ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌي ادب ۽ تحقيق جو معتبر
نالو
محمد سليمان وساڻ
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو ڪنهن
کان به لڪل ناهي. سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ کان وٺي ان تي تحقيق لاء پاڻ تمام گهڻو ڪم
ڪيو اٿن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ۲۵ مئي ۱۹۴۵ ع تي خير
محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ ۱۹۷۱ ۾ بي ايڊ، ۱۹۷۲ ۾ ايم
اي سنڌي ادب ۾، ۽ ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔
