; سنڌي شخصيتون: حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي - ادل سولنگي

01 July, 2016

حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي - ادل سولنگي

حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي
هڪ شخص مئو ڇا هي! ڄڻ ڳوٺ مري ويو آ
ادل سولنگي
حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي جنهن ڦوهه جوانيءَ ۾ چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌي، پنهنجي راڄ ڀاڳ کي سنڀاليو. هي اهو زمانو هئو جڏهن محراب پور جو ڳوٺ ناري ڪناري سان آباد هوندو هئو. جڏهن ڳوٺ جي چئني پاسن کان انبن جا باغ هوندا هئا تڏهن ساريالو فصل مڙئي گهٽ ٿيندو هئو. زمينن ۾ ڪڻڪ جوئر، باجهر، چڻا ۽ مٽر پوکيا ويندا هئا. هي اهو زمانو هئو جڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀٽن، کهڙن ۽ اسراڻن جي سياست جي چاندي هوندي هئي. هي اهو زمانو هئو جڏهن ڏوڪري تعلقي ۾ وري موسيٰ خان ٻگهيو ۽ غلام عمر خان انڙ جي سياسي حڪمراني هوندي هئي. ڏينهن بدليا، زمانا بلديا، وقت بدليو، اسان محراب پور  جي هن رڄ مڙس کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ويجهو ڏٺو، هن کهڙن سان به گڏ سياسي وکون کنيون، ٻگهين ۽ سيالن جي به سياسي سنڀال ڪئي. ڳوٺ محراب پور ۾ ڪنهن زماني ۾ هن راڄ ڌڻي، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻلهاڙي راند سان گڏ والي بال راند به ڪئي. ڪاري سونهاري ۽ ڇهپرن سان سدائين اڇا ڪپڙا پهريندڙ ۽ مٿي تي ململ يا بوسڪيءَ جي پڳ پائي بگي، گهوڙي جي سواري ڪندي مختلف ماڳن ڏانهن ايندو ويندو رهندو هئو. هو گهڻو ڪري اڪيلو جڏهن زمينن تي گهمڻ لاءِ نڪرندو هئو، تڏهن ڪلهي ۾ پسٽل وجهي هٿ ۾ ڇٽي جهلي گهوڙي تي سوار ٿي ڪنهن مغل شهزادي جيان نظر ايندو هئو.


محراب پور جي روايتي وڏي اوطاق سدائين ماڻهن سان ڀريل نظر ايندي هئي، جڏهن هيءُ نوجوان زميندار پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود هوندو هئو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هزارين فيصلا ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن جي اوطاق ۾ بنا ڪنهن سفارش ۽ رعايت جي ڳالهين جي بنياد تي فيصلا ڪيا ويندا هئا. محراب پور جي هن روايتي وڏي اوطاق ۾ ٿيندڙ فيصلا، ڌرين وچ ۾ ڳالهين کٽڻ کانپوءِ فيصلو فتويٰ واري مرحلي ۾ داخل ٿيندو هيو، ڌرين جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ چئن چڱن سان گڏجي ڳالهين جي تڪ تور ڪري فتويٰ ڏني ويندي هئي. اهڙي نموني هن جي فيصلن جي سنڌ ۽ بلوچستان تائين ناماچاري ٿيڻ لڳي. ضلعي بيوروڪريسي ۽ عدليه ۾ سندس احترام ٿيڻ ۽ وڌڻ لڳو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي جواني کان وٺي نماز ۽ روزي جو پابند رهندڙ ۽ ڪيترا ئي ڀيرا ڀلي پار وڃي حج جون سعادتون ماڻيندو رهيو.
هو پنهنجي دور جي نامياري زميندار حاجي فريد خان جتوئي جي پنجن پٽن مان چوٿون نمبر پٽ هئو.
حاجي دوست محمد خان جتوئي، بهاول خان جتوئي، صاحب خان جتوئي ۽ غلام مرتضيٰ خان جتوئي سندس ڀائر هئا. هنن زميندار ڀائرن جي ٻڌيءَ جو علائقي ۾ وڏو مثال قائم آهي.
غلام مصطفيٰ خان جتوئي جنهن کي پنهنجي وڏي ڀاءُ دوست محمد خان جتوئي پنهنجي روايتي چڱ مڙسيءَ جي پڳ حوالي ڪئي، دوست محمد خان جتوئي گهڻو پڙهيل لکيل هجڻ ڪري وڏيرپ کان پاسيرو رهيو ۽ هن باقي چئن ڀائرن سان گڏجي زمينداري وهنوار کي هلايو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي هر ڏکي گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀائرن جو ساٿ سلامت رکيو ۽ ڪڏهن به کين پري ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي، جنهن پنهنجي سياسي مخالفن سان مخالفت کي به سدائين قائم رکيو ۽ انهن جي مخالفتن هوندي به پنهنجي زندگيءَ جي سياسي ۽ سماجي وهنوار کي جاري ۽ ساري رکيو. هن پنهنجي برادريءَ کي ”گهگهيلا“ چئي منظم ڪيو، جنهن جي ڪري ”گهگهيلا“ گروپ پنهنجي سياسي طاقت جو ڀرپور استعمال ڪيو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو دسترخوان به سدائين سندس دل جيان ڪشادو رهيو. هن عظيم شخص پنهنجي علائقي ۾ ٻگهيا ۽ سيال خداندان جي سياسي سپورٽ ڪئي. لاڙڪاڻي ضلعي جي زميندار خاندانن، ڀٽو خاندان، کهڙو خاندان، چانڊيو خاندان، کهاوڙ خاندان، جلباڻي خاندان، ڪلهوڙا خاندان، اسراڻ خاندان، ٻگهيو خاندان، انڙ خاندان ۽ ٻين ننڍن ننڍن اسرندڙ زميندار خاندانن ۾ پنهنجي نرالي/منفرد سڃاڻپ سان سدائين مٿانهون رهيو. جڏهن عدالتون ڪنهن فيصلي ۾ منجهي پونديون هيون، تڏهن ڌرين کي چيو ويندو هيو ته فيصلي لاءِ اهي امين وارين ۽ ڌريون متفق  ٿي حاجي غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي پنهنجو امين مڃينديون هيون.
غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو ماڻهن سان گهڻو چاهه هوندو هئو. هي صاحب ڪچهرين جو مور، گفتي جو گوهر، زماني شناس ۽ روايتي زمينداريءَ جا سڀئي ڳڻ اوڳڻ ڄاڻيندو هو. هو فيصلن جي فتويٰ ٻڌائڻ کان اڳ ڌرين جي ڪوڙ، مڪر، فريب ۽ اڳرائي کي سندن گفتن، ڳالهين، لهجي ۽ مزاج مان پرکي فيصلي جي فتويٰ ڏيندو هيو، ڇاڪاڻ جو کيس اڌ صديءَ کان به وڌيڪ فيصلن ڪرڻ جو تجربو ۽ مشاهدو هيو.
حاجي غلام مصطفيٰ خان جتوئي، شاهنوار خان جوڻيجي، منظور خان پنهور ۽ سردار خادم حسين جتوئي جي قد ڪاٺ جو سر پنچ ۽ امين رهيو. نوان جتوئي، شڪارپور، لاڙڪاڻي، ٻيٽو جتوئي جي جتوئي خاندانن سان سندس سياسي ۽ سماجي اٿي ويٺي رهي. اڄ حاجي غلام مصطفيٰ خان جتوئي اسان وٽ ناهي پر سندس هزارين يادگيريون اسان وٽ محفوظ آهن. حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي جو سياسي ۽ سماجي ورثو سندس پٽ، ايم پي اي عزيز احمد جتوئي ۽ ڪرنل ڊاڪٽر نظير احمد جتوئي سنڀالي رهيا آهن. اسان هن لکڻي جي حوالي سان پنهنجي انهن ٻنهي مهربانن جي خدمت ۾ عرض ڪنداسين ته حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي جي نالي جوڙايل ادارن جي سار سنڀال ڪندا ۽ ٻيا ادارا منظور ڪرائي تر ۽ جوءِ جي عوام کي جوڳيون سهولتون ڏيارڻ ۾ سندن مدد ڪندا. خاص ڪري ڳوٺ محرابپور ۾ هاءِ اسڪول جي تعليم لاءِ بلڊنگ منظور ڪرائيندا. هنري اسڪول/سينٽر قائم ڪري ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي هنرمند عورتن کي معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لائق بڻائيندا. بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار ڏياريندا. خاص ڪري ڏوڪري شهر ۾ قائم حاجي غلام مصطفي جتوئي لائبريري کي ڪتاب، عملو ۽ فرنيچر ڏئي علمي ماحول کي بهتر بنائيندا. حاجي غلام مصطفيٰ خان جتوئي زميندار ۽ سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو تجربيڪار حڪيم به هيو، جنهن اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي بيمارين کان بچائيندي سندن ڪامياب علاج ڪيو. هِن حوالي سان ڪڏهن تفصيل سان ضرور لکبو.

ڀليون مينهون، ڀليون ڍڳيون، ڀلا ڏاند، ڀلا گهوڙا، ڀلا نوڪر ۽ ڀلا ماستر جنهن جي اوطاق جي سونهن ۽ سينگار هوندا هئا، جنهن وٽ ٽويوٽا، پاجيرو ۽ پراڊو گاڏين جي لانڍ لڳل هوندي هئي، آخري ڀيري جنهن سان منهنجي ملاقات آغا خان اسپتال ۾ ٿي هئي، تڏهن مون کان ڳوٺ محراب پور جي هر هڪ ماڻهوءَ، ٻنين ٻارن ۽ پاڻي ڪانجهيءَ بابت پڇائون ڪيون هيون. هو زماني شناس شخص، سنڌ جي قومي تحريڪ سان سهمت نه هوندي به سنڌ جي مسئلن تي پنهنجي حوالي سان ڏاڍو فڪرمند رهندو هيو. ڪالاباغ ڊيم خلاف هلايل قومي هلچل کي وڏو مانُ ڏيندو هيو. ان زماني ۾ شهيد بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ هلندڙ قومي تحريڪ جي سرگرمين تي سرهائي محسوس ڪندو هئو. منهنجي خلاف سندس ڪيترن ئي ماڻهن ڪن ڀريا پر هن بزرگ شخص ڪڏهن به مون کي اهو احساس نه ڏياريو ته ڪو هو منهنجي قومي سياسي سرگرمين تي ڪو اَرهو ٿيو آهي. هن سان ماڻهن جا ڪيترا ئي اختلاف ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ جو اختلاف رکڻ هر انسان جو جمهوري حق آهي، پر مون کي سندس راڄوڻي فيصلن واري ڪردار تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڏاهپ سان ڪيل فيصلن کي ٻڌندي مون کي ڪافي منجهيل مامرن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي رهندي آهي. اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر سندس يادگيريون سدائين هيانوَ ۾ هُرنديون رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا