ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌي ادب ۽ تحقيق جو معتبر
نالو
محمد سليمان وساڻ
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو ڪنهن
کان به لڪل ناهي. سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ کان وٺي ان تي تحقيق لاء پاڻ تمام گهڻو ڪم
ڪيو اٿن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ۲۵ مئي ۱۹۴۵ ع تي خير
محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ ۱۹۷۱ ۾ بي ايڊ، ۱۹۷۲ ۾ ايم
اي سنڌي ادب ۾، ۽ ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ملازمت
جي شروعات ۱۹۷۳ کان ليڪچرر
طور ڪئي، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۰ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون
سر انجام ڏنيو۔ ان عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر، ضلعي
تعليمي آفيسر ۽ مختف ادارن ۾ پنهنجون خدمتون ادا ڪيون۔ جهڙوڪ:
سابق پرنسيپل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
ڊائريڪٽر نان فارمل ايڊيوڪيشن سنڌ
ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڄامشورو
پرنسپل زيبسٽ انٽرميڊئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
باني گل حيات انسٽيٽيوٽ
باني ميمبر لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل
سوسائٽي
صدر سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي تعليمي
ڪائونسل جو رڪن
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس
جو ميمبر
انٽرميڊييٽ بورڊ لاڙڪاڻو جي تعليمي
ڪائونسل جو ميمبر
۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ بورڊ آف
ڊائريڪٽر جو ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي۔
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي مختلف
يونيورسٽين سان گڏ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ايم ڦل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن
جو رهنما ۽ ممتحن پڻ رهيو آهي۔ ڊاڪٽر پٺاڻ هميشه تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ سان گڏ
ادارن کي ٺاهڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔ هن پنهنجي ڳوٺ آريجا ۾ گُل حيات جي
نالي سان ادبي ادارو ۽ لائبريري پڻ جوڙي آهي۔ سندس ويب سائيٽ گُلِ حيات قيمتي معلومات
جو اهم ذريعو آهي۔
سندس ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪم ڪنهن تعارف
جو محتاج ناهي۔ سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۳۰ کان مٿي آهي جن ۾؛ ”اسانجا اديب“، ”آئينا
۽ اولڙا“، ادب ۽ ماحول“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، موتي مور ملوڪ جا، جو ڪيو مطالعو مون،
شامل آهن۔ سندس لکيل ڊراما ”اونداهيءَ جا اولڙا“ ۽ ٻيا ڊراما پي ٽي وي تان نشر ٿيا
آهن۔ ڊاڪٽر در محمد ڪيترا ئي مقالا ۽ مضمون لکڻ سان گڏ تنقيد نگار پڻ رهيو آهي۔
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس ڪيل
ادبي ڪم تي ڪيترا ئي اوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل اوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل،
سگا گولڊ ميڊل اوارڊ، لاڙڪاڻو اوارڊ ۽ ادب ۾ ڪيل خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ براء حسن
ڪارڪردگي ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو آهي۔
دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي
ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ سنڌي ادب جي آبياري ڪندو رهي.
(روزانه سڪار ۾ ۲۵ مئي ۲۰۱۳ع تي
ڇپيو۔)
ڊاڪٽر
در محمد پٺاڻ
احسان دانش
ڊاڪٽر در
محمد پٺاڻ جي ڪهاڻي ۾ سماج جي اهڙين حالتن جي عڪاسي ٿيل آهي جنهن ۾ چرپر ڪندڙ
ڪردار گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪن ٿا. هن جون ڪهاڻيون سماج جون ناسور بڻيل ڪيترن ئي
مسئلن تي لکيل آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪهاڻي جي پرخار پيچرن کان واقف آهي. موضوع توڙي
ٽيڪنڪ جي لحاظ کان سندس ڪهاڻين ۾ پنهنجي خوشبو آهي.
در محمد
پٺاڻ ٢٥ مئي ١٩٤٥ع تي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ ڄائو. هن لکڻ جي شروعات
شاعري ۽ نثرنگاري سان ڪئي. هن وقت سندس سڃاڻپ بهترين محقق، نقاد، مترجم، مرتب،
ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ تنظيم ساز طور ٿئي ٿي. هن آغاز ۾ ئي افسانوي ادب ڏانهن خاص توجھ
ڏنو ۽ ڪهاڻي جي ميدان ۾ پاڻ موکيو. ان سلسلي ۾ ٻارن لاءِ پڻ ڪافي ڪهاڻيون سرجيون،
ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا پي ٽي وي تان ڪجھ ڊراما پڻ پيش ٿيا.
ڊاڪٽر در
محمد پٺاڻ جي ڇپيل ڪتابن ۾
1.
موتي مور ملوڪ جا (ترتيب)
2.
اسان جا اديب، اسان جا شاعر،
(ترتيب)،
3.
جو ڪيو مطالعو مون (تنقيد)
4.
سياسي چرپر (تاريخ)
5.
ڇيلڙي وارو شهزادو (ٻاراڻو ادب)
6.
مولانا عبيدالله سنڌي (سوانح)
7.
آدرش رنگ (شاعري)
8.
ادب ۽ ماحول (تحقيق)
9.
علامه آءِ آءِ قاضي سووينيئر
(ترتيب)
10.
موتين مٺ ملوڪ جي (ترتيب)
11.
جهڙا گل گلاب جا (ترتيب) شامل آهن.
ڊاڪٽر در
محمد پٺاڻ کي ادبي مڃتا طور هن وقت تائين ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
ڊاڪٽر در
محمد پٺاڻُ، گل حيات انسٽيٽيوٽ آريجا جو روح روان آهي. هن اداري کي ادبي، تاريخي،
سياسي ۽ سماجي حوالي سان هڪ انفرادي حيثيت حاصل آهي.
در
محمد پٺاڻ
ممتاز پٺاڻ
ھڪ غريب لوھر جي
گھر ۾ ۲۵-۰۵-۱۹۴۵ع تي جنم وٺندڙ سنڌ جو نالي وارو اديب، شاعر، اسڪالر ۽ گل حيات اداري جو
باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ. ننڍ پڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھت رکندڙ انسان. بنيادي تعليم
ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شھر جي مشھور ھاءِ اسڪول پائليٽ مان حاصل ڪيائون.
انھن ڏينھن ۾ گاڏين جي سھولت نه ھجڻ ڪري پاڻ اسڪول ٽائيم کان پوءِ قائم شاھ بخاري
واري درگاھ جي مدرسي ۾ رھندا ھئا. جتي بجلي جي عدم موجودگي ۾ پاڻ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي
طرفان روڊ تي لڳل بلب ھيٺان ويھي سڄي رات پڙھائي ڪندا ھئا.
ان بعد ھڪ استاد جي
حيثيت ۾ تعليم ڏنائون. جنهن بعد پاڻ ۱۹۷۳ ۾ ليڪچرار طور اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.
جتان کين شوق جاڳيو ته ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ ترتيب ڏجي. ان خواھش کي عملي جامعو
پھرائڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان رجوع ڪيائون جتان کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا جي
رھنمائي ھيٺ ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو“ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ ڊي لاءِ
مقالو لکڻ جي اجازت ملي. پاڻ ڏينهن رات ڪراچي شھر جي لائبريرين ۽ مختلف شخصيتن سان
رھاڻ ڪرڻ بعد ۱۹۷۹ ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائون.
پاڻ سنڌالاجي ۾ رھڻ
دوران سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ڏاھن جا ۹۰۰ جلد ترتيب ڏنا. ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن
جا ليکڪ پڻ آھن جن ۾ آدرش رنگ، آئينو ۽ اولڙو، ادب ۽ ماحول، موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا
ڪتاب شامل آھن. سندن نگراني ھيٺ ڪيترن ئي شاگردن مختلف موضوعن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي
جا مقالا مڪمل ڪيا آھن. پاڻ دنيا جا واحد رھنما آھن جنهن جي نگراني ھيٺ سائين
امداد حسين سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز مڪمل ڪئي آھي جيڪو ھڪ منفرد
ريڪارڊ آھي. سندن وڏو ڪارنامو گل حيات ادارو قائم ڪرڻ آھي.
پاڻ اڄ به ۷۲ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي
سندن جنم ڏينھن سندن ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ھيرن جا مرھم ڏينهن ھر روز ياد ڏياري
رھيا آھن. بابا سائين جتي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪري رھيو آھي اُتي پاڻ ھڪ
فرمانبردار پٽ، محبتي ڀاءُ، سٺي مڙس ۽ ھڪ سٺي پيءُ جو ڪردار پڻ خوب ادا ڪيو آھي. پاڻ
ھميشه سادو پھريندا ۽ سادو کائيندا پر پنهنجي خاندان جي ھميشه خدمت ڪئي آھي. اڄ به
۷۲ سالن جي ڄمار ۾ ڏيندڙ آھن نه ڪي وٺندڙ.اڄ سندن پي ايڇ ڊي جي لکيل مقالي کي
شيئر ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رھيو آھي ۽ خوشي منجهان اکين ۾ پاڻي به آھي.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
دادا سنڌي
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
هڪ چرندڙ پرندڙ مشين آهي، جنهن کي سنڌي ادب ۽ ٻولي سان انس نه پر جنون آهي. هن ۾
خلوص آهي، پنهنجائپ آهي. محنت ۽ لگن جو پتلو آهي. سندس عظيم ڪارنامو ”ڏات ڌڻين جو
رڪارڊ“ رکڻ آهي. هن ئي اديب ۽ فنڪار جي اهميت کي تسليم ڪندي، سندس ڪارگذارين ۽ ادبي
نگار شات کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. هن ئي سنڌي اديبن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو.
هن ئي واضع ڪيو ته ”اي سنڌ جا مسڪين قلمڪار، هيڏانهن اچ مان تنهنجا هٿ چمان“. ڪير ٿو
هن غريب قلمي پورهيت کي لفٽ ڏي، پر جس آهي ڊاڪٽر پٺاڻ کي جيڪو اديبن کي خط لکي به
پاڻ ٿو ته پوسٽ به پاڻ ٿو ڪري، آيل مواد جا پنا ڪٽي به پاڻ ٿو ته لنبي به پاڻ ٿو.
افسوس مون کي هي آهي ته ان هوندي به اسان اهڙي محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو فرد سان تعاون ڪونه
ٿا ڪيون. هن سنڌ الاجي ۾ ۲۰۷ قلمڪارن جو رڪارڊ محفوظ ڪري چڪو آهي. تمام سهڻا، مضبوط
۽ فينسي جلد ٻڌرايا ويا آهن. ڪن اديبن جا هڪ کان وڌيڪ جلد به آهن. اسان کي جڏهن به
ڪنهن ” ڏات ڏڻي“ جي شخصيت جي فن، فڪر ۽ ادبي خدمتن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پئي ته
ان اديب هر ادبي ۽ سماجي تنظيم جي ڪارگذارين ۽ خدمات جو رڪارڊ رکيو آهي. خاص ڪري ”سنڌ
سنگت“ جو فائل ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مان ڊاڪٽر صاحب کي جس ڏيان ٿو ۽ لطيف جي
لفظن ۾ ايترو چوندس ته سائين ”پورهيو سندو پورهيتن جو والي ڪين پائي“. سنڌ الاجي ۾
سچ پچ جيڪو وقت رهيم، ذهني سڪون محسوس ڪيم. شل نظر بد کان الله بچائي. (۱۹۸۷ع)
(سڄڻن ۽ ساڻيھ جون
سارون تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا