; سنڌي شخصيتون: اياز جاني

12 June, 2016

اياز جاني

جانيءَ جي جدائي
نسيم بخاري
سنڌ جي مشهور شاعر اياز جاني جي اوچتي وڇوڙي واري خبر دل تي وِڄَ جيان ڪڙڪي آهي، اياز جي جان رڳو ادبي تخلص ئي نه هو، پر هو حقيقت ۾ به جاني هو، جيڪو به هن سان مليو آهي، اُهو جهٽ ۾ جانيءَ جو ٿي ويو آهي. هن جو اخلاق، لهجو، انداز ۽ خلوص وسرڻ جهڙو ناهي، هو رڳو معصوم دل جو ئي مالڪ نه هو، پر پنهنجي ڪردار ۾ به سراپا معصوم هو. هٺ ۽ هوڏ کان ڪوهين ڪوڙ پري هو. موت اٽل ۽ اڻٽر آهي، پر اياز جانيءَ جو موت هزارين جيءَ جهوري ويو آهي، هن جي عمر وڃڻ ۽ وڇوڙي واري نه هئي. هن جو جوانيءَ وارو موت سنڌ جي ساڃاهه جي دل ۾ تڏا وڇائي ويو آهي.


اياز جاني زندگيءَ جي تلخين وارو زهر سدائين پيتو، وڇوڙا، محروميون، تنگ دستي ۽ بي رخيون هن جي حياتيءَ جو حصو هيون. دل جي تنهائيءَ جي ليکڪ پنهنجي شعري مجموعي جي اشاعت، ڇهه مهينا پوءِ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو آهي. هن وقت سان وفائي، دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن سان نڀايو، پر هن سان ڪنهن نڀايو؟ ڪير هن جي حال تي هليو؟ ڪنهن هن جي ڏکن سورن کي پوري سنجيدگي سان سمجهيو؟ اياز جاني لکيو هو ته:
وقت تو سان وفا ڪري ٿا وڃون،
تهمتون پاڻ تي ڌري ٿا وڃون،
زندگي موت جي سواري آ،
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون.
اياز جانيءَ جي موت واري سواري سنڌ کي سوڳوار ڪري وئي آهي، سنڌ پنهنجي سهڻي ۽ سيبتي شاعر جي وڇوڙي تي اداس آهي. اياز جاني پنهنجي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن ۾ پڪو پختو شاعر هو، جنهن جي دل ۾ ديس جو درد هو ۽ ديس جي هر فرد جو درد هو، هن جي مٽيءَ سان محبت تي ڀونءَ سان بيحد پيار هو، اهو ئي سبب هو جو هن لکيو هو ته:
ڀونءَ کي ڀاڪر ڀريو، ڀاڱا نه ٿيو،
ڏاڍ جو ڏونگر ڏريو، ڀاڱا نه ٿيو.
سوچ کي ارپيو ڪشادو آسمان،
پير ڌرتيءَ تي ڌريو، ڀاڱا نه ٿيو.
ڪا به اونداهي سدا رهڻي نه آ،
ڄاڻ ڪو ڏيئو ٻريو، ڀاڱا نه ٿيو.
اياز جاني زبردستي رومانوي شاعر آهي، هن وٽ ٻيو ڪجهه باقي رهيو هجي يا نه پر عشق سلامت آهي. ان عشق جو ئي ڪمال هو، جنهن اياز کي جاني بڻايو. اياز جو ته هڪڙو جاني هوندو، پر جي تخليق سفر کي جڳ جو جاني بڻائي ڇڏيو، ان کي جاني جي پنهنجي پرينءَ لاءِ جذبن جي جهلڪ پسو.
سوا پرين جي جڏهن به گذري،
سڄي حياتي اداس گذري،
جڏهن به سوچيم ته سٽ اڀري،
سڄي حياتي اداس گذري.
ڪڏهن جدائي جي جاڳ ساڙيو،
ڪڏهن اميدن جي آڳ ساڙيو،
نه ڏينهن جهوميو نه رات اُجري،
سڄي حياتي اداس گذري.
اياز جاني سنڌ پرست شاعر هو، هن وٽ پنهنجي قوم، سماج ۽ سنڌ ۾ تت نوان خواب هئا. هو ظلمن ۽ انيائن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندڙ ليکڪ هو، تڏهن ئي ته پنهنجي معصوم جذبن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو اٿائين ته:
لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو، ڪي گل رکو،
سرحدن تان سڏڪندڙ سارون کڻو، ڪي گل رکو.
هر طرف وحشي روين جي اڃا اوناڙ آ،
هي ڪهاڙيون، تير تلوارون کڻو، ڪي گل رکو.
ڌرتيءَ سان دل لڳي جي شاهديءَ لاءِ اياز جاني جا اهي شعر ئي ڪافي آهن ته،
قدم قدم تي گلاب رت جا ڪي کيت کيڙي، ڪيان مان صدقي،
اي سنڌ! توتي ٻنهي جهانن جي سونهن ميڙي، ڪيان مان صدقي.
سڄي حياتي فضول نعرن غلام سوچن جي ور چڙهي وئي،
نون سُرن ۾ نئين حياتيءَ جا گيت ڇيڙي، ڪيان مان صدقي.
اياز جاني هڪ شاعر طور جيڪا مڃتا ماڻي، اهڙو داد هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندو، پر جنهن رياست ۾ اسان رهون ٿا، ان جي حاڪمن کي شاعرن تي ڪو جيءَ جهُٻو ناهي ايندو ۽ انهن جي روشني تي حقيقت ۾ اياز جانيءَ جي روح کي رهڙا ڏنا، ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي نئين ديري ۾ نوڪري ڏني وئي. هن سان گڏ جن ٻين کي آرڊر مليا، اهي پنهنجو جڳاڙ ڪري ويا، پر اياز جڳاڙي نه هو، ان ڪري هن کان جڳاڙ نه ٿيو، هو هڪ استاد هو، سڄي ڪراچي ۾ ڪٿي به هن لاءِ ڪا گنجائش نه ڪڍي وئي. ڪراچي ۽ نئين ديري جي پنڌن هن کي جيڪي پيڙائون بخشيون، انهن پيڙائن تي کيس دل جو عارضو عطا ٿيو. اياز جاني کي جڏهن پهريون هارٽ اٽيڪ ٿيو هو ته هن جي علاج جي حوالي سان ڪمشنر لاڙڪاڻي اڪبر لغاري ڪوششون ورتيون هيون، نتيجي ۾ ثقافت کاتي سندس سار لڌي هئي، هو ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور سامي ڪل سنڌ مشاعري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر جي دعوت تي آيو هو.
اياز جانيءَ جي وڇوڙي تي ان کي پنهنجا هم عمر ۽ هم عمر دوست ضرور شعري ڀيٽا پيش ڪندا. شاعرن ۾ اڪثر اها خامي ڏٺي وئي آهي ته سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد هوندو آهي. اياز جاني ان تضاد کان آجو هو، هن جو جهڙو اندر اُجرو هو، هو ٻاهران به اهڙو ئي معصوم هو. حقيقت اها آهي ته اياز جانيءَ جي وڃڻ جي ويل نه هئي. اياز جاني جي جيون تي اسان اڄ جڏهن سوچ ويچار ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان کي ان جي انهن احساسن تي به نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته جيئن وري ڪي ٻيا شاعراڻي پيڙا مان نه گذرن.
هن لکيو هو ته:
بي مزي يار ٿي ويا آهيون،
روح تي بار ٿي ويا آهيون.
هوند اڻ هوند جي پٺيان هلندي،
پاڻ تي وار ٿي ويا آهيون.
اياز جاني ان نتيجي تي پهتو هو ته انسان بي وس ۽ لاچار آهي، قسمت جي آڏو هڪ رانديڪو آهي، هو خواب ڏسي سگهي ٿو، پر انهن جي تعبيرن کان گهڻو پري آهي، هو خواهشون ڪري سگهي ٿو، پر انهن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ سولو ناهي. اياز جاني جنهن شهر ڪراچي ۾ پئي رهيو، ان جي بدلجندڙ رنگن ۽ روين کي به هن نه وساريو آهي.
اياز جاني جڏهن ماهوار رسالو ”همرچو“ ڪڍندو هو، تڏهن ان سان اڪثر رابطو رهندو هو، جيڪو بعد ۾ به برقرار رهيو. هن جي علمي، ادبي خدمتن جي خراج لاءِ هڪ زبردست مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، هتي ته فقط هن جي وڇوڙي ۽ سار کي سمايو آهي.
اياز جاني ۾ جيڪا سڀ کان وڏي خوبي مون کي ڏسڻ ۾ آئي ته هن وٽ ڪا وڏائي نه هئي، هو پاڻ کي ٻين شاعرن جيان مٿڀرو نه سمجهندو هو، هو شهرتن جي بلندين تي هوندي به پنهنجي ڌرتي تي پير رکندو هو. هو هر ڪنهن کي عزتون ڏيندو هو. ڪنهن به ننڊ وڏائي واري ڪامپليڪس جهڙي بيماري هن ۾ نه هئي. هو سنڌ جو سدا بهار شاعر هو، هن جا شعر پنهنجي ماڻهن ۽ انهن جي دردن جي ڀرپور نشاندهي ڪن ٿا. هن پنهنجي دردن کي به ڪجهه اهڙي طرح سان اظهاريو آهي جو هر ڪنهن کي اهي پنهنجا ٿا لڳن. اهو ئي سبب آهي ته اياز عوام جو به جاني آهي، اياز جاني کي اسان جڏهن به سڏيو هو، اتي سڪ سان آيو. ادبي سنگت شڪارپور سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجي ۾ ڪل سنڌ مشاعرو ڪيو هو، اتي به آيو هو، اسان سان شڪارپور ماضي ڪل سنڌ مشاعري ۾ به گڏ هو. هو يارن جو يار هو، بي وڏائي ماڻهو هو، محبت جو متلاشي انسان هو، هن کي جتان به پيار جي ڪا پڪ ملي هن اُتي پنهنجا پکا اڏيا. هو انهن سمورين انساني عظمتن سان مالامال هو، جيڪي ڪنهن به ماڻهوءَ کي مڻيادار بڻائينديون آهن. هو جن خوبين جو مالڪ هو، اهي خلق ۾ گهڻن ۾ نه هونديون آهن، هو سماج کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ نه رڳو قلمي پورهيا ڪندو هو، پر عملي طور تي ان طرح جي اڳڀرائي به ڪندو هو. هو سماج جو سرمايو هو، هو چاهي ها ته گهر ويٺي پگهار کڻي پئي سگهيو، پر حق حلال جي روزي هن جي پهرين ترجيح هئي، هن پنهنجي ڪردار سان قرب ڪمايو، هن تاريخ ٺاهي، هن ڪڏهن ڪا درباري سٽ نه لکي، پر سدائين پنهنجي شعرن ۾ استحصالين سان اٽڪندو رهيو.




”چڱو بس موڪلاڻي آ“
زرار پيرزادو
اياز جانيءَ جو شعر آهي ته: ”فنا جو سڏ ٿو گونجي، اسان جي سڏ وراڻي آ، چڱو بس موڪلاڻي آ.“
اياز جانيءَ جي لاڏاڻي جي خبر جنهن به ٻڌي تنهن کان دانهن نڪري وئي.!
ڇاڪاڻ ته هو ڪجهه هفتا اڳ ئي ڪراچي جي جناح اسپتال مان اينجيو پلاسٽي ڪرائي صحتياب ٿي گهر آيو هو.
اياز جانيءَ کي مهينو ڏيڍ اڳ لاڙڪاڻي ۾ دل جو دورو پيو هو. تڏهن اسان سڀني جو خيال هو ته لاڙڪاڻي ۾ ته هي بچي نه سگهندو تنهن ڪري شل زندگي کيس ايتري مُهلت ڏئي جو هو پاڻ کڻائي ڪراچيءَ پهچي سگهي ۽ واقعي به پوءِ اهو معجزو ٿيو ۽ اياز جانيءَ کي زندگيءَ جناح اسپتال ڪراچيءَ تائين پهچڻ جو موقعو ڏنو.
اسان ته ان خوشفهميءَ ۾ هياسين ته اياز جاني لاڙڪاڻي مان زندهه موٽي آيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ نئين زندگي ماڻي اٿائين پر ان المئي تي ڇا چئجي ته هن جو موت، وري به لاڙڪاڻي جي ئي اسپتال ۾ وڃي ٿيو.
هو پنهنجي محسن اڪبر لغاريءَ جنهن لاڙڪاڻي مان ايمبولينس ڪرائي اياز جانيءَ کي ڪراچي موڪلڻ ۾ انتظامي سهڪار ڪيو هو تنهن جي ڪتاب جي مهورتي تقريب لاءِ لاڙڪاڻي آيل هو ۽ اتي ئي وري موت مٿس حملو ڪري ورتو.
اسان ته سک جو ساهه کنيوسين پر اها خبر نه هُئي ته ڪو موت هر قيمت تي سندس سر کڻڻ لاءِ آتو هو ۽ پاڇي جيان ڪو سندس پويان لڳل هو.
اياز جاني رڳو شاعري ڪندو نه هو پر هن ته پنهنجي سڄي زندگي شاعراڻي نموني گذاري. تنهن ڪري سندس زندگي سورن ۾ گذري.
هو مڪمل ۽ حقيقي اديب هو. ڳالهائيندو هو ته ڄڻ ڪو ڪتاب ڳالهائي رهيو آهي ڪو مضمون آهي جيڪو اظهاري رهيو آهي.
هُن سڀ ڪجهه پنهنجي شاعريءَ ۾ لکي ڇڏيو آهي. سندس شاعري جو ڪتاب سندس آتم ڪٿا به آهي ته پيغام به آهي ته وصعيت به آهي. پنهنجي گهر لاءِ، دوستن لاءِ ۽ ڌرتي واسين لاءِ.
ٻيو ته ڇڏيو هو موت جي حوالي ٿيڻ جو ڪارڻ به ٻڌائي ٿو ۽ چئي ٿو ته ”موت پرينءَ جو سڏ هو، جي نه ته هئن اجري. جاني ڪهڙي پار ويو.؟!
اياز جانيءَ نه رڳو ذاتي طور ڏک ڏٺا پر سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد مان جڏهن سندس ميمبر شپ ختم ڪئي وئي ته ان جو به کيس وڏو سور هو.
سنگت حديد جنهن جو هو بانيڪار هو، ۽ جنهن سنڌي ادبي سنگت جي نالي هن پنهنجي شعري مجموعو ارپيو آهي. سا سنگت بجاءِ ان جي ته ان کي ”تاحيات ميمبر“ بڻائي ها، هڪڙن خسيس مفادن ڪري، چونڊ کٽڻ لاءِ سنگت جي بانيڪار جي ميمبر شپ ئي ختم ڪري ڇڏي.
اهي ڳالهيون ان ڪري، ڪرڻ گهرجن ته گهٽ ۾ گهٽ اڳتي لاءِ اکيون کلي وڃن ۽ ڪنهن ٻئي سان اهڙي بي قدري نه ٿئي.
جڏهن سنگت شاخ حديد ٻن ڌڙن ۾ ورهائڻ جي سازش رٿي وئي ته جانيءَ ان کي ٻه اڌ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سنگت، ان ڌڙي جي حوالي ڪري ڇڏي. ۽ چيائين ته: ”سڀ جانيءَ کي اچي گوليون هڻو، لاش تي ڳالهيون ڪريو، ڀاڱا نه ٿيو“.
”ڀاڱا نه ٿيو اياز جانيءَ جي سنڌي قوم کي وصيت به آهي.“ هر هوا کان سنڀالجو جاني، لاٽ ٻار ته مان هليو ويندس.
ڪراچي جي اسپتال ۾ اياز جانيءَ جي عيادت جو موقعو مليو. اتي هو هڪ اديب دوست کي ٻڌائي رهيو هو ته ”يار لڳي ٿو ته منهنجي دل مون کان ڪاوڙجي وئي آهي ته تو پنهنجي شعري مجموعي ۾ مونکي ”درواڙ دل“ چئي ڇو ايڏو بار وڌو آهي...“
”دوست پيا چون ته ڪتاب تي رڳو ”دل جي تنهائي“ نالو رک پر مان لڳي ٿو ته ڪتاب تي ڳرو نالو رکيو آهي ۽ منهنجي دل اهو بار برداشت نه ڪري سگهي آهي ۽ بيمار ٿي پئي آهي.“
”منهنجي دراوڙ دل اڄ جي زماني وارين دلين سان ڪٿي ٿي هلي سگهي سو اها ڪاوڙجي وئي.“


هاءِ جاني! اسان کان جدا ٿي ويو
رزاق عاصي
6 جون کان 4آڪٽوبر  تائين وقت جي ڪا وڏي  وٿي ناهي،  پر افسوس جي ڳالهه اها آهي  ته اسان کي هر نئين سال جي مان ۾آجياڻو ڏيڻ لاءِ ڪنهن جي دلبر، ڪنهن جي  مٺڙي، ڪنهن جي پياري، ڪنهن جي عاشق، ڪنهن جي محبوب،  پنهنجي ٻچڙن جي بابا، هڪ سانئڻ، وني جي ور ۽ سموري سنڌ جي جاني! جي سالگرهه کان اڳ ورسي ملهائڻي پوندي،
اياز جاني جنهن جي رعبدار قد ڪاٺ کي عطا ٿيل مک تي معصوم مرڪ ڪيتري  حسين هئي،ا هو سڀ ڄاڻن ٿا جن  به هن سان گڏ ويهي ٽهڪ ڏنا هوندا، ڪنهن سفر سانگي ساڻس گڏ هليا هوندا، يا شاعري جهڙي محبوبه جي حسناڪين تي ڪجهه ڳالهايو هوندو، منهنجي هن رولاڪ روح سان واقفيت ڪا وڏي عمر ته نٿي رکي، جيڪا هن جي هر عادت، ڪمزوري ۽ هر مجبوري کان واقف هجي پر جڏهن به هن کي ڏٺو مرڪندي ئي ڏٺو، هن کي مرڪ ڄڻ ته ورثي ۾ مليل هئي، منهنجي دل چوي ٿي ته هُن هر درد کي مرڪندي قبوليو هوندو، تڏهن ته هن لکيو هوته:
آزاد فضائن جِي،
قلت ۾ گذاريون ٿا!
ڇو نيٺ گذاريون ٿا!؟
*
نابين انائن جِي،
علت ۾ گذاريون ٿا !
ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟
هو ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جو خالق ان نسل مان ئي هئو جنهن قبيلي سنڌو سلطنت جي گادي واري شهر جي اڏاوت ڪئي هئي، جنهن کي سر جان مارشل پنج هزار ورهين کانپوءِ مُهين جي دڙي جي نالي سان ڳولهي لڌو هو، هن جي مرڪ ۾ سمبارا  جو ناچ ۽ اکين ۾ هزارين ورهين جي تهذيب جي وڏائي جهڪلندي هئي، هو نه رڳو ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جو تخليقڪار هو پر هن پنهنجي ڌرتي جي لاءِ همرچا به ويهي سهيڙيا پر هو پنهنجي جوهر ۾ جديد دور جي فن، فڪر ۽ گهاڙيٽن جي گُهرجائن جو پورائو ڪندڙ  وايون، گيت ، به تخليق ڪيا آهن،  جنهن کي پڙهي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هڪ اياز جي سڪ لاهڻ لاءِ سنڌ کي ٻيو اياز مليو هو، جنهن پهرئين اياز بعد ٻئي اياز طور پاڻ مڃائڻ لاءِ  حساسيت جون سرحدون پار ڪري، ڪاون مٿان هلڻ جهڙو درد محسوس ڪيو هوندو،  هن هر ڪربلا ، هر ڪاهه توڙي هر دور ۾ مليل دردن کي محسوس ڪندي، ڌرتي ڌڻين جي لاءِ  اهو به لکيو ته:
سوچيو ته سزائن جِي،
ذلت ۾گذاريون ٿا !
ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟
*
نابين انائن جِي،
علت ۾ گذاريون ٿا !
ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟
*
بي روح صدائن جِي،
ملت ۾ گذاريون ٿا !
ڇو نيٺ گذاريون ٿا !؟

هن محبوب ديس جي نڪوري نِهين جهڙي شهر ڪراچي ۾ دهشت ۽ وحشت جي ڀوڳنائن کي به تمام ويجهي کان ڏٺو هيو، تڏهن ته اندر ۾ ساهه کڻدڙ قديم گهاتُن جي وسندي سون مياڻي کي ڏسي هن کي ان شهر جي اڏيندڙن مهاڻن کان وڃايل سڃاڻپ کي ڳولهڻ ۽ هن وڃايل محبتن کان پڇاڻي لاءِ پنڌ ڪيو ، هن جي اکين ورهاڱو ڀلي نه ڏٺو هجي،  پر ڌرتي جي هنجهه مان ڪري پيل ٻارن جي صدائن کي هن محسوس ضرور ڪيو هو، هن جي نيڻن کان ننڊ رسڻ جا گهڻا ئي سبب هوندا،  پر سندس اکين  جي آلاڻ پنهنجي پاڻ کان پڇائن جو سبب  ضرور معلوم ڪيو هوندو ۽ پوءِ  ڪنهنجي محبتن ۽ اقرار توڙي انڪار کان رسي شايد هن جي دل انڪري بيهڻ جو فيصلو ڪيو ، ته هن محبتن کي سدا حيات رهڻ جون دعائون پئي ڏنيون ته:

محبت تون ڪٿي آهين؟
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

ڪراچيءَ ۾ ته دهشت آ،
اتي ترسڻ نه ٿي چاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

وڃي نڪران نئين ديري،
اتي پيرا پئي ڊاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

ڏٺو مون اوچتو من ۾،
اتي سڀ ٿَڪ ٿي لاهين ..
ڀلا خوش رهه جتي آهين !

(نوٽ: 4 آڪٽوبر 1967ع اياز جاني جي ڄمڻ جي تاريخ آهي)


آهيان مٽي سنڌ جي!
ادل سولنگي
شاعري لفظن جي سنگتراشي آهي ۽ اهڙو ئي سنگتراش شاعر هو اياز جاني، اياز جاني نه رڳو خوبصورت وايون لکيون، پر هن انتهائي جديد غزل لکي سنڌي ادب کي خوشحال ڪيو، جنهن جي هڪ وائي آهي ته:
”ٿوهر ٿوهر ساعتون،
صحرا صحرا سال،
گذري ويندي زندگي“.
اياز جاني انفرادي درد کي جنهن نموني سان اجتماعي درد جو نالو ڏنو آهي اهو ان جو ئي فني ۽ فڪري ڪمال آهي، هن لکيو ته؛
مان ئي راءِ ڏياچ هان،
مان ئي مڱڻهار،
آهيان مِٽي سنڌ جي.
ڀٽ، درازا، جهوڪ مان،
ڪَڇُ ڀڄُ مان گِرنارِ،
آهيان مِٽي سنڌ جي،
اياز جاني جنهن وائي کي نئون رنگ روپ ڏنو جنهن سنڌ جي  محاڪاتي پس منظر ۾ جديد وائي لکي جنهن مان نظم، بيت ۽ غزل جون سِڪون لهڻ لڳيون. جنهن لکيو ته:
سانت ڳهي ويندي، پنهنجي اَندر جو،
ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.
آسروند اکيون، چاهن ٿيون گهر جو،
ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.
ڪو محسوس ڪري،
اوسيئڙو در جو.
ڪو ته ڪڙو کڙڪائي.
اياز جاني نئين ديري کان ڪراچيءَ تائين نه رڳو علمي ۽ عملي سفر ڪيو پر هن ته گڏوگڏ سنڌي ادب جو اتهاسڪ سفر به ڪيو، اسان جا ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون ادب جي تخليقي سفر ۾ گڏ پنڌ ڪندي گذريون، اسان جنهن نسل ۽ پيڙهيءَ سان تعلق رکون ٿا ان نسل سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي ڪٺور روين ۽ روايتن کي ٽوڙيندي وڏي جدوجهد ۽ بغاوت ڪئي آهي، سنڌي ادب جي تيز رفتار گاڏيءَ ۾ چڙهڻ ۽ ان ۾ وري پنهنجي جاءِ والارڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو رهيو آهي، جنهن ۾ اسان جي ٽهي ڄڻ ته ادبي ميدان ۾ رڪ جا چڻا چٻاڙيا آهن. سينيئر اديبن جا چڙ ڏياريندڙ رويا، هم عمر اديبن، شاعرن جون مهم جويون، اسان جي تخليقي پنڌ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون کڙيون ڪيون هونديون، پر انهن سڀني تڪليفن باوجود اسان جي پيڙهي محسوس ڪري ٿي ته ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي وچان پنهنجي جاءِ ٺاهڻ وارو مرحلو پلصراط تان گذرڻ واري عمل جيان ڏکيو رهيو آهي، اڄ تائين اسان جا وڏڙا اديب گهڻي ڀاڱي اسان کان ۽ اسان جي لکڻين کان لاتعلق رهيا آهن، جن جو صرف پنهنجي لکڻين مٿان سج لهندو ۽ اڀرندو رهيو آهي.
اياز جاني انهن تخليقڪارن مان هڪ رهيو آهي، جن پنهنجي لڳاتار محنت ۽ ادبي ڪرت ۾ پنهنجا پير پٿون ڪندي مانائتي منزل ماڻي آهي. مها ڪوي شيخ اياز جي تخليقي تسلسل ۾ تخليقي وکون کڻندڙ اياز جاني سنڌي شاعريءَ جي مٿي جو موڙ رهيو آهي. سائين شمشير الحيدري چواڻي ته:
شاعريءَ جي ديوي رت تي پلبي آهي ۽ واقعي به ائين ئي آهي ته شاعري محبوبا جيان مڪمل ڌيان گهرندڙ ادبي وٿ آهي جنهن کان ڪنهن به ريت منهن نٿو موڙي سگهجي. مها ڪوي شيخ اياز چيو ته:
پهريون پهريون حرف خدا جو
ڪن فيڪون.
شاعر، موسيقار، مصور،
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون
ڪن فيڪون.
شاعر پنهنجي ٻولي، ڪلچر، تهذيب ۽ روايتن جا امين هوندا آهن ۽ اياز جاني پنهنجي مزاج ۾ اهي سموريون خوبيون رکندڙ اهڙو ڪوتاڪار آهي جنهن تي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري فخر محسوس ڪندي رهندي.
جڳن کان جيءُ ويڳاڻو،
الائي ڇا تلاشي ٿو؟
اُڏاڻو آسمانن ڏي، وساري آب ۽ داڻو
الائي ڇا تلاشي ٿو؟
سنڀاري سڏ مٽيءَ جو، پسي ٿو ڪاڪ جو ماڻو،
الائي ڇا تلاشي ٿو.
وٺي ٿو جام موکيءَ کان، ڏسي ٿو روح ۾ گهاڻو،
الائي ڇا تلاشي ٿو.

ڪا صدين جي اڃ آهي آءُ نيڻن ۾.
تنهنجو آهي، جو به آهي، گهاءُ نيڻ ۾.
او مسافر پيار جا تو پل ڪڏهن ڀوڳيا؟
تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾.

من ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا،
چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا،
راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا،
ڇا ته ادراڪ تنهنجي نيڻن جا.
مُهين جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ هي منهنجو پيارو دوست، 27 مئي 2016ع قلندر لعل شهباز جي ادبي ڪانفرنس ۾ ٻين دوستن سان گڏجي شريڪ ٿياسين، هن کي پنهنجي ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جي مهورت ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو وڏو شوق هو. جيڪو هو پاڻ سان گڏ کيون ويو. هن سان کوڙ ساريون گهاريل گهڙيون، کوڙ ساريون محبتون ۽ کوڙ ساريون يادگيريون لاڳاپيل رهيون آهن، هن جو تخليقي پورهيو سدائين هن جي ياد ڏياريندو رهندو.
اياز جاني جي شاعراڻي ڪٿ ڪندي انور ابڙي لکيو آهي ته: جديد سنڌي شاعريءَ ڀٽائيءَ کان وٺي اڄ جي دور تائين ڪٿي به ٿَڪُ ناهي ڀڳو. ان جي اڻَڀن وارن ۾ جڏهن پراڻي توڙي نئين ٽهيءَ جي شاعرن آڱريون ڦيريون آهن ته ان جي سونهن چئوڏس چٽاڻو ڪيو آهي، اياز جاني انهيءَ سٿ جو اڄوڪي ٽهيءَ جو هڪ اڳواڻ شاعر آهي، هي جنهن ”فڪري گهراڻي“ سان تعلق رکي ٿو ان جا لفظ ”ظلمات“ جي ذڪر سان ڪنبندا ناهن، پر اهي سچائيءَ جي اظهار کي سڀ کان اعليٰ سمجهندا آهن.
اياز جاني جنهن لکڻ جي شروعات 1980 ۾ سرهاڻ ۽ گل ڦل رسالي ۾ لکڻ سان ڪئي، هن سنڌي ادبي سنگت نئين ديري، گلشن حديد ۽ رمپا پلازا ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي پنهنجو تخليقي سفر ڪيو، ادبي تخليقي سفر سان گڏ هن ماهوار رسالي سارس، لهرون ۽ همرچو رسالن جي ايڊيٽنگ به ڪئي، پنهنجي تخليقي سفر ۾هن سڄي سنڌ جي ادبي پروگرامن  ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي اڏام کي جاري رکيو. سيوهڻ، درازا، جهوڪ ۽ ڀٽ هن جي شاعريءَ مان ليئا پائيندي نظر اچن ٿا، اياز جاني پنهنجي مزاج ۽ سماجي وهنوار ۾ نهايت ئي سنجيدگي، سادگي ۽ ڌيرج سان، سهپ، رواداري، روشن خيالي ۽ سيڪيولر سماج جي اڏاوت ڪندڙن ۾ شامل رهيو، سنڌي شاعريءَ جا بنياد ڌرتيءَ جي اونهاين ۾ پيل آهن.
اياز جاني سچل ۽ قلندر جي عرس جي موقعي تي ادبي تقريبن ۽ ڪانفرنسن ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪري، اعليٰ شاعر هجڻ جا  ايوارڊ ماڻيا، اياز جاني جي ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ ڀلي اسان جي اجتماعي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ جو ڏيک ڏيندڙ عنوان هجي پر دراوڙ دل جي تنهائيءَ ۾ جيڪا شاعري ڏنل آهي جنهن ۾ صرف ٻه صنفون وائي ۽ غزل ڏنا ويا آهن، اُها اُتساهه ڏيندڙ آهي.  اياز جاني هڪ ئي وقت وائي ۽ غزل سان جيڪو فني ۽ فڪري طرح نڀاءُ ڪيو آهي جهڙي نموني هن جي شاعري ميچوئر ٿي  پڙهندڙن آڏو پيش ڪئي وئي آهي، اهو به هڪ سڀاويڪ عمل آهي.
سنڌي ادب ۾ اياز جاني جهڙو پڪو پختو شاعر ٻوليءَ ۽ شاعراڻي فن ڏانهن ذميوار رهندڙ اسان جي ٽهيءَ مان هڪ اهڙو ليکڪ رهيو آهي، جنهن سنڌي جديد ادب ۽ سنڌي شاعريءَ جي اڳواڻي ڪندڙن مان چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. اياز جاني سماجي توڙي دوستاڻي ماحول ۾ انارڪيءَ جي روين جو گهڻو شڪار هوندي به نهايت ئي بردباريءَ سان اڻ تڪراري رهندي ڀرپور نموني پنهنجي ادبي زندگي گذاري، هن جو دوستن جو  حلقو تمام گهڻو وسيع رهيو، ڪمون شهيد کان گلشن حديد تائين اياز جاني جي دوستين جا داستان ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا آهن، اياز جاني سنڌي ادب ۾ پنهنجي شاعراڻي حيثيت سان سدائين ياد رهندو، هن پوئتي ڇڏيا آهن، هڪ بيواهه، چار پٽ، هڪ نياڻي ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب، اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”مٽيءَ جي روشني“، ”اڏري آيل خواب“ ۽ ”وارياسو چنڊ“.
اياز جاني جنهن پنهنجي سموري زندگي علم ۽ ادب جي آبياري ڪندي گذاري، هن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. وڏي ڳالهه ته اياز جاني رتي ديري جي جنهن ڪاليج ۾ پڙهيو هو انهيءَ ڪاليج ۾ هو ليڪچرار به مقرر ٿيو، اياز جاني پنهنجي سمورين ادبي، علمي سرگرمين جي حوالي سان هڪ تحرڪ جو نالو رهيو ۽ هن هڪ اداري طور سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو، جيڪو ايندڙ نسلن جي قومي ذميواري ۽ قومي تحرڪ لاءِ سندن رهنمائي ڪندو رهندو، منهنجو هن سان ادبي ياراڻو رهيو، هڪٻئي کان پري رهڻ باوجود  اسان هڪٻئي کي فون جي ذريعي پنهنجي حالن احوالن، مسئلن ۽  معاملن کان آگاهي ڏيندا رهندا هئاسين، ها پر هن وڃڻ ويل نه رڳو مون کي پر سموريءَ سنڌ کي ڪا به آگاهي نه ڏني، سندس ئي  شعر آهي ته:
”فَنا جو سڏ ٿو گونجي،
اسان جي سَڏَ وراڻي آ،
چڱو بس موڪلاڻي آ“



اياز جانيءَ ڏاڍي تڪڙ ڪئي!؟
ڊاڪٽر مرلي ڌر
اياز جانيءَ کي مان ڪجهه سالن کان سڃاڻيان، پهريون دفعو هن منهنجو بڪين جي عالمي ڏينهن تي لکيل مضمون پڙهي مون ڏانهن فون ڪيو ۽ پنهنجو تعارف اهو چئي ڪرايائين ته ”مان اياز جاني آهيان، اوهان جو ادبي دوست“ ۽ چيائين ته سائين اوهان مضمون لکي مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ان مضمون ۾ مون مٺن پيشابن وارن کي بڪين جي بچاءُ جون تجويزون ڏنيون هيون ۽ لکيو هيو ته ان مرض ۾ مبتلا عورتون ۽ مرد پنهنجيون بڪيون ضرور چڪاس ڪرائين. اياز به شگر جي بيماري ۾ مبتلا هيو. هڪ ڀيري مون وٽ آيو ۽ رت ۽ پيشاب چڪاس ڪرايائين، شگر قابو ۾ نه هيس، انهن ڏينهن ۾ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ملازم هيو.
ايئن اياز سان ملاقات به ٿيندي رهي، فون تي رابطو به رهيو جڏهن به پاڻ کي يا گهر جي ڪنهن ڀاتي کي ڪو طبي مسئلو ٿيندو هيس ته مون کي فون ضرور ڪندو هيو. آخر ۾ جڏهن دل واري وارڊ ۾ داخل ٿيو ته هڪ ڏينهن فون ڪيائين ته ڪجهه رت جا ٽيسٽ ڪرائڻا آهن جيڪي مون ڪرايس. ملڻ لاءِ به چيائين. هڪ دفعو وڃڻ چاهيم ته خبر پئي ته کيس هفتي کن لاءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي. فوري طور تي اينجيوگرافي، (دل جي نسن جو ايڪسري) نه پئي ٿي سگهيس ڇاڪاڻ ته بڪين جو ڪم ظاهر ڪندڙ رت جو ٽيسٽ ڪريئٽنين وڌيل هيس ان هوندي اينجيوگرافي ڪرڻ سان بڪي جو ڪم وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي. مٺا پيشاب دل جون نسون به بند ڪندا آهن ته وري بڪين کي به متاثر ڪندا آهن. جاني جون بڪيون به ٿوريون متاثر ٿيون ميرن ۽ دل جي نس به بند هيس.اها حالت ان ڪري ٿيس جو  اياز مون وٽ فقط ٻه دفعا چڪاس لاءِ آيو جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ هر ٽئين مهيني چڪاس ڪرائڻ کپندا هيس. ماڻهو به ڇا ڪري، زماني ۾ ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن خاص ڪري ٽين دنيا جي غريب ملڪن جي ماڻهن سان ته پريشانيون به انيڪ آهن ۽ وري جي هو حساس شاعر هجي ته پوءِ ته دل متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿي سگهي. جاني ڏاڍو نماڻو ماڻهو هيو. هميشه پيار ۽ محبت سان لفظ ادا ڪندو هيو. جناح ۾ جڏهن آخري ڀيرو داخل هو ته فون ڪري چيائين ته ادا هڪ دفعو ملڻ ضرور اچو، اوهين ڊاڪٽر آهيو توهان جي اچڻ سان منهنجي تسلي ٿيندي ۽ ڊاڪٽر به خيال ڪندا.
مون کي افسوس آهي ته مان اياز سان آخر ۾ ملي نه سگهيس. اياز وڃڻ ۾ جلدي ڪئي. اياز هن دنيا مان وقت کان اڳ موڪلائي ويو. اياز سفر ڪرڻ ۾ به جلدي ڪئي. وقت تي دوائون به نه کاڌائين، اينجيوپلاسٽي کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 هفتا جفاڪشي ڪرڻ جي منع هوندي آهي. پر مشاعري ۽ ادب سان محبت اوڏانهن وٺي ويس. هاڻ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، ادب ۽ انسانيت جو وڏو نقصان ٿيو. هڪ نيڪ ۽ نماڻو ماڻهو ۽ هڪ سٺو شاعر اسان کان وڇڙي ويو. اڳتي لاءِ اسان جن اديبن کي پنهنجو خيال ڪرڻ گهرجي.



اياز جانيءَ کانپوءِ سندس ڪٽنب جي سار لهڻ جي گهرج
زرار پيرزادو
اياز جانيءَ جي لاڏاڻي سان برابر سنڌي ادب، هڪ پاورفل اديب، شاعر ۽ هاڪاري سوچ رکندڙ دانشور کان محروم ٿي ويو آهي، تنهن ادبي هاڃي تي ته هر ڪو ڳالهائي ۽ لکي ٿو جيڪو به ضروري آهي.
اياز جانيءَ جي قلمي پورهئي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ هاڻي اياز جاني اڪيڊمي يا فائونڊيشن ٺاهڻ گهرجي جنهن کي ثقافت کاتي جو مالي سهڪار هجي ۽ اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان اياز جانيءَ جي اڻ ڇپيل شاعري، مضمون يا رسالن ۾ لکيل ايڊيٽوريل توڙي ڪالمن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيڻ گهرجي.
پر ان ادبي ڪم سان گڏوگڏ هاڻي اياز جانيءَ جي چئن پٽن، هڪ نياڻي ۽ بيوه تي ٻڌل اياز جاني جي فيملي لاءِ به سوچڻو پوندو.
اياز جانيءَ جا ٻه وڏا پٽ آهن جن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ پٽ کي ڪا مستقل پگهار واري سرڪاري نوڪري حڪومت طرفان يا ڪنهن خانگي اداري طرفان ملڻ گهرجي.
اياز جاني 17 هين گريڊ جو ليڪچرار هو. ٽي سال سروس ڪيائين. انهيءَ سروس هلندي جيئن ته هو وفات ڪري ويو آهي تنهن ڪري سرڪاري قائدن ضابطن تحت سندس معاوضي جي جيڪا رقم ٿئي ٿي، پينشن وغيره ٺهي ٿي ته اها فوري طور تي اياز جانيءَ جي ڪٽنب کي ادا ڪئي وڃي.
انهيءَ لاءِ تعليم جي وزير نثار کهڙي کي ذاتي دلچسپي وٺي اياز جاني جي فيملي کي ترت پيسا ڏيارڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪٽنب ان جو حقدار به آهي.
ايئن سنڌ جي وڏي وزير کي به صوابديدي فنڊن مان ڪجهه حصو اياز جاني جي حقدار فيملي کي ڏيڻ گهرجي يا وڏي وزير کان ڏيارڻ گهرجي.
اياز جانيءَ جا ننڍڙا ٻار جن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن تن جي پرائمري توڙي هائير تعليم لاءِ به تعليم جي وزير نثار کهڙي کي في وغيره معاف ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ گهرجي.
اياز جانيءَ جا ٻار جڏهن به بيمار ٿين ته انهن جو اسپتالن مان سرڪاري يا خانگي طور مفت علاج ڪرائڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
اياز جانيءَ جي شعري مجموعي ”دراوٽ دل جي تنهائي“ کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سالياني ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. ميرٽ تي شاعريءَ جو بهترين ڪتاب ثابت ٿئي ته ان جي رقم به سندس ڪٽنب کي ملي سگهي ٿي.
ايئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت، شاهه لطيف ڪراچي چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي کي به پنهنجي وس وت آهر اياز جانيءَ جي ڪٽنب لاءِ جيڪا ڀلائي ٿي سگهي سا ڪرڻ گهرجي.
ڇاڪاڻ ته انهن مٿي ڄاڻايل ادارن سان اياز جانيءَ سڌي يا اڻ سڌي نموني گڏ ڪم ڪيو آهي
شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان اياز جانيءَ ايم اي سنڌي جي ڊگري ماڻي يعني ان يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪجهه وقت ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪيائين.
سنڌي ادبي سنگت ته سندس وجود جو ٻيو نالو آهي. سنگت حديد جو ته بانيڪار هو.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ انهيءَ احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته اياز جانيءَ جي لاڏاڻي سان سڀ کان وڏو نه سوچي سگهجندڙ نقصان سندس ڪٽنب جو ٿيو آهي.



اياز جاني کي لاڙڪاڻي اسپتال۾ جيئن مون ڏٺو
ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي
صبح جا پنج وڳا هئا مان سول اسپتال جي دل واري شعبي ۾ نائيٽ ڊيوٽي تي هيس ۽ آفيس ۾ صوفي تي آهليو پيو هوس دل جي شعبي ۾ ڊيوٽي هجي ۽ اک لڳي سو نا ممڪن آهي 3 کان پنج وڳا اسُر مهل جو اهڙو ٽائيم آهي جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مريض ايندا آهن نه ته آرام ملي ويندي آهي هونئن ته دل 0.6 سيڪنڊن ۾ هڪڙو دفعو ڌڙڪي ٿي سا جي ٻه ٽي ڌڙڪا يعني ٻه ٽي يا پنج سيڪنڊ به بيهي ته سمجهو انسان ويو. دل جي بيماري جهڙو سولو موت ڪنهن ٻي بيماري ۾ ناهي ايندو. ٻين مرضن ۾ انسان لوڙيندو آهي.
پر دل جو دؤرو اهڙي شي آهي جو موت لکيل اٿس ته خوشنصيب آهي اهڙي موت تي ماڻهو چوندا آهن يار اڳهرو کلي ڳالهائي پيو ۽ هاڻي نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو، يا وري ادا هاڻي هاڻي منهن ڌوئي ماني لاءِ چيائين ماني کڻي آيس ته بس ساهه جو پکي پرواز ڪري ويو هو.
سو ڳالهه پئي ڪيم صبح جو پنجين وڳي جي ته جڏهن آنءُ صوفي تي ليٽل هيس ته اڪبر لغاري ”جيڪو هينئر لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر آهي“ در تي اچي پهتو چيائين ڊاڪٽر صاحب مريض سيريئس آهي ته مان صوفي تان ٽپ ڏئي ڊوڙندو آءِ سي يو پهتم مريض ڏٺم نه نالو پڇيم نه پار پتا بس ڪمشنر اڪبر لغاري صاحب ٻڌايو ٽي هفتا اڳ اينجوپلاسٽي ٿي اٿس، مون تڪڙ ۾ اي.سي جي ڊسپينسر وارڊ بواءِ کي آڪسيجن لاسڪس اينٽي بيوٽڪ انجيڪشن ايمرجنسي ٽري ۽ سڪر چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو سيڪنڊن ۾ سمورا عمل ٿي ويا پر مريض جي سيني تان سهڪو ۽ ڦڦڙن ۾ پيل پاڻي جو شور ختم نه ٿيو اڪبر لغاري صاحب ٻڌايو ته رات 2  وڳي تائين ڪچهري ڪئي آهي. ڪمشنر صاحب خود پگهر ۾ شل لڳو پيو هو کيس شگر وڌي وڃڻ جي ڳڻتي تمام گهڻي بکي پئي جڏهن ته شگر گلوڪوميٽر تي 464 ۽ ليبارٽري ۾ 300 آئي هئي.
اڪبر لغاري صاحب ٻڌايو ته ٻه ڏينهن انسولين به استعمال نه ڪئي اٿائين. لاسڪس انجيڪشن جا 12 ايمپول لڳڻ باوجود پيشاب ڪيٿيٽر ۾ گهٽ آيو هو آئسوڪيٽ هڻڻ کانپوءِ بلڊ پريشر ڪنٽرول ٿي وري شوٽ اپ ٿيو پر ساهه کڻڻ ۾ بدستور ڇڪ هئي تيسيتائين وارڊ جا ڪنسلٽنٽ اسسٽنٽ پروفيسر آغا رياض پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر فياض مجتبيٰ شاهه (ڪارڊيولاجسٽ) وارڊ ۾ پهچي چڪا هئا. پر جيئن ته ننڊ دوران ڪا شئي (جنهن ۾ پاڻي يا ڪا ٻي شئي) ساهه جي نلين ۾ وڃڻ ڪري ڦڦڙن مان پاڻي نڪرڻ محال ۽ ڦڦڙ آڪسيجن کڻڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا. جنهن ڪري ڪنسلٽنٽن جي صلاح سان کيس وينٽيليٽر تي شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
ايم ايس صاحب جو نمائندو وارڊ ۾ پهچي چڪو هو جنهن آڪسيجن واري ايمبولنس گهرائي مريض کي ميڊيسن يونٽ آئي سي يو ۾ وينٽيليٽر تي منقتل ڪرايو. جنهن کانپوءِ سومر جي ڏينهن صبح جو 9 وڳي ڪنهن اديب دوست ٻڌايو ته  Best Poet Ayaz Jani no more with us مان شاڪ ۾ اچي ويم ته هي ڇا آهي.
ياد آيو ته ٻه مهينا اڳ ته هن سان منهنجي پهرين ڪچهري منهنجي وارڊ جي 6 نمبر ڪمري ۾ ٿي هئي جڏهن مان ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهيم ته ڊاڪٽرن چيو ابا تنهن جي برادري جو همراهه 6 نمبر ڪمري ۾ پيو اٿئي وڃي ملي اچيس مايوس لڳو پيو آ ڪا دلجاءِ ڏئي اچيس، مان ساڻس ملڻ ڪمري ۾ ويم کيس ٽي ڏينهن داخل ٿئي ٿيا هئا NSTEMI جو پروٽوڪول مليل هو پر پوءِ به رکي رکي سور جون دانهون ڪري رهيو هو، لڳي پيو ته دل جي دوري دل جي مشڪن کي سخت نقصان رسايو هو، شگر جو مريض اڳ ئي هيو مٿان سون تي سهاڳو شاعر به هيو.  سو دل واقعي سندس دراوڙ هئي سو لڳي پيو ته جي ٽئي ويلسس بلاڪ هوندس ته باءِ پاس نه ڪرائڻو پويس، نه ته اينجيوپلاسٽي ضرور ٿيندس. مون ڏٺو ته هو  ڏاڍو اداس پئي لڳو، کيس لڳو پئي ته دراوڙ دل ساڻس وفا نه ڪندي جڏهن ته ٿورو ڊپريشن ۾ به لڳو. مون کيس پنهنجي شرٽ جا بٽڻ کولي چيريل سينو ڏيکاربو ته سمجهي ويو ۽ کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هن مونکي نه سڃاتو پر چيائين نالو ٻڌل ٿو لڳي. لڳي به ڇو نه تقريبن 2 سالن کان لکڻ ڇڏي ويو آهيان سوچيندو آهيان ته لکان به ته ڇو لکان؟ خير اهو پراڻو قصو آ ٻئي دفعي هو منهنجي ڀاڻيجي سان گڏ رتوديرو ڪاليج ۾ ليڪچرر رهيو منهنجو ڀاڻج ڪنهن وقت ۾ اياز جاني جو نالو کڻي ذڪر ڪندو رهندو هيو اهو منهنجو ڀاڻيجو 2 سال اڳ گذاري ويو آهي. اياز سان ان وقت ڪافي دير ڪچهري ٿيندي رهي جتي ٽهڪ ڏيڻو هو اتي مرڪي چپ ٿيو وڃي، کيس چيو هيم؛ اياز صاحب رب جي رضا سمجهو يا پنهنجي ڪا ناداني يا وري تاريخ جو جبر توهان جي دراوڙ دل توهان جي ڌيان جي طالب آهي ان کي ٺيڪ ته ڪرڻو پوندو، روئي به ٺيڪ ڪرائڻي ته کلي به ٺيڪ ڪرائڻي پر ان جو جواب سندس هن وائي جيان هيو ته؛
سانت ڳيهي ويندي
پنهنجي اندر جو
ڪو ته ڪڙو کڙڪائي
اڄ جڏهن اسان کان هميشه هو وڇڙيو آهي ته هو ائين به ناهي ويو باقاعده موڪلائي ويو آهي.
فنا جو سڏ ٿو گونجي
اسان جي سڏ وراڻي آ
چڱو بس موڪلاڻي آ



سنڌي شاعري جي جاني “اياز جاني” جي مرتئي تي جنم اتهاس ۾ رکجي
خادم بالادي
زندگي جا سوين رنگ آهن، سوين ڪيفيتون آهن، لقاءَ آهن، منظر آهن مظهر آهن، ساهه جي هڪڙي هڪڙي پل کي احساس خيال محسوسات جو هڪ سلسلو آهي، ان کي محسوس ڪري ان کي يادگار بنائڻ لاءِ يا زندگي جي سوين رنگن مان پنهنجي محسوسات جي بنياد تي پنهنجا تاثر، خيال  تصور جوڙي، انهن کي منفرد سمجهه۽ هڪ تصوراتي شبيهه ڏين لاءِ هر تخليقار جو هڪ الڳ لهجو آهي، تصور ۽ خيال جي هڪ منفرد دنيا آهي، اظهار جو هڪ دل آويز ڊڪشن آهي. ڪائنات جي معني مان معني تخليق ڪرڻ هڪ سچي تخليق جو بنيادي فريض آهي ،هر تخليقار وٽ  هڪ پنهنجي دنيا ٿئي ٿي ، خيال تصور، تشبيه استعاره ٻولي ان ڪائنات جا ننڍڙا جز آهن  هو پنهنجي تخليقي قدرت سان انهن جزن کي مسلسل فڪر جي نئين انداز سان تحرڪ ڏئي انساني سوچ لاءِ نئين پيڪر تراشي ڪندو رهي ٿو ، جئين  هر وقت زندگي ۾ زندگي نئين جاهه جلال سان نظر ايندي رهي، ڪائنات مان ڪائنات جي سمجهه ملندي رهي، تخليقار پنهنجي مشاهدي مطالعي سان جيڪو ادراڪ جوڙيندو آهي ان مان ئي ان جي تخليق جو عظيم فلسفو نسري نروار ٿيندو آهي.
ان ڪري آرٽ زندگي جي تهذيب، فڪر، ثقافتي عمل  جوهر رکندڙ مڪتب  علم ۽ صفت آهي، ان جوهر کي اهوئي ڳولهي سگهي ٿو، جيڪو جوهري هجي  جنهن جي نظر روشن ڪرڻن جيان صاف تيز ۽ شفاف هجي، جيڪو اونڌهه  ۽ روشني ۾ تميز جو انساني ڪارج ڄاڻيندڙ هجي ،جيڪو جوهر مان موتي جوڙي زندگي .کي ياقوت ۽ مرجان جهڙوسڀاءُ ۽  صفت ڏئي سگهي.
پنهنجي طبيعت ۾ ڌيمو مزاج پنهنجي گفتگو ۾ ترتيب ۽ ٻئي لاء تعظيم رکندڙ  محبت رکندڙ  عزت احترام وارو رويو  رکندڙ  اياز جاني  به اهڙو ئي  تخليقڪار هو،  جيڪو جوهري هو   جيڪو پنهنجي مشاهدي ۽ ادراڪ سان  زندگي ،انسان ۽ تحرڪ جون مختلف صفتون ڳولهي لهندو هو
اجالي جي تمنا جو قدم اتهاس ۾ رکجي
جنم اتهاس ۾ رکجي
بغاوت کي لکي چمندي، قلم اتهاس ۾ رکجي
جنم اتهاس ۾ رکجي.
قومن جي باوقار اوسر ارتقا، واڌ ويجهه ، قومن جو مظبوط ٿيڻ  معاشرتي صف بندي  ٿيڻ،  فردن ۽ قومن  جو منظم ٿيڻ  جو جيڪو سفر آهي  جيڪا جستجو آهي جيڪا جاکوڙ آهي حقيقت ۾ اها سموري تحريڪ ان اونده ۽ ٻاٽ خلاف   آهي  جيڪا اوندهه جمودي ذهنن ۾ هوندي آهي، جيڪا اوندهه ان قوتن جي روين  ۽ ڪوڙن فڪرن ۾ هوندي آهي جيڪي قوتون انسان جي اوسر واڌ ويجه ه۽ ڌرتي تي انسان ۽ انسانيت جي باوقار  بقا  جي خلاف هونديون آهن. ان اوندهه کي شڪست ڏيڻ لاء زندگي کي روشني جو پيامبر بنائڻ لاء حياتي جي هر ساهه ۾ اجالي جي تمنا پيدا ڪرڻ سان ئي قومون فرد معاشره اتهاس۾ پنهنجو روشن مستقبل ڳولهي لهندا آهن .زندگي جي  هر ساه ۾  اجالي جي تمنا،  ڏئي  اتهاس ۾ جنم کي قائم دائم رکڻ  واري صفت ڀال اياز جاني کان سواء ٻيو ڪير ٿو تخليق ڪري سگهي. ڇو ته هو جوهري هو، نظر شناس هو. هو زندگي جي ظاهري ۽ داخلي مقصدن کي سمجندڙ هو. هو شين جي قطعي مقصديت کي سمجندڙ هو.  ان جو لفظ لفظ زندگي  جي مضبوط صداقت، سچ ۽ ويساهه جو بنياد وجهندڙ هو.
لاٽ لياري مان
ٻرندي، ٻرندي ٻاٽ ۾
جڙندي جڙندي سوڀ جي، واٽ لياري مان
ٻرندي ٻرندي ٻاٽ ۾
هر تخليقار جي نظر صدين تي محيط هوندي آهي  ڇو ته فطرت طرفان  محسوسات  جي جهان کي  زمان ۽ مڪان  کان مٿاهون  ٿي محسوس ڪرڻ لاء  هر سچي فنڪار شاعر آرٽسٽ وٽ ازل جو روح ۽ ابد جي اک هوندي آهي  هو پنهنجي اهڙي لافاني محسوسات سان قومن جي آئيندي جا امڪان پيدا ڪندو آهي  نه صرف امڪان پيدا ڪندو آهي پر هو پنهنجي  تخليقن ۽ تحريرن ذريعي  انهن امڪانن لاء انسانن فردن جو ويساه ۽ تائيد ۽ تجديد به حاصل ڪندو آهي  هو قومن جو ويساهه پختو ڪندو آهي آهي جيئن جستجو ۽ جاکوڙ ذريعي  قومون فرد معاشره تصوريل آئيندي جي امڪان جي حقيقت کي دريافت ڪري لهن.
درواڙ دل جي تنهائي،  وصل جو ڪاج ماڻيندي
جڏهن سوراج ماڻيندي
مٽي ارڏي وجودن جي  وڃي معراج ماڻيندي
جڏهن سوراج ماڻيندي
ڀلا اهڙو تخليقار شاعر ڪيئن ٿو مري سگهي ؟ جيڪو ٻاٽ ۾ لاٽ اڀاريندو هجي،  جيڪو جياپي جي عظيم مقصد خاطر موت کي شڪست ڏيڻ جو حوصلو ڏيندڙ هجي   ڀلا محبتن جا پيامبر ۽ صداقتن جا سفير ڪڏهن مئا آهن ڇا؟اياز جاني  زندگي جي تلخ تجربن ۾ شاعراڻي جماليات اوتي  زندگي جي محبوبيت ڏانهن ماڻهو .کي مائل ڪندڙ شاعر هو
سفر ۾ آ ته هر آڪاس کان اڳتي وڃي ماڻهو
ته ماڻهو کي مڃي ماڻهو
اثر ۾ آ ته هر  احساس کان اڳتي وڃي ماڻهو
ته ماڻهو کي مڃي ماڻهو.
اياز جاني جو ڊڪشن نرالو هن جو لهجو منفرد، هن جي گفتگو ۾ فطري سڀاءُ هن جي طبيعت ۾ ميٺاج .پنهنجي طبعيت ۾ جيترو ڌيمو پنهنجي تخليقي فڪر ۾ اوڏو ئي ارڏو اياز جاني جي هر سٽ،   هن جي هر وائي ، هن جي هر غزل . هن جي هر نظم ۾  زندگي جو ڳاٽ اوچو آ سرحد تي  ڪنهن عظيم مقصد خاطر وڙهندڙ سپاهي جيان .
وڄي ٿو ساز وحدت جو،سڄو سنسار جهومي ٿو
اسان جو جو پيار جهومي ٿو
خدا جو ٿوپسان جلوو ڏسان ٿو ٻار جهومي ٿو

اسان  پيار جهومي ٿو




اياز جاني
اهو پل ڪٿي آ
غفور ميمڻ
آئون پنهنجي گهر جي لائبرري کي هر موڪل واري ڏينهن اٿلائي پٿلائي ڏسندو آهيان، ضرور ڪو نه ڪو ڪتاب اهڙو هٿ ۾ اچي ويندو آهي، جيڪو سوچ جي اٿاهه ساگر ۾ گم ڪري ڇڏيندو آهي. اڄ جڏهن منهنجي هٿ ۾ ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“ آيو، جنهن تي اياز جاني جي هٿ اکرين سٽون پڙهي، ماضي جي حسين لمحن ۾ گم ٿي ويس. زندگي ڪاغذ جي ٻيڙي وانگر ئي ته آهي جنهن جي نه منزل نه ڀروسو بس ڏينهن مڙئي ڏُون، آهي سڀ ٻاراڻي راند ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم، ميلا ته سجندا رهندا، پر انسان فنا آهي، خالي ماڻهو ۾ مڳي آهي. جو آهي سو پل آهي پر اهو پل به هٿ نٿو اچي اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي اياز جي شاعري سنگت ۾ ٻڌندا هئاسين ڪڏهن جهونگاري ٻڌائيندو هو ته لڳندو هو ته هي مست ملنگ ماڻهو آهي هن جي اندر ۾ اٿاهه سمنڊ آهن جن ۾ جذبا ڇولي هڻن ٿا. هن شاعري ۾ جيڏو جمال هو اوترو پيار هو پر هن جي شخصيت ۾ جيتري پنهنجائپ هئي اوتري اڪيلائي هئي. هو يگانو ماڻهو هو. جيڪو سنڌي سماج ۽ ادب سان جڙيل هو.
من ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا
چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا،
جهڙيون سٽون جڙيندڙ اياز جاني ائين اسان وٽان هليو ويندو ڪڏهن اسان سوچيو به نه هو. کيس شگر جهڙو مرض ته گهڻي عرصي کان هو پر سندس ارڏي طبيعت اهڙي بيماري کي لفٽ ئي نه ڪرائيندي هئي. کلندي چوندو هو ته ميان انب ته کائون پوءِ مري هونءَ ئي وينداسين.
اسان جڏهن به ملنداهئاسين ته ڪچهريون هلنديون هيون پاڻ پنهنجي شاعري کان وڌيڪ ٻين جي شاعري ٻڌائيندو هو کيس ڪا به شعر جي سٽ به وڻندي هئي ته مون کي ٻڌائيندو.
ساڻس منهنجي ملاقات ۱۹۹۱ع ۾ ٿي جڏهن اسان گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو هو پاڻ باقاعدي سان سنگت ۾ ايندو هو پوءِ آهستي آهستي انهيءَ سنگت جو روح روان ٿي ويو.
کيس قائد آباد ما ن لڏائي آئون گلشن حديد وٺي آيس ڪيترائي سال منهنجو پاڙيسري رهيو اسان جو ڏک ۽ سک ۾ ساٿ رهيو. گلشن حديد جي سنگت کي باقاعدي پاڻ ڄمائي سيڪريٽري ٿيو هو. منهنجي زندگي جي پهرئين ڪتاب ۽ پهريون پروگرام به حديد ۾ اياز ئي ڪرايو هو. ۱۹۹۵ع جي ڳالهه آهي جڏهن اسان حديد ۾ ادبي ميڙو مچايو.
سندس زندگي جو اهم پهلو اهو هو ته پاڻ ايماندار ۽ سچو هو انهيءَ معاملي ۾ هو ڪٿي به سمجهوتو نه ڪندو هو. سندس خاندان سان به اختلاف اصولن تي مون ٿيندي ڏٺا. هڪ دفعو مون وٽ مشورو وٺڻ آيو ته آئون PTCL جي نوڪري ڇڏيان ٿو. ڏوڪڙ جام ملندا باقي ٻي نوڪري ريسرچ آفيسر طو مون کي يونيورسٽي ۾ تون وٺي ڏي.
مون کيس سمجهايو ته ڏاڍو سڪون سان ويٺو آهين شاعري ڪريو اديبن جي جوڙ توڙ ۽ ادارن ۾ ٿيندڙ سازشن کان پري ئي رهو ته بهتر پر پاڻ نه مڃيائين ۽ مڃي به ڇو. اديب هڪ بي چين وجود ئي ته هوندو آهي ريسٽ زون ۾ رهي ته اديب ڇو هجي واپاري نه هجي.!
ٿيو به ائين ادارن جي سازشن، گروپ بندي ۽ آمراڻي ذهنيت وارن جي ور چڙهي ويو، ماڻهو اسان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اختلافن جي باوجود به اسان هڪ ٻئي جي ادبي تخليقن کي ساراهڻ ۽ صحتمند تنقيد ڪندا رهياسين جو سندس شاعري تي مون سوجهري ۾ مضمون لکيو ته هُن پاڻ مسيج ڪري منهنجو ٿورو مڃيو هو. هو اڪثر چوندو هو منهنجي شاعري کي ڪو تنقيد نگار مليو ته تون ملئين مون کي لڳندو آهي، منهنجي اندر جي اڌمن کي تون زبان ڏئي ڇڏيندو آهين، منهنجي شاعري کي تون لفظن مان ڪڍي آفاقي بنائي ڇڏيندو آهين، غوث پيرزادي سان ته دليون هيس چوندو هو اسان وڙهندا به آهيون ته حد کان وڌيڪ پر سري به نٿي هڪ ٻئي سواءِ  غوث آهي به پيارو ماڻهو ٻارن وانگر ڪاوڙبو آهي ته ٻارن وانگر ڊڪون ڏئي روئي به پوندو آهي پر پرچي ته ڄڻ ڪڏن وڙهياسين ئي ڪو نه.
اياز جاني جو جڏهن شاعري جو پهريون ڪتاب ڇپيو هو ته مون کي ڏاڍي  خوشي ٿي هئي من ۾ تانگهو هئي ته ڪتاب ملي ته ان تي ڀرپور تنقيد لکان. هوڏانهن وري اياز خود به تانگهه ۾ هو ته ڪتاب غفور کي گهر وڃي ڏئي اچان پر دير ڇا جي؟؟ بس انسان جا ويڇا، انا، ٺلهي مستي، خالي فاصلا ڪڏهن دل ۾ ايندو هو ته کيس وڃي ٻانهن کان وٺي چوان ته ڇڏ ڪاوڙ جيڪو ٿيو سو منهنجي کاتي ۾ وجهي ڇڏ پر کل يار کڻ اکيون ته وڃن سور سنڌا ڪري، هوڏانهن  اياز وٽ به اها تانگهي هئي جو سامي ميمڻ کي چيائين ته “يار هڪ ڳالهه ٻڌ غفور سان منهنجو ٺاهه ڪراءِ” سامي مصروف ماڻهو آهي ايترو جو کيس دل جو دورو پيو، پر اهو ئي جاکوڙي. هوڏانهن اياز جي پوسٽنگ به  رتي ديري ڪاليج ۾ ٿي ويئي ته پري رهيو.
هڪ ڏينهن اڪبر لغاري صاحب مون کي ٽيليفون ڪري پنهنجي ڪتاب جي مهورت ڪرڻ جي دعوت ڏني ته لاڙڪاڻي اچ. خبرناهي ڇا مون ٿورو سوچيو ۽ ها ڪري ويٺس.
لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاري ڪمشنر هائوس ۾ چيو ته اياز ۽ غوث آيل آهن ڊرائنگ رو۾ ۾ ويٺا آهن توهان جا ڪي اختلاف آهن ڇا؟ مون چيو ته اهڙا به ناهن جو نه ملجي، هلو ته ساڻن ملون.
ڊرائنگ روم ۾ جو آياسين ته ٻکين پئجي وياسين. بس اياز جي خوشي جي حد نه رهي. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. مون کيس پنهنجو نئون ڪتاب تحفي ۾ ڏنو ته انهي جي لي آئوٽ تي ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين؛ يار منهنجي دل جي خواهش هئي ته پاڻ ملون ۽ تو کي ڪتاب ڏيان.
پر تون لاڙڪاڻي ڪيئن؟ اسان ته تو کي الاهي ڀيرا چوندا هئاسين ته لاڙڪاڻي هل پر تون نه آئين، اڄ ڪيئن آئين؟ مون چيو ته؛ بس شايد توهان سان ملڻ آيس.
انهيءَ ڏينهن اسان خوب ڪچهري ڪئي. اسان جي ملڻ جي خوشي غوث کي اڃا وڌيڪ پئي ٿي. جو هن سمجهيو پئي ته اصل دوستي هئي اسان جي ڌار ڇو ٿياسين. ان ڏينهن پروگرام ۾ اياز ڏاڍو خوش هو. وڏي آواز سان ڳالهيون پئي ڪيائين. وري منظور ڪوهيار جو اسٽيج ڊرامو ڏٺوسين. رات جو ڪمشنر هائوس ۾ پاڻ ۽ غوث، آرام لاءِ ڪمري ۾ ويا ۽ اسان وري اڪبر، اسحاق سميجو ۽ ڪجھه ٻيا دوست ڪچهري ۾ ويهي رهياسين. اڪبر چيو؛ سڀاڻي توهان کي گاڏي ڏيندس ڪراچي توهان کي ڇڏي ايندي. اياز ۽ غوث به چيو هو ته؛ اسان گڏ هلنداسين.
رات جا ٽي لڳي پندرھن منٽ ٿيا هوندا ته اوچتو ڪو ماڻهو ڊوڙندو آيو؛ توهان جي دوست جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي. اسان فورن کيس سهارو ڏئي گاڏي ۾ آندو ۽ اسپتال وٺي آياسين. سندس شگر ٽيسٽ ڪرڻ تي خبر پئي ته اها ۴۶۰ تي هئي. پاڻ آهستي آهستي هوش مان نڪري رهيو هو. اسان صبح تائين اتي علاج جي ڊوڙ ڊڪ ۾ بيٺا رهياسين. آخر ڊاڪٽرن کيس ICU ۾ داخل ڪيو ۽ وينٽيليٽر لڳايو. اڪبر لغاري چيو ته؛ آئون هتي موجود آهيان، توهان ڀلي وڃو. غوث مطمئن نه هو. مطمئن ته آئون به نه هئس، ڇو جو حالت سڌري نه رهي هئي. اسپتال جي حالت به خراب هئي، ڪا سهوليت نه هئي پر بي وس هئاسين. آئون ۽ هڪ ٻيو دوست ڪراچي نڪري آياسين. پر ٻئي ڏينهن اها منحوس خبر آئي ته اياز نه رهيو.
ماڻهوءَ ۾ خالي مستي آهي ٺلهي ڀڳت ٿو ڪري، آهي ڪجهه به نه. پاڻي جو ڦوٽو ته آهي، آيو ۽ ويو. ڇا جي انا ڇا جي “مان”. مون کي ته ائين لڳو ڄڻ اڪبر لغاري جي دعوت ته بهانو هئي. اياز پئي چيو؛ يار هاڻ اچ ته پرچي پئون. مون وٽ ته ٽائيم ناهي جو هاڻ ڪراچي اچان، بس اڄ هاڻ لاڙڪاڻي اچ جو وقت ٿورو آهي.
هو کاهوڙي ماڻهو هو، شخصيت ۾ نرالو الڳ  ٿلڳ، سندس اندر جي ڪائنات خوبصورت هئي جنهن جو عڪس سندس شاعري ڏئي ٿي.
هن جي شاعري هن جو نثر هن جون تقريرون ڪنهن رواجي خاني ۾ ناهن هو ڪمال جو شاعر هو جنهن تي آئون ضرور مقالو لکندس. بس شيخ اياز جو شعر ذهن تي تري اچي ٿو.
يار سان پيار جي ڳالهه آ، ڪا ته اقرار جي ڳالهه آ
چنڊ لائون ٿو لهي مٿان، ڪنهن جي دلدار جي ڳالهه آ
اي  اياز ! اوچتو موت ڇو؟ بس اها خار جي ڳالهه آهي.

اياز جانيءَ جي ياد ۾
رکيل مورائي
ڪالهه! اياز جانيءَ  جي وفات جو ڏينهن هو؟
تڪڙ  ۾ چئي وڃڻ  سولو  آهي جو سموري سٽ ۾ ڪاٿي به فل اسٽاپ، ڪاما، دم ۽ اڌ  دم جو استعمال نٿو ٿئي. پر....
ان ڏينهن جي  درد جي شدت جڏهن محسوس ڪجي ٿي ته وري هڪ نئين درد ۽ پيڙا جي درياهه مان گذرڻو پوي ٿو، پوءِ به اهو قبولڻ ڏکيو بڻجي پوي ٿو ته اياز جاني وفات ڪري ويو آهي وقت کان اڳ اوچتو وڇڙي ويل دوست ائين ٻچتائي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن.
سندن وفات کي قبولڻ  ۽ نه قبولڻ  جي وچ وارو سفر پلصراط تان گذرڻ وارو سفر هوندو آهي ۽ سچ پچ  ته اهو سفر جڏهن اياز جانيءَ جهڙي شاعر ۽ جي وفات جو هجي ته پڪ سان ان سفر کي ڪو به نالو ڏيڻ ڏکيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ ته ائين آهي.
ڇهه جون اسان لاءِ، نئين سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون احساس کڻي ايندڙ سنڌي غزل لاءِ، پنهنجي آس جو درد کڻي ايندڙ سنڌي وائيءَ لاءِ اڀاڳو ڏينهن آهي.
هونئن ڏينهن سڀاڳا يا اڀاڳا نه ٿيندا آهن. منهنجو اهڙو مڃڻ آهي، پر اهي پاڻ سان سڀاڳيون/ اڀاڳيون نسبتون ضرورکڻي ايندا آهن. اهڙيون نسبتون کڻي ايندڙ انساني تاريخ جا ڪيترائي ڏهاڙا آهن. جن مان هڪ ڏينهن ڇهه جون  به آهي. جنهن جي نسبت سنڌي نئين شاعراڻي ادب لاءِ نڀاڳ جي علامت ئي آهي.
ايندڙ زندگيءَ ۾ هيءُ ڏينهن اسان کان شايد نه وسري سگهي، پوءِ کڻي اهو لکيل صورت ۾ نه به  هجي. اسان جي دلين تي اهو ڏينهن چٽو لکيل آهي. جنهن ڏينهن اسان اياز جانيءَ جون  جي سدائين مرڪندڙ جهري تي هڪ مستقل خاموشي ڏٺي هئي. هيءَ اهڙي خاموشي هئي. جنهن کي سنڌي محاوري ۾ ”موت جهڙي خاموشي“  چئبو آهي.
ڇا سچ پچ موت خاموشيءَ  جو نالو آهي.؟
جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اياز جانيءَ  جا شعر خاموش ڪٿي آهن؟
آنءُ  مفلس ۽ شهر تنهنجي ۾
ڪيترا واڪ  تنهنجي نيڻن جا
چئني پاسي واڪ، آواز، سڏڪا، گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي  وچ  واري مقام جي دائري ۾ خاموشي ڪٿي هئي. اها ته فقط  اياز جانيءَ جي  چهري تي ئي هئي ۽ ان کانپوءِ  لڳاتار اسان جي من ۾  آهي.
اسان جي اکين ۾ ته سدائين سندس مرڪندڙ اکين وارو چهرو موجود آهي ۽ زبان تي سندس ڏک پريل احساس جو اظهار
ڪاٺ  جو چهرو، اکيون پٿر رکي
ڪئين ملجي وچ ۾ خنجر رکي
۽ هو بيحد بهادر شخص اهو سڀ ڏسندي محسوس ڪندي پنهنجي چهري تي سدا بهار مرڪ رکي سگهيو، پڪ سان اهو سندس بردباري ۽ بهادريءَ جو ڪمال ئي چئبو.
نئين ديري جهڙي ننڍڙي شهر کان سفر جي شروعات ڪندڙ اياز جانيءَ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر تائين رسندي ڇا پاتو ۽ ڇا وڃايو، ان جو پوتاميل سندس شاعريءَ ۾ ته  موجود آهي. پر هُن پنهنجي زبان سان ڪڏهن به بيان نه ڪيو. دل ۾ سانڍيو. ان دل ۾، جنهن ساڻس وفائي نه ڪئي.
جيتوڻيڪ هُن اُن دل کي دراوڙ ڪوٺيو هئو!
پر هيءُ دراوڙي  وڙ ته ڪونه هئو!
سفر ۾ ساڻ نه هلڻ واري کي همسفر ڪيئن  ڪوٺبو؟ هن جي دل هن جي همسفر نه رهي ۽ هُو اسان کان اڌ سفر ۾ موڪلائي ويو.
اسين جيڪي سفر ۾ آهيون، اهي کيس ڪيئن وساري سگهنداسين؟ جنهن شاعراڻي ماڳ  تي رسڻ لاءِ هن سفر  شروع ڪيو، اهو  ماڳ کيس ڪئين وساري سگهندو. اياز جانيءَ هڪ شاعراڻي ڪتاب ڇپجڻ جو خواب سانڍيو، جيڪو ساڀيا ماڻي ويو. سندس ڪتاب  ”دراوڙ دل جي تنهائي“ جي نالي سان ڇپيو، ان جي شاندار مهورت لاڙڪاڻي ۾ ٿي، سندس گهيڻي دل گهريا دوست ان ۾ شريڪ رهيا.
پنهنجي هڪ ننڍڙي ذاتي گهر جو خواب هن حياتيءَ  ۾ ساڀيان ٿيندي ڏٺو، آبرودار جيا پي جو بنياد کيس ميسر ٿيو ۽ پوءِ سڀ ملندڙ  حاصلاتون ڪنهن لاءِ حاصل سفر جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويون نه اڳتي نظر وڃي سگهي ۽ نه  پوئتي اک  ڏسي سگهي. وچ ۾ رهجي وڃي. هڪ سڏڪندڙ ۽ کيس سڏيندڙ آواز – اياز جاني .....! اهو ڏينهن ڇهه جون جو هئو
۽ -ڪالهه ڇهه جون هُئي..


اياز جاني

سندس وڇوڙي جو ڏينهن

رکيل مورائي

ڇَهَه جُون ! اياز جانيءَ جي وفات جو ڏينهن آهي؟

تڪڙ ۾ چئي وڃڻ سولو آهي جو سموري سٽ ۾ ڪاٿي به فل اسٽاپ، ڪاما، دم ۽ اڌ دم جو استعمال نٿو ٿئي. پر... .

ان ڏينهن جي درد جي شدت جڏهن محسوس ڪجي ٿي ته وري هڪ نئين درد ۽ پيڙا جي درياهه مان گذڻو پوي ٿو، اڄوڪو ڏينهن سنڌي ادب لاءِ اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن سنڌي ادب پنهنجو هڪ اهم ليکڪ/ شاعر وڃايو هئو پوءِ به اهو قبولڻ ڏکيو بڻجي پوي ٿو ته اياز جاني وفات ڪري ويو آهي وقت کان اڳ اچانڪ وڇڙي ويل دوست ائين ٻچتائي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. منهنجي ذهن ۾ مها قوي شيخ اياز جي هي سِٽ اڀري آئي آهي.

واريءَ منجهه وڃائيا، تنهنجا پيرا مون.

شام لٿي آهي

سندن وفات کي قبولڻ ۽ نه قبولڻ جي وچ وارو سفر پلصراط تان گذرڻ وارو سفر هوندو آهي ۽ سچ پچ ته اهو سفر جڏهن اياز جانيءَ جهڙي شاعر ۽ دلبر دوست جي وفات جو هجي ته پڪ سان ان سفر کي ڪوبه نالو ڏيڻ ڏکيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ ته ائين آهي.

ڇهه جون اسان لاءِ، نئين سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون احساس کڻي ايندڙ سنڌي غزل لاءِ، پنهنجي آس جو درد کڻي ايندڙ سنڌي وائيءَ لاءِ اڀاڳو ڏينهن آهي. ان ڳالهه ۾ هاڻ هر ڏينهن وڌيڪ يقين پختو ٿي رهيو آهي.

هونئن ڏينهن سڀاڳا يا اڀاڳا نه ٿيندا آهن. منهنجو اهڙو مڃڻ آهي، پر اهي پاڻ سان سڀاڳيون / اڀاڳيون نسبتون ضرورکڻي ايندا آهن. اهڙيون نسبتون کڻي ايندڙ انساني تاريخ جا ڪيترائي ڏهاڙا آهن. جن مان هڪ ڏينهن ڇهه جون به آهي. جنهن جي نسبت سنڌي نئين شاعراڻي ادب لاءِ هن صديءَ ۾ نڀاڳ جي علامت ئي آهي.

ايندڙ زندگيءَ ۾ هيءُ ڏينهن اسان کان شايد نه وسري سگهي، پوءِ کڻي اهو پنن تي لکيل صورت ۾ نه به هجي. اسان جي دلين تي اهو ڏينهن چٽو لکيل آهي. جنهن ڏينهن اسان اياز جانيءَ جي سدائين مرڪندڙ جهري تي هڪ مستقل خاموشي ڏٺي هئي. هيءَ اهڙي خاموشي هئي. جنهن کي سنڌي محاوري ۾ “موت جهڙي خاموشي” چئبو آهي.

ڇا سچ پچ موت خاموشيءَ جو نالو آهي. ؟

جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اياز جانيءَ جا شعر خاموش ڪٿي آهن؟

آنءُ مفلس ۽ شهر تنهنجي ۾

ڪيترا واڪ تنهنجي نيڻن جا

چئني پاسي واڪ، آواز، سڏڪا، گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي وچ واري مقام جي دائري ۾ خاموشي ڪٿي هئي. اها ته فقط اياز جانيءَ جي چهري تي ئي هئي ۽ ان کانپوءِ لڳاتار اسان جي من ۾ آهي.

اسان جي اکين ۾ ته سدائين سندس مرڪندڙ اکين وارو چهرو موجود آهي ۽ زبان تي سندس ڏک پريل احساس جو اظهار

ڪاٺ جو چهرو، اکيون پٿر رکي

ڪئين ملجي وچ ۾ خنجر رکي

۽ هو بيحد بهادر شخص اهو سڀ ڏسندي محسوس ڪندي پنهنجي چهري تي سدا بهار مرڪ رکي سگهيو، پڪ سان اهو سندس بردباري ۽ بهادريءَ جو ڪمال ئي چئبو.

نئين ديري جهڙي ننڍڙي ڳوٺ نما شهر کان سفر جي شروعات ڪندڙ اياز جانيءَ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر تائين رسندي ڇا پاتو ۽ ڇا وڃايو، ان جو پوتاميل سندس شاعريءَ ۾ ته موجود آهي. پر هُن پنهنجي زبان سان ڪڏهن به بيان نه ڪيو. دل ۾ سانڍيو. ان دل ۾، جنهن ساڻس ڪڏهن به وفائي نه ڪئي.

جيتوڻيڪ هُن اُن دل کي دراوڙ ڪوٺيو هئو!

پر هيءَ دراوڙي وڙ ته ڪونه هئو!

سفر ۾ ساڻ نه هلڻ واري کي همسفر ڪيئن ڪوٺبو؟ هن جي دل هن جي همسفر نه رهي ۽ هُو اسان کان اڌ سفر ۾ موڪلائي ويو.

اسين جيڪي سفر ۾ آهيون، اهي کيس ڪيئن وساري سگهنداسين؟ جنهن شاعراڻي ماڳ تي رسڻ لاءِ هن سفر شروع ڪيو، اهو ماڳ کيس ڪئين وساري سگهندو. اياز جانيءَ هڪ شاعراڻي ڪتاب ڇپجڻ جو خواب سانڍيو، جيڪو ساڀيا ماڻي ويو. سندس ڪتاب “دراوڙ دل جي تنهائي” جي نالي سان ڇپيو، ان جي شاندار مهورت لاڙڪاڻي ۾ ٿي، سندس گهڻي ئي دل گهريا دوست ان ۾ شريڪ رهيا.

پنهنجي هڪ ننڍڙي ذاتي گهر جو خواب هن حياتيءَ ۾ ساڀيا ٿيندي ڏٺو، آبرودار جياپي جو بنياد کيس ميسر ٿيو ۽ پوءِ سڀ ملندڙ حاصلاتون ڪنهن لاءِ حاصل سفر جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويون نه اڳتي نظر وڃي سگهي ۽ نه پوئتي اک ڏسي سگهي. وچ ۾ رهجي وڃي. هڪ سڏڪندڙ ۽ کيس سڏيندڙ آواز – اياز جاني ... .. ! اهو ڏينهن ڇهه جون جو هئو

۽ -اڄ وري ڇهه جون آهي... .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا