; سنڌي شخصيتون: واجد منگي

23 July, 2016

واجد منگي

واجد منگي

جا پيڙ هئي پرواني ۾

منظور ڪوھيار



’واجد‘ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين آھي. ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست آهي.

واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته ڪو نه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪُٽيندا هياسي. جنهن ۾ عورتون گھٽ، مرد گھڻا ويٺا هوندا هيا. انهيءَ دؤران مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام وياسي.


اڃا اٿڻ ويهڻ وڌيو ته واجد پهريون ڀيرو گيان باغ جي ڏکڻ ۾، پراڻي گهاڙ واهه جي سڪل پيٽ ۾ اڏيل ڪچي آباديءَ جي هڪ ڇني ۾ وٺي ويو. اهو سندس گهر هو. هڪ کٽ تي سندس پوڙهو پيءُ ستو پيو هو. ٻي کٽ تي واجد جا ڪتاب ڪڙا سٿيا پيا هئا. گهر جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي پيتي ۽ ان جي مٿان لوهي پيتي ۽ ٻي ڪنڊ ۾ هڪ بجڪو ٽنگيو پيو هو. پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته ان ۾ سندس والد جو سامان سرڙو آهي.

واجد سان اٿندي ويهندي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو هو، ته هو ڏاڍو دلزده ۽ دلفگار شخص آهي. کيس پنهنجي غربت ۽ بي روزگاريءَ جو احساس، شديد تر آهي. سندس اڌ کان وڌيڪ شاعري به ان ڪيفيت جو اظهار هئي، جيڪا ان وقت هن مون کي ٻڌائي هئي.

زندگي محرومين جو سلسلو آ،

ڌرتي ۽ آڪاس ۾ ڄڻ زلزلو آ،

ڇا حياتي ۽ حياتيءَ جي ڄمار،

ٻن ورانگن جو ڪو ئي فاصلو آ.

ماني ۽ ڪپڙن تي پئي عصمت کپي،

ٿو پڇان ڪهڙو ڀلا هي معاملو آ!

روئندا رڙندا ائين رُلندا وتون ٿا،

ڄڻ ته ڪنهن رهزن لُٽيو هي قافلو آ.

جيڏو تو کان ٿا ڊڄون اوڏو عذاب،

ڇا اسان جي هي وفائن جو صلو آ.

يا

جڏهن ستائيندو آهيم،

پنهنجي غربت جو احساس.

ٿيندو ائين محسوس اٿم،

آهيان ڄڻ ڪو زنده لاش،

مفلس ماڻهو جو جڳ ۾،

جيئڻ سچ پچ آ بڪواس.

مٿان وري عشق جي هلڪي سلڪي چپيٽ، تنهن کيس حد کان وڌيڪ حساس بڻائي ڇڏيو. مون کي هڪ ڏينهن داستان عشق ٻڌائيندي ٻڌائيندي پڇي ويٺو.

”ڀاءُ منظور، تو ڪو عشق ڪيو؟“

مون شينگهرجي چيو. ”ڪو هڪ اڌ هجي ته ٻڌايانءِ نه، الائي ڪيترا!“

سندس پر زور اصرار تي هڪ اڌ عشق جو قصو کنيم. لاڙڪاڻي جي شاهي بازار جي هڪ فرضي سيٺ جي ڌيءَ سان عشق، پوءِ اهي ئي ذات پات جا ٻنڌڻ، وچ تي وڏيون ديوارون. آخر ۾ ساڳيو ئي الميو. سيٺ جي ڌيءَ زهر کاڌو ۽ مان بچي ويس. واجد روئي روئي کڻي رڇ ڀريا. جيترو سمجھايانس، ته موالي مڪان تي ويهي ٽٽ ڏي، ته پت ڪبي آ ڇا؟ .. ڪهاڻيڪار هٿ جي هڻي ته يقين ڪبو آ ڇا؟ .. جڏهن ’شرت چندر جي‘ جو مثال ڏئي سمجھايومانس، ته افساني لکڻ کان اڳ ۾، ٻين ماڻهن کي سچي ڳالھ چئي ڪري ٻڌائيندو هو، جي اڳلن تي اثر ٿيو ته ان کي لکي ڇڏيندو هيو. پر جي ٻڌندڙ متاثر نه ٿيا، ته نه لکندو هو. مس مس همراه بس ڪئي ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ته ”ادا، اها ڪهاڻي ضرور لک، مون تي ڏاڍو اثر ڪيو اٿئين“. مون دل ۾ چيو، ’مان ٿو لکان، پڙهندي جي تو روئڻ شروع ڪيو ته ڪير پرچائيندئي؟‘ بس، مون ان ڏينهن کان توبهه ڪئي ته هن معصوم سان اهڙو چرچو به نه ڪجي. اها مذاق ته انهن عاشقن سان ڪري سگهجي ٿي. جيڪي اسان جهڙا هجن نؤد.

واجد جيئن ته حد کان وڌيڪ حساس هو. ان جي ڪري ڪنهن جي ٿوري ڳالهه به کيس ڏکوئي وجهندي هئي. ائين به نه هو ته منجهس مزاح جي حس نه هئي. اهل ڪرڻ ته ڪو واجد کان سکي، سا به مرحوم افضل قادري يا مولوي نورالدين نور جي. مشاعرن ۾ ادبي نوڪ جهوڪ به سٺي ڪري ڄاڻيندو هو. مرحوم افضل سان سندس نوڪ جهوڪ محفل کي زعفران بڻائي ڇڏيندي هئي. خاص ڪري افضل جي شعر ۾ بحر وزن جي حوالي سان ’کي‘ يا ’تي‘ وڌيل هوندي هئي. واجد هڪدم نشاندهي ڪري چوندو هيو؛ ”اتي ’کي‘ وڌي ٿي.“

”ادا!“ افضل قادري پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هيو، ”هڪ ته وڌيل ناهي، جي وڌيل آهي به، ته کٽل کان اُٽل چڱي آ، ادا!“

”ادا!!“ واجد اهل ڪندي چوندو هوس، ”شعر جو توازن ته بگڙيو نه!“

”ادا! جڏهن به دوڪاندار کان ڪا شيءِ وٺو ٿا، ته ان وقت چئوس ٿا اُٽل ڏي. پر جي شاعر شعر ۾ اُٽل ڏئيوَ ٿو، ته چڙي ٿا پئو.“ افضل مثال ڏئي جان ڇڏائڻ جي ڪندو هو.

رزاق مهر وچٿرو تبصرو ڪندو هو، ته جيئن لال به لڀي، پريت به رهجي اچي. مان افضل قادري جو پاسو کڻندي چوندو هيس، ته ”شعر ۾، شاعر جي خيال ۽ پرواز کي ڏسبو. سو خيال جي پکيرو کي بحر وزن جي اڏي تي قربان ڪري مرغ بسمل نه بڻائجي ته چڱو آهي. فاعلاتن فاعلات جي پڃري ۾ قيد نه ڪجي ته سٺو آهي. سوچ جو پکيرو ڀل خيال جي آسمان ۾ اڏري، مشاهدو ماڻي، ڪا نئين ڳالھ ڪري ته بهتر آهي“

واجد کلي چوندو هو، ”ادا، ڪڏهن ڪڏهن افضل بجاءِ منهنجي ڀر به کڻندا ڪيو!“

پر هن متاع درد رکندڙ ماڻهو ڪڏهن دل ۾ نه رکيو. مرحوم افضل لاءِ سندس نثري نظم، ”اڄ پڻ اکڙين“ سندس وسعت قلبي جو وڏو ثبوت آهي.

افضل هڪ ارڏو شاعر،

جنهن جي سٽ سٽ،

انڌيرن سان مهاڏو اٽڪايو،

جيڪو سورن جي ساگر ۾،

مون لاءِ ناوَ سمان هو.“

۱۹۷۶ع ۾ سندس اڪثر دوست بي روزگار، واندا يا شاگرد هيا. انهن سوچيو ته ڇو نه واجد کي ميٽرڪ ڪرائجي. جيئن هو احساس ڪمتريءَ مان آجو ۽ با اعتماد ٿئي. نيٺ اسلم سنديلي، رزاق مهر ۽ منهنجين ڪوششن رنگ لاتو. واجد مئٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سڀني کي اميد ٿي ته هاڻ هو هٿ پير هڻي با روزگار ٿيندو.

۱۹۷۷ع ڌاري مان سنڌ يونيورسٽي هليو ويس. منهنجي ملاقات ساڻس گاهي ماهي ٿيندي هئي. سال ۱۹۷۹ع اپريل جو مهينو هو. ڪنهن اچي گهر ٻڌايو ته واجد جو والد گذاري ويو آ. سندس والد به ڏاڍو قربائتو شخص هو. جڏهن به در تي بيهي سڏ ڪندا هياسي ته ويچارو گهر جي اندران ئي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندو هو.

”اچو منهنجا بابا، مان صدقي، مان قربان ٿيانوَ.“

سنهڙو سيپڪڙو مڙس، پر دل ڪشادي. اندر گھڙبو ته کڻي ٻک هڻندو. بظاهر غريب، پر دل جو امير، محبت جو اسير، ڪچهري جو ڪوڏيو. واجد پئي ٻڌايو؛ ”بس زندگي ۽ موت جو منظر اهو آهي. ڪالھ خوش باش، ڪچهري پئي ڪيائين، اڄ سندس تڏي تي ويٺا آهيون“.

فاتحه کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جا قصا نڪتا. آخر ۾ دنگ وڃي واجد جي بي روزگاريءَ تي ٿيا. هر ڪنهن پنهنجي ذهن آهر کيس دڪان کولڻ يا نوڪري ڪرڻ جي صلاح ڏني. پوءِ خبر پئي هئي ته سندس ڀائرن جاءِ کپائي، حصي ۾ کيس صرف ساڍا ٽي هزار ڏنا هيا. اهي پيسا کڻي ٽنڊي غلام علي پهتو ۽ دڪان کوليائين. دڪان نه هليس ته مارڪيٽ ڪميٽي ۾ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين. اتي يارنهن مهينن جون پگهارون نه مليس ته وڃي ٿر وسايائين. جتي علم و ادب جي قدردان ۽ مهربان محترم عبدالقادر منگي بحيثيت ڊپٽي ڪمشنر کيس روزگار ڀيڙو ڪيو. جيئن ئي منگي صاحب جي بدلي ٿي، ته هي ٻيهر بي روزگار بڻجي پنهنجي اصلوڪي ماڳ لاڙڪاڻي اچي پهتو.

ان سڄي عرصي دؤران منهنجي ادبي دنيا کان ڌار پار ٿيڻ ڪري، وچ ۾ ڪو اهڙو سنٻنڌ نه رهيو، جو هڪ ٻئي جي حال کان آگاهي رهي. البت سندس شاعري رسالن ۽ ميگزينن ۾ پڙهندي محسوس ٿيندو هو، ته هو سخن کي سينگار وٺائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

۱۹۸۹ع ۾ وري پنهنجي ملاقات ”ميگهه ملهار ادبي سنگت“ جي هڪ ميڙاڪي ۾ ٿي. جنهن جي صدارت ڪندي، هن پنهنجو تازو غزل ٻڌايو هو. جنهن جون ڪجهه سٽون اڃ به هينئين ۾ هُرن ٿيون.

ٿو سئن هنئي مئخاني ۾،

ڇا ملندءِ، چئه نذراني ۾!

سو ماڻهو لامحدود ٿيو،

جو فٽ نه ٿيو ڪنهن خاني ۾.

سا، مون ته شمع ۾ ڪو نه ڏٺي،

جا پيڙ هئي پرواني ۾.

ڪئن تپندي تند ڀلا واجد!

جي ناهي تاءُ تراني ۾!

ان کان پوءِ ٽنڊي غلام علي مان سندس ٻه ٽي خط پهتا، لڳو هو ته قلم جي زبان جلائي خط لکيو هيائين. جنهن ۾ زماني ۽ دوستن جون شڪوهه شڪايتون ۽ تنهائيءَ جون حڪايتون هيون. سندس اهڙن خطن جي ڪري دوستن جو چوڻ هو، ته کيس جهڄڻ، جهرڻ جي عادت پئجي وئي آهي. حقيقت اها هئي ته هو هر پراڻي پريت واري کي پنهنجو سمجهندو هو. اها اسان دوستن جي بي سمجهي هئي. جو ان کي غلط سمجهيوسي ۽ ڪن يارن ته کيس مئي کان پوءِ به نه بخشيو ۽ سندس روح رنجايو.

سال ۱۹۹۴ع ۾ علي خان جي، ”نواز پريس“ تي ملي ويندو هو. پريس هڪ ننڍڙي ڪمري تي ٻڌل، انگريزن جي دؤر جي باقيات هئي. پر مالڪ علي خان ڄڻ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ڪا آخري نشاني هيو. جنهن جي ننڍن ننڍن اسٽولن تي، بظاهر ڏسڻ ۾ ميرا سيرا حالي موالي ماڻهو ويٺا هوندا ها. پر کُلڻ کان پوءِ ڄڻ هيرا ۽ ياقوت. لطيف جي ان بيت مثل:

نڪي نمن ناٿ کي، نڪي ناٿ نمائين،

جاڳا ڪن نه جوٽ جي، جوڳ نه جھارين،

آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون.

اُتي مظفر علي قادري عرف مجن خان (قادري قلم قبيلي جي سرپرست ذوالفقارعلي قادري جي ڏاڏي جو ڀاءُ) ۽ محترم عبدالرحيم پيرزادو (صحافي زلف پيرزادي جو والد) جهڙيون جھانديده شخصيتون به براجمان هونديون هيون. ان وچ ۾ واجد پنهنجو شعري مجموعو ”آءٌ اوهان جو آهيان“ ڪمپوز پيو ڪرائيندو هيو. جنهن جا ڪيترا ئي شعر ڄڻ سندس، امنگن ۽ جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪندا هيا. اُنهن مان ڪجهه شعر هتي سندس اندروني ڪيفيت ۽ سوچ جي حوالي سان پيش ڪجن ٿا، ته جيئن سندس خيال جي خوبي ۽ پيڙا جي پڙلاءَ کي اوهان به محسوس ڪري سگھو:

زندگيءَ جي هر ادا، مون کي قبول.

با وفا يا بيوفا، مون کي قبول.

سارو جڳ سرهو رکي مون کي مُٺئه،

هي عجب جھڙي سخا، مون کي قبول.

زندگي وئرٿ وئي واجد، مگر،

تلخ ٿيا جي تجربا، مون کي قبول.

يا

تون پڇين ٿو ڪيئن پئي گذري حيات!؟

ريءَ پرڙن جي پئي اڏري حيات.

چئني پاسن کان پيون آنڌيون اچن،

اڳ ئي واريءَ جان پئي اڏري حيات.

يا

ڌڪو، ٿاٻو، ٿيلو آهيان،

مونجھارن جو ميلو آهيان.

سور اوهان جا ساڻي آهن،

آئون ڪٿ اڪيلو آهيان.

جنهن جو ڪنهن نه شمار ڪيو آ،

اهڙو گذريل ويلو آهيان.

مون هڪ تبديلي محسوس ڪئي هئي ته واجد جيڪو پهريائين کائڻ جو شوقين هو. خاص ڪري سندس مهري دال چاڙهڻ جو ته ڪو جواب ئي نه هو. اسان مهري دال، سائو مصالحو ۽ ٿوم وٺي سندس گهر پهچندا هئاسين. واجد پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو هيو. دال سوئيندو، پاڻيءَ ۾ رڌيندو، داغ ٺاهي، مصالحو وجهي، مٿان وري ٿوم جي رائي ڏيندس. پوءِ ڪو ڏسي دم دال جو، آڪڙ پلاءَ جي. پر هاڻ واجد چانهه ۽ سگريٽ نوشيءَ تي لهي پيو هو. سندس چين سموڪنگ مان لڳندو هو، ته هن سگريٽي دونهين سان باقاعده جنگ جوٽي آهي. جهلڻ جي باوجود به روز سوين سگريٽ ساڙي خاڪ ڪندو هو. مٺي چانهه جي محبت کيس مٺو زهر ٿي لڳي. ٻنهي سندس صحت کي ڏاڍو هاڃو رسايو. واجد ويو پؤڻو ٿيندو. تان جو وڃي سورن سيراندي ٿيو. سندس ”ست سنگ“ خوب نڀايو. محمد علي پٺاڻ ۽ پنهل ميمڻ جھڙن مداحن ۽ مهربانن به ڪوشش ڪئي. ايسيتائين جو لاڙڪاڻي جي هڪ سڳڻي، سماني ۽ سُوريتي اديبه رضيه کوکر به کيس رت ڏنو. پر قَضا کي قضا نه آئي.

۵ جولاءِ ۱۹۵۲ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي ڄمندڙ شعبان علي منگي، ۲ مارچ ۱۹۹۴ع ۾ هڪ روشن خيال شاعر ”واجد“ جي حيثيت سان موڪلائي ويو ۽ اسان کي پنهنجي ذهن جي اميريءَ جا اهڙا اثاثه ڏئي ويو، جيڪي سنڌي ادب جي لازوال ميراث آهن. جن ۾، ”منهنجا گيت زهر جي ڳيت“، ”سوريءَ مٿي سيڻ“، ۽ ”آءٌ اوهان جو آهيان“ قابل ذڪر آهن.

مان جڏهن به سندس گھر ويندو هيس، ته سندس گھر سامهون وهندڙ گندي نالي جي ڀر ۾ هڪ رابيل جو ٻوٽو بيٺل ڏسندو هيس. جيڪو ڪڏهن سڙيل سڪل، ته ڪڏهن سائو ۽ سرهو نظر ايندو هو. مونکي ائين لڳندو ڄڻ اهو ٻوٽو واجد مثل آهي. ان حوالي سان مون هڪ آزاد نظم لکي کيس ڀيٽا طور پيش ڪيو هو، سو پيش خدمت آهي:

گندي نالي جي ڀر ۾،

آهي لڳل هڪ رابيل،

سوچي ٿو؛ مان ڪيئن مٽايان،

ڌرتيءَ تان هيءَ ڌپ!

مان ته اڪيلو دردن ماريو،

چؤڌاري آ ڪاري گپ!

ائين سوچي هو سر جھڪائي،

هيٺ ڏسي ٿو،

ڪني پاڻيءَ ۾ ڪو عڪس.

ڪيئي مکڙيون ٽارين ۾،

بيٺيون آهن مست.

 

نوٽ

 

(آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جا اديب ۽ ادب دوست، سنڌي ٻولي جي حساس دل شاعر مرحوم واجد جي ياد ۾ ۲۴ جولاءِ تي پروگرام ڪرائي رهيا آهن. مون کي به چيو هيائون اچڻ لاءِ. پر مون کي اڪيلو سفر ڪرڻ کان روڪيو ٿو وڃي؛ جو اوچتو شوگر لو ٿي ٿي وڃي. پوءِ ائين ٻٽڪو ڏئي ٿو ڪران جيئن کجي ٻوسٽ ۾ ڪري. جي ادو عبدالوهاب سهتو ڪراچي ڪنهن ڪم سانگي اچي ساڻ ڪري وٺي وڃي ها، ته مان هيڪلو ئي هليو اچان ها. خير، اڄڪلھ فيس بوڪ ڪم سؤلو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري واجد جي حوالي سان هي تاثر پيش خدمت آهي. سنگت اسان کي به شاملِ حال ڪري ته سندن مهرباني. حاڪم منگي جي ٽائيم لائين تان فوٽو کنيو اٿم. اميد ته ان حجت تي اَرهو نه ٿيندو)


 

واجد منگي

۽ جديد سنڌي شاعري

حسيب ناياب منگي

واجد منگي سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾ اوپرو ته نه آهي پر الائجي ڇو هن کي وساريو ويو آهي. هن پنهنجي ڏات وسيلي شاعريءَ جي جيڪا شمع روشن ڪئي، تنهن گهڻن ئي ماڻهن کي اونداهيءَ ۾ روشني ته ڏيکاري پر افسوس جو واجد جي حياتيءَ جو ڏيئو وسامي ويو ته هيءُ به سڀني کان وسرندي وسرندي ذهنن تان لهي ويو. الائجي ڇو اسان وٽ مسڪين ماڻهوءَ جو قدر نه ٿيندو آهي. اهو غريب ڪو عام ماڻهو هجي يا ڏات ڌڻي! سور مڙئي غريب وٽ سڀني جي مقابلي ۾ ڪجهه سرس حصيدار ٿيندا آهن. واجد سان به ساڳي ڪار ٿي آهي. واجد مسڪين نه هجي ها ته اڄ واجد پنهنجي ٽن شعري مجموعن ”منهنجا گيت زهر جي ڳيت“، ”آئون اوهان جو آهيان“ ۽ ”سوريءَ مٿي سيڻ“ جي هوندي تمام گهڻو مٿي هجي ها. هن جو ڇپيل ڪلام اڄ اسان وٽ موجود ته آهي پر اڻڇپيل ڪيڏانهن ويو؟ تنهن جو نه ته ڪو پڇاڻو آهي نه ئي ڪنهن کي واجد جي سار آهي. 

هيڏي هن وشال نگر ۾،

منهنجي ڪائي وستي ناهي. 

هڪ مسڪين شاعر جو قدر اسان جي سماج ۾ ڪهڙو هوندو آهي تنهن کان اسان سڀ چڱيءَ طرح واقف آهيون. خير واجد انهن ڏينهن ۾ شاعريءَ جي ميدان تي آيو، جڏهن سنڌي شاعري جديد رنگ ۽ روپ سان پيش ٿيڻ لڳي هئي. پاڻ وٽ رائج يا ٻاهر کان آيل صنفن ۾ ناليوارا شاعر پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا هئا ته واجد به پنهنجي هانوَ جو بار هلڪو ڪرڻ لڳو. هن ننڍڙي ننڍڙي وزن تي يا عام لفظن ۾ شاعريءَ جا جيڪي حسين مثال پيش ڪيا تنهن کيس عوام جي دلين جي ترجماني ڪندڙ شاعر بڻايو. واجد جي شاعري مختلف رنگن ۽ روپن سان ٽمٽار آهي. هو سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن جي قلم جي رواني ڪمال جي آهي ۽ سندس خيال به عشق جي اظهار سان گڏ عوامي امنگن خوشيءَ ۽ غم جي ترجماني ڪن ٿا. هن سنڌ جي معاشي حالتن جي به عڪاسي ڪئي آهي ته سماجي موضوعن تي به سٺي نموني سان لکي ڏيکاريو آهي. هن وٽ بک جي ڳالهه آهي ته غربت ۽ بدحالي تي به لکي ويو آهي. هي  سماجي ناانصافيءَ کي پڌرو ٿو ڪري ته ظالم کي به للڪاري ٿو. هو ڪنهن به تنگيءَ کي برداشت نٿو ڪري ۽ حقيقتن کي پڌرو ڪرڻ ۾ به وسان نٿو گهٽائي:

هو مسلم هي ڀنگي ڙي،

ڪيڏي ذهني تنگي ڙي.

حوس جي هڪ حوض اندر،

ساري ننگري ننگي ڙي.

ڪوڙ ڪدورت واري جڳ جي،

هر ڪا ريت اڍنگي ڙي. 

واجد جي ڪلام ۾ احساسن جي گهرائيءَ کي خوب پسي سگهجي ٿو. هو روين، نظرين، خيالن ۽ الزامن جو ماريل ۽ ماڻهن جي غلط سوچن تي افسوس جو اظهار ڪندڙ آهي. هو پنهنجي ڪلام ۾ لفظن کي لڙڪ بڻائي پيش ڪري رهيو آهي. سندس اهڙي موضوع واري ڪلام ۾ لفظن جي ادائگي ۽ ترتيب به آسان بيان ڪيل ٿي ڏسجي. مسڪينيءَ ۾ پنهنجو وقت گذاريندڙ ماڻهوءَ وٽ احساسن ۽ جذبن جو جهان ئي منفرد هوندو آهي، واجد جي شاعريءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي اهڙا نشان ملي وڃن ٿا جن کي سامهون رکي ايترو چئي سگهجي ٿو ته، هن جي شاعريءَ جا لفظ سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالتن سان گڏ سندس زندگيءَ جي حال ۽ احوال جي عڪاسي به ڪن ٿا.

زنجيرن زندانن وانگر،

ماڻهو تير ڪمانن وانگر.

ياريون يار جتائن ويٺا،

اڻ ڪيئي احسانن وانگر.

اڻ ڪيا احسان ٿا ڳائن،

ڀائو، ڀَٽن ڀانن وانگر.

 ـــــــــ

سچ سُڻندي چِڙن پيا ماڻهو،

کِل کلندي وڙهن پيا ماڻهو.

ڪنهن جي جذبات کي جلائيندي،

گل وانگر ٽِڙن پيا ماڻهو.

واجد منگيءَ جي شاعري، ڪنهن جي به قصيده خواني کان پاڪ آهي. هن وٽ جهڙيءَ طرح ننڍ وڏائي جو ڪو تاثر نه هو تهڙيءَ ريت هو ڪنهن جو شان بيان ڪرڻ جو عادي نه هو. مفلسي ۽ غريبيءَ ۾ پنهنجو وقت گذاري ويو پر ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو پنهنجو پاڻ کي جهڪائي تاريخ جي ورقن ۾ پاڻ کي ڏٺو نه ڪري ويو. هن دنيا جا ڏک ڏٺا ۽ صدما برداشت ڪيا پر ڪنهن کان به ڪو عيوضو وٺڻ قبول نه ڪيو. هن وٽ جا عزت نفس هئي ۽ خودداري هئي سا کيس ڪنهن جي آڏو جهڪڻ ۽ هٿ ٽنگڻ کان هزار ڀيرا وڌيڪ مٺي هئي.

مونکان مون کي ڪين ڦريو،

مون وٽ مون ريءَ ٻيو ڇاهي؟

واجد سنڌ جي مسڪين طبقي جي حالتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوب بيان ڪيو آهي. هن پنهنجي لفظن جو هنر چڱيءَ طرح استعمال ته ڪيو پر قدر وارن جي نگاهه ۾ اچي نه سگهيو. هن جا سرجيل شعر اڄ به اسان جي مطالعي هيٺ اچن ٿا ته حقيقت جي ڪتاب کي کولي رکن ٿا. مزدور جو ئي مثال وٺون ته واجد سندن حالت کي هن ريت ٿو ٻڌائي:

ائين خالي ٿي مِل مان هو نڪتو،

مينهن واڙي مان ڄڻ ڏڀي نڪتي.

ـــــ

هيءَ سنڌ ديس آ يا شڪاگو نئون،

جو سُڪي ئي نٿو پورهيتن جو پگهر.

ڊاڪٽر اڪبر نظاماڻي هڪ هنڌ صحيح لکيو هو ته، ”واجد جي شاعري تازن گلن جي خوشبو، ماکيءَ وارو ميٺاج، پهاڙي نديءَ واري رواني ۽ هڪ سوچيندڙ روح جو گداز  آهي.  سچ ته هو اهڙو پيغام ڏئي ويو آهي جنهن جي سٽ سٽ مان ديس سان وفاداري ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي هٻڪار اچي ٿي. هن جي سوچن جو ميٺاج پاڻ وڻائي ٿو ۽ هن جي رواني گهري سوچ ڏانهن سفر ڪرائي ٿي. واجد جي گهري سوچ ۽ سٺن خيالن جو مثال سندس ڪلام ۾ هر هنڌ نظر اچي ٿو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ اندر سياست به غيرن وٽ نه هئي پر پوءِ به هن سياسي سازشن تي سٺيءَ طرح لکيو. سندس نگاهه سنڌ جي مظلوم ماڻهن تي هئي جيڪي ٻين معاملن سان گڏ سياسي طور تي به پريشان ۽ بيزار هئا. اهڙي بدحالي ۽ انتشار واري حالت ۾ واجد پنهنجي حصي جو اهم ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو ۽ خوشامد بدران حقيقت کي ظاهر ڪري ڏيکاريو:

هر طرف آهي تپش،

مـــــن ۾ مـــــانڌاڻ آ

حال کان اڻڄاڻ آ،

قوم جو سرواڻ آ.

واجد پيار ۽ پريت توڙي سياسي حالتن تي مضبوطيءَ سان لکندي نظر آيو، واجد سماج ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو تنهن تي لکيو. هن جي شاعريءَ جو گهڻو موضوع سماج ئي آهي. بک ۽ بدحالي کان بيروزگاري تائين ڏاڍ ۽ ظلم کان برائيءَ تائين واجد جي قلم سندس تخليق ۾ اثر پيدا ڪيو. هو پنهنجي دور جو ڀلوڙ ۽ گهڻو لکندڙ شاعر ثابت ٿيو. سندس ڪلام سادگيءَ سان ڀريل پر معنيٰ وارو آهي. هن جيڪي غزل لکيا آهن تن جو به معيار بلند آهي. افسوس اهو آهي ته واجد کي اهو مان ملي نه سگهيو آهي جنهن جو هو حقدار آهي.

نفـرتون ڇا لئه ڀلا،

ڪـلــــفتون ڇا لئه ڀلا.

سونهن ۽ سچ واسطي،

تـهمـتون ڇا لئه ڀلا.

ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان،

سهمتون ڇا لئه ڀلا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا