; سنڌي شخصيتون: حڪيم يوسف - مٺل جسڪاڻي

29 June, 2016

حڪيم يوسف - مٺل جسڪاڻي

حڪيم يوسف
تمام سٺو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، تجزئي نگار، مضمون نگار...
مٺل جسڪاڻي
عالمي اوطاق (فيس بوڪ) معرفت سنگت جو هٿ وڌائيندڙ حڪيم يوسف (Hakim Yousif)، در اصل ٽنڊو محمد خان جي مشهور شخصيت حڪيم محمد يوسف کتري صاحب آهي. پاڻ ساڳئي وقت ناميارو وڪيل بہ آهي. ڪنهن دور ۾ مشهور ۽ معروف صحافي طور بہ سڃاتو ويندو هو (اڄ ڪلهہ ڪي ٿورا کيس صحافي هجڻ جي ناتي سڃاڻن). جڏهن تہ حڪيم يوسف تمام سٺو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، تجزئي نگار، مضمون نگار بہ آهي.


عالمي اوطاق تي رابطي ۾ ايندڙ حڪيم يوسف ٻہ وکون اڳتي وڌي موبائيل تي رابطو بہ شروع ڪيو. منهنجي خوش قسمتي اها، تہ آئون کيس ”سٺو پڙهندڙ“ محسوس ٿيس. تنهن ڪري هن مون کان ٽپال جو پتو پڇيو، تہ جيئن هو سندس ڪتاب ڏياري موڪلي سگهي.
سندس مهرباني کي ڏسي مون ساڻس روبرو ملڻ، ساڻس روح رهاڻ ڪرڻ ۽ پوءِ هٿو هٿ ڪتاب وٺڻ جو عرض ڪيو. ان عرض بعد هڪ ٻہ دفعا ٽنڊو محمد خان وڃڻ تہ ٿيو، پر ملاقات نہ ٿي سگهي!
تازو ڇنڇر 13 فيبروري 2016ع تي جڏهن س ا س شاخ ٽنڊو محمد خان پاران منهنجي ڪتاب ”سفر بخير“ جي مهورت واري تقريب ٿي، تہ مون اسان جي گڏيل هڪ پياري دوست اعظم ڀٽي کان حڪيم يوسف جو پڇيو، تہ اعظم ساڻس فون تي رابطو ڪيو، تہ ڪا گهڻي دير نہ ٿي، حڪيم يوسف اچي پهتو، وڏي اڪير سان اسان ملياسين، هٿ ملائڻ کان وڌيڪ حڪيم صاحب سندس ستن ڪتابن جو سيٽ منهنجي حوالي ڪرڻ چاهيو. مون موقعي جو فائدو وٺي، ساڻس هجت ڪندي، اهو لمحو تصوير ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ياد رهي تہ سندس هڪ ڪتاب علم الادويہ لطيفي المعروف يوناني ميٽريا ميڊيڪا جلد اول جنوري 2004ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب پڙهندي خبر پئي تہ ان ڪتاب کان اڳ بہ سندس 10 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن! هن وقت سندس ڪتابن جو ڪيترو تعداد آهي، اها حڪيم يوسف کي خبر، پر آئون سندس ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي منهنجي ڪتاب جي مهورت تي سندس ڪتابن جو سيٽ تحفي ۾ ڏنو ۽ ڇا تہ عجيب حقيقت آهي تہ آئون کيس پنهنجو ڪتاب نہ ڏئي سگهيس! ٻئي ڪنهن ڏنو يا نہ، پروگرام جي پڄاڻي وقت حڪيم صاحب نظر نہ آيو، تہ مون منهنجو ڪتاب ”سفر بخير“ اصغر ڀٽي کي ڏيندي منٿ ڪئي تہ مهرباني ڪري حڪيم صاحب تائين پهچائي.

No comments:

راءِ ڏيندا