; سنڌي شخصيتون: ڀائو منور پيرزادو - الطاف پيرزادو

30 June, 2016

ڀائو منور پيرزادو - الطاف پيرزادو

ڀائو منور پيرزادو
جنھن کي ٻلهڙيجي ساريندي
الطاف پيرزادو
ٻلهڙيجي جيئن ته مُهين جي دڙي جي ڪُک ۾ ۽ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي قائم سنڌو ماٿريءَ جو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن جي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ مهذب پڻو، انسانيت، اوکي ويل ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو جذبو سمايل آهي. سو اهڙو ڳوٺ، جيڪو مُهين جي پاڇي ۾ ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي قائم هجي، اتي مڻيادار ماڻهن جو جنمجڻ به فطري عمل آهي. منور پيرزادو به اهڙن مڻياندار ماڻهن مان هڪ هو جيڪو اربع ڏينهن يعني 27 جنوري 2016ع تي اسان کان وڇڙي ويو. منور جنهن کي اسان جي ٽهيءَ جا نوجوان اڪثر ڪري ”ڀائو“ سڏيندا هئا. سو ڀائو منور هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي.


ٻلهڙيجي جيئن ته کاٻي ڌر جي ترقي پسند تحريڪ جو مرڪز پئي رهي آهي، تنهن ڪري هڪ ته علائقي، سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جو سياست تي بحث هتي اوطاقن ۾ به ٿيندو رهيو آهي ته مئخانن تي به ۽ ٻيو ته ان تحريڪ اهڙن ڪردارن کي جنم ڏنو آهي جن لاءِ ڪنهن جي ڪم اچڻ ڪنهن فخر کان گهٽ نه ٿو هُجي.
منور ان ٽهيءَ جو ماڻهو هو، جنهن انور پيرزادي جي جوڙيل ”ڳوٺ سڌار سنگت“ تحت ڳوٺ ۽ تَرُ سڌارڻ جو مشن هٿ ۾ کنيو هو، انهيءَ ٽهيءَ جي اڳواڻي يقيني طور محب پيرزادو ڪري رهيو هو، جنهن پنهنجي زندگي، جواني ۽ جوانيءَ جون سڀ بهارون ڳوٺ ۽ تر جي ڀلائيءَ تي واري ڇڏيون، پر محب جي ان مشن ۾ سندس جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڪميٽيڊ ڪو ساٿي هو ڪو ٻانهن ٻيلي هو ته اهو ڀائو منور ئي هو، منور ڳوٺ جي ترقيءَ جي حوالي سان ٿيندڙ هر ڪوشش ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، نه رڳو ايترو پر ٻلهڙيجي ۽ تر جي ماڻهن جو جڏهن ڪنهن به ڪم سانگي لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو ته سندن ٿاڪُ لاڙڪاڻي جي پي آءِ اي آفيس هوندي هئي، جتي ڀائو منور سندن خدمت ۾ پيش پيش رهندو هو، امير هجي يا غريب، نِوِڙت جيئن ته ڀائو منور جي رت ۾ رچيل هئي، تنهن ڪري بغير ڪنهن ننڍي ۽ وڏي جي فرق جي هر ڪنهن سان نِوڙت ۽ عاجزيءَ سان پيش اچڻ سندس فطرت هئي.
ٻلهڙيجي جڏهن جاهلاڻي سوچ سان جهيڙي، ڪڌين رسمن کي مات ڏئي نياڻين ۽ نينگرن جي تعليم عام ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي، جڏهن هر گهر مان نياڻين ۽ نينگرن جو اسڪول وڃڻ معمول بڻيو هو، تڏهن منور، صديق ۽ محب اسان واري ٽهيءَ سميت نوجوان نسل لاءِ ان ڪري به اتساهه جو سبب هئا، جو جڏهن اسڪول لاءِ گهران نڪري ٻاهر روڊ تي اچبو هو ته پي آءِ اي جو وائيٽ يونيفارم پهري، ربن جا چشما چهري تي سجائي موٽر سائيڪلن تي ٻلهڙيجيءَ جا هي شهزادا جڏهن موهن جو دڙو ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿيندا هئا ته کوڙن جي من ۾ خواهش جاڳندي هئي ته اهڙو آفيسر بڻجي.
ڀائو منور زندگيءَ جون ٻاهَٺ بهارون ڏٺيون، انهن بهارن ۾ لاها به ڏٺا ته چاڙها، خوشيبون به ته غم به، هن جنهن کي چاهيو، تنهن کي جيون ساٿي بڻايو، ان کان وڌيڪ نه ته سندس زندگيءَ جي ڪا خوشي هئي نه ئي حاصلات پر هن جو اندر ان وقت اَڌُ ٿيو، دِل ته ان وقت ئي ٽٽي پئي هئس، جڏهن فيبروري 2001ع ۾ سندس ننڍو ڀاءُ ”زاهد“ جوانيءَ ۾ وڇڙي ويو هئس. زاهد هو ته منور جو ننڍو ڀاءُ پر منور ان کي محبوب ڪري ڏسندو هو، عجيب احترام جو رشتو هو، هنن ٻنهي ڀائرن مان وڏو ته منور هو پر صلاح زاهد جي ته هلندو هو، سو جڏهن زاهد وڇڙيو، منور کي پنهنجي مٿي تان ڇَپَر ۽ ڇانوَ کسڪندي محسوس ٿي، اهڙو ڀاءُ جنهن سان روح رچنديون هجن، جنهن سان سڀ محبتون هجن، جنهن سان زندگي جي هر معاملي جون صلاحون هجن، سو جڏهن وڃي هليو ته دِل نه ٽٽندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڀائو منور واڪِ به پابنديءَ سان ڪندو هو، کاڌي پيتي جو خيال به رکندو هو، جهڙو ڏسڻ ۾ خوبصورت هو، تهڙو سيرت جو به خوبصورت هو، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ان کي اڳ ڪڏهن دل ۾ تڪليف جي شڪايت به نه هئي پر اهو به درست آهي ته هن کي هفتو سوا اڳ دل جو دورو پيو، جنهن جي سٽ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ان پارِ هليو ويو، جيڏانهن جيڪو ويو سو موٽيو ناهي. پر ڪيئن يقين ڪري سگهجي ٿو ته منور کي دل جي تڪليف ڪا هفتو ڏيڍ اڳ ٿي هئي، ايئن ناهي، هو ته ڀائو زاهد جي لاڏاڻي کانپوءِ ٽٽل دل سان ئي هن سماج ۾ جي رهيو هو. بلڪل خوش پوشاڪ به هو ته حسين به هو، پر هن جي دل۾تڏو وڇايل هو، پنهنجي حسين ڀاءُ جي وڇوڙي جو ۽ اها ٽٽل دل ئي هنن ٻنهي ڀائر بلڪ ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته ٻنهي يارن جي وچ ۾ ديوار بڻيل هئي، جيڪا 27 جنوريءَ تي ڪري پئي ۽ ايئن منور ڀائو زاهد سان وڃي مليو.
ڀائو منور هر ٽهيءَ جو فرد هو، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، عمل جو مور، ڪچهريءَ ۾ ويهندو ته سندس ٽهڪ ڪچهريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا. هو پاڻ ته ويو پر ٻلهڙيجيءَ کي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ۽ جنم ڀوميءَ جي رهواسين کي مهڪن کان به محروم ڪري ويو. ڀائو منور تون وڇڙيو آهي وسريو ناهين. ٻلهڙيجي توکي ساريندي رهندي.
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رِڻَ جا.



ڀائو منور پيرزادو
هڪ محبتي ماڻهو
سڳنڌ سنڌي
سنڌ جي رول ماڊل ڳوٺ ٻلهڙيجي ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن کي جنم ڏنو آهي، جن مختلف شعبن ۾خدمتون سرانجام ڏئي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي، ٻلهڙيجي کي سنڌ واسي توڙي سموري دنيا اديبن، صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ لکيل پڙهيل ماڻهن جي ڳوٺ طور سڃاڻي جن ۾ انور پيرزادي کان وٺي سرويچ پيرزادي تائين ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن.
اهڙي ئي طرح ٻلهڙيجي ۾ ڪيترا ئي آفيسر پڻ آهن جن به پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ذريعي ٻلهڙيجي جي روشن خيالي ۽ عوامي خدمت واري جذبي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي ئي هڪ محبتي ماڻهو پي آءِ اي جي ملازم ڀائو منور پيرزادي جي اڄ پهرين ورسي آهي.
ڀائو منور کلڻو ماڻهو هو جنهن جي نياز ۽ نوڙت هر ماڻهو کي پنهنجو ڪري ڇڏيندي هئي، منور پيرزادي جو ڳوٺ جي نوجوانن سان دوستي وارو رشتو هوندو هو، توڙي جو ڀائو منور عمر ۾اسان کان وڏو هو پر هن اسان کي ڪڏهن به پنهنجو وڏ پڻو محسوس نه ڪرايو، هن سان جڏهن به ملبو هو ته هو اسان سان اسان جي ئي لهجي ۾ مخاطب ٿيندو هو.
ڀائو منور ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي جو عهدايدار پڻ رهيو، ڳوٺ جي ترقي ۾سندس پورهيو به شامل آهي.
ڀائو منور جو لاڙڪاڻي وارو گهر ڄڻ ته ٻلهڙيجي واسين لاءِ ڇپر ڇانو هوندو هو، مختلف ڪمن سان لاڙڪاڻي ويندڙ ڳوٺاڻا وٽس وڃي ترسندا هئا. ۽ ڀائو منور ڳوٺان ايندڙ مريضن توڙي مختلف مسئلن جي ماريل ماڻهن جو ڀرجهلو پڻ هو، هن ڪيترن ئي مصيبتن جي ماريل ماڻهن جا مسئلا حل ڪرايا.
ڀائو منور کي اسان کان وڇڙي هڪ سال گذري ويو آهي پر اڄ به دل ان ڳالهه جو يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ۽ ڀائو منور جا ٽهڪ، ڀاڪر پائي ملڻ ۽ ٻانهون ٻڌڻ وارو انداز اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون، هن محبتي ماڻهو جي نياز ۽ نوڙت تي گهڻو ڪجهه ئي لکي سگهجي ٿو، پر ڪي پيارا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن تي لکڻ لاءِ لفظ ساٿ ناهن ڏيندا، بلڪل اهڙي طرح ڀائو منور جي ٽهڪن ۽ سندس گهاٽي وڻ جهڙي ڇانوَ رکندڙ شخصيت کي لفظن ۾ قيد ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي.
ڀائو منور جو ڪردار تي ڀٽائي انهن سٽن تي پورو لهي ٿو ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي. (ڀٽائي)



منور پيرزادو
پڳهه ڇوڙي هو هليا...
زلف پيرزادو
انسان زندگيءَ جي فطرتي سونهن وارن پيچرن تي هلندي هلندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي حادثي جو شڪار ٿي ويندو آهي جو ڪجهه عرصي لاءِ فطري سونهن کان به نفرت ڪرڻ لڳندو آهي پر وري به انسان ڏاڍو آهي. اذيتن جي شاهراهه تي هلندي دنيا جي گردش ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ ڦٽن تي کرنڊ چڙهي ويندا آهن. موهن دڙي جي ڪُکِ ۾ قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي صوفي منش سماجي اڳواڻ ۽ جگري يار منور پيرزادي جو 27 جنوري 2016ع تي لاڏاڻو منهنجي انيڪ حادثن مان هڪ آهي، تاحياتي اهو ڦٽ ڇٽڻو نه آهي منور9 جنوري 2016ع تي اسپتال داخل ٿيو ۽ پوءِ طبا اسپتال وڃڻ روز جو معمول بڻجي ويو. اتفاق سان اسپتال نه پهچڻ جي صورت ۾ منور جي فرزند ۽ پنهنجي ڀائيٽي محسن کان فون تي حال احوال وٺڻ فقيري زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو. تاريخ 27 جنوري 2016ع تي شام جي لالاڻ ۾ معمول مطابق فون ڪيم ڇو ته اسپتال وڃي نه پئي سگهيس ان لاءِ ڀائيٽي محسن کي فون ڪيم ۽ منور صاحب جي طبعيت بابت حال احوال پڇڻ چاهيم شايد منور صاحب محسن کان پڇيو ته ڪير آهي کيس جواب مليو چاچو زلف آهي ته هن محسن کان موبائيل فون ورتو ۽ مون سان هم ڪلام ٿيو طبعيت منور جي خراب پر  هن مون کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ڪيئن آهين؟ ٻار ٻچا ڪيئن آهن؟ ڪاٿي آهين؟ سمورن سوالن جا جواب ڏئي، کانئس طبعيت جو پڇيم، چيائين بهتر آهيان. ڊاڪٽرن وري 10فيبروري 2016ع تي چيڪ اپ لاءِ گهرايو آهي، سوال ڪيم 10 فيبروري تائين ڪراچيءَ ۾ هوندا يا لاڙڪاڻي ويندا ۽ پوءِ ايندا؟ چيائين ڊاڪٽر چون ٿا ڪراچيءَ کان ٻاهر نه وڃ ان ڪري قربان صاحب ۽ ڀائو حسن جن وٽ هوندس.
تسلي ڪرڻ بعد آفيس لاءِ تياري شروع ڪيم شايد شام جا ساڍا پنج ٿيا يعني منور سان فون تي ڪچهري ڪرڻ کان ڪلاڪ سوا پوءِ ڀائو حسن جو فون آيو فون ڇا آيو، پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي وئي، ”پڳهه ڇوڙي هو هليا، آئون ته وئي هٿ رهجي، کائڻ پيئڻ ٿيم کارا“
انسان لاءِ ان کان وڌيڪ اذيت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي! منور پيرزادو ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي لاڙڪاڻي ۾ آفيسر هو ان ڪري فطري طور هن جا آفيسرن ۽ ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز سان تمام سٺا لاڳاپا هئا. جن جو فائدو نه صرف ڳوٺ واسين پر تر واسين کي به ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته منور بنيادي طور هڪ پرائمري ماستر جو اولاد هو ان ڪري هو انتهائي غريب پرور انسان هو،
مون کي زندگيءَ ۾ وڏن حادثن سان منهن ڏيڻو پيو آهي، سچ ته هر حادثي وقت پاڻ کي ماري ڇڏڻ جو خيال به ايندو رهيو پر منهنجي جگري يار منور پيرزادي جي وڇوڙي سچ ته مون کي لوڙهي وڌو آهي.
جيتوڻيڪ روز ملڻ نه هو، مئخاني جي ماڪ ۾ روز ڀڄڻ به نه هو ان هوندي به دلين ۽ روح جا رشتا اهڙا هئا جو ڪڏهن به هڪٻئي کان ڏور هجڻ جو احساس نه هو. موبائيل فون ته اڄڪلهه هر انسان کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪا به دوري نه هيءَ ” ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دل وراڪو دوست جو“ منهنجي جاني منور پيرزادي جي ته هيءَ عمر ئي نه هئي، جهاز ۾ پرواز ڪرڻ جي پر ڇا ڪجي جو مسيحا قاتل ٿي وڃن! منهنجي نظر ۾ منور پيرزادي جو لاڏاڻو نه ٿيو آهي ان کي لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن قتل ڪيو آهي.
”مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“ جيڪڏهن منور سائينءَ جا احسان ڳڻايان ته شايد اخباري صفحا پورا نه پون، ڇو ته منهنجا پونئير به منور سائينءَ جا احسان لاهي نه سگهندا. اهڙا ئي احسان منور سائينءَ جا ڳوٺ واسين ۽ تر واسين تي به آهن. جن جو ذڪر خير ڳوٺ واسين سان ڪچهرين ۾ ٻڌي آيس. هڪڙو ڪتاب آهي”چار درويش“ اهو مون پڙهيو آهي پر ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هئاسين ”چار يار“ هڪ ڀائو محب حسين پيرزادو هي به اهڙو ڪردار آهي جنهن تي جيڪر جيئري ئي لکجي قدرت سگهه ۽ ساڃاهه ڏني ته ان تي به لکبو، ٻيو نثار پيرزادو، ٽيون حاجي ارباب سومرو ۽ چوٿون منور پيرزادو اهو چنڊن جو چؤنڪ هو جو صبح کان ويندي ورندي صبح تائين خمارن ۾ ، شام جو منور سائين ڊيوٽي تان واپس اچي ته پيالو تيار، پي پوءِ والي بال راند تي روانا. منور سائين ”نيٽ“ جو ڀلوڙ رانديگر هو. راند ختم ٿيڻ کانپوءِ وري پيالو پوءِ وري تاش راند شروع، وڙهي پوندا هئاسين خاص طور حاجي ارباب سومرو ڪاوڙجي هليو ويندو هو، منور سائين چوندو هو ته ”بيني“ کي وڃڻ ڏيو، ٻئي ڏينهن تي خبر پوندي ته منور سائين حاجي ارباب کي گهران هجت ۾ ڀونڊا ڏيندو چنبا هڻندي پرچائي وٺي ايندو هو. هاءِ! هي وقت وري ڪيئن واپس ايندو. هي ڳالهيون نه لکي سگهان ها جيڪڏهن هيءَ شيشي  منهنجو ساٿ نه ڏئي ها! منور سائين يارن جو يار، ها ياري نبا هي به ڄاڻي، اسان فقيرن جي وس جي ڳالهه نه آهي.
”زندگي بس ائين ئي گذري وئي،
خواب هو يا هوا،
ڪا خبر ئي نه پئي“
زندگيءَ ۾ جن حادثن ۽ معجزن جو شڪار ٿيو آهيان، انهن مان وڏا حادثا آهن، هڪ زبير پيرزادو ٻيو زاهد پيرزادو (منور جو ننڍو ڀاءُ) ٽيون انور پيرزادي صاحب جو لاڏاڻو ۽ منور پيرزادي صاحب جو وڇوڙو. دنگ اتي ناهي وڇڙي ته بابا سائين به ويو ۽ امڙ به وڇڙي وئي پر منور پيرزادي جي وڇوڙي مون کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي.
مون لکيو پئي ته رنو به پئي ۽ خيال آيا پئي ته هاڻي ڳوٺ واسين، تر واسين ۽  خاص طور خدائي خدمتگار ڀائو محب حسين جو ڇا ٿيندو؟ پنهنجي پيڙا ڀوڳيان، ڀائو محب حسين جي اذيت لکان يا ڳوٺ واسين ۽ تر واسين جي سوڳ تي لکان؟ منور پيرزادي جي يارويس هجڻ جو اندازو تڏهن ٿيو جڏهن مرحوم جي جنازي نماز ٿي، سچ ته سخي شاهه جمال جي درگاهه وارو اڱڻ ان ڏينهن سوڙهو ٿي ويو.
جڏهن تدفين کانپوءِ تڏي تي پهتاسين ته سوين ماڻهو اهڙا هئا جن جا چهرا گهٽ ۾ گهٽ منهنجا ڏٺل نه هئا. ٿي سگهي ٿو قربان پيرزادو ۽ مرحوم جا ڀائر ۽ فرزند به دنگ رهجي ويا هجن ته هي تڏي تي ويٺل ڪير آهن. حامد تنيو ۽ فيض ٻگهيو کي مون ڪڏهن به ايڏو ملول نه ڏٺو جيڏو منور سائينءَ جي ڏک ۾ کين هنجون هاريندي ڏٺو. تڏي تي ٻئي ڏينهن پهتس ته هڪ خوش پوشاڪ انسان ويٺل هو، کيس سڃاڻا نه پيو، ان ڏينهن راز عيان ٿيو ته منور سائين ڪراچيءَ ايندو هو ته مون سان ڇو نه ملندو هو. قربان پيرزادي صاحب تعارف ڪرايو سائين ديدار لغاري صاحب آهي. ايجوڪيشن ورڪس اينڊ ڊپارٽمينٽ ۾ سپرينٽينڊنٽ  انجنيئر آهي هاڻي گهوٽڪيءَ ۾ پوسٽنگ اٿس، هي سائين نظير چنا آهن. سائينءَ جن منور جا اهڙا دوست آهن جن سان منور جا آخري اٺ کان 10 سال روزانو رات جي ڪچهري هوندي هئي، هڪدم سائين ديدار لغاري صاحب اٿيو ۽ صلاح ڪيائين ته پاڻ لاڙڪاڻي ٿا هلون رات ڪچهري ڪنداسين ۽ صبح وري موٽي اينداسين. مون چيو سائين! ورهين کانپوءِ منور صاحب ڳوٺ گهرايو آهي رات ڳوٺ جي فقيرن سان ڪچهري ڪبي اوهان سان به ضرور ڪچهري ڪبي پر سائين به منور صاحب جي اهڙن جگري يارن مان هو جو هن پڪو پهه ڪيو ته هن فقير کي ڪنهن به قيمت نه ڇڏبو سو جڏهن ٻئي ڏينهن آيو ته ساڳيو حڪم ڪيائين مون کي چاچي مينهون خان ۽ ڀائو حسن به حڪم ڪيو ته سائين ديدار لغاري اوهان جي سفر جو جيڪو شيڊول ٺاهيو آهي اهو بلڪل درست آهي ان ڪري اوهان سائينءَ سان هليا وڃو سو آخرڪار سائين ديدار لغاري ۽ نظير چنا صاحب سان گڏجي لاڙڪاڻي روزانو ٿي ويس.
منور پيرزادي صاحب جو اهو ڪمال آهي ته وڇڙي وڃي پر پاڻ جهڙا جگري يار فقيرن حوالي ڪري وڃي. اهڙن انسانن جو جنم صدين کانپوءِ ٿيندو آهي.
مون اڄ ڏينهن تائين انور پيرزادي ۽ زبير پيرزادي بابت لکڻ جي همٿ نه ڪئي آهي پر قربان پيرزادي جو حڪم صادر ٿيو ته منور پيرزادي بابت تنهنجو ليک منور جي چاليهي تي اخبار ۾ هجڻ گهرجي.ڪيڏي اذيت مان گذريو آهيان شيشي کولي لکڻ ويٺو آهيان ان جو اندازو شايد منهنجا پڙهندڙ نه ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته سياست تي مضمون لکڻ يا تجزيو ڪرڻ سولو ڪم هوندو آهي، جگري يارن جون ساروڻيون سارڻ دل کي ڪنهن آڙاهه ۾ اڇلڻ برابر ڪم هوندو آهي اهو به مون جهڙي جاهل فقير لاءِ ته انتهائي اوکو ڪم هوندو آهي ڇو ته  اڃا تائين ذهن اهو قبول ئي نه ڪيو آهي ته منور سائين لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس چاليهو به اچي ويو.
انسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بي وسيءَ تي ماتم ڪندو رهجي ويندو آهي پر نه ويل وقت واپس ايندو آهي ۽ نه ئي وڇڙي ويل يار واپس ورندا آهن.
اسان جو سفر ڊگهو آهي، لکڻ لاءِ تمام گهڻيون يادگيريون آهن پر هڪ ته اڃا همت نه ٿي ٿئي ٻيو ته اخبار جا صفحا به ڪٿا لکڻ لاءِ سوڙها آهن اسان سڀني جي دعا آهي ته منور سائين جهڙي سماج سڌارڪ ۽ فقير منش انسان کي جنت ۾ جايون ڏئي پر ائين نه ٿئي ته منور سائين هي شعر پڙهي ڇڏي.
ساقي اڀي در مئخانا بند نه ڪرنا،
شايد مجهي جنت ڪي فضا راس نه آئي

No comments:

راءِ ڏيندا