واجد منگي
جا پيڙ هئي پرواني ۾
منظور ڪوھيار
’واجد‘ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات
ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين
آھي. ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست آهي.
واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته
ڪو نه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي
ڪُٽيندا هياسي. جنهن ۾ عورتون گھٽ، مرد گھڻا ويٺا هوندا هيا. انهيءَ دؤران مون کيس
انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام
وياسي.
