٿيندي هئي. ڊاڪٽر انور
فگار هڪڙو سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ وٽس ويندو هو ۽
سندس لائبريري مان ڪيئي ڪتاب پڙهندو به هو ۽ کانئس فيض به حاصل ڪندو هو. هڪ دفعي
سائين انور هڪ خط کڻي آيو هو، اهو خط ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم طارق اشرف ڏانهن
لکيو پر جيئن ته طارق اشرف جلدي لاڏاڻو ڪري ويو، تنهن ڪري اهو خط شايع ٿي نه سگهيو.
بعد ۾ اهو خط هڪ ڪتاب ۾ شايع ٿيو هو. ڊاڪٽر تنوير تي ڪيترن ئي اديبن تنقيد جا تير
وسايا هئا ته هن ضياءُ الحق پاران ڪوٺايل اهل قلم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي، ٻيو
الزام هي هو ته هو غوث علي جو سنگتي آهي ۽ ان سان گڏ گھمي ٿو ۽ ٽيون الزام هي هو
ته هو سکر ۾ ضياءُ الحق سان مليو هو. انهن ٽنهي الزامن جي جواب ۾ ڊاڪٽر تنوير
عباسي طارق اشرف ڏانهن هڪ خط موڪليو هو. ڊاڪٽر تنوير اهل قلم ڪانفرنس واري الزام
جو جواب ڏيندي خط ۾ لکيو هو ته: ”مون فقط هڪ دفعو اهل قلم ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو گناهه
ڪيو. ان غلط فهميءَ يا خوش فهميءَ ۾، ته اتي وڃي سنڌ لاءِ سڄي ملڪ جي ترقي پسند
اديبن جي مدد سان ڪجهه ڪري سگھندس... ٻيو الزام اهو آهي ته مان غوث علي شاهه سان
سنگت رکندي گڏ گھمندو رهيس. سنگتيءَ سان گڏ گھمڻ ڪو ڏوهه نه آهي. جي هو وڏو وزير
ٿيو ته مون هن کان ڪو ذاتي فائدو ورتو ڇا؟ سچل اڪيڊمي، سچل چيئر ڪو منهنجي ذاتي
جاگير آهي ڇا؟ ڇا ان دور ۾ قائم علي شاهه سان به مون ساڳيا تعلقات نه رکيا ڇا؟
ٽيون الزام مون تي اهو آهي ته مان ڏينهن ڏٺي جو سکر شهر ۾ آمر ضياءَ سان مليس. آمر
ضياءَ سان ملي مون ڇا ڪيو؟ ان ملاقات کان پوءِ منهنجي لکڻين ۽ چوڻين ۾ ڪا تبديلي
آئي؟ ڇا مون هن جي بيعت ڪئي؟ مون ضياءَ کي فقط هڪ ڳالهـ چئي (مان اڪيلو ڪونه مليو
هيس، منهنجي ان روايت جا ٻيا به گھڻا شاهد آهن) اها هيءَ ته خيرپور ڪئمپس کي
يونيورسٽي ڪريو.“ مون مٿان مثال فقط ان لاءِ پيش ڪيان آهن ته جيئن اوهان کي ڄاڻ
پئي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحريرن جيان کرو ۽ سچو هو ۽ هن سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ادب جي
خدمت جي عيوض ڪجهـ به حاصل نه ڪيو نه ته اسان جا اديب ۽ شاعر هر جائز ناجائز ڪم
ڪندا رهيا آهن.
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي زندگي ۾ به مکڻ ماڻهو هو پر
لاڏاڻي بعد به هن ماڻهن کي اکيون ۽ گردا ڏئي مثال قائم ڪيو. پنهنجي جسم جو به عطيو
ڏنو هو پر پوئينرن اهو وعدو وفا نه ڪيو، هڪ ڪالم نگار هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادب جو سڄڻ جڏهن هن فاني دنيا کي الوداع
چوڻ وارو هو ۽ موت سان ملاقي ٿيڻ وارو هو ته هن اکيون کوليون ۽ پنهنجي گھرواري
ڊاڪٽر قمر سان ڳالهايو. پمز اسپتال اسلام آباد ۾ پنهنجي وني سان جهيڻي ۽ ڪمزور
آواز ۾ پنهنجي مرضي ٻڌائيندي چيو ته ”آئون پنهنجون اکيون شفا اکين جي اسپتال کي
عطيو ڪري ڏنيون آهن، گڙدا، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ فاني خاڪي جسم ميڊيڪل
ڪاليج کي عطيو ڪري ڏنو آهي.“ اهي لفظ چئي پورا ڪيا ته سندس روح جو پکيئڙو پرواز
ڪري ويو. سڪرات جي عالم ۾ ۽ پوين پساهن ۾ هڪ مريض جيڪو موت جي اذيت کي منهن ڏيندو
هجي ۽ جنهن جو روح روانو ٿيڻ لاءِ اوٻاڻڪو هجي سو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي
اناٽومي لاءِ پنهنجي جسم جو عطيو ڏئي، اهو ڪڏهن نه ٻڌو آهي ۽ نه وري ٿيو آهي!
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي لاڏاڻي تي هڪ اخبار ۾ فوتي نامو شايع ٿيو هو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مرڻ کان ڪجهـ مهينا اڳ ماهوار نئين
زندگي رسالي جي گولڊن جوبلي ملهائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سڌ سما جي وفاقي وزير مشاهد
حسين سيد جي صدارت ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور جهجهي
تعداد ۾ گڏ ٿيا هئا. نئين زندگي جي ادبي خدمتن کي واکائڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي
کي اسٽيج تي گھرايو ويو. ڊاڪٽر تقرير ڪرڻ لڳو، گفتگو دوران هڪ موقعي تي هن مشاهد
حسين ڏانهن ڏٺو ۽ چيو؛ ”توهان هم آهنگي ۽ وحدت جي
ڳالهه ڪريو ٿا، جڏهن ته (حڪومت) هيڪڙائي ۽ هڪجهڙائي جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي،
جيڪڏهن اردو ۾ ڪتاب شايع ٿئي ٿو ته ان کي لکن رپين جو اجورو ڏنو وڃي ٿو پر سنڌي
ڪتاب کي ڏهه هزار مس ڏنا ويندا آهن، اهو ڪٿان جو انصاف آهي.“ ان موقعي تي مشاهد
حسين سيد اعلان ڪيو ته هر ڪتاب کي هڪ جيترو معاوضو ڏنو ويندو پوءِ اهو ڪهڙي به ٻولي
۾ شايع ٿئي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گُڻوانُ، محسن ۽
گھڻ گهرو هو. هو جديد سنڌي ادب جو محقق آهي. بنيادي طرح شاعر هو، هو کوجنا، تحقيق،
تجسس، سُونجهه ۽ سنوارڻ جو ماهر هو ۽ ان سلسلي ۾ زبردست ڪم ڪيو. هن شاهه عبد
اللطيف ڀٽائي تي جديد ۽ سائنسي اصولن مطابق تحقيق ڪئي ۽ هڪ بهترين ڪتاب ”شاهه جي
شاعري“ پيش ڪيو ۽ ان ڪتاب جي مختلف جلدن ۾ وڌايل ۽ سنواريل لکي وڌيڪ محنت سان ڪتاب
کي شاهڪار بنائي ڇڏيو. ”شاهه لطيف جي شاعري“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي رقم
طراز آهي:
”هن ڪتاب تي هڪ اعتراض ٿي سگھي ٿو ــ اهو هيءُ ته اڪثر مغربي نقادن
جي راين جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو ويو آهي. جيئن اسان سائنس
۾ ايندڙ نون نون نظرين، توڙي نين نين کوجنائن مان فائدو حاصل ڪريون ٿا، تيئن ادب ۾
به ڪري سگھون ٿا. جيئن مغربي سائنسدان پراڻا ۽ فرسودا نظريا مٽائي ڇڏيا، تيئن ادب
جي باري ۾ به آهي. جيئن اسان مغرب جي ايجاد خوردبينيءَ سان گلن، ٻوٽن، توڙي انساني
جسم جي باريڪ جوڙجڪ ٿا جاچيون، تيئن ادبي کوجنائن مان فائدو وٺي اسان پنهنجي ادب
کي چڱيءَ ريت پرکي، پروڙي ۽ ان مان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري ٿا سگھون. شيڪسپيئر، خيام يا
غالب کي جهڙيءَ ريت گذريل صديءَ ۾ پرکيو سمجهيو ويندو هو، انهن شاعرن کي اڄ ان کان
مختلف نموني پرکيو ۽ سمجهيو ٿو وڃي، ڇو ته شعر کي پرکڻ ۽ ان جي ماڻڻ جا نوان طريقا
ايجاد ٿي ويا آهن. جي اسان انهن نون طريقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ته شاهه لطيف جي
ڪيترن ئي خوبين کان بي خبر رهجي وينداسين ۽ سندس شعرن کي چڱيءَ طرح ماڻي نه
سگھنداسين. شاعريءَ کي سمجهڻ، ان جو مزو ماڻڻ، توڙي ان مان حظ حاصل ڪرڻ جا طريقا
اڄ بدلجي ويا آهن. قديم چيني شاعري، توڙي ڪلاسيڪي جپاني شاعريءَ جو هائيڪو صدين
کان موجود آهي، اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءِ ۾، خاص ڪري شاهه لطيف وٽ اُٿاهه
شاعراڻيون خوبيون آهن، جن جو مون فقط چئن عنوانن هيٺ اڀياس ڪيو آهي. اهڙا ڪيترائي
عنوان ٿي سگھن ٿا، جن هيٺ هن عظيم شاعر جي شعر تي لکي سگھجي ٿو.“ (شاهه لطيف جي
شاعري. روشني پبليڪيشن)
ڊاڪٽر تنوير عباسي هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي ادبي، سياسي،
تاريخي، سماجي، اخلاقي قدرن، عوامي شاعري ۽ موسيقي، عڪسي، اهڃاڻي شاعري ۽ ٻين
عنوانن جي سري هيٺ جديد انداز سان تحقيق ڪري شاهه لطيف جي شاعري کي سهڻي ۽ سٺي
نموني سمجهايو آهي. ان کان علاوه هن سچل سرمست تي سچل چيئر پاران ڪتاب ۽ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻي جو ڪلام جيڪو تنوير عباسي سهيڙيو ۽
سنواريو هو، تنهن کي شايع ڪيو. ان کان علاوه سندس شاعري، مضمون، ڪهاڻين، سفرناما،
خاڪا ۽ ترجما پڻ شايع ٿيا آهن. جيڪي سنڌي ادب تي وڏو احسان ۽ وڙ آهي. هو نوجوان
اديبن جي هر وقت دل سان مدد ۽ رهنمائي ڪندو هو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽
سچل چيئر ۾ هن جون خدمتن کي وساري نٿو سگھجي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي مهان هستين ۾ شمار
ٿئي ٿو. ناليوارن اديبن، شاعرن، ڏاهن، دانشورن، ليکڪن ۽ تحقيقي ماهرن ۾ هن جو درجو
اعليٰ ۽ اتم آهي. ادب ۽ فن ۾ پيش ڪيل سندس خدمتن جي ڪري قومي بلڪـ عالمي سطح تي
مشهوري ماڻي ورتي هئي. هو حقيقي معنيٰ ۾ سچ ۽ حق جو شاعر، مبلغ، دانشور ۽ پارکو هو
جنهن پنهنجي علمي ۽ ادبي پورهئي سان سنڌي زبان ۾ گھڻو اضافو ڪيو نه فقط ايترو پر
تنقيد، ترويج ۽ تحقيق جي کيتر ۾ جديد ۽ سائنسي طريقا استعمال ڪندي سنڌي ادب کي
دنيا ۾ متعارف ڪرايو پر اهي ماڻ ماپا ۽ اصول ڇڏي ويو، جن جي پوئواري ڪندي نوجوان
نسل ۽ محقق ، ڊاڪٽر جي قابليت، ڏاهپ ۽ ڏات مان فائدو وٺي سنڌي زبان جي علم، ادب ۽
کوجنا کي وڌيڪ ترقي وٺرائي آهي.
تنوير عباسي سنڌي جو سريلو شاعر آهي، ان کان ڪوبه انڪار
نٿو ڪري سگھي، پر هن جو مان ۽ مرتبو ان کان به مٿانهون آهي، مان پنهنجي ننڍڙي ذهن،
ظرف ۽ عقل سان اها ڳالهه چوڻ کان بنهه نه ڪيٻائندس ته ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر کان
گھڻو مٿانهون هڪ تحقيققي ماهر ۽ پارکو آهي، جنهن سنڌي زبان کي هڪ اهڙو املهه ۽
اڻلڀ خزانو ڏنو آهي. جيڪڏهن هو فقط شاعري ڪري ها ۽ تحقيق طرف توجهه نه ڏي ها ته
شايد اسان سندس جديد ۽ سائنسي ادبي کوجنا کان محروم رهجي وڃون ها! شاهه لطيف، سچل
سرمست ۽ ٻين شاعرن تي جيڪي هن مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن تن جي پڙهڻ سان نوجوان نسل
خوب فائدو حاصل ڪيو آهي ۽ هو تحقيق جي کيتر ۾ ڀڙ ٿي سنڌ جي نون موضوعن کي پنهنجي
قلم سان نوازيو آهي. نوجوان کي متاثر ڪري تنوير عباسي سنڌ ۽ سنڌي زبان جو آئندو
بچايو آهي. شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سچل چيئر، خيرپور ريڊيو، سي ايس
ايس جا سينٽر يا مشاعرو، محفل يا ادبي ڪم هجي، تنوير سڀ کان اڳڀرو هوندو هو، دوستن،
يارن يا نوجوان شاعرن ۽ اديبن سان بنا ڪنهن پروٽوڪول جي ملندو هو. سنڌ، سنڌي ۽
سنڌي ٻولي جو خيرخواهه هو، ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادب ۽ زبان جو اڻ ميو خزانو
آهي!
ٻاهر گل گلاب جا، من تن جو فولاد،
سنڌڙيءَ جو اولاد، پرکي ڏسو ڪانئرو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي
ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي، ضلعي خيرپور
جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند
اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ
اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان
۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير
عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر
اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾
نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ
خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.
تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي
ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي
ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا.
هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش
خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر
واري حيثيت ڏياري ڇڏي. تنوير عباسيءَ جي
علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي،
پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي
ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي
سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (۱۱ سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ
جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه
لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي
سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي
مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن
ريت آهي:
(۱) رڳون ٿيون رباب (شاعري: ۱۹۵۸ع)، (۲) شعر (۱۹۷۰ع)، (۳) جي ماريا نه موت
(ويٽ نامي ناول جو ترجمو: ۱۹۷۳ع)، (۴) ٻاراڻا ٻول (چونڊ
۽ ترتيب: ۱۹۷۳ع)، (۵) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق:
جلد I- ۱۹۷۶ع)، (۶) شاهه لطيف جي
شاعري (جلد ٻيو، ۱۹۸۵ع)، (۷) شاهه لطيف جي شاعري (۳ جلد گڏ، ۱۹۸۹ع)، (۸) سج تريءَ هيٺان
(شاعري: ۱۹۷۷ع)، (۹) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽
ترتيب: ۱۹۸۱ع)، (۱۰) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام
(ترتيب: ۱۹۸۳ع)، (۱۱) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۲ع)، (۱۲) ڏوري ڏوري ڏيهه
(سفرنامو: ۱۹۸۴ع)، (۱۳) هيءَ ڌرتي (شاعري: ۱۹۸۵ع)، (۱۴) Sachal Sarmast، (۱۵) منهن تنين مشعل
(خاڪا: ۱۹۹۰ع)، (۱۶) تنوير چئي (شعري ڪليات:۱۹۸۹ع)، (۱۷) ترورا (ادبي
مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: ۱۹۸۸ع)، (۱۸) ساجن سونهن سرت
(شاعري: ۱۹۹۶ع)، (۱۹) سپني کان سهڻي ساڀيا (تقريرون ۽ ليڪچر: ۲۰۰۲ع)، (۲۰) سچل جو رسالو
(ترتيب:اڻ ڇپيل)، (۲۱) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: ۲۰۰۰ع).
سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽
ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن.
ويهين صديءَ جو هيءَ
ڏاهو انسان، ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري
ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي
تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته
سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽
سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري
رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد
۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج
اياز گل آهي، تنوير بابت (۱) تنوير عباسي- هڪ مطالعو
(ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (۲) پوان شل قبول (مرتب: اياز
گل)، (۳) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل
آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ
سانجهي“ اياز گل ترتيب ڏئي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي
ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر تنوير عباسي سان منهنجو
تعلق منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هئو، تنوير عباسي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو
انتهائي پيارو ۽ پراڻو دوست هو، ۱۹۷۸ع ۾
جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور ميرس ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سڪ ۽
محبت منجهان تقريبن هر روز بابا سائين سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. هو خيرپور ۾ اسان
جو فيملي ڊاڪٽر به هو، ڄڻ گهر جو ڀاتي به هو. مون ننڍپڻ کان وٺي ڊاڪٽر صاحب کي
هميشه کلندي ملندي ڏٺو جڏهن به ملوس پيو مسڪرائيندو هو.
مون کي چڱي طرح ياد آهي اهو
ڏينهن جڏهن کيس تمام گهڻي خوشي ۾ ڏٺو هيم،
اهو موقعو هو سندس پٽ سرمد جو آمريڪا وڃڻ جو اجازت نامو خيرپور پاڪستان پهچڻ. مون
هن ۾ هڪ خاص ڳالهه ڏٺي، سا هئي سندس طبيعت ۾ حساسيت جيڪا هڪ شاعر ۾ هجڻ به کپي،
ڊاڪٽر صاحب انتهائي محبت مان غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي تپاسيندو هو. ڪڏهن به مريض کان
في وغيره جي لالچ نه ڪيائين هو فرشتو صفت انسان هو.
مان بي اي کان وٺي ڊبل ايم اي ۽ ايل ايل بي
تائين لطيف يونيورسٽي مان پڙهيس جيڪڏهن ڪڏهن به مون کي ڪو يونيورسٽي مان سرٽيفڪيٽ
کپندو هو ته هو فقط منهنجي لاڙڪاڻي مان فون ڪرڻ تي ڪڍرائي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندو
هو.
هن نفسانفسي واري دؤر ۾ تمام ٿورا انسان وڃي بچيا آهن، جيڪي پنهنجن
دوستن سان نڀائين. مگر ڊاڪٽر تنوير ته اهو انسان هو جيڪو پنهنجي دوست جي وفات کان
پوءِ به اسان سان نڀائيندو آيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو، ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب ٺٽي ضلعي
جا قديم آثار ڏسڻ لاءِ اسان وٽ پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي فرزند سرمد سان گڏ آيو.
ڪچهري ۾ ڊاڪٽر صاحب چيس ته بابا گرم چانهه مٿان ٿڌو پاڻي نه پي پر سرمد ضد ڪري مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ لڳو.
انهيءَ ڳالهه تي بابا سائين کي به ڪاوڙ لڳي ته پيءَ جي ڳالهه پٽ آخر ڇو ڪونه ٿو مڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ٿڌائي
مان انهيءَ ڳالهه کي هضم ڪري ويو ۽ مسڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون پنهنجي ڪار
تي وٺي وڃي قديم آثار ڏيکاريا، گهمي جڏهن بس ڪيو سون ته ڊاڪٽر صاحب بار بار
مهرباني مهرباني چئي رهيو هو.
بابا سائين جي وفات تي ڊاڪٽر
صاحب منهنجي والد صاحب سان دوستي نڀائيندي سندس ياد ۾ هڪ مضمون لکي سنڌ جي تقريبن
سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو. هڪڙي دفعي منهنجو يونيورسٽي وڃڻ ٿيو ته اتي حميد سنڌي
سان ڪافي اديب موجود هئا، جن ۾ ادل سومرو، اياز گل ۽ غلام رباني آگرو به موجود
هئا. جيئن ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مونکي ڏٺو ته وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان مليو.
سڀني سان منهنجو تعارف ڪرايائين، زوري منجهند رهائي پاڻ سان گڏ ماني پڻ کارايائين.
سنڌي اخبارن ۾ جڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد وڃڻ جون خبرون پڙهيم ته کيس
خط لکيم ته ٻن ٽن ڏينهن کان مسلسل اوهان جي خيرپور ڇڏڻ جا بيان وغيره اچي رهيا آهن
ته “خيرپور ميرس ڇڏي رهيا آهيون. مري ته ڪو نه رهيو آهيان” توهان جي زبان مان ته
شايد آساني سان نڪري آيا هوندا پر توهان جي چاهيندڙن تي يقين ڪيو پهاڙ وانگر ڪريا
هوندا. شاعر رڳو پنهنجي اولاد جي ملڪيت ڪونه هوندا آهن. اهي ته عوام جو اثاثو
هوندا آهن، هاڻي خيرپور ميرس اٻاڻڪو محسوس ٿيندو ڇو جو هاڻ تنوير عباسي خيرپور
ميرس جي پهچان ۽ خيرپور ميرس تنوير عباسي جي پهچان ڪونه هوندو.
منهنجي انهيءَ خط جي جواب ۾ پاڻ به خط لکيائين
ته پيارا ايترو مايوس نه ٿيو آخر مون کي به اولاد جو سهارو گهرجي. جنهن لاءِ ۱۱ سال سڪيو آهيان. اوهان ۽ سنڌ سان ساڳيو لاڳاپو رهندو. سنڌ لاءِ ته ڪم هر
هنڌ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪندو به رهندس.
سندس انهي خط پهچڻ کان پوءِ ڄڻ ڊاڪٽر صاحب جي مجبوري سمجهي اسان قبول ڪيو
ته هو ڀلي پنهنجي اولاد سان اسلام آباد رهي. جيڪڏهن هو فقط اسلام آباد وڃي رهي ها
ته، اهو ته کڻي سنڌي برداشت ڪري وڃن ها پر هي هميشه واري جدائي برداشت ڪرڻ ڏاڍي
ڏکي ٿي پئي آهي. سندس تازي گلاب جيان هميشه کلندڙ ٽڙندڙ چهرو اکين آڏو ڦري رهيو آهي.
هو سنڌ جو شاعر ته هو ئي پر هو
سنڌ جو مهان ۽ منفرد ڊاڪٽر به هو. جنهن مرڻ کان پوءِ به ڪنهن بيمار کي ڊاڪٽر ۽
مريضن وارو رشتو تاريخ ۾ امر ڪندي ساهه نڪرڻ کان
پوءِ به اکيون دان طور ڏيندي نڀايو. سندس وصيت هئي، ته شاگرد ۽ ڊاڪٽر ڀلي
منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي جسم تي تجربا ڪن ته جيئن انهن تجربن جي آڌار تي مريضن
جا مرض ۽ تڪليفون دور ٿين. اهي ڳالهيون ۽ عملي ڪم ڪنهن مسيحا کان گهٽ ڪونه آهن.
منهنجا هي ڪجهه جملا ڊاڪٽر تنوير عباسي جي جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ناهن پر
اڄ هو ايترو ياد اچي رهيو آهي جو لکڻ کان به رهي نه ٿو سگهان.
(خبرون، جاڳو،
برسات، تعمير سنڌ، عبرت، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، سچ، سڪار سنڌو،
فيصلو، عوامي آواز)
ڊاڪٽر تنوير عباسي
سچ ۽ سونهن جي علامت
مرتضيٰ سيال
ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان کان وڇڙيو ضرور آهي،
پر وسريو مُور ناهي. سچ، سونهن ۽ سُرت واري آفاقي فلسفي جو پوئلڳ پنهنجي سڀاءُ،
روين ۽ عمل ۾ سچو صوفي هئو. هُن هميشه ڏيڻ چاهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ جو هر پَل
پنهنجي ديس، ديس وارن، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيندي گذاريو. ڊاڪٽر تنوير
عباسي وڏو شاعر هئو يا نه پر وڏو ماڻهو ضرور هُئو. آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ جن ماڻهن
مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، اُنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سرفهرست آهي. مون هُن
کي سدائين مُرڪندي ڏٺو، حساس دل رکندڙ ۽ اندر جو انتهائي اجرو شخص. هر ماڻهوءَ کي
زندگي، سماج ۽ ماڻهن کان ڪيئي شڪايتون هُجن ٿيون، جن جو ذڪر به هر شخص ڪندو رهي
ٿو، پر ڊاڪٽر تنوير کي مون ڪڏهن به ڪنهن جي شڪايت ڪندي نه ٻُڌو. هڪ ڀيري کيس ڏاڍو
ڏکارو ڏٺم، هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن انتهائي ويجهو دوست شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر هئو ۽ اهو ڪنهن بنهه ننڍڙي غلط فهمي جي ڪري سندس ڏک جو
سبب بڻيو. ادل سومرو، اياز گل ۽ آءٌ ساڻس ملڻ سندس گهر وياسين. ڊاڪٽر صاحب پير سلپ
ٿيڻ جي ڪري زخمي ٿي پيو هئو. اُن ڏينهن کيس زخم جو نه پر دل گهرئي دوست جي روي جو
ڏاڍو درد هئو، بس اهو هڪڙو موقعو اهڙو هئو جو کيس ڏکارو ڏٺو هوم ۽ اهو ڏينهن، اهي
پَل مون کان ڪڏهن به ناهن وسريا. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ننڍين ننڍين غلط فهمين جي بنياد
تي پنهنجن انتهائي پيارن ماڻهن کان به پري ٿي ويندو آهي. هونئن ته دوستي ڏاڍو
مضبوط رشتو آهي، پر جڏهن غلط فهمي کي وِٿي ملي ٿي ته مضبوط رشتو به نازڪ بڻجي وڃي
ٿو. ڊاڪٽر تنويز پنهنجن دوستن تي ساهه ڏيڻ وارو ماڻهو هُئو. هو اُن حد تائين معصوم
ماڻهو هُئو جو ڪنهن دوست جي غلط ڳالهه يا ارڏائي جي خبر پوندي هوس ته ان ڳالهه تي
اعتبار نه ايندو هوس. هڪ دوست کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ بيورو آف ٽرانسليشن جو ڊائريڪٽر
مقرر ڪيو ويو. اُن دوست جو علمي ادبي قد ۽ ذهانت بورڊ ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ پريشاني
جو سبب بڻجي ويئي. اُن زماني ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب بورڊ جو چيئرمين ۽ غلام
رباني آگرو بورڊ جو سيڪريٽري هُئو. جويو صاحب جامي چانڊيي کي بورڊ ۾ وٺي ويو ته
جيئن بيورو آف ٽرانسليشن جو ڪم بهتر انداز ۾ شروع ڪري سگهجي. اُن رٿا تحت چونڊ
عالمي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرائڻو هُئو. جامي جي مقرري سيڪريٽري ۽ اُن
جي پوئلڳن کي نه وڻي ۽ انهن ملي ڀڳت ڪري بورڊ ۾ احتجاج ڪيو ته ”ٻاهريون ماڻهو ڇو
رکيو ويو آهي“ جامي اُن ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ جو فصيلو ڪري ڇڏيو، شام جو بورڊ کان
واپسي تي جامي سڌو مون وٽ آيو هُئو. مون اُن ئي وقت جامي کي ٻڌايو هُئو ته ائين ڇو
۽ ڪنهن جي ڪري ٿيو آهي، پر جامي کي اعتبار نه آيو هئو. پوءِ وري جڏهن ڊاڪٽر تنوير
کي اها ڳالهه ٻُڌائي هيم ته اُن به اهو چيو هو ته ”رباني صاحب ائين نه ٿو ڪري
سگهي“ ڊاڪٽر صاحب جي رباني صاحب سان به دوستي هُئي ۽ اُن ناتي جي ڪري هو نه پيو
سمجهي ته سندس دوست ائين ڪري سگهي ٿو. خير اڳتي هلي اُها ڳالهه سچ ثابت ٿي. ڊاڪٽر
جهڙو پاڻ انتهائي سچو، ايماندار ۽ معصوم ماڻهو هُئو، ٻين کي به اهڙو ئي سمجهندو
هئو. ڊاڪٽر تنوير صاحب سان منهنجون ڪافي ملاقاتون ٿيون، هو اسان دوستن کي پنهنجن
ٻچن جيان ڀائيندو هُئو. هڪ ڀيرو مون کيس خط لکيو هُئو، جنهن ۾ پنهنجي پريشانين ۽
مايوسين جو ذڪر ڪيو هئو. ڊاڪٽر صاحب فوري طور جواب لکي مون کي ڪافي آٿت ڏني هئي ۽
سمجهايو هُئو. هُن اهو به چيو هُئو ته پهرين فرصت ۾ ساڻس ملان، پوءِ جڏهن ساڻس
خيرپور ملڻ ويو هوس ته ڪافي دير ڏاڍي پيار سان سمجهائيندو رهيو هو. انهن ڏينهن ۾
آءٌ بيروزگار هوس. مون ڊاڪٽر صاحب سان ذڪر ڪيو ته هُن فوري طور موٽ ڏني ته ”ڪا
ڳالهه ناهي، گڏجي ڪوشش ڪريون ٿا، الله بهتر ڪندو“ ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪلچر
ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري جون جايون آيون هيون، جن ۾ سچل آڊيٽوريم خيرپور لاءِ پروگرام
مئنيجر جي پوسٽ به انائونس ٿي هُئي، مون ڊاڪٽر صاحب جي صلاح سان اپلاءِ ڪيو هُئو،
جڏهن انٽرويو ڪال آئي ته مون ڊاڪٽر صاحب کي ٻُڌايو، اُن ئي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب ڪلچر
ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي سان ڳالهايو ۽ کيس چيائين ته ”مرتضيٰ
پروگرام مئنيجر لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، هي مون کي ڏاڍو عزيز آهي، پر انٽرويو ۾ پنهنجي
اهليت ثابت ڪري ته هن کي ميرٽ تي رکجو، اهو خيال ڪجو ته ڪنهن جو حق نه مري.“ ڊاڪٽر
صاحب جا اهي لفظ مون کان ڪڏهن به وسري نه ٿا سگهن. هُن نه رڳو سدائين ميرٽ ۽ سچائي
جي ڳالهه ڪئي، پر اُن تي عمل به ڪيو.
ڊاڪٽر تنوير جا اهي لفظ به ڪڏهن نه وسرندا،
جيڪي هُن خيرپور ۾ خادم سنڌي جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيا هُئا.
هُن چيو هئو ته ”زنده قومون پنهنجي لڙائي جنگي ميدانن مان نه پر تعليمي ادارن سان
کٽنديون آهن، جيڪڏهن اسان کي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري دنيا سان مقابلو ڪرڻو آهي ته پاڻ
کي تعليم جي هٿيار سان ليس ڪريون، جيڪي ماڻهو نعريبازي تي گذارو ڪن ٿا، کين سمجهڻو
۽ سوچڻو پوندو ته اسان وٽ ڪيترا سائنسدان آهن، ڪيترا انجنيئر آهن ۽ ڪيترا اعليٰ
ذهن آهن. تعليمي طور اسين ڪاٿي بيٺا آهيون، شعور ۽ ادراڪ کانسواءِ ڪجهه به حاصل
ڪري نه ٿا سگهون.“ هن اهو به چيو هُئو ته ”اسان کي آزادي هڪ ڪيڪ جيان پليٽ ۾ رکي
ڏني وڃي ته به اُن کي سنڀالي نه سگهنداسين. اُن لاءِ اسان کي تعليمي ۽ شعوري طور
سگهارو ٿيڻو پوندو.“
ڊاڪٽر صاحب جون ڳالهيون ياد ڪندي اهو به
ٻُڌائيندو هلان ته، ڊاڪٽر صاحب وٽ جڏهن به ڪو اديب ايندو هُئو ته خيرپور ۾ موجود
اديبن ۽ شاعرن کي به گهرايو ويندو هئو ۽ پوءِ زبردست ڪچهري ٿيندي هُئي. تنوير
عباسي جنهن به محفل ۾ هوندو هُئو، اُن محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا هُئا. هو رڳو
پنهنجي ٽهي يا هم عمر دوستن سان ئي نه پر نوجوانن سان وڌيڪ ويجهو هوندو هُئو، اهو
ئي سبب آهي جو هو نوجوان اديبن ۽ شاعرن لاءِ رهنمائي ۽ اتساهه جو سبب ۽ ذريعو بڻيل
رهيو.
ڊاڪٽر اسحاق انصاري جڏهن شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهائيندو هئو ته ٽيچرس هاسٽل تي ڊاڪٽر تنوير شامل هوندو هُئو.
اهي سڀئي يادگيريون اڄ منهنجي لاءِ هڪ املهه خزاني جي حيثيت رکن ٿيون.
تنوير عباسي سنڌ جو اهو ساڃاهه وند ۽ سچو
صوفي هُئو، جنهن سڀني کي محبتن جا خزانا ڏنا. سندس شخصيت سنڌ جي مختلف سياسي،
سماجي توڙي ادبي ڌرين لاءِ هڪ جهڙي ۽ غير تڪراري رهي. ادبي جهيڙن کي نبيرڻ توڙي
ٻين علمي ادبي معاملن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪردار سدائين رهنمائي وارو
رهيو. هو محبتن ۽ سچاين جو امين ۽ سچل سائين جي دڳ جو پانڌيئڙو هو، جنهن جي ذات
اسان لاءِ ڪالهه به اتساهه جو سبب هُئي ۽ اڄ به سچائي جو اهڃاڻ آهي. هو اسان کان
وڇڙي ويو آهي، پر وسريو ناهي ۽ نه ئي ڪڏهن وسري سگهي ٿو.
(۲۵ نومبر تي
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي هئي)
ڊاڪٽر تنوير عباسي
بنا اکين وارن کي بينائي
ڏيندڙ کي ڀيٽا!
اشفاق لغاري/
ٽنڊو الهيار
ورهاڱي کانپوءِ ترقي پسند سنڌي
ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جن اديبن، محققن ۽ شاعرن پاڻ پتوڙيو، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير
عباسي جي نالي کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شيخ اياز جي روح گرمائيندڙ شاعري
۽ شخصي هاڪ هيٺ اچي ويل ڊاڪٽر تنوير عباسي کي توڻي جو اها ناماچاري نصيب نه ٿي
آهي، جيڪا هو لهڻي ٿو. جي ايم سيد کانپوءِ سنڌي ۾ جنهن فرد ڀٽائيءَ جي فڪر کي
عقليت جي عمارت تي بيهارڻ لاءِ روايتي نه پر سائنسي تحقيق ڪئي، اهو به ڪو ٻيو نه
پر سوڀيديري ڄائو ڊاڪٽر تنوير عباسي ئي هو. شاهه لطيف يونيورسٽي کي جڏهن ڪئمپس جو
درجو حاصل هو، تڏهن ان کي ڪئمپس مان يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير
عباسي کي ضياءُ الحق سان ملاقات واري ڪؤڙي گوري به کائڻي پئي. هڪڙي راءِ موجب، سنڌ
يونيورسٽي ۾ سنڌالاجي جي قيام جو بنيادي خاڪو جوڙيندڙ به ڊاڪٽر تنوير ئي هو. هن
ڪيترن ئي پرڏيهي شاعرن جي چونڊ شاعري کي سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. شاهه لطيف جي
شاعري کانپوءِ هن چاهيو ٿي ته سچل جي شاعري تي سوشل سائنسز جي معيار موجب تحقيقي
ڪم ڪجي. اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر به ڊاڪٽر تنوير جي ئي
جستجو جو نتيجو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تنوير
عباسي جي نالي سان جڙيل تنوير ڪارنر ۾ اڄ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سرڪاري سطح تي ياد
نه پئي ملهائي وڃي. تنوير جهڙن بنا ڪنهن شور شرابي ۽ اجائي واهه واهه ڪرائڻ جي خاموشي
سان ڪم ڪندڙ محققن، اديبن ۽ شاعرن سان هن دو رنگي دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو آهي!
درسگاهن سان تنوير جي دل هئي، ڪتب خانن کي هو پنهنجو وطن سمجهندو هو. ”تنوير چئي“
جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽي جي اداري سنڌالاجي ڄامشورو طرفان ڊاڪٽر تنوير جي شاعري
جو مشهور ڪليات ڇپيل آهي.
ڪجهه ڏيئي وينداسين، ڪجهه نه
کڻي وينداسين،
ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين
جهڙين سٽن جي خالق تنوير دنيا،
ديس ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن لاءِ ٻن اهم محاذن تان مسيحا جو ڪردار
ادا ڪيو. ڊاڪٽر تنوير نثر ۽ شاعري سان هڪڙي پاسي آمريتي دورن ۾ سرد ٿي ويل اسان جا
روح پئي گرمايا ۽ هن جي شاعري آمرن لاءِ مٿي جو سور بڻي رهي ته، ٻئي پاسي ڊاڪٽر
تنوير خيرپور ميرس ۾ ميرواهه جي ڪپ تي خاڪي شاهه پل لڳ ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن جو
پنهنجي ميڊيڪل جي خدمتن سان بخار، لڱن ۽ مٿي جو سور ٿي لاٿو. تنوير عباسي رڳو گلن،
پوپٽن ۽ پوپرين جي ادائن کي ئي پنهنجي شاعري ۾ نه ڳايو، پر هُن مِلن ۾ ڪم ڪندڙ
مزدورن، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين، نارين ۽ سموري پورهيت طبقي جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کي به
پنهنجي لازوال شاعري جو مرڪز بنايو.
مضبوط جهوپڙيون ۽ ڪمزور محل
ماڙيون
سو ڏينهن آهه ويجهو، ٿينديون
اڀيون ڪهاڙيون
اوگهڙ جتي اُڻون ٿا ۽ بک جتان
لُڻون ٿا
ڏيون باهه مِل انهيءَ کي، اهڙي
ٻنيءَ کي ساڙيون
اوچيون رکون هي لاٽون، هي
مشعلون ڏياٽيون
پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمنن جي
لئه اُماڙيون
ڊاڪٽر تنوير عباسي جتي پنهنجي
فن ذريعي عوام کي علم ۽ آگاهي جون اکيون عطا ڪيون، اتي هن خلقِ خُدا جي خادم آخر ۾
اها وصيت به ڪئي ته، جسم مان جڏهن روح جو رمتو رمي وڃي ته پوءِ منهنجو بي روح جسم
ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ تجربن لاءِ عطيي طور ڏنو وڃي. تنوير جي ان وصيت
تي پوري طرح ته عمل نه ٿي سگهيو، پر ايترو
ضرور ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جڏهن ۲۵ نومبر
۱۹۹۹ع ۾ اسلام آباد ۾ هن دنيا کي
الوداع چيو ته، سندس اکيون اسلام آباد جي ڪنهن بنا نور واري جي بينائي جو ذريعو
بڻجي پيون. ڊاڪٽر اديب رضوي به پنهنجو گڙدو عطيي طور ڏيڻ وارن ٻاجهارن انسانن مان
آهي. تازو ئي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ووٽن سان چونڊيل صدر آصف علي زرداري
پڻ اها وصيت لکي آهي ته، ساهه جي تند ٽٽڻ بعد منهنجو جسم عطيي طور ڏنو وڃي. هِن
کان اڳ ٿوري مختلف پر اهڙي ئي ڀلائي واري وصيت مشهور ڪرڪيٽر ۽ هندوستان جي اڳوڻي
ڪپتان منصور پٽودي پڻ ڪئي هئي، جنهن جي هڪڙي اک خراب ٿيل هئي ۽ کيس هڪڙي ئي بينائي
واري اک هئي، اها به هن ڪنهن بنا اکين واري کي موت پڄاڻان عطيي ۾ ڏيڻ جو پنهنجي
زندگي ۾ ئي اعلان ڪيو هو. منصور پٽودي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اکين سان دنيا کي
ڏسندڙن کي هي دنيا ڪيئن لڳي رهي هوندي؟ ان سوال جو جواب صرف رسول حمزاتوف جي ”ميرا
داغستان“ ۾ ئي ملي سگهي ٿو.
تنوير عباسي
ٻريا ٻه پل وسامڻ کان اڳ
۾
يوسف سنڌي
”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به
جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به
منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام
ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس
اُٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ
کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.”
اهي لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي
پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي “رڳون ٿيون رباب” جي مهاڳ ۾ لکيا آهن، جيڪڏهن تنوير
عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي پرکبو ته انهن تي پوري لهندي نظر ايندي.
تنوير عباسيءَ جو اصل نالو “نور
نبي عباسي” آهي ۽ ‘تنوير’ تخلص اٿس. خيرپور ضلعي (ان وقت رياست) جي ڳوٺ سوڀي ديري
۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ ۷ ڊسمبر
۱۹۳۴ع تي ڄائو. پرائمري تعليم
نوشهري فيروز ۾ شروع ڪيائين. ٻئين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۶۰ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيائين.
ان وقت کان وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين، پاڻ خيرپور ۾ رهيو ۽ خانگي
اسپتال هلائيندو رهيو.
تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر
“فنڪار” (حيدرآباد) ۾ ۱۹۵۰ع ۾
ڇپيو. ‘تنوير’ کان اڳ پاڻ “مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو
“رڳون ٿيون رباب” ۱۹۵۸ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري
کان سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اڀياس، سفرناما لکيا۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان
سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي “لوئي” پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي
ٿي، جيڪا ٽماهي “مهراڻ” ۾ ڇپي. ان کان سواءِ،پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ
ناول پڻ لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه شاعري انگريزي ،پنجابي، سرائيڪي
۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپي.
تنوير عباسي ڪيترن ئي ادبي
ادارن جو صلاڪار ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي
خيرپور جو صلاڪار ۽ ڊائريڪٽر ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيدمي خيرپور،
ميمبر-بورڊ آف ايڊوائيزر سنڌالاجي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو، ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ سيڪريٽري
“سچل يادگار ڪميٽي سنڌ” شامل آهن.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه لطيف
يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جوخيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو ۽ سنڌي شعبي ۾ ايم-فل ۽
پي-ايڇ-ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار پڻ رهيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو ٻه
ڀيرا لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور نامزد ٿيو، پر تر جي با اثر قوتن جي سخت
مخالفت سبب، کيس انهي عهدي تي اچڻ نه ڏنو ويو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين، سنڌي ادبي سنگت جو
سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو ۽ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز جي جوڙ-جڪ ۽ ڪار-وهنوار ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو.
تنوير عباسيءَ لکڻ جي شروعات
شاعري کان ڪئي، پر اڳتي هلي سندس ڌيان تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ويو، جنهن جي
نتيجي ۾ پاڻ لطيفيات، سچليات ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب
لکيا، جن جو وچور هيٺين ريت آهي.
شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شعر تي،
سنڌي زبان جي عالمن ۽ محققن گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر تنوير عباسي روايتي انداز بدران
ڏيهي ۽ پرڏيهي نقادن جي راين جي روشني ۾ شاهه جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو، جيئن شاهه
جي شعر کي عالمي معيارن موجب پرکي ۽ پروڙي سگهجي .انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪيل شاهه
لطيف جي شاعري تي تحقيقي ڪم جو پهريون جلد ۱۹۷۶ع ۾ ۽ ٻيو ۱۹۸۵ع ۾ ڇپيو ۽ اڳتي هلي جڏهن ٽيون
جلد لکيائين ته پهرين ٻن جلدن سان گڏ ۱۹۸۹ع ۾
ٽنهي جلدن کي شايع ڪيو ويو۽ اڳتي هلي هر نئين ڇاپي ۾ هڪ اڌ مضمون جو واڌارو ڪندو
ويو. شاهه لطيف تي سندس اهو ڪم نهايت اهم نوعيت جو ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي،
جنهن جي سنڌ جي ادبي حلقن گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ پسند ڪيو. تنهن کان سواءِ ۱۹۷۵هه جي شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ترتيب جي بٺيءَ مان ڪڍي ‘مسودي’ جي شڪل
ڏنيم جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. يقيناً اهو رسالو به لطيفيات جي حوالي سان قابل قدر
اضافو ٿيندو.
سچل تي ڪم ڪندي، تنوير عباسيءَ
سچل جي ٻن عقيدتمند شاعرن، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام سهيڙي،
سموهي ڀيٽي ڌار ڪتابن ‘نانڪ يوسف جو ڪلام’ (۱۹۸۲ع) ۽’خوش خير محمدهيسياڻيءَ جو ڪلام’(۱۹۸۲ع) شايع ڪرايو، جيڪي ٻيئي ڪتاب ‘سنڌي ادبي بورڊ’ پاران ڇپرايا ويا آهن.
انهن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سائينءَ جي اسلوب توڙي، فڪر جي ڇاپ آهي. پر هنن
سرمست جي روايتن کي اسلوب توڙي فڪري لحاظ کان به اڳتي وڌايو.
لطيف کان پوءِ تنوير عباسي “سچل
سرمست” تي پڻ ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪرايو. جيئن ته لطيف يونيورسٽي ۾ “سچل چيئر” جو
خاڪو سندس ئي ڏنل هو، تنهن ڪري “سچل چيئر” جي برپا ٿيڻ سان پاڻ انهيءَ جو ڊائريڪٽر
مقرر ٿيو ۽ سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري هئڻ جي ناتي هر سال درازن ۾ ٿيندڙ ‘سچل
سائين’ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ۽ ٻيو “سچل چيئر” ۾
ٿيل تحقيقي ڪم چيئر پاران نڪرندڙ ‘سرمست’ ۾ ترتيب ڏيئي ڇپايو. سندس نگرانيءَ ۾
اهڙيون يارهن ڪڙيون نڪتيون، جن جي نڪرڻ جو زمانو ۱۹۸۰ع کان ۱۹۹۱ع آهي. تنهن کان سواءِ هڪ ڪتاب
انگريزيءَ ۾ پڻ چونڊ ۽ ترتيب ڏيئي “سچل سرمست” جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
“سچل چيئر” پاران ئي پاڻ “سچل
جو ڪلام” مختلف رسالا ڀيٽي تحقيق ڪري، ترتيب ڏنائون، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي. البت
اهو ضرور آهي. ته جيِئن شاهه لطيف جي شاعري تي سندس ڌار اڀياسي ڪتاب آهي، تيئن سچل
جي شاعري تي ڪونهي، سندس سچل تي لکيل مقالن کي ترتيب ڏيئي ڌار ڪتاب جي صورت ۾
ڇپرائي سگهجي ٿو.
تنوير عباسي هڪ ويٽنامي ناول
“جي ماريا نه موت” جو پڻ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۷۳ع ۾ ڇپيو، انهيءَ انقلابي ناول جا اڳتي هلي ڪيترائي ڇاپا ڇپيا ۽ سنڌ جي
قومي ۽ انقلابي ڪارڪنن لاءِ وڏي اُتساهه ڏياريندڙ ڪتاب آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف
تمام گهڻي مقبول رهي آهي. تنويرعباسيءَ جا ٻه سفرنامه “ڏوري ڏوري ڏيهه” (۱۹۸۴ع) ۽ “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (۲۰۰۰ع) ۾
ڇپيا. جيئن ته تنوير صاحب بنيادي طور تي شاعر هو. تنهن ڪري سندس سفرنامن ۾ شاعراڻو
عنصر پڻ شامل ٿي وڃي ٿو. سندس سفرنامي “ڏوري ڏوري ڏيهه” جي باري ۾ ڪتاب جو پبلشر
طارق اشرف لکي ٿو:
“تنوير جي هن سفرنامي پڙهڻ کان
پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾
انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.”
سندس هڪ ٽيون “دبئي” جو سفرنامو
به آهي، جيڪو سندس ڪتاب “ترورا” ۾ ‘چنڊ ٻه ٽڪر’ جي نالي سان ڏنل آهي.
تنوير عباسيِءَ بنيادي طور تي
شاعر هو ۽ تنوير کان اڳ “مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. انهيءَ تبديليءَ واري سفر
جي روداد ۽ سبب بيان ڪندي، هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيو اٿائين.
“اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا
داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ‘بزم خليل’ ۾ عروض سکندو هوس ۽ جمعيت الشعراءِ واري
دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود
هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال
ورائي ورائي ڪتب آندا ويندا هئا.
اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو
ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ
جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي
اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾
جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري
پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن
پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن، انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽
ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور
جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون
تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون
هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.”
پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي
شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا نالا هي
آهن. “رڳون ٿيون رباب” (۱۹۵۸ع)،
“شعر” (۱۹۷۰ع)، “سج تريءَ هيٺان” (۱۹۷۷ع)، “هي ڌرتي” (۱۹۸۵ع).
اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي پاران “تنوير چئي” جي نالي سان گڏيل
ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو مجموعو “ساجن سونهن سرت” (۱۹۹۶ع) آهي.
تنوير عباسيءَ جي مٿئين ادبي،
تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول
(چونڊ ۽ ترتيب ۱۹۷۳ع)، “جديد سنڌي شاعري (۱۹۸۱ع)، “تِرورا” (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-۱۹۸۸ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-۱۹۹۰ع).
سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر ۲۵ نومبر۱۹۹۹ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.
پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته سندس “جسدخاڪي” ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا
شاگرد سندس جسم تي “ميڊيڪل جا تجربا ڪن”، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان
دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو.
ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
“اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا
داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ‘بزم خليل’ ۾ عروض سکندو هوس ۽ جمعيت الشعراءِ واري
دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود
هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال
ورائي ورائي ڪتب آندا وينداهئا.
اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو
ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ
جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي
اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾
جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري
پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن
پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن، انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽
ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور
جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون
تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي
ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.”
پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي
شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا نالا هي
آهن. “رڳون ٿيون رباب” (۱۹۵۸ع)،
“شعر” (۱۹۷۰ع)، “سج تريءَ هيٺان” (۱۹۷۷ع)، “هي ڌرتي” (۱۹۸۵ع).
اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي پاران “تنوير چئي” جي نالي سان گڏيل
ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو مجموعو “ساجن سونهن سرت” (۱۹۹۶ع) آهي.
تنوير عباسيءَ جي مٿين ادبي،
تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول
(چونڊ ۽ ترتيب ۱۹۷۳ع)، “جديد سنڌي شاعري (۱۹۸۱ع)، “تِرورا” (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-۱۹۸۸ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-۱۹۹۰ع.)
سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر ۲۵ نومبر۱۹۹۹ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.
پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته سندس “جسد خاڪي” ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا
شاگرد سندس جسم تي “ميڊيڪل جا تجربا ڪن”، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان
دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو.
ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
(پندرھ روزه افيئر تان کنيل)
تنوير
عباسي
’ساجن، سونھن ۽ سرت‘ جو شاعر
ابراھيم کرل
جيڪو ڪجهه اکين آڏو
آهي ان کي شاعراڻو ويس پارائجي، اهو وري شاعر جي دل تي آهي ته ان ويس کي هو ڪيترو
حسين ڪري پيش ڪري ٿو يا ان عڪس کي هو ڪهڙي اينگل سان ڏسي ٿو، جيئن ڪو ڊرائنگ ماسٽر
ٽيبل تي رکيل گلدستي جون مختلف اينگل سان پورٽريٽ ٺاهي. ڪي جمالياتي حس کي استعمال
ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن، ته ڪي سچي پچي تصوير ڪڍي آڏو رکندا آهن. اک اک جو ڪمال
آهي. تنوير جي اک منظرن کي “ساجن سونهن سرت” واري منظرنامي ۾ ڪيئن ٿي پيش ڪري. هي
آهن ته ۳ اکر پر انهن جو ڦهلاءُ تنوير جي سموري شاعري ۾ خوشبوءَ جيان آهي. ساجن
(پرين، محبوب) سونهن (فطرت سان گڏ ظاهري حسن، جمال، گل، پوپٽ، پيار سڀاءُ جو مطلب،
اهڙو منظر جيڪو اک کي وڻي.) ٽيون عنصر آهي سرت، ساڃاهه، شعور، ڏاهپ، دانشمندي اهي
سڀ شيون جيڪي سرت جي زمري ۾ اچن ٿيو، عقل، سوچ، لوچ، انسانيت، وغيره سرت جو موضو
ايڏو وسيع آهي جو ان ۾ ڪيتريون ئي شيون شامل سگهجن ٿيون.
سرت ڀريا ماڻهو
پنهنجي ڪڙم قبيلي، ذات، ڳوٺ، شهر، خطي، علائقي، قوم، ٻولي ۽ انسانيت جا علمبردار ٿين
ٿا، وٽن ڪوبه مذهبي متڀيد، ويڇو ڪونه ٿئي، جيئن درد کي ڪا سرحد ڪونهي، جيئن پيار
تي پابندي مڙهي نٿي سگهجي، اک کي ڏسڻ کان روڪي نٿو سگهجي، تيئن سرت کي سنگهرن ۾ قيد
ڪري نٿو سگهجي. ٻين لفظن ۾ سرت کي بيداري چئي سگهجي ٿو، اهڙي بيداري ستل ضميرن،
قومن، پنهنجي حقن، پنهنجي ذميوارين جي بيداري هجي ٿي. تنوير جي اک“ساجن” سونهن ۽
سرت” جي حوالي سان هميشه پنهنجي“vision” ڏانهن رهي، جڏهن هو ساجن کي ياد ڪري ٿو ته
سندس شعور جون ڌارائون محبوب جي “ناسي اکڙين”، جاڙن ڀروَن، ڀنڀن وارن جي ڳهر ۾
سندس هر ادا جو عڪس پيش ڪن ٿيون.
نينهن نڀايون ڪيئن
نڀايون، هي حياتي ٿوري ڀانيون
سوين جنم گڏ رهون
پوءِ ڀي پيار جو ناهي ڇيهه الا
آءُ اسان وٽ ويهه،
گهڙي پل ويهه
محبوب جي هڪ گهڙي
به سالن جي ساٿ کان گهٽ ناهي
يار وري
جڳ ۾ ٻي ڪا سونهن
به آ
تو مان ڍاپان پوءِ
سوچيان
پرين جو ساٿ انهن سڀني
رنگن کان رنگين آهي جيڪا خيالي دنيا ناهي، پر ڌرتي جي گولي تي بهشت جو نظارو ٿي
پسائي.
سونهن اهڙو استعارو
آهي جنهن ۾ فطرت جي رنگينن کان محوب جو جلوه گري دنيا جي نظارن کان ويندي دلين جي
اڇائي، جذبي جي اٿل، انسانيت جي اهنسا، قدرن جي رکوالي، ڌرتي سان عشق، تحرڪ جي علامت،
انگور جو انبورجڻ، گئونچ جو ڦٽڻ، گل جو ٽڙڻ، پوپٽ جو اڏرڻ، ٻارن جو مرڪڻ، بهار جي
مند جو اچڻ، سڀئي رنگ سونهن جي جلوه نمائي ڪن ٿا.
پن، گونج ۽ مکڙيون
آهيون
ڇڻندا آهيون، ڦٽندا
آهيون
تنوير کي گل، پوپٽ
۽ ٻار وڻندا هئا، سندس شاعري جي سونهن اهي سڀئي ڌرتي جا عڪس هئا، جن کي هو اک سان ڏسي
پني تي اتاريندو هو.
“مون ته گلاب
لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهين آيا آهن”.
ڇڻيو ٻٻر جو ٻور
چارو پيلو ٿي ويو
پوءِ به وڃڻو ڏور
هن ۾ ۲ عڪس، ۲ مقصد سمايل آهن، هڪ طرف سونهن آهي، چاري جو
ٻٻرن جي گلن سبب پيلو ٿي وڃڻ، ٻي طرف اهو پيغام آهي ته سونهن جي هوندي به مقصد لاءِ
“دور وڃڻ” پوءِ به وڃڻو، “ڏور” ۾ وري سرت جو پيغام آهي، مقصد خاطر سيج تي ستل سونهن
کي ڇڏي وڃڻو پوندو آهي، ڏور وڃڻ جو استعارو اهڙي معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪجهه
حاصل ڪرڻ لاءِ مليل شئي جي قرباني ڏجي، مقصد لاءِ ڪجهه وڃائڻ جو اشارو سمايل آهي.
تنوير جو “Vision”
چٽو، صاف ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيندڙ هو، هن ڪٿي به ويهي ٿڪ ڀڃڻ جي ڳالهه نه ڪئي
آهي.
اهڙو “Vision” هن نظم توڙي
نثر جي لکڻين ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ اها اميد پنهنجي پٽ سرمد مان به رکي آهي ته:
“منهنجي
ميرانجهي من تي، ڪو سورج جهلڪا ڏيندو،
ايندو ساجن ايندو
منهنجي جيون جي
مقصد کي مون کان اڳتي نيندو
مون جا مڌ مچائي
آهي ان جا مٽ کوليندو،
ايندو ساجن ايندو
تنوير جي “Vision” جو آخري
استعارو “سرت“ آهي، سرت ساڃاهه، ڏاهپ، دانشمندي، غور، فڪر، سوچ، آگاهي، سڃاڻپ جهڙن
لفظن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي، تنوير جي سموري زندگي تحرڪ، جدوجهد، جاڳ، ويڙهه، مقصد
تائين پهچڻ لاءِ سرگرم رهي، سنڌي ٻولي جي بچاءَ جي تحريڪ هجي يا ادارن جي اڏاوت، ٻولي
۽ ادب جي واڌ ويجهه، ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد، تنوير هڪ سرگرم ڪارڪن طور ڪم ڪيو. ٻولي
جو ترانو لکيو، پنهنجي هٿن سان پمفليٽ ورهايا، ديوارن تي چنبڙايا. سنڌ جي ثقافت، ٻولي،
ڪلاسڪ جو بچاءُ ڪيو، نوجوانن جي رهنمائي ڪئي، کين ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ اتساهيو، نه
رڳو ايترو پر هن پاڻ به عملي جدوجهد ڪئي، شاعري کان علاوه تنقيد، تحقيق تي ڪم ڪيو،
ڪلاسڪيل شاعرن قاضي دادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل،
نانڪ يوسف، خوش خير محمد جي شاعري تي ڪم ڪيو.
خاص ڪري شاهه لطيف
جي ڪلام تي نئين “Vision”
سان ڪم ڪيو. سنڌ جي موسيقي، صوفي ازم ۽ راڳ تي ليڪچر ڪيا، شاعري جي علم عروض تي ڪيسٽ
ذريعي ڄاڻ ڏني. جاپاني هائيڪي تي سنڌ ۾ مضمون لکي فني گهرجن جو ڦلهوڙ ڪئي، اهي ۽ اڃا
ٻيا ڪيترا ڪم هڪ سرت وند ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. سندس شاعري ۾ “سرت” دڳ ٻڌائيندڙ،
رهبر، رهنما جي انهن سڀني خدمتن جو نمايان ذڪر ملي ٿو. تنوير جي شاعري ۾ “ساجن
سونهن سرت” واري “Vision”
بيان ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته تنوير هڪ اصول تي قائم رهيو ته:
ڪجهه ڏيئي وينداسين
ڪجهه نه کڻي وينداسين
ٻور آهيون ڏيئي
ميوو ۽ ڇڻي وينداسين
مون هڪ شعر جي هڪ سٽ
مٿي رهائي ڇڏي هئي جيڪا هيءُ آهي ته:
لهندو مان هو پاڻ مٽي
جو، مون کي مٽيءَ گڏيندو،
ايندو ساجن ايندو
تنوير جي “Vision” ۾ اها به
اميد سمايل هئي ته سرمد مٽيءَ جو مان لهندو ۽ مون کي مٽي گڏيندو، پر تنوير جو “Vision” مٽي ۾ ڪٿي
گڏيو آهي، هوءَ ته هزارن سان گڏ آهي، هو لکين ماڻهن جي دلين ۾ دڙڪي ٿو، اڄ به
خيرپور جا منظر سندس اکين جي ماڻڪين ۾ پيوست ٿيل آهن، اڄ به مير واهه جون ٽاريون،
وهندڙ پاڻي، لهندڙ سج کيس نمي سلام ڪري ٿو.
اڄ به اهي لفظ اسان
جي ڪنن ۾ ٻرن ٿا، “تنوير وٽ ايندئو ته ڏاڪا لهندي توهان جو ڪنڌ هيٺ هوندو جڏهن
ويندئو ته ڏاڪا چڙهندي توهان جو ڪنڌ مٿي هوندو، ڇو ته توهان تنوير سان ملي موٽيا
آهيو.”
تنوير عباسي
شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه عڪس
رکيل مورائي
جيئن ئي تو کي ڏٺم،
زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان
تازو،
توسان ڪجهه ڳالهيون
ڪيم،
دوستيءَ ۾ ٿي ويو
ايمان تازو،
تنهنجي نيڻن کي
چميم،
روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان
تازو.
سچ پچ مون سان بلڪل
ايئن ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين
راشدي آڊيٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيان ته هن وڏو ڀاڪر
ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي
آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو
ساري “هو ويجهڙ انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽
اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون
شيون به مون لاءِ کيس ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين،
اهو منهنجو ساڻس پهريون مکا ميلو هئو.
اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه
آهي ڄڻ، هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ
لاءِ آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن
کان پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه
علم.
هو شاهه تي ڳالهائي
رهيو هئو، ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور،
ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته
اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو
نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو آهي. هو
شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي ٿي.
سنڌيءَ جي اڄ جي شاعرن
۾ هن جو نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي پوئتي
ڪري نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي. شايد ان
جو سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي،
تنوير عباسي جي شاعريءَ
۾ نفاست سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو احساس نه ٿيندو
پر پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو ويندو. هو پاڻ ۽
سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي:
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي
سٽا ساٿ جي
هو جهڙو پاڻ نفيس ۽
تازگيءَ ڀريو. اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري.
هائو تنوير! اهو مان
آهيان،
جتي تون آهين ته
توسان آهيان.
تون ڪٿي آهين ڪٿي
آهين تون،
تون جتي ناهين اتي
مان آهيان.
***
جڏهن به دوست ٿا
توسان ملڻ جا ڏينهن اچن
لڳي ٿو ڄڻ ته گلن
جي ٽڙڻ جا ڏينهن اچن.
رڳون ڏسان پيو
توکي ۽ توسان ڳالهايان.
ڪڏهن ته اهڙا ڪي واندي وهڻ جا ڏينهن اچن.
***
تنوير کي وڻي ٿي هڪ
پياري ڇوڪري.
نالو نٿو وٺي پر سمجهي
وڃو ڀلي.
ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نه جملن جي ڳوراڻ، نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي
غير ضروري ڀرمار! بلڪل پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾
ايمان تازو ٿي وڃي.
”رڳون ٿيون رباب“
پڙهجي ته به ايمان تازو ٿي وڃي،
”ساجن سونهن
سرت“ پڙهجي ته به ايمان ٿي وڃي تازو.
شاعريءَ سان گڏوگڏ
هن ادب جي هر صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو.
تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب.
”شاهه لطيف جي
شاعري آهي“ جنهن جا سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽ ترتيب
هيٺ آيل سندس اهم ڪتاب آهن:
خير محمد هيسباڻيءَ
جو ڪلام ۽ نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽
تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا، سندس ترتيب ۾ آيل ٻه اهم ڪتاب:
ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر
خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن.
سچل تي سندس انگريزي
۾ ترتيب ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”ترورا“ پنهنجو
مٽ پاڻ آهي.
خاص ڪري ان ۾ هائيڪو
۽ آزاد نظم تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي،
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر نامو ” ڏوري ڏوري ڏيهه“ به سفري ادب ۾ نهايت ئي
اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”منهن تنين مشعل“ آهي جيڪو
سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي
ڀاڱي اديب شاعر نه آهي.
هڪ ٻيو ڪتاب:
“جي ماريا نه
موت” هيءُ هڪ ناول جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾
نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ
وتو،
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
وطن دوستيءَ تي
لکيل هن انقلابي ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪري هڪ اعليٰ مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي.
شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب
آهن.
۱- ”رڳون ٿيون رباب“
۲- ”شعر“
۳- ”سج تريءَ هيٺان“
۴-” هي ڌرتي“
۵-” تنوير چئي“
هيءُ ڪتاب سنڌالاجيءَ
سڀني ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽
۶ -” ساجن سونهن سُرت“ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب
آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي
ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ ڇپائي لاءِ
پيل آهي. آخري پلن تائين لکندو رهڻ وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي.
هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه
ڏنو سنڌ ان جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد
بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي
جنهن جو پورائو ناممڪن آهي.
(ڏيھاڙي
عوامي آواز، ۲۵ نومبر ۲۰۲۰ع)
ڊاڪٽر تنوير عباسي
سونهن ۽ سچ جو شاعر
ڪامران رند
حقيقي انساني قدرن
منجھ سونهن ۽ سچ نمايان حيثيت رکن ٿا. ڪو به انسان شين جي حُسناڪين ۽ حقيقت کي ڄاڻڻ
جي تجسس کان وانجھو نه آھي. ھو قدرت جي ھر لقاءُ ۾ پيار ۽ پريت جا اَمر جذبا ڳولي
لھي ٿو ۽ تن جي اظهار لاءِ سچ جي واٽ وٺي ٿو. توڙي جو اها واٽ ڏاڍي اڻانگي ۽ ڏُکي
هوندي آهي پر تڏھن به جڏھن اِنسان پتنگن جيئن پھ ڪري سچ مٿان مِڙي ٿو ته وقت جي ھر
ظلم ۽ سِتم جي باھ به منزل جي حاصلات جيئن ئي مٺي ڀانئي ٿو. اِھڙن ئي سچ جي مُتلاشي
۽ سونهن جي ڳُولائو ڪِردارن ۾ ڊاڪٽر تنوير جو نانءُ به نمايان آھي. ھِنَ ڊاڪٽر ھوندي
نه صِرف پنهنجي پيشي سان نِڀاءُ ڪيو بلڪه پنهنجي مريضن جي دردن جو درمانُ به بڻيو
ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئِلن جي حل لاءِ پڻ ڀرپور ڪوشش ڪري قوم جو جيءُ جِھنجوڙيندو
رھيو. تنوير عباسيءَ جو جنم ھونئن ته صوڀيديري
۾ ٿيو پر هو سنڌ شُناس کاھوڙي سنڌ تي ٿيندڙ ھر قيص ۽ ڪلُور کي پنهنجي شاعريءَ جو
حِصو بڻائي پنهنجي حِصي جو ڏيئو جلائيندو رھيو. الله رب العزت انسانيت کي ھِن ڌرتيءَ
تي آزاد ۽ خودمُختيار ڇڏيو آھي. انلاءِ ته ھو پنهنجي بهتر زندگي لاءِ جُستجو ۽
جاکوڙ ڪري. تنوير عباسي جڏھن پنهنجي قوم جي خسته حالي ۽ ڏکن ڏاکڙن تي نظر ڦيرائي ٿو
ته کيس سُستي ۽ ڪاھِلي کان نفرت محسوس ٿئي ٿي. تڏهن قوم جي نوجوانن کي ھدايت ڪري ٿو
ته ويهڻ مان ڪجھ ڪونه ورندؤ، اچو ته گڏجي قوم جو مُستقبل سنواريون. “اُڄ کڻي اڳتي
ھلبو، رُڄ ڀلي پيئي ڏيئي دِلبو، ھلڻو آھي ھيڪاندو، رُڄ ۾ ڪهڙو مانجھاندو”. تنوير جي خيال موجب قوم ڀلي آزاد ٿي به وڃي پر ڪڏھن
به ترقي ۽ خوشحالي نه ماڻيندي، جيستائين پنهنجي سيئي ۾ ساھتِيه جو ساٿ نه سمائيندي
۽ عِلم جي ڏيئي سان مُنور نه ٿيندي. ھِن وٽ علم ئي واحد حل ڏسجي ٿو، جيڪو سنڌي قوم
کي حقيقت سان روشناس ڪرائڻ جي سگھ رکي ٿو. عِلم به سو جيڪو عقليت پسنديءَ تي مُبني
ھُجي. پاڻ عِلم جي حاصلات جي اِھميت بيان ڪندي چئي ٿو ته، “علم آھي جنهن ھيٺ ھيسيل، دٻايل، ڌتاريل، ڌِڪاريل، اچي نيٺ مِڙندا، انهن جي
اُميدن جا گُل نيٺ ٽِڙندا”. ڄاڻ ۽ علم کي پنهنجو
نصب العين بڻائيندي چوي ٿو ته، “اسان کي
عِلم جو قسم آ، اسان جو قَلم محترم آ، اسان جو قَلم ھڪَ عَلم آ”. عِلم جي حاصلات
سان گڏ ڊاڪٽر تنوير قومي ويڙھاند ۾ ھٿيار جي اِستعمال کي به قوم جي آزاديءَ جي ضامن
طور ڏسي ٿو ۽ پنهنجي قومي دشمن سان ويڙھاند ڪندي ھٿ ۾ ھٿيار کڻڻ کي به نِجات جو
ذريعو سمجھي ٿو. “مون ھٿ ۾ بندوق کنئي آ،
منهنجي جهوليءَ ۾ ھي بم آ، ھاڻي
آءٌ سوليءَ نه چڙھندُس، هاڻي تنهنجو وارو
آ”. تنوير عباسي سنڌ جي ادب ۽ تاريخ سان پڻ گھري دلچسپي رکي ۽ تنهن ذوق ڪري ئي سنڌي
ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري بڻيو. ھِن پاران لطيف شناسيءَ تي ٽِن جُلدن ۾ ڪيل ڪم
پڻ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري حقيقي سونهن ۽ ورونھن جو سنگم آھي.
ھن پنهنجي غزلن ۽ نظمن ۾ وطن شُناسي، قومپرستيءَ، عقليت پسنديءَ، رنديءَ ۽ بيباڪيءَ،
پورھئي جي عظمت، سچ جي سگھ ۽ قدرت جي دلڪش نظارن کي خوب ڳايو ۽ ساراھيو آھي. سادي
۽ عام فهم ٻوليءَ کيس سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن، برپٽن ۽ بيابانن، ھر واهڻ ۽ وَسنديءَ
۾ کيس خاص مَڃتا ڏياري آھي. تنهن لاءِ ئي نصير مرزا کيس ڀيٽا ڏيندي چيو ته “تنوير
محبت، فطرت ۽ امُن جو شاعر آھي”. حقيقت ۾ تنوير عباسي جهڙا عظمت ڀريا ڪردار پنهنجي
عِلمي ۽ قَلمي پورھئي وسيلي ھوند ته پنهنجي ھُجڻ کي ئي معنيٰ ڏيو ڇڏين ۽ مُئي پُڄاڻان
پڻ پنهنجي آزاد ۽ عقليت پسند خيالن ۽ لکت ذريعي پنهنجي قوم جي نوجوان نسُل جي آبياري
ڪندا رھن ٿا ۽ قوم جي سُتل ضمير کي جِھنجوڙي جاڳائيندا رھن ٿا.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد
۾ ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
(ڏھاڙي ھلال پاڪستان
ڪراچيءَ ۾ ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
تنوير عباسي
شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه عڪس
رکيل مورائي
جيئن ئي تو کي ڏٺم،
زندگيءَ ۾ ٿي ويو
ايمان تازو،
توسان ڪجهه ڳالهيون
ڪيم،
دوستيءَ ۾ ٿي ويو
ايمان تازو،
تنهنجي نيڻن کي
چميم،
روشنيءَ ۾ ٿي ويو
ايمان تازو.
سچ پچ مون سان بلڪل
ايئن ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين
راشدي آڊيٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيان ته هن وڏو ڀاڪر
ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي
آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو
ساري “هو ويجهڙ انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون
شيون به مون لاءِ کيس ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين،
اهو منهنجو ساڻس پهريون مکا ميلو هئو.
اڃا ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه
آهي ڄڻ، هو ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ شاهه لطيف تي خاص خيرپور مان مقالو پڙهڻ
لاءِ آيل هئو جو وري ساڻس ملڻ ٿيو. وري به اهو ئي پيار ڀريو وڏو ڀاڪر ۽ ٻن منٽن
کان پوءِ ساڳيو وڏو سگريٽ جو ڪش! چهري تي نفيس مرڪ ۽ اکين مان ليئا پائيندڙ اٿاهه
علم.
هو شاهه تي ڳالهائي
رهيو هئو، ڄڻ لکيل ڪجهه پڙهندو هجي، سندس ڳالهائڻ به ڪنهن مقالي جهڙو ئي مواد سان ڀرپور،
ساڻس ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ مون کي هر ڀيري ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڪتاب پڙهيا هجن، سچ ته
اياز کان پوءِ سنڌي شاعرن ۾ مان ڀايان ته تنوير عباسي جهڙو ۽ جيترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو
نه رهيو آهي. اڄ سنڌي شاعريءَ تي تنوير جهڙو ڪوئي ڳالهائڻ وارو به نه رهيو آهي. هو
شاعر آهي، اول ۽ آخر شاعر، ان ڪري ان تي شاعراڻي نموني جي لکڻي ئي گهرجي ٿي.
سنڌيءَ جي اڄ جي
شاعرن ۾ هن جو نالو نهايت ئي اهميت وارو آهي، جنهن کي بھرحال ڪنهن به صورتحال ۾ اڳتي
پوئتي ڪري نٿو سگهجي. جهڙُس نفيس اسٽائيل جو شاعر سنڌيءَ ۾ فقط نارائڻ شيام آهي.
شايد ان جو سبب به سندن طبعيت جي هڪجهڙائي هجي،
تنوير عباسي جي
شاعريءَ ۾ نفاست سان گڏ تازگي ۽ توانائي اهڙي آهي جو اها پڙهندي ڪٿي به ڳوراڻ جو
احساس نه ٿيندو پر پڙهندڙ جيئَن جيئن شاعري پڙهندو ويندو، تيئن تيئن توانو ٿيندو
ويندو. هو پاڻ ۽ سندس شاعري بلڪل ڀٽائي جي هن سٽ وانگر آهي:
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي
سٽا ساٿ جي
هو جهڙو پاڻ نفيس ۽
تازگيءَ ڀريو. اهڙي ئي سندس شاعري نفيس ۽ تازگيءَ ڀري.
هائو تنوير! اهو
مان آهيان،
جتي تون آهين ته
توسان آهيان.
تون ڪٿي آهين ڪٿي
آهين تون،
تون جتي ناهين اتي
مان آهيان.
***
جڏهن به دوست ٿا
توسان ملڻ جا ڏينهن اچن
لڳي ٿو ڄڻ ته گلن
جي ٽڙڻ جا ڏينهن اچن.
رڳون ڏسان پيو توکي
۽ توسان ڳالهايان.
ڪڏهن ته اهڙا ڪي
واندي وهڻ جا ڏينهن اچن.
***
تنوير کي وڻي ٿي هڪ
پياري ڇوڪري.
نالو نٿو وٺي پر
سمجهي وڃو ڀلي.
ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نه جملن جي ڳوراڻ، نه لفظن جي ڳوراڻ، نه تشبيهن ۽ تمثيلن جي
غير ضروري ڀرمار! بلڪل پوپٽ جي پرن جهڙي شاعري ۽ پاڻ جڏهن مرڪي نهاري ته زندگيءَ ۾
ايمان تازو ٿي وڃي.
”رڳون ٿيون
رباب“ پڙهجي ته به ايمان تازو ٿي وڃي،
”ساجن سونهن
سرت“ پڙهجي ته به ايمان ٿي وڃي تازو.
شاعريءَ سان گڏوگڏ
هن ادب جي هر صنف سان خوبصورت نڀاءُ ڪيو. تحقيق جي حوالي ۾ سندس شاهه تي لکيل
سمورين سنڌي ٿيسزن کان اهم ڪتاب.
”شاهه لطيف
جي شاعري آهي“ جنهن جا سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان کان علاوهه تحقيق ۽
ترتيب هيٺ آيل سندس اهم ڪتاب آهن:
خير محمد هيسباڻيءَ
جو ڪلام ۽ نانڪ يوسف جو ڪلام: جيڪي ترتيب ۽ تحقيق جو اعليٰ روپ رکن ٿا، سندس ترتيب
۾ آيل ٻه اهم ڪتاب:
ٻاراڻا ٻول ۽ ۲ جديد سنڌي شاعري، آهن جيڪي پڻ مختصر پر
خوبصورت ترتيب جو نمونو آهن.
سچل تي سندس
انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب منفرد اهميت جو آهي. ادبي مضمونن تي ٻڌل سندس ڪتاب
”ترورا“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
خاص ڪري ان ۾ هائيڪو
۽ آزاد نظم تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي، هائيڪو تي جيڪو ڪم
تنوير ڪيو آهي اهڙو ڪنهن سنڌي اديب نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ ئي سفر
نامو ” ڏوري ڏوري ڏيهه“ به سفري ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاري ٿو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر
صاحب جو ڪتاب ”منهن تنين مشعل“ آهي جيڪو سندس ويجهن يارن دوستن تي لکيل خاڪن جو
آهي، اهي خاڪا اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي اديب شاعر نه آهي.
هڪ ٻيو ڪتاب:
“جي ماريا نه
موت” هيءُ هڪ ناول جو ترجمو آهي جيڪو ان دور ۾ ڊاڪٽر صاحب ترجمو ڪيو. جنهن دور ۾
نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز لکيو هئو ته:
سنڌڙي تنهنجو نانءُ
وتو،
ڄڻ ڪاريهر تي پير
پيو.
وطن دوستيءَ تي
لکيل هن انقلابي ناول کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انتهائي خوبصورت سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪري هڪ اعليٰ مترجم جو پڻ ثبوت ڇڏيو آهي.
شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جا لکيل ڇهه ڪتاب آهن، جيڪي نئين سنڌي شاعريءَ جا اهم ترين ڪتاب
آهن.
۱- ”رڳون ٿيون رباب“
۲- ”شعر“
۳- ”سج تريءَ هيٺان“
۴-” هي ڌرتي“
۵-” تنوير چئي“
هيءُ ڪتاب سنڌي
الاجيءَ سڀني ڪتابن کي گڏي هڪ جلد ۾ ڇپايو آهي ۽
۶ -” ساجن سونهن سُرت“ هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جو آخري ڇپيل ڪتاب
آهي، ان کان سواءِ ٻيا الائي ڪيترا اڻ ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر وٽ هوندا. تازو پتو پيو آهي
ته شاهه جو رسالو پڻ ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏنو آهي جيڪو شاهه لطيف چيئر وٽ آهي ڇپائي
لاءِ.۽ آخري پلن تائين لکندو رهڻ وارو ڊاڪٽر تنوير ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي.
هن سنڌ کي جيڪي ڪجهه
ڏنو سنڌ ان جو احسان ڪڏهن لاهي سگهندي اهو چئي نٿو سگهجي. پر اهو طئه آهي ته ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جو موت هن صديءَ جو سنڌي ادب لاءِ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، استاد
بخاري، موهن ڪلپنا ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، جي موت جيان هڪ نهايت ئي وڏو نقصان آهي جنهن
جو پورائو ناممڪن آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ ن۲مبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
تنوير عباسي
فن ۽ شخصيت
عوامي آواز ايڊيٽوريل
تنوير عباسي سنڌي
ادب جي هڪ گهڻ – پاسائين شخصيت هو، جنهن کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو ۽ سنڌي ٻولي
جو وليم ورڊس ورٿ به چيو ويندو آھي۔ ان پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن
تي لڳ ڀڳ ويھارو کن ڪارائتا ڪتاب ارپيا۔ جن ۾ شعري مجموعن ۾ ۱۹۵۸ع ۾ پهريون ”رڳون ٿيون رباب“،ان کان پوءِ ۱۹۷۰ع ”شعر“، ۱۹۷۷ع ۾ ”سج تري هيٺان“، ۱۹۵۰ع ۾ ”هيءَ ڌرتي“ شامل آھن۔ جن جو ڪُليات
يعني گڏيل ڪتاب ”تنوير چئي“ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ رڳون ٿيون رباب کان اڳ
واري شاعري ڏنل آھي. جڏهن ۾ ۱۹۹۷ع ۾ پويون شعري مجموعو ”ساجن سونهن سُرت“ شايع ٿيو.
هو بنيادي طور تي
شاعر هو پر هن جي ادبي تحقيق به ايتري ئي سگهاري آهي. خاص طورتي سندس سنڌي ٻولي جي
وڏي شاعر ”شاه لطيف جي شاعري جو اڀياس“ هڪ بي مثال ڪارنامو آھي. شاهه لطيف جي
شاعري جلدپهريون ۱۹۷۶ع ۽ ٻيوجلد ۱۹۸۵ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ ۱۹۸۹ع ۾ اهي ٻئي ڪتاب هڪ مضمون جي واڌاري سان گڏائي هڪ ڪتاب جي صورت ڇپايو ويو
.
تنوير عباسي ادبي
تحقيق جي کيتر ۾ پڻ پاڻ ملهايو۔ سنڌ جي اساسي ۽ صوفي شاعرن سچل سرمست، خوش خير
محمد، نانڪ يوسف ۽ ٻين جي ڪلام جو اڀياس ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو. جن ۾ ”سنڌ جا عظيم
صوفي بزرگ“ ۱۹۸۱ع، ”نانڪ يودف جو ڪلام“ ۱۹۸۲ع، ”خير محمد هيسباڻي جو ڪلام“ ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿيا. جڏهن ته ۱۹۸۹ع ”سچل سرمست“ انگريزي ۾ ترتيب ڏنو۔ اهڙي
طرح هن سفر ناما پڻ لکيا جيڪي تفريح کانسواءِ بيحد معلوماتي آھن۔ جن ۾ ”ڏوري ڏوري ڏيھه“
يورپ جو سفرنامو ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آھي“ سندس وفات کان پوءِ ۲۰۰۱ع ۾ شايع ٿيو،جنهن ۾ يورپ، آمريڪا ۽ دبئي جا
احوال ڏنل آھن. تنوير عباسي علمي ادبي موضوعن تي ڪيترا ليڪچر يا تقريرون وڏي اهميت
جوڳيون آھن،جيڪي پڻ ”سپني کان سهڻي ساڀيا“ جي نالي سان ۲۰۰۲ع شايع ٿيل آھي. هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ ۽
تبصرا پڻ لکيا ۽ ان کان سواءِ سندس ڪيترائي انٽرويوز ادبي اهميت رکن. جن ترتيب ڏئي
شايع ڪرڻ گهرجي. ادبي تحقيق ۾ ۱۹۸۱ع ۾ ”جديد سنڌي شاعري“ پڻ مڃتا ماڻي.
تنوير عباسي ڪيترن ڪتابن
جي ترتيب ۽ سهيڙ جو ڪم پڻ ذڪر لائق آھي. جن ۾ ريسرچ جرنل ”سرمست“ جا ۹ شمارا ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۹ع تائين شايع ٿيا ۔ ان کان سواءِ ۱۹۷۵ع ۾ ”ٻاراڻا ٻول“ به ڇپيو ويو۔ تنوير عباسي
جي ادبي مضمونن ۽ خاڪن جا ڪتاب به شايع ٿيل آھن. جن ۾ ”تروا“ ۱۹۸۸ع ۽ ”منهن تنين مشعل“ ۱۹۹۰ع شامل آھن.
تنوير عباسي گهڻو
وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هيو. سندس ذاتي لائبريري ۾ سنڌي، انگريزي، اردو،
فرينچ ۽ فارسي ٻولين جا اهم ۽ بنيادي ڪتاب دس مطالعي هيٺ رهيا ۔ جنهن سبب کيس هڪ
گهڻ- پڙهيو ليکڪ چيو ويندو آھي۔ اها لائبريري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾
سندس نالي قائم ڪيل ”تنوير عباسي چيئر “ ۾ موجود آھي، جيڪا سندس وفات کان پوءِ
وارثن پاران کين ڏني وئي هئي. تنويرعباسي سنڌي ادب جي ناليواري شخصيتن ۾ اهم جاءِ
والاري ٿو. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ جديد سنڌي شاعري جي بنياد رکندڙن ۾ سندس
اهم ڪردار آھي.
تنويرعباسي جو جنم
۾ ۷ سيپٽمبر ۱۹۳۴ع تي اڳوڻي خيرپور ۾ هاڻوڪي تعلقي ۽ شهر سوڀو ديرو ۾ ٿيو۔ سندس ڇٺي جو نالو
نور النبي هو. ادب ۾ اچڻ کان پوءِ هن پنهنجو تخلص ”مغموم“ رکيو پر اڳتي هلي اهو مٽائي”
تنوير“ جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
هڪ خوش اخلاق ۽ خوش مزاج شخصيت هو. هو هڪ ايماندار ۽ بااصول انسان هو. انسانيت جي
خدمت ۽ سنڌ جي سياسي سجاڳي ۾ متحرڪ رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
ان کان سواءِ سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڳتي رهيو. جديد
سنڌ جي فڪري تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجون آدرشي ڪاوشون ورتيون. نون تخيلقڪارن جي حوصلي
افزائي ڪرڻ ۽ نون علمي ادارن جي قيام ۾ رهنما ڪردار ادا ڪيو۔ هو پاڻ ڪيترن ادارن
جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو. هو شخصيت ساز ۽ ادارا ساز شخصيت سمجهيو ويندو آھي.
سندس علمي ادبي ڪاوشن
جي مڃتا ۾ کيس ڪيترن ئي اعزازن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽
تمغه اتياز، ڀارت ۾ ساهتيه اڪيڊمي جو نارائڻ شام ايوارڊ ذڪر جوڳا آھن.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
تنوير عباسي
سنڌ جو آدرشي اديب
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
تنوير عباسي اصل نالو نور نبي ۰۷ ڊسمبر، ۱۹۳۴ع تي گل حسن جي گهر ضلعي خيرپور جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي
تعليم ڪراچي ۽ ايم بي بي ايس ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ۱۹۶۰ع ۾ ڪيائين ۽ مستقل رهائش خيرپور ۾ رهيس،
پنهنجي “سنڌ اسپتال” هلائيندڙ هو، سنڌي ادب جي هن ناليواري شاعر جي سڃاڻپ ته شاعر
طور آهي پر سندس خدمتون سنڌي نثر ۾ پڻ لاجواب آهن. هن مترجم، محقق، سفرنامانگار ۽
ناول نگار طور ڪم ڪيو آهي. سندس نثر توڙي نظم بي حد معياري ۽ شانائتو آهي. تنوير
عباسيءَ جا گهڻا ڪتاب يونيورسٽين جي هائر ڪلاسن ۾ ۽ چِٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي
مقرر نصاب ۾ شامل آهن. اڄ تائين سندس نثري ڪتابن جو مڪمل تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ڪنهن
به محقق پيش نه ڪيو آهي.
ڊاڪٽر تنوير جي
شعري مجموعن ۾ “رڳون ٿيون رباب” (۱۹۵۸ع)، “شعر” (۱۹۷۰ع)، “سِج تِريءَ هيٺان” (۱۹۷۷ع)، “هيءَ ڌرتي” (۱۹۸۱ع) ۽ “ساڄن سونهن سرت” شايع ٿيل آهن. جيڪي هڪ
گڏيل مجموعي “تنوير چئي” ڪتاب ۾ ۱۹۸۹ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇاپيا آهن. ٻين ڪتابن ۾ “ٻاراڻا
ٻول” ۱۹۷۳ع، “جديد سنڌي شاعري” (۱۹۸۱ع)، “شاهه لطيف جي شاعري” پهريون جلد (۱۹۷۶ع) ٻيو جلد (۱۹۸۵ع) ۽ ٽيون ڇاپو، “شاهه لطيف جي شاعري” (گڏيل
ٻئي ڇاپا، ۱۹۸۹ع)، “نانڪ يوسف جو ڪلام” ۱۹۸۲ع، “خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام” (۱۹۸۳ع)، “ڏوري ڏوري ڏيهه” (سفر نامو) ۱۹۸۳ع، “جي ماريا نه موت” (ناول ترجمو ۱۹۷۳)، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور جي ڪتابي
سلسلي سرمست جا ۹ جلد سهڙيل (۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۹ع) ۽ “ترورا” (۱۹۸۸ع)، “شاهه جو رسالو” (اردو)، “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (سفر نامو)، “منهن
تنين مشعل” (خاڪا)، “سچل سرمست” (انگريزي) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
تنوير عباسيءَ کي
سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو ان کان سواءِ فارسي هندي ۽ فرينچ
ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو، سندس شاعري پنجابي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾
ترجمو ٿيل آهي، هن جي شاعريءَ کي ڪيترن شاعرن ڳايو آهي. هن آدرشي شاعر کي سنڌ
واسين مانِ ڏنو آهي هو سندن محبوب شاعر آهي ڊاڪٽر عباسيءَ سنڌ جي هر ڏکئي وقت ۾
پنهنجي شاعريءَ سان پڙهندڙن ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي چاهي ون يونٽ هجي يا ۴ مارچ جو واقعو هجي يا ڪو ٻيو ڏک ڀريو واقعو
هن پنهنجو قلم احساسن سان اوتيو آهي چوي ٿو ته،
سنڌڙي منهنجا، ساراڳوڙها
تنهنجا آهن،
منهنجون دانهون
منهنجون آهون تنهنجون آهن،
منهنجا ساز ۽
منهنجا نغما تنهنجا آهن
منهنجو ماڳ به تون
ئي، منهنجو ڀاڳ به تون ئي.
تنوير جي شاعريءَ ۾
حب الوطني، قوميت، سنڌيت ۽ سماجي مسئلن سان گڏ رومانس کي وڏي اهميت آهي. ان ڪري
کيس سنڌي شاعريءَ جو فطرت پسند شاعر، رومانوي شاعر ۽ سنڌ جو ورڊس ورٿ سڏيو ويو
آهي، هن ڪيترائي غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، هائيڪا، وايون ۽ دوها لکيا آهن. هائيڪو
۾ تنوير جو ڪم ملهائتو آهي ته غزل کي سهڻائيءَ سان نڀايو اٿس جنهن ۾ تنوير جي الڳ
رنگ ڍنگ واري سڃاڻپ آهي، شاعريءَ ۾ ۱۹۵۵ع کان لکيائين شاعريءَ جي محفلن جو روح روان هوندو هو.
کيس استاد طور شيخ ابراهيم خليل جهڙي قادر الڪلام شاعر جو ساٿ مليو جنهن سان سندس ڪلام
۾ نواڻ آئي گڏوگڏ هو تعليم يافته، مشاهدي ۽ مطالعي وارو اديب ۽ شاعر هو سندس گهر ۾
وڏي لائبريري هئي ۽ کيس ڏيهي، پرڏيهي ادب پڙهڻ جو جنون جي حدتائين شوق هو (جنهن جي
پروڙ سندس نثري ڪتابن ۾ آيل حوالن مان پوي ٿي) هو پاڻ لکي ٿو ته، “پنهنجي ٿوريءَ
عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين اڳيان ٿي
گذريا آهن جيڪي ڪجهه منهنجي احساسن کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، ان کي اهڙيءَ
ريت لکيو اٿم جيئن ٻين جي دل ۾ پڻ اهڙا احساس اٿن ۽ اهڙا ئي جذبا جاڳن جيڪي منهنجي
دل ۾ جاڳيا جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾ ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري
سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو”.
نصير مرزا سندس
نظمن کي ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌر تي لکيل ساهتڪ رچنائون سڏيو آهي، مرزا موجب ته
تنوير جي غزل ۾ خيال جي تازگي، پر ڪشش نغمگي، داخلي غنائيت ۽ پاتال جهڙي گهرائي
موجود آهي”.
“رڳون ٿيون
رباب”، سندس پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، جو پهرين مارچ ۱۹۵۸ع تي مقبول ڀٽي ڇپايو ۽ ان کان پوءِ آگم
پبليشنگ ۱۹۷۹ع ۾ ۽ پوءِ پڻ ڇپيو آهي، هن وقت “تنوير چئي”، جي گڏيل ڪتاب ۾ شامل آهي هن ڪتاب
۾ گيت ۱۸ نظم ۲۰ ۽ غزل ۴۴ شامل آهن گهڻي ڀاڱي غزل آهن جن کي تنوير چواڻيءَ ته، “هن انهن غزلن کي
نئين اسلوب سان لکيو آهي جنهن ۾ پراڻو فارسيءَ جو لهجو ۽ موسقيت اوپرا ڄاڻندي هن
غزل ۾ پنهنجو سنڌي لهجو ۽ موسقيت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي”، هاڻي مثال طور ڏسنداسين
ته چند شعرن مان اندازو ٿي ويندو.
جنهن نه لڪن ۾ لوڏا
کاڌا،
تنهن به پنهل سان
پيچ نه پاتو.
اوهان ٿا ڪهو جن کي
ابتي ڇريءَ سان،
اهي ڪجهه ته لڇندا
اهي ڪجهه ته ڪڇندا.
نياز همايوني سندس
شاعريءَ کي ذاتي طبع جو ميلاپ سڏيندي لکيو آهي ته، “مان هن يار جي خوشين ڀري زندگي
ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو
ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها
ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي پرستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه
ان ڏات جو ڦل آهي جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو
غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي”.
تنوير جو ٻيو شعري
مجموعو “شعر” (۱۹۵۹ع کان ۱۹۷۰ع) جي دور جو لکيل آهي جو سنڌو ڪتاب گهر سکر اپريل ۱۹۷۰ع ۾ شايع ڪيو ۽ جنهن جو انتساب سندس گهر
واري قمر تنوير جي نانءُ آهي ۱۳۳ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۹۰ نظم ۽ گيت آهن. “هر ڪو ماڻهو موتي داڻو آ”،
کان شروعات ٿيل آهي ان کان سواءِ ڪيڏارو (داستان پهريون) “ٻاهر گل گلاب جا”، “من
تن جو فولاد” ۽ ڪيڏارو داستان ٻيو ۽ ڪجهه شاعري (ترجمو) شامل آهي.
”سج تريءَ هيٺان”
۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۷ع تائين جي سرجيل شاعري آهي جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۷۷ع ۾ نذر سنز پبليشرز حيدرآباد شايع ڪيو هن
مجموعي ۾ ۸۳ موضوعن تي مختلف صنفن جي شاعريءَ سان گڏ شيخ عبدالرزاق جي شهادت جو ڪيڏارو
(داستان چوٿون) ڏنل آهي، جنهن جي خون کي لئه مٽي ڪيو ويو هو.
امداد حُسيني هن ڪتاب
جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “تنوير جي شاعريءَ ۾ سر ۽ معنيٰ هڪٻئي ۾ لين ٿين ٿا، لوڪ ڪلاسيڪل
شاعريءَ جي گهري اڀياس ڪلاجي بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ ۽ تجربي جي لڳاتار جوکم کڻڻ
سان ئي اهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو هو انساني عظمت جو شاعر آهي هن جي اندر
۾ انسان ذات لاءِ چاهه جوا ٿاهه ساگر آهي”.
“هيءَ ڌرتي” ڪتاب
(۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۵ع) جي دور جو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۸۵ع جي مارچ ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت شايع
ڪيو. ڪتاب جو انتساب موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جي نالي آهي، هن ڪتاب ۾ ڪيڏارو
(داستان پنجون) شامل آهي ۽ ڪجهه فرينچ شاعريءَ جا ترجما پڻ آهن.
”هيءَ ڌرتيءَ
کان پوءِ” جي عنوان سان سندس شاعري ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين جي وقت جي آهي جنهن ۾ پڻ هائيڪو، ڪيڏارو، نظم ۽
آزاد نظم ڏنل آهن جن جو ڳاڻيٽو ۳۱ تائين آهي. مٿيان سڀ مجموعا “تنوير چئي” جي عنوان سان ۵۳۶ صفحن جي ڪتاب ۾ گڏي ڏنا ويا آهن ۽ هن ڪتاب
کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ شايع ڪيو آهي ۽ “تنوير چئي” ڪتاب هائر ڪلاسن ۾ نصاب
طور مقرر پڻ آهي، تنوير عباسيءَ جي شاعري ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هميشه اخبارن ۽
رسالن ۾ ڇپجندي رهندي هئي هو هڪ ڪامياب شاعر هو، سندس تخليقي سفر تقريبن چاليهارو
سالن تي محيط رهيو ۽ اڃان به سندس شاعري اڻ ڇپيل موجود آهي، شيخ اياز کان پوءِ هي
سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن نوجوان نسل جي دلين تي پنهنجي فن معرفت راڄ ڪيو،
ترقي پسند هن اديب ۽ شاعر جون خدمتون مڃتا لائق آهن. هن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون
اسلوب ڏنو ۽ پنهنجي فن ۾ مختلف صنفن معرفت نوان موضوع ۽ نوان تجربا روشناس ڪرايا
آهن هو انسانيت ۽ خاص طور سچائين ۽ احساسن جو قلمڪار آهي.
پنهنجي شاعري ۽
تحقيق تي هن ڏيهه توڙي پر ڏيهه مان اعزاز ماڻيا جن ۾ پاڪستان رائيٽرز گلڊ، سنڌالاجي
ايوارڊ، نارائڻ شيام ايوارڊ ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان سول ايوارڊ شامل آهن هو ڪيترن
ئي علمي، ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان وابسته رهيو جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان رائيٽرز
گلڊ، ميمبر دي پوئٽري سوسائٽي لنڊن، ميمبر ائڊ وائيزري بورڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڊائريڪٽر سچل چيئر شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي
گورننگ باڊيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ ٻيا ادارا آهن سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾
هن ڪانفرنسون ڪوٺايون جن ۾ پڙهيل مقالن جا ڪتاب ڇپرايا اهو سندس هڪ وڏو ڪارنامو
آهي.ڊاڪٽر تنوير عباسي شخصي طور نهٺو، ملنسار ۽ قربائتو شخص هو، سندس حلقهءِ احباب
وسيع هو ۽ پوري دنيا گهميل هو آسودو ماڻهو هو پر منجهس وڏي تواضع ۽ نهٺائي هئي. هن
آمريڪا انگلينڊ ڀارت، فرانس، اٽلي، هالينڊ، متحده عرب امارات ۽ ٻيا ڪيترا ئي ملڪ
گهميا ۽ انهن سفرن جا احوال لکيا جن کي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هن نثر ۾ پڻ
نغمگي اوتي آهي، سندس وفات اسلام آباد ۾ پنهنجي پٽ سرمد جي گهر ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي ٿي ۽ کيس جي-۸، اسلام آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي،
هن جو نثر تو ڻي نظم سنڌي ادب ۾ هڪ لازوال حيثيت رکي ٿو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
تنوير عباسي
روشن خيال شاعر ۽ محقق
طارق عزيز شيخ
جديد سنڌي شاعريءَ
۾ مزاحمت، جدوجهد، قومي جذبو، سونهن، ترقي پسندي ۽ نيچر کي موضوع بنائيندڙ شاعر
تنوير عباسي آهي. تنوير عباسي گهڻ مطالعاتي شاعر هو، سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ماضيءَ
کان ويندي مستقبل تائين سمورا منظر ملن ٿا. هو حساس آهي، سندس خيال ۾ ڳڻتي آهي. هن
جي پيغام ۾ سماج جي مسئلن ۽ ڏاڍاين جي عڪاسي ٿيل آهي. تنوير وٽ سڀ کان وڌيڪ اهميت
انسان جي آهي. انسان جي عزت، انهي جي تفري ۽ حيثيت کي گهٽتائي جو مخالف آهي، جيئن
سندس شاعريءَ ۾ اظهار ٿيل آهي:
ڏسي مٽيءَ جو مان،
فلڪ حيران ٿيو.
تارازيءَ جي هڪڙي ڀر
۾،
وجهجن ٻئي جهان ۾،
ڳرو انسان ٿيو.
تنوير عباسي انهي
وقت پنهنجو پيغام عام ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ ٻوليءَ کان وٺي نسلي تعصب تائين انتشار پکڙيل
هو. سياسي اڳواڻن قوم کي الڳ الڳ طريقن سان مونجهاري ۾ اٽڪائي رکيو هو. اهڙي
صورتحال ۾ تنوير عباسي چوي ٿو:
اڃا به جاڳندا رهو
اڃا به جاڳندا رهو
اڃا ته وقت پُر خطر
ٽريو نه آ ٽريو نه آ،
اڃا سڻائو واءُ ڪو
وريو نه آ وريو نه آ،
اڃا به جاڳندا رهو
اڃا ته رهزنن جي
منهن تي رهبريءَ جو آ نقاب،
اڃا ته دشمنن جي
منهن تي دوستيءَ جو آ نقاب.
تنوير عباسي ترقي
پسند رجحان ڏنو. هن جي ڪلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڪ معاشرو آهي. صوفي ۽ انساني
همدرديءَ جو جذب آهي. شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام کي شوق سان پڙهندو هو ته
وري انهن جي فلسفي کي جديد انداز ۾ ڏسندو هو. تنوير عباسي جيڪو هائيڪو چيا آهن يا
شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي، انهي ۾ به صوفين جي فلسفي جي جهلڪ ملي ٿي. هن جي شعري
مجموعي “سج تريءَ هيٺيان” ۾ ڪيڏارو چيل آهي، جنهن ۾ اظهار ڪري ٿو ته:
رسالو سڙندو ڏسي،
مرڪيو ڀٽ جو گهوٽ،
سڙي نه سهندي سنڌڙي،
چڙهندي ويندي چوٽ،
ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ،
جنهن لئه سِر صدقي ڪندا.
سندس هائڪي جو فن
هن طرح آهي:
ڦڙ ڦڙ مينهن وسي،
اکڙين ۾ آلاڻ ڇو؟
ڪوئي ڪين ڏسي.
*
ڇڻيو ٻٻر جو ٻُور،
چارو ٻيلو ٿي ويو،
پوءِ به وڃڻو ڏور.
تنوير عباسي
شاعريءَ جون سموريون صنفون، قديم کان جديد تائين چئي ڏيکاريون آهن. جن ۾ غزل، نظم،
آزاد نظم، بيت، گيت، وايون، چؤ سٽو، سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو شامل آهن. هن ون يونٽ
خلاف جدوجهد ۾ به حصو ورتو. شيخ اياز، شمشير الحيدري، استاد بخاري، امداد حسيني ۽
تنوير هڪ زماني ۾ گڏيل علمي ادبي توڙي سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي. تنوير
جي شاعري ۾ جيڪو جذبو ملي ٿو سو هر سنڌيءَ جي دل ۽ دماغ جي نمائندگي ڪري ٿو. هو
چوي ٿو:
مان ڪو ڪورو ڪاغذ
ناهيان
مان ڪو ڪورو ڪاغذ
ناهيان
جنهن تي چاهيندي جو
لکندي
ٻار جي ڦرهي ناهيان
جنهن کي،
ميساريندو، لکندو
رهندين،
اڻ ڊهندڙ تحرير مان
آهيان،
۽ پنهنجي
تقدير مان آهيان،
مان آهيان هڪ ازلي
ليک،
منهنجي اک ۾ سج جو
تيک.
تنوير عباسي شاعر
هئڻ سان گڏوگڏ بهترين فزيشن، نثرنگار، محقق مقرر ۽ علمي اداري جو سربراهه رهيو.
سندس جنم سنڌ جي تاريخي شهر خيرپور ۾ ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي ٿيو. سندس اصل نالو نور نبي عباسي هو
بعد ۾ شاعري ڪيائين ته ادبي نالو تنوير رکيائين. پرائمري کان انٽرميڊيٽ ڪراچيءَ
مان تعليم پرايائين.
ساڌو هيرانند اڪيڊميء
مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽرميڊئيٽ،
گورنمنٽ ڊي. جي. سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج،
ڄام شوري مان پاس ڪيائين.
تنوير عباسي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۵۰ع کان ڪئي ۽ پهريون شعر حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ
رسالي “فنڪار” ۾ ڇپيس. سندس شاعري ۽ تحقيقي ڪم جي نتيجي ۾ هيءَ ڪتاب منظر عام تي
آيا:
۱. رڳون ٿيون رباب (شاعري ۱۹۵۸ع) ۲. شعر (شاعري ۱۹۷۰ع) ۳. جي ماريا نه موت (ترجمو ناول ۱۹۷۳ع) ۴. ٻاراڻا ٻول (مرتب ٿيل ۱۹۷۳ع) ۵. شاهه لطيف جي شاعري (تحقيق ۱۹۷۶ع) ۶. سج تري هيٺيان (شاعري ۱۹۷۷ع) ۷. جديد سنڌي شاعري (مرتب ٿيل ۱۹۸۱ع) ۸. نانڪ يوسف جو ڪلام (مرتب ٿيل ۱۹۸۲ع) ۹. خوش خير محمد جو ڪلام (مرتب ٿيل ۱۹۸۳ع) ۱۰. ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو ۱۹۸۴ع) ۱۱. هيءَ ڌرتي (شاعري ۱۹۸۵ع) ۱۲. ترورا (مضمون ۱۹۸۸ع) ۱۳. تنوير چئي (شاعري ۱۹۸۹ع) ۱۴. منهن تنين مشعل (خاڪا ۱۹۹۰ع) ۱۵. ساجن، سونهن، سرت (شاعري ۱۹۹۶ع)
مٿين ڪتابن کان
علاوه تنوير عباسيءَ جي شاعري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي. تنوير
عباسيءَ جو ھر ڪتاب ۽ تخليقي ڪم منفرد آھي پر سندس لطيف شناسيءَ ۾ ڪم سڀ کان عمدو
آھي. “شاھ لطيف جي شاعري” تنوير عباسيءَ جو تحقيقي مقالن سان سجيل ڪتاب سنڌي ادب
جي شاھڪار ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنھن جو پھريون ڀيرو ڇاپو ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيوھو ۽ ان کانپوءِ ڪيئي دفعا شايع
ٿيو آھي. تنوير عباسيءَ جو ھيء علمي پورھيو روايتي انداز وارو ناھي بلڪہ ھن عقلي
بنيادن تي شاھہ جي ڪلام کي پرکيو آھي. ھر مقالو پڙھڻ کان پوءِ شاھ سائينءَ جي
شاعري ھڪ نئين نظريي ۾ سمجھ ۾ اچي ٿي. شاھ صاحب جي شاعريءَ تي ڪيترن ئي عالمن ۽
محققن ڪم ڪيو آھي پر تنوير عباسيءَ جيترو سولو ڪري سمجھايو آھي اوترو ڪنھن ٻئي
محقق ناھي سمجھايو. ھن ڪتاب جو ھر مقالو تاريخي حوالن ۽ دليلن سان لکيل آھي. تنوير
عباسي جيئن تہ ترقي پسند سوچ جو مفڪر ھو، ان ڪري ھن پنھنجي فڪر موجب ئي لطيف سائين
جي ڪلام کي پڙھيو ۽ ان تي مقالا لکيائين. اسان بہ جڏهن تنوير عباسيءَ جي سوچ سان
لطيف سائين جي ڪلام کي پڙھيو ۽ سمجھيو تہ اھو بنھہ نئين انداز وارو لڳو. نہ فقط
شاھ جي شاعري جا نوان رخ نظر آيا پر تاريخ جا تلخ واقعا بہ پڌرا ڪيا اٿس. ائين ئي
سياست، سماجيات، رنگن، عڪسن، لھجن، ڪردارن، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي حوالن سان بہ لطيف
سائين جي شاعريءَ کي رونما ڪيو اٿس. سندس مقالا ھن ترتيب سان ڏنل آھي آھن: شاھ
لطيف جي شاعري جو ادبي پس منظر، شاھ لطيف جي شاعري جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، شاھ
لطيف جي شاعري ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر، شاھ لطيف جي عوامي شاعري، شاھ لطيف جي شاعريء
جي موسيقي، شاھ لطيف جي عڪسي شاعري، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس، شاھ
لطيف جي اھڃاڻي شاعري، شاھ لطيف جا سورما ۽ سورميون، شاھ لطيف جي شاعري جو زورائتو
اچار، ساجن،سونھن، سرت، سر گھارو جو اڀياس.
تنوير عباسيءَ سڄي ڄمار
علمي ادبي پورهئي ۾ گذارڻ بعد زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن پنھنجي فرزند جي گھر ۾
اسلام آباد ۾ گذاريا. دنيا مان رخصت ٿيڻ کان اڳ ھن پنھنجي جسم کي بہ ڊونيٽ ڪرڻ جي
وصيت ڪئي ھئي. مطلب ويندي ويندي بہ ٻين جي ڀلائيءَ جو سوچيائين، پر وفات کان پوءِ ائين
نہ ٿي سگھيو. هن جو انتقال ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي اسلام آباد ۾ ئي ٿيو ۽ سندس آخري آرام
گاهه به اتي ئي آهي.
تنوير عباسيءَ جي
وفات کان پوءِ به مٿس ڪيئي ڪتاب، مقالا ۽ مضمون اچي چڪا آهن. هيءَ هڪ اعليٰ پائي
جي شاعر جي نشاني آهي ته سندس قوم جا عالم، اديب، صحافي ۽ عام ماڻهو کيس دلين ۾
سانڍيو ويٺا آهن.
(روزاني مومل
ڪراچيءَ ۾ ڇنڇر، ۲۵ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا