; سنڌي شخصيتون: سيد امداد محمد شاھ

20 May, 2016

سيد امداد محمد شاھ

سيد امداد محمد شاھ

سنڌ جو بي داغ سياستدان ۽ مخلص سماج سڌارڪ

سهيل ميمڻ



وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل سماج سڌارڪ، سياستدان، سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند، سياست ۾ شرافت ۽ ايمانداريءَ جي روايت برقرار رکندڙ ۽ سنڌي روايتن جي بهادر سپاهي، سائين امداد محمد شاهه جي اڄ نائين ورسي آهي. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ جنم وٺندڙ سيد امداد محمد شاهه پنهنجي پرائمري تعليم سن ۾ ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ مشنري اسڪول ۾ ورتي، انٽر ميڊيئٽ ۽ سائنس ۾ گريجويشن پڻ ڪراچيءَ جي مشهور ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. سائين امداد محمد شاهه اصولن جو ايترو ته پڪو هو پنهنجي اولاد جي به نه ٻڌندو هو. ٺيٺ سنڌي لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو، انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس، سادو کائيندو هو ۽ سادو پائيندو هو، وڏي گاڏي رکي وڏيرن وانگر ڳوٺ وارن تي داٻي بجاءِ عام ڪار ۾ سفر ڪندو هو، روڊ جو سفر سائين امداد شاهه ايترو ڪيو جو جيڪڏهن چئجي ته سندس اڌ زندگي روڊ تي سفر ۾ گذري ته به غلط نه ٿيندو. هو چوندو هو، پرڻو ڀلي ڪنهن جو نه کائي سگهجي ته خير آهي پر مرڻي تي اڳ يا پوءِ ضرور پهچجي. اهوئي سبب هو جو سائين امداد محمد شاهه جي ڪارجي ڊگيءَ ۾ اجرڪون هميشه پيل هونديون هيون. سائين امداد محمد شاهه وٽ، سائين جي ايم سيد جيان شام جو کل، ڀوڳ جي محفل نه  لڳي اهو ممڪن  نه هو. قانون جو ايترو احترام ڪندو هو جو، پنهنجي ڪار جي ريڊيو جو لائسنس به ٺهرائيندو هو. ڏوهارين لاءِ پويون ڏينهن هو، سندس چوڻ هو ته جي ڪو ڏوهاري درياهه ۾ ٻڏندو هجي ۽ توهان کي بچائڻ لاءِ هٿ ڏئي ته، ان کي هٿ کان وٺي درياهه مان ڪڍڻ بجاءِ، اڃا به ڌڪو ڏئي ڇڏجي.


سائين امداد محمد شاهه طبيعت ۾ صوفي هو، ملڪ جي سڀني صوبن ۾ اڪثر صوفين اوليائن جي درگاهن تي ويندو رهندو هو. سائين امداد محمد شاهه جو وقت سائين جي ايم سيد جو فرزند هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جي اهڙن با اصول ۽ باضمير ماڻهن سان گذريو، جيڪي سنڌ جي اصل سڃاڻ ۽ فخر هئا ۽ آهن. سائين امداد شاهه انهن عظيم هستين کان پرايو ۽ اهڙو ئي بااصول، شريف ۽ سماج سڌارڪ انسان ٿيو. ننڍپڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ ۾ سندس تربيت ٿي. سائين امداد شاهه، پارسين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هو، هو چوندو هو ته پارسي ته مرڻ بعد به پنهنجو جسم پکين کي کارائين ٿا ۽ ملڪ ۾ عضون  جي پيوندڪاري پارسين کان ئي شروع ٿي. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سائين امداد محمد شاهه جي زمينداري رهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول ۱۹۶۰ ۾ سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو ۽ پوءِ تعلقي سڪرنڊ جا مڊل اسڪول مجيد ڪيريو، صابو راهو، کڏهر، محراب پور، گبر ڏاهري، مير محمد جوڻو، لاکاٽ، لاکا آباد ۽ رمضان راهو سائين امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايا. علائقي جي ڳوٺن دليل راهو، خيبر لکمير، لانڍي، حسن جمالي، مهر علي جمالي، محمد فقير لغاري، ٻڍل شاهه، بچل پور ۽ ماڙي جلباڻي، جا هاءِ اسڪول ۽ قاضي احمد هائير سيڪنڊري اسڪول به امداد محمد شاهه ئي قائم ڪرايو. ان کان علاوه سنڌوءَ جي بچاءُ بندن تي سندس نظر هميشه رهي، ان کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنائين. صحت جي سهولتن لاءِ ڪيترائي  بي ايڇ يو قائم ڪرايائين.

سائين امداد محمد شاهه سياست جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش ٺهڻ بعد سائين امداد شاهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو، ان بعد ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻيو، سائين امداد محمد شاهه بي باڪ ۽ بي پرواهه ٿي ڳالهائيندو هو، کيس نوابشاهه ضلعي جي سيدن جي سياست جو ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو. سائين امداد محمد شاهه ثقافتي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، حمل فقير جو ميلو شروع ڪرائڻ جو بنياد سائين امداد شاهه ئي وڌو. سائين جي ايم سيد کان پوءِ سائين  امداد محمد شاهه به قومپرست ڪارڪنن جي ٽيڪ ۽ ڏڍ هو، پري پري هو پر پوءِ به سندس هوندي ڪارڪنن کي وارث هجڻ جو احساس ٿيندو هو. هو سکر ايندو هو ته مٿئين طبقي جي دوستن وٽ نه رهندو هو، جيڪي ساڻس ايم پي ايز رهيا ۽ کيس منٿون ڪندا هئا يا ناراض ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندا هئا، مونکي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين امداد محمد شاهه جڏهن به سکر ايندو هو ته مونکي خدمت جو شرف بخشيندو هو.

سيد امداد محمد شاهه جا آخري سال پڻ پنهنجي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينون سنڀالڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرڻ، حمل فقير جو ميلو لڳرائڻ، مرڻي پرڻي ماڻهن سان پير ڀرڻ، ڳوٺاڻن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ هر ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪرڻ، پنهنجن ئي قائم ڪرايل اسڪولن ۽ اسپتالن جي سار سنڀال لهڻ، مالڪي ڪرڻ گذاريا. سيد امداد محمد شاهه ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي گذاري ويو، کيس وصيت موجب سندس پنهنجي ٻنين ۾ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ دفنايو ويو.


 

سيد امداد محمد شاهه

هڪ صالح قومپرست اڳواڻ

ابو ايلسا

سنڌ جي سياست ۾ صالح اڳواڻن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، جن جا نالا وٺڻ سان تاريخ جا ڪيئي دور ياد اچي وڃن ٿا، سيد امداد محمد شاهه به انهن نالن مان هڪ آهي، هو بنيادي طور تي هڪ بهترين سماج سڌارڪ هو، سياست کيس وڏڙن جي طرفان ورثي ۾ ملي، پر هن مخلص سماجي اڳواڻ ۽ اصول پرست پارلياماني سياستدان طور پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ڪردار ذريعي ڪرائي، سن ۾ جنهن بنگلي ۾ هن وقت سائين جلال محمود شاهه ويهندو آهي، ان بنگلي جي مرمت سائين امداد محمد شاهه ڪرائي، شام جو وقت هو ماڻهن سان ڪچهري دوران سائين امداد محمد شاهه چيو ته اسان جا وڏڙا گهڻو ڪجهه ڇڏي ويا آهن ۽ اسان کي مرمت ڪرائڻ به ڏکي لڳي ٿي، پر پوءِ به نڀائي وينداسين.

”ٻري جن ٻاري، هلو تڪيا پسون تن جا“

لطيف جو شعر چئي هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو فرض نڀايون پيا، اميد ته اسان جا پونئير ٻاريندا، سائين امداد محمد شاهه جي سماجي ڪم جو بنياد شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي آهي، ان کي لڳ ڀڳ ۴۰ سال ٿي ويا آهن، جيڪا هينئر به پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، ان تنظيم جو بنياد وجهڻ وقت سن شهر جي هر دڪاندار کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو هو ته هر دڪاندار روزانو ۵ پيسا جمع ڪرائيندو ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڀانڊارو ٺهرايو ويو هو ۽ سوسائيٽي لاءِ شايد ۴۰ ايڪڙ زمين به رکي وئي هئي،  سوسائيٽي جو ڪم صرف ۽ صرف غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اداري طرفان هڪ هاسٽل به ٺهرائي وئي هئي، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد، ڊيوٽي ڪندڙ ملازم ۽ آفيسر ماني کائيندا هئا، انهن شاگردن ۾ تازو چونڊيل ايم پي اي فقير داد کوسو به آهي، مهراڻ، لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن جي فيس ۽ ٻيو خرچ ٻه ادارو ادا ڪري ٿو، تازو شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ قائدعوام يونيورسٽي سان سائين جي ايم سيد، سيد امداد محمد شاهه ۽ جيجي درشهوار سيد جي نالن تي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي، سائين امداد محمد شاهه جو اهو خواب هو ته اهڙا ادارا قائم ڪري بهتر تعليم ۽ بهتر سماج اڏي سگهجن ٿا، سياسي زندگي ۾ سائين امداد محمد شاهه هڪ بهترين پارليامينٽيرين ۽ اصول پسند سياستدان هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سنڌ جو اڳواڻ به هو، ان پارٽيءَ ۾ شموليت کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد کان اجازت ورتي هئائين، پر اتي به هن پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪيو، ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جڏهن به اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، ٻيو عبدالحميد خان جتوئي لاءِ به مشهور هوندو هو، اهو به جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته ايوان ۾ جيڪڏهن سئي به اڇلائجي ته ان جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ان دور ۾ سائين جي ايم سيد کي اسيمبليءَ ۾ غدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪجهه ميمبرن گوڙ ڪيو هو ته عبدالحميد جتوئي گجگوڙ تي کين خاموش ڪرائي چيو ته جي پاڪستان ۾ توهان ويٺا آهيو ان جو جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. ايئن ئي جڏهن به عبدالحميد جتوئي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير لاءِ سائين امداد محمد شاهه اٿندو هو ته سمورا ميمبر کيس سنجيدگي سان ٻڌندا هئا، هن جي اسيمبلي ۾ احتجاج جو به انداز هڪ نرالو هوندو هو، توڙي ڦاٽڪ جي اسيرن جي آزادي لاءِ اسيمبلي ۾ زمين تي اجرڪ وڇائي ان تي ويهي احتجاج ڪيو هو، سندس هڪ ٻيو تاريخي ڪردار به وسارڻ جهڙو نه آهي، ايم آر ڊي جي دور ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۾ فوجين جي گولين سان پروڻ ٿيل ڳوٺاڻن جي لاش به فوجين وٽان پاڻ کڻائي نوابشاهه اسپتال آندا ۽ ان جي ڪفن ۽ دفن جو به بندوبست ڪرايائين، سنڌ اڄ اهڙي ڪردار کي ياد ڪندي پنهجو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪري رهي آهي.


 

سيد امداد محمد شاهه

سنڌ جو محب وطن اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ

ايم حنيف لاشاري

سنڌ ڌرتيءَ تي اهڙن سنڌ امڙ جي پٽن جنم ورتو آهي جن کي سنڌ جي خدمت جو اونو هجڻ ڪري اڻ ٿڪ ڪوششن، قربانيءَ جي جذبي ۽ پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪندا رهيا آهن.انهن سنڌ امڙ جي پٽن مان سيد امداد محمد شاهه پڻ هڪ آهي. سيد امداد محمد شاهه جو جنم ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سن ۾ ٿيو. سن جو شهر سنڌ جي قومي، ادبي، ثقافتي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. سن سنڌ جي فڪري تربيت ۽ قومي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. سن جي سرزمين تان سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجيو آهي. بزرگ هستي سيد حيدر شاهه سنائي کان سائين جي ايم سيد ۽ سيد امداد محمد شاهه تائين سن سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلچل ۽ جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.

سيد امداد محمد شاهه جي شخصيت سنڌ جي سياست ۽ سماجي خدمت ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي/آواز اٿاريو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڇو نه اهو سنڌ اسيمبلي جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪو پيلٽ فارم! سيد امداد محمد شاهه هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو. سندس صوبائي اسيمبلي توڙي ٻين سياسي پيلٽ فارمن تي ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد هڪ يادگار مثال ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي. هي پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل ۽ جدوجهد عيوض هميشه زندهه آهي.

سيد امداد محمد شاهه جو جنم سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم جا ٻه درجا سن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيا ۽ پرائمري کان مئٽرڪ ۵۴-۱۹۵۳ع تائين سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچي مان تعليم پرائڻ بعد انٽر ميڊيٽ ۽ بي. ايس. سي، ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۶۵ع ۾ وڪالت جي ڊگري ايل. ايل .بي اسلاميه لا ڪاليج ڪراچي مان مڪمل ڪيائون. جنهن بعد ڪجهه وقت قاضي فيض محمد سان وڪالت به ڪيائون.

سائين امداد محمد شاهه  ڪراچيءَ مان پڙهائي دوران موڪلن ۾ جڏهن سن واپس موٽيا پئي ته سائين ڏٺو ته سن ۽ آسپاس ۾ تعليم جو فقدان آهي ۽ غربت سبب سوين شاگرد تعليم به نٿا پرائي سگهن ان وقت دادو ضلعو ڪراچي ۾ هوندو هو ۽ تعلقو ڪوٽڙي هو. تعلقي ڪوٽڙي جو ٻيو نمبر وڏو شهر سن هو پر ان وقت مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري سوين شاگرد پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد گهر ويهي رهندا هئا يا ڪي شاگرد دوڪان کولي پنهنجو روزگار ۾ لڳي ويندا هئا. پر اڳتي تعليم حاصل ڪري نه سگهندا هئا. سن ۾ پرائمري تائين تعليم هئڻ ڪري به سوين شاگردن سن سميت ٻين آسپاس جي علائقن جي شاگردن جيان غربت سبب اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهندا هئا صرف سرنديءَ وارن جا ٻار ۽ سن جا مقامي ڪجهه ٻار اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ پڙهائي خاطر ٻاهر مشڪل سان نڪري سگهندا هئا. سائين امداد محمد شاهه جڏهن پاڻ اسڪول جو دورو ڪيائون ته ڏٺائين ته پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ٻهراڙيءَ جا ڪجهه نه هجڻ برابر شاگرد پڙهائي حاصل ڪري رهيا هئا، سائين امداد محمد شاهه، سائين عبدالواحد ميمڻ  جيڪو ان وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هيو ۽ اسڪول جي استاد سائين محمد عرس کان سبب پڇيا ته انهن کين ٻڌايو  ته سن ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ پڙهائي جو شعور نه آهي جنهن جو سبب غربت آهي. هتي صرف سرنديءَ وارا ميمڻ آهن، جيڪي پڻ پنهنجن ٻارن کي ستين درجي تائين پڙهائڻ بعد دوڪانن تي ويهارين ٿا. اسين بمشڪل ۲۰، ۲۵ شاگرد ڪري سگهون ٿا ۽ ٻهراڙين ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري اتي جا رهواسي پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به سن طرف نه ٿا موڪلي سگهن . سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس ملاح ، سائين امداد محمد شاهه کي هڪ تجويز ڏني ته جڏهن اسين ننڍا هئاسين ته ان وقت سائين جي ايم سيد  ضلعو دادو (جيڪو ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ هو)، ان دوران سن ۾ جامع مسجد ۾ مدرسي کي هلائڻ لاءِ فري فوڊMess  کولرايو هو. جنهن ۾ کاڌي وغيره جو پڻ انتظام هو. جنهن ۾ شاگرد سائين عنايت الله گائنچو ۽ ٻيا پري، پري کان پڙهڻ ايندا هئا. هن وقت غلام محمد ڏاوچ دادو وارو (جيڪو هن وقت ڊي سي آهي) ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب (جيڪو هن وقت ملڪ جو ڏاهو ۽ اديب آهي)  لڪي آباد مان پڻ انهيءَ مدرسي جا پڙهندڙ هئا ۽ تعليم حاصل ڪندا هئا. اوهين به اهڙو فري بورڊنگ کولرايو ته ماڻهو اچن نه ته غربت سبب اچي نه سگهندا.

ٻئي ڏينهن تي سائين امداد محمد شاهه سن جي شهرين جي ميٽنگ گهرائي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سائين محمد عرس اها تجويز  پيش ڪئي ته هتان جا مقامي روزگار وارا ڪجهه چندو گڏ ڪندا جنهن ۾ سن ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي شاگردن کي سن ۾ ئي هاسٽل قائم ڪرائي کين کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اهي انٽر تائين بهتر تعيلم حاصل ڪري سگهندا. اها تجويز شهرين کي وڻي ۽ وس آهر مالي مدد ڪئي. ۽ ڌرم شالا جي بلڊنگ ۾ جيڪا هن وقت (شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جي ملڪيت آهي) ۽ پرائمري اسڪول جي سامهون آهي. ان جي مرمت ڪرائي ۽ ۱۹۵۶ع ۾ ان ۾ مڊل اسڪول کولرايو. ان جي پٺيان هڪ وڏي عمارت به هوندي هئي، جنهن ۾ بورڊنگ هائوس کولرايو. جنهن ۾ آس پاس جا شاگرد اچي رهيا. انهي دوران ۸۲ شاگرد اچي رهيا. ان فري فوڊ ۾ انڙپور، ٻڍاپور، چارا، ڄامشورو، مانجهند، لاکا ۽ مٽياري کان ويندي لڪي، آمري ۽ ڇڇر جا شاگرد رهندا هئا.

سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس ملاح صاحب جن سڄو انتظام سنڀاليندا هئا شاگردن کي کاڌي پيتي ۽ رهائش سميت ٻيون سهولتون شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران ڪجهه شهرين جي چندي ۽ ڪجهه سائين امداد محمد شاهه جي خرچ مان مهيا ڪري ڏيندا هئا ته جيئن اُهي غريب شاگرد آساني سان پڙهائي حاصل ڪري سگهن. انهيءَ مڊل اسڪول دادو کان وٺي درياهه جي اورئين ڀر مٽيارين تائين تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.

شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽِي (شيس) جي اسڪالرشپ ۽ فري فوڊ (ميس) واري ڪامياب عمل مان ڪيترائي شاگرد پڙهي اڳتي نڪتا کين يونيورسٽين تائين به ڪجهه شاگردن جي شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران سهڪار ڪيو ويو. انهن ڪجهه ڪامياب شاگردن مان هيٺ ڪجهه نالا ڏجن ٿا.

فقير داد کوسو، بشير سولنگي، شبير سولنگي، سيد محمد علي شاهه ۽ ٻيا شاگرد شامل هئا.

فقير داد کوسو سنڌ يونيورسٽيءَ جي دور ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻيءَ مان سياست جي شروعات ڪئي اڄ اهو سنڌ اسيمبلي ۾ ٿاڻي بولاخان تڪ جو ايم پي اي ميمبر آهي سندس محنت ۽ شاهه حيدر سوسائٽي جي ساٿ ڪري اڄ اهو اسيمبلي جي ايوانن ۾ ويهي پنهنجي تڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

بشير احمد سولنگي لمس يونيورسٽِيءَ مان پڙهائي بعد ڊاڪٽري ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هڪ سٺو ڊاڪٽر بڻيو ۽ اهو وڏو ڊاڪٽر ٿي اڀريو ۽ ضلعي مٽياري ۽ ضلعي حيدرآباد جو  ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پڻ  ٿي رهيو، ڪجهه وقت ڊپٽي  ڊي جي هيلٿ به رهيو ۽ هن وقت پاڻ رٽائرڊ آفيسر آهن.

شبير احمد سولنگي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ سيد محمد علي شاهه انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڏا انجنيئر بڻيا ۽ سرڪاري اداري ۾ انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

سائين امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل فلاحي اداري شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) پاران هن وقت به سيد امداد محمد شاهه جي فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه به پنهنجي والد جيان غريب ۽ بي پهچ شاگردن جي اعليٰ تعليم لاءِ جدوجهد جاري رکندو اچي جنهن ۾ يونيورسٽي تائين پهچندڙ غريب هوشيار شاگردن کي شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي ۽ يونيورسٽي تائين پڙهائي جو سمورو خرچ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس) برداشت ڪري رهي آهي. هن وقت ڪيترائي شاگرد مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي ڄامشور ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ زير تعليم آهن. سندس پڙهائيءَ جو سمورو خرچ سائين امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل فلاحي اداري شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان سندس فرزند ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سائين امداد محمد شاهه جي وڏي نياڻي  جيجي نيلوفر محمد شاهه برداشت ڪري رهيا آهن. ۽ ان سان گڏوگڏ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ پڻ يونيورسٽي ٽاپ شاگرد کي ۲۰۱۳ع کان هن وقت تائين گولڊ ميڊل ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ۽ ساري آهي. سائين امداد محمد شاهه جي وڇوڙي بعد سائين امداد محمد شاهه جي فلاحي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ سندس فرزندن سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه ۽ سيد زين شاهه ۲۰۰۷ع ۾ سندس نالي سان هڪ ٻيو فلاحي ادارو امداد فائونڊيشن جو پڻ بنياد وڌو جيڪو پڻ نوابشاهه ضلعي جي مستحق ماڻهن جي مدد ڪري رهيو آهي تعليم ۽ صحت سميت ٻين مسئلن جي بهتري لاءِ هن وقت اهو ادارو پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي روان دوان آهي هن وقت امداد فائونڊيشن جو موجوده چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي آهي.

سيد امداد محمد شاهه ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع ۽ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۰ع تائين ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو صوبائي ميمبر چونڊيو ويو ته پنهنجي تڪ سڪرنڊ سميت سنڌ جي ٻين تڪن جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ اسيمبليءَ اندر ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو.

جڏهن ته ٻين تڪن لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن تڪن جا معزز ميمبر صاحبان سيد امداد محمد شاهه تي ناراض به ٿيندا هئا. جو سيد امداد محمد شاهه سندن تڪن جي عوام لاءِ سندن بدران آواز اٿاريندو هو. پر سيد امداد محمد شاهه پاڻ ڪڏهن به ناراض نه ٿيو بلڪه مشڪندي انهي کي مخاطب ٿي چوندو هو ته مون لاءِ سموري سنڌ اکين جو نور آهي آئون چاهيان ٿو ته پوري سنڌ ۾ تعليم جي روشني ڦهلجي. کيس سندس انهن خدمتن جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڏورانهن علائقن خاص ڪري ڏکويل ٿرين ، بدين ۽ جيڪب آباد جي علائقن مان خط ايندا هئا ته سندس ٻارن جي تعليم لاءِ کين اسڪول گهرجن نتيجي ۾ پاڻ انهن جي مطالبن جو پورائو ڪندو هو.

سيد امداد محمد شاهه ٻهراڙي جي ماڻهن کي شهرن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي خام مال کي منڊين تائين رسائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي علائقي ۾ رستن جو ڄار وڇارايو نتيجي ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ شهرن سان ڳنڍجي پيا آهن ۽ عوام ۾ ڪافي خوشحالي پيدا ٿي پئي آهي اهڙن رستن جي وچور ۾ موريو لاکو کان سعيدآباد، کڏهر کان سرهاري، سرهاري روڊ کان مير خان لغاري وايا حمل فقير، مير خان لغاري کان ڪنب ليمان ريگيوليٽر وايا ڇپر کوسو ۽ فضل ڪيريو، سرهاري روڊ کان عيسو ڪيريو وايا کڏهر روڊ، صابو راهو کان صوبدار حاجاڻو وايا علي بخش سنجراڻي، هالا برانچ کان سعيد خان لاکو وايا، محمد خان مگسي، محرابپور کان مراد علي چانڊيو، محرابپور کان قومي شاهراهه وايا راهب شاهه کان ريڻ شاخ. انهن کان سواءِ نواب ولي محمد شاهراهه کان رمضان راهو وايا، لونگ سومرو، سڪرنڊ، نوابشاهه روڊ کان خان محمد انڙ قومي شاهراهه کان ڪنگو، علي آباد کان بچاءَ بند مجيد ڪيريو کان مڏ، مڏ کان ڇتن شاهه، ڇتن شاهه کان يارمحمد ٽانوري، قومي شاهراهه تي مشائخ کان يارمحمد ٽانوري، نوابشاهه کان کڏهر روڊ کان علي مراد ڀٽو، نوابشاهه روڊ کان سرهاري روڊ قومي شاهراهه تي ڳوٺ دڌ کان جمن کيڙو ڳوٺ تائين لنڪ روڊ ۽ مراد ڪيريو، بخشو مگسي، ٻاجهي چانڊيو، رحيمون ڪيريو لنڪ روڊ اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح سان سيد امداد محمد شاهه نه صرف ٻهراڙي جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن کي رسستن جي ذريعي پاڻ ۾ ملايو پر انهن کي شاهراهه سان به ڳنڍي ڇڏيو.

سيد امداد محمد شاهه، ايوب خان جي مارشل لا واري دور خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سرگرم رهيو ۽ ايوب خان جي مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۾ اليڪشن مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ برک سياستدان عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين سان گڏجي پونم جو قيام عمل ۾ آندو.

هو ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اليڪشني سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. جواني کان آخر تائين زمينداري سان گڏ سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابل تعريف آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا هئا .ان دور ۾ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبري دوارن پهريون ميمبر هو جنهن ڪالاباغ ڊئم خلاف اسيمبلي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. سيد امداد محمد شاهه ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف لکين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ بيماري ۽ پيرسني ۽ سخت گرمي باوجود شرڪت ڪئي. سندس هڪ ٻي خاصيت اها به هئي ته هو هميشهه سائين جي ايم سيد وانگر تنگ نظر قومپرست شائونزم جو سخت مخالف هو. هو سنڌ اندر رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو حمايتي هو. سائين جي ايم سيد وانگر امداد محمد شاهه پڻ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۽ سنڌ ۾ مستقل امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

عوامي ليگ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، اينٽي ڪالا باغ ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ڪالاباغ ڊئم فرنٽ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي، اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پونم، ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ سندس تقريرون هميشهه ڪنن ۾ ٻرنديون رهنديون. عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ، محمود اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ساٿي سيد امداد محمد شاهه جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشهه فخر رهندو ڇو ته هن هميشهه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان تي ثابت قدم رهيو. سيد امداد  محمد شاهه سنڌ دوست ۽ بااصول قومپرست اڳواڻ هو.

هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني چيئرمين ۽ ميمبر رهيو. جهڙوڪ: شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي (شيس). محمد هاشم ٺٺوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي. سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي طرفان قائم ڪيل قائد اعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني. ڪراچي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر وغيره.

ان کان علاوه حمل فقير يادگار ڪميٽي جو بانيڪار پڻ رهيو. پاڪستان جي مظلوم قومن جي اتحاد (PONAM) جو قيام پڻ سيد امداد محمد شاهه جي ڪاوشن جو نتيجو رهيو. سندس آئيڊيل شخصيتون شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، خان عبدالغفار خان هئا. جڏهن ته پاڻ سفر/سياحت جا پڻ شوقين رهيا ۽  موجوده پاڪستان جا چار ئي صوبا، هاڻوڪو بنگلاديش، ڀارت، جاپان، برطانيا، فرانس، اسپين، آمريڪا، هالينڊ سميت ٻين ملڪن جو سير و سفر پڻ ڪيا. سندس آئيڊيل ڪميونٽي: پارسي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ هو.

سيد امداد محمد شاهه نوابشاه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ اباڻي تعلقي ڪوٽڙي ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. اسڪول، اسپتالون، ٺهرايون. ڊرينج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ حصو وٺندو هو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ  جو اميدوار کٽي نه سگهندو هو. زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هن عظيم انسان جي سموري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ سماجي خدمتون ڪندي گذري بيماريءَ جي حالت ۾ به وفات کان هڪ ڏينهن اڳ اسڪولن جو دورو ڪيو هئائين . ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جو ناميارو قومپرست اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو. سندس وفات تي هزارين چاهيندڙ زارو قطار ۽ اوڇنگارون ڏيندا روئيندا رهيا. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سيد امداد محمد شاهه کي ان وقت جا اسيمبلي ميمبر توڙي مخالف ۽ سندس چاهيندڙ اڄ به ياد ڪن ٿا.

ڀلا ڀونءِ نه وسرن، نه ڳُڻا چڙهن نه چِت،

اڻ لوڀي ۽ نينهُن گهڻو، اهڙا سڄڻ ڪِٿ،

جان جان وڃان جِت، تان تان هوءِ پرين جي.

(شاهه)


سائين امداد محمد شاھ

روايتي قدرن جو مالڪ

سھيل ميمڻ

سنڌ هن وقت جنهن ماڻهپي جي قحط واري دور مان گذري رهي آهي، ايئن اڳ ڪڏهن به نه  گذري آهي. هر عالم، فاضل، علم جو اڪابر، قلم جو ڌڻي، سياسي ليڊر توڙي ورڪر، ڪامورو توڙي نوڪر، پنهنجي قيمت لڳرائڻ جي جستجو ۾ لڳو آهي. اهڙي ماحول ۾ اهي هستيون وڌيڪ ياد اچن ٿيون، جن زندگي اصولن تحت، ايمانداري سان ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. سائين جي ايم سيد جو ننڍو پٽ سيد امداد محمد شاهه به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي. اڄ سندس تيرهين ورسي آهي. سائين امداد محمد شاهه ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ پيدا ٿيو. سن ۾ پرائمري تعليم کانپوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪري حيدرآباد مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪجهه سال وڪيل طور ڪم ڪيو. سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي. سائين امداد شاهه ۱۹۷۹ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چونڊجي آيو. ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ان دوران سائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو هڪ موثر اڳواڻ رهيو. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو. طبيعت ۾ سائين جي ايم سيد وانگر شفيق، پر اصولن تي لوهه، ڀوڳ چرچا ڪرڻ وارو، سٺي ماني جي ڳولها ۾ لياري جي ٻاڪڙا هوٽلن جي ڳولها به جاري رکڻ وارو ۽ ماڻهو شناس شخصيت هو.

سيد امداد محمد شاهه هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنهن سائين جي ايم سيد جو لائق فرزند هجڻ سان گڏوگڏ بااصول ۽ ”سماج سڌارڪ“ واري نئين سڃاڻپ پڻ ٺاهي. هو ننڍي پئماني تي ئي سهي، پر ضلعي نوابشاهه ۽ درياهه جي هن پار سن واري علائقي سميت سڄي ضلعي دادو ۽ ڄامشوري ۾ هڪ ”ريفارمر“ طور سڃاپجي ٿو. سندس تڪ ۾ ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر ۽ ڪاموري لاءِ ٻه صورتون هونديون هيون، يا ته اتي ڪم ڪري يا وري پنهنجي بدلي ڪرائي هليو وڃي، اتي ٽئين ڪا به ڳالهه نه ٿيندي هئي. چور ۽ ڏوهاري ماڻهو لاءِ سائين وٽ رحم جي گنجائش نه هوندي هئي. سماج کي صاف رکڻ لاءِ سائين ڏوهارين کي سخت سزائن ڏيڻ جو وڏو حامي هو. ذاتي تعلقات رکڻ ۽ نڀائڻ ڪو سائين جي ايم سيد ۽ سندس پٽن کان سکي. هر سال انبن جي مند ۾ ٻه کوکا سڪرنڊ کان ڊرائيور امام الدين سائين جي ڪار ۾ کڻي اچي روهڙي ۾ منهنجي گهر ڏي ته سائين انب موڪليا آهن ته ان کان وڏو ڪهڙو تحفو! انب روهڙي ۾ به جام ملن ٿا ۽ ۲ هزار جي انبن لاءِ پنج هزار جو پيٽرول خرچ ٿيو پئي، پر سائين امداد محمد شاهه جي محبت، سڪ، چاهت ۽ ياد رکڻ جي خبر پوي ٿي، جو انب موڪلڻ واري سندس دلبري لکندي هن وقت به اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا. سائين جي گاڏي جي ڊگي اجرڪن سان ڀريل هوندي هئي، مان ۽ سندس ڊرائيور سائين سان ڀوڳ ڪندا هئاسين ته سائين توهان انتظار ۾ هوندا آهيو ته ڪو فوت ٿئي ته اجرڪ کڻي پڄان. سائين ان تي پهريان مرڪندو هو ۽ پو سيريس ٿي چوندو هو، بابا! پرڻي ڀلي نه پڄي سگهجي، پر مرڻي ضرور وڃجي. سائين امداد محمد شاهه ۲۲ مئي ۲۰۰۰ع تي واشنگٽن ۾ امريڪي ڪانگريس جي انساني حقن جي ڪاڪس ۾ بي خوف تقرير ڪندي چيو هو ته: ”مان سائين جي ايم سيد جو پٽ آهيان، جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌي ماڻهن جي حقِ خود اراديت، آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظريندي ۾ گذريو آهي ۽ سندس وفات به قيد ۾ ئي ٿي. سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اهو خطو آهي جيڪو انگريز سڀ کان آخر ۾ حاصل ڪري سگهيا ۽ سنڌ کي ڇڏڻ وقت کيس پنهنجي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي ها ته، هو نئين مسلم بلاڪ ۾ ويندا يا خودمختيار رهڻ چاهيندا پر ائين نه ڪيو ويو، نتيجو سامهون آهي ته امن، عدم تشدد، ڀائيچاري ۽ محبت واري سرزمين هجڻ هتي فقط خواب رهجي ويو آهي.“

سائين وڌيڪ چيو هو ته، ”سنڌي هڪ قوم آهن، جنهن کي تاريخي پس منظر، جاگرافي حدون، سامونڊي ڪنارا، امير ترين ثقافت، ٻولي ۽ قومي ورثو آهي. سنڌ وٽ صوفي ازم جو پيار ۽ محبت وارو پيغام آهي. ڀائيچارو، برداشت، عدم تشدد ۽ سيڪيولر ازم سنڌي قوم جي رت ۾ شامل آهي، پر مان هتي ٻڌائڻ چاهيندس ته سنڌ سان وفاق ۽ مذهب جي نالي ۾ انصاف نه ٿيو آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ بيراجي زمين مالِ غنيمت سمجهي ورهائي وئي. ڳائڻا گانو ڳائين ته زمين انهن کي سنڌ ۾ ملي، ڪرڪيٽيئر ڇڪو هڻن ته زمين انهن کي سنڌ جي ملندي آهي.“ سائين امداد محمد شاهه پنهنجي انهيءَ تقرير ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن، نوڪرين، سياست، ثقافت، ريڊيو، ٽي وي، مارشلائن، گورنر راڄن، وڏيرا شاهي، ۱۹۷۳ع جي آئين، بلوچن جي مسئلن، بنگالين جي قتلِ عام، سنڌو درياهه جو پاڻي چورائڻ، روڪڻ، ڊيم ٺاهڻ ۽ هر ناانصافي تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ سنڌ جي هڪ سچي وڪيل جيان سنڌ جو ڪيس وڏي بهادريءَ سان رکيو.

هميشه اڇو وڳو، عام اڇي ٽوپي پائيندڙ، چانهن جو بيحد شوقين، ماڻهوءَ کي اسڪين ڪندڙ تيز، پر خوبصورت اکين جو مالڪ سنڌ جو هيءُ سماجي سائنسدان سياستدان ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي اربع ڏينهن ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ گذاري ويو. کيس سندس وصيت موجب مجيد ڪيريو ۾ پنهنجي ٻنيءَ ۾ دفن ڪيو ويو، جو کيس ٻني ۽ ڍور مال سان عشق هو. انهيءَ ڳوٺ مجيد ڪيريو بابت سائين امداد شاهه هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، جڏهن هو سن کان لڏي اچي ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو ته ڪجهه خوشامدي آيا ته سائين هن ڳوٺ جو نالو امداد محمد شاهه رکون. سائين انهن سان اهڙي ڪئي، جو وڃي ٿيا خير- سائين کين چيو ته، ”مان اوڌر تي اچي مجيد جي ڳوٺ ۾ رهيو آهيان، ۽ اوهين وري ان جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڳالهه پيا ڪريو.“


 

سيد امداد محمد شاهه

قومپرست سياست جو روشن باب

آزاد انور ڪانڌڙو

سن جو شهر سنڌ جي قومي، ادبي، ثقافتي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. سن سنڌ جي فڪري تربيت ۽ قومي هلچل جو مرڪز رهيو آهي. سن جي سرزمين تان سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجيو آهي. سيد حيدر شاهه سنائي کان سائين جي ايم سيد ۽ امداد محمد شاهه تائين سن سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلچل ۽ جدوجهد۾ نمايان ڪردار ادا ڪيوآهي.

امداد محمد شاهه جي شخصيت سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي/ آواز اٿاريو ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڇو نه اهو سنڌ اسيمبلي جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪوئي پيلٽ فارم. امداد محمد شاهه هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي ته اسين محسوس ڪريون ٿا ته ويجهڙائي ۾ عبدالحميد خان جتوئي کان پوءِ سنڌ جي هڪ ٻئي وفادار مخلص، بي باڪ، بهادر ۽ سچي دل سان پيار ڪندڙ شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. سندس صوبائي اسيمبلي توڙي ٻين سياسي پيلٽ فارمن تي ادا ڪيل ڪردار، جدوجهد هڪ يادگار مثال ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي. هو سنڌ جي قومپرست سياست جو روشن باب هو. امداد محمد شاهه سنڌ جو آواز هو. سنڌ جو آواز سچ جو آواز ۽ حق جو آواز هوندو آهي. امداد محمد شاهه جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي، پر هو پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل، جدوجهد جي ڪري ڪڏهن به مرڻو نه آهي. امداد محمد شاهه ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ سن ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ بعد ۾ ۱۹۴۸ع ۾ گرامر اسڪول ڪراچي مان پاس ڪرڻ بعد پي ايس سي به اتي ئي پڙهيو. جڏهن ته ۱۹۶۵ع ۾ ڪراچي ۾ اسلاميه لا ڪاليج مان ايل ايل بي پاس ڪيائين. هو ڪجهه وقت قاضي فيض محمد سان وڪالت به ڪئي. سيد امداد محمد شاهه سياست جي شروعات مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ عوامي ليگ سنڌ جو نائب صدر ۽ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. بنگال سانحي بعد عوامي ليگ جي سياست کان پاسيرو ٿيو. سيد امداد محمد شاهه زندگيءَ جو وڏو عرصو ۽ عملي زندگي حيدر منزل ڪراچي ۾ گذاري، هو يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. جتي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ايجوڪيشن سوسائٽي به جوڙي ، سيد امداد محمد شاهه ايوب خان جي مارشل لا واري دور خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سرگرم رهيو ۽ ايوب خان جي مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۾ اليڪشن مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ۱۹۹۸ع ۾ مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ برک سياستدان عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين سان گڏجي پونم جو قيام عمل ۾ آندو. هو ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اليڪشن سياست کان پاسيرو رهيو ۽ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران ۾ سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. جواني کان آخر تائين زمينداري سان گڏ سياست ۾ سرگرم رهيو. سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابل تعريف آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا آهن پر ان دور ۾ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو. سيد امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبري دوارن اهڙو پهريون ميمبر هو جنهن ڪالاباغ ڊئم خلاف اسيمبلي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. سيد امداد محمد شاهه ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف لکين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ بيماري ۽ پيرسني ۽ سخت گرمي باوجود شرڪت ڪئي. سندس هڪ ٻي خاصيت اها به هئي ته هو هميشه سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر وانگر تنگ نظر قومپرست شائونزم جو سخت مخالف هو. هو سنڌ اندر رهڻ وارن ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو حمايتي هو. سائين جي ايم سيد وانگر امداد محمد شاهه پڻ سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ ويجهڙائي ۽ سنڌ ۾ مستقل امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪالاباغ ڊئم جو مسئلو هجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري هجي يا فوجي ڇانوڻين جو مسئلو، امن امان جو مسئلو هجي يا صوبائي خودمختياري، سيد جي نظربنديءَ جو مسئلو هجي يا ڪوئي ٻيو مسئلي تي هن ڀرپور آواز اٿاريو. زندگيءَ جو وڏو عرصو حڪمرانن جي مخالفت ۾ گذارڻ ڪري سندس تڪ کي ترقياتي ڪمن، نوڪرين ۽ ٻين سهولتن جي حوالي سان نظرانداز ڪيو پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. ايوب خان، ضياءَ الحق کان نوازشريف، بينظير ۽ ٻين وقت جي حاڪمن سان سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي حقن خاطر ٽڪر کاڌو، سيد امداد محمد شاهه هڪ انصاف پسند، ايماندار شخص هو. ذاتي ڪردار جي حوالي سان به هن صاف شفاف ماڻهو رهيو. علائقي ۾ ڏوهارين ۽ لوفرن جو سخت دشمن تصور ڪيو ويندو هو. اڄ جي دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي ان جي نالي کي ڪيش ڪرائي وڏا فائدا حاصل ڪيا. پر امداد محمد شاهه سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي آخر تائين ثابت قدم رهيو ۽ سدائين اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ۾ رهيو ۽ قومي حقن لاءِ ويڙهه ڪندو رهيو. اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن جي سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي، ان جي نالي کي ڪيش ڪرائي مال کائي رهيا آهن/ فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. ان هوندي به امداد محمد شاهه سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي ثابت قدم رهيو. هو جيڪڏهن چاهي ها ته سنڌ جي ٻين جاگيردارن، رئيسن، وڏيرن جيان حڪمرانن سان (Under deal) ڪندي ڪروڙين رپيا ڪمائي ها پر هن ايئن نه ڪيو. امداد محمد شاهه پنهنجي حياتي جي عرصي دوران ملڪ جي ايوانن ۾ سنڌ جوڪيس وڏي بهادري ۽دليري سان وڙهندو رهيو. پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي سندس اهو ڪارنامو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري حرفن ۾ لکيو ويندو. سنڌ ڪيس جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل سندس تقريرون اڄ به ماڻهن جي ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن. هو جمهوريت پسند، ترقي پسند ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ يا اصول پارليامينٽرين هو. هن سنڌ جي مسئلي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪئي. اڪثر حالتن ۾ ڪنهن ماڻهو جي زندگيءَ ۾ نه پر ان جي موت کانپوءِ ئي تعين ڪيو آهي ته اهو ڪيڏو اهم ۽ وڏو ماڻهو هيو. سچ پچ سيد امداد محمد شاهه سنڌ جو موجوده دور ۾ سنڌ سان بيحد پيار ڪندڙ، سچو ۽ باصول پنهنجو دور جو وڏو قومپرست اڳواڻ هو. عوامي ليگ ، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، اينٽي ڪالا باغ ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ڪالاباغ ڊئم فرنٽ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي،ا ينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پونم، سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ سندس تقريرون هميشه ڪنن ۾ ٻرنديون رهنديون. عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ، محمود اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي ساٿي سيد امداد محمد شاهه جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه فخر رهندو ڇو ته هن هميشه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان جي ثابت قدم رهيو. سيد امداد محمد شاهه جي جاءِ هاڻي ڪير ڀريندو؟ مونکي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي. سچ پچ سيد امداد  محمد شاهه سنڌ دوست ۽ بااصول قومپرست اڳواڻ هو. افسوس زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽  هو ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ساڳي ڏهاڙي هزارين آلين اکين سان سندس وصيت موجب ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس خال ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي.


 

سائين امداد محمد شاھ

سھيل ميمڻ

سائين امداد محمد شاھ جي اڄ چوڏينهن ورسي آهي. ۲۰ سال اڳ نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ان وقت جي اپوزيشن ليڊر شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي سميت سنڌ جي قومپرست پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ - پنجاب دنگ تي واقع ڪمون شھيد وٽ تاريخي ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ ساڳي ڏينھن تي اٽڪ پل وٽ اي اين پي جي سربراھ ولي خان جي اڳواڻي ۾ پڻ ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي  شھيد محترمه بينظير ڀٽو، سائين امداد محمد شاھ، بشير خان قريشي ۽ سنڌ جي تقريبن سڀني پارٽين جي قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ-پنجاب دنگ تي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي سڀني پارٽين جي قيادت سکر ضلعي ۾ اچي پنهنجن پنهنجن پيارن وٽ مهمان ٿي هئي. سائين امداد محمد شاهه مون وٽ روهڙي ۾ ۱۹ تاريخ منجهند جو ئي پهچي ويو. شام جو سائين جي هڪ ويجهي دوست جيڪو ساڻس گڏ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم پي اي رهيو هو، ان فون ڪري هجت ڪندي کيس پاڻ وٽ اچي رهڻ جو ضد ڪيو، پر سائين امداد محمد شاھ کيس چيو ته مان ڪنهن ٻئي وٽ اچي مهمان ٿيان ها ته پو ڀلي ناراض ٿيو ها، مان ته روهڙي ۾ پنهنجي گهر اچي رهيو آهيان. ڪجهه به ٿئي اتي ئي رهندس. (هي سٽون لکندي سائين امداد جي محبت جي ياد ۾ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا آهن) سائين امداد محمد شاھ اهڙو ئي شاندار ماڻهو هو، جيڪو آرام ۽ آسائش وارا بنگلا ڇڏي پاڻ سان محبت ڪرڻ وارن وٽ اچي ترسندو هو.

امداد محمد شاهه سن جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن سنڌ جي سائين  جي ايم سيد جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي  ۱۹۴۸ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جنهن کان پوءِ واپس ڪراچي ۾ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان ۵۴- ۱۹۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. پوءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدر شاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي ايس سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ سن اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي ۱۹۶۵ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊووڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. امداد محمد شاهه تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ۱۹۵۶ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايجيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. (جيڪا اڄڪلهه وڌيڪ وڏي پئماني تي سندس ٻيون نمبر پٽ ڊاڪٽر ضياءَ شاهه هلائي رهيو آهي.)امداد محمد شاهه ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري تعلقي ۾ ڪيترا ئي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم  لاءِ اسڪول کولرايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس جا ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين.

سائين امداد محمد شاهه پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سان ڪئي ۽ ان عوامي ليگ جي هاري فرنٽ جو مرڪزي صدر به رهيو. بنگلاديش ٺهڻ بعد عوامي ليگ بنگلاديش ۾ رهجي وئي ۽ ان کان پوءِ سائين امداد شاهه ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نه رهيو. سائينءَ، ايوب جي مارشل لا خلاف بهرو ورتو ۽ فاطمه جناح جي حق ۾ چونڊ مهم پڻ هلائي. سائين امداد محمد شاهه سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ويجهڙائپ جو وڏو قائل هو.

 

امداد محمد شاهه ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمين ۽ ميمبر رهيو آهي، جهڙوڪ شاهه حيدر ايجيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊجوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. سائين امداد محمد شاهه نوابشاهه ضلعي تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترا ئي سماجي ڪم ڪيا. اسڪول، اسپتالون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهو ئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. امداد محمد شاهه ڪجهه وقت ”پونم“ جي پليٽفارم تان  سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. سائين امداد محمد شاهه جي  وفات ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ سندس ٻنيءَ ۾  مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ ۲۰۰۷ع کان ڪم ڪري پيو.


سيد امداد محمد شاھ

غلام حسين جوڻو

سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ ڪيترائي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاهه به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون.

سائين امداد محمد شاهه، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهيءَ ڪردار مان، معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان دوران سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن. هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منور ڪري،انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران مذڪوره اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاهه صاحب، گهر گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالهه آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي.

ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاهه کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا.

سيد امداد محمد شاهه امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ ” وانگر، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. سندس خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باهه جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجهه ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سمورين رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سيد امداد محمد شاهه رهزن، قاتل، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهن کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر ”حمل فقير لغاري“ جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزار تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهيءَ ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ، علم دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي.

ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس، ٻجن، پاڻي جي استعمال، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا.

مطلب ته سيد امداد محمد شاهه هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي. سندس وڇوڙي جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو.

اڄ اسان سندس ڪيل عوامي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته مولا پاڪ سندس مزار تي بيشمار رحمتون نازل فرمائي. اها به دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

جان جان هئي، جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاهه)

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل)


 

سنڌ جو امداد

جيئن مون ڏٺو

فدا حسين شيخ

گهڻي وقت کان ذهن ۾ اهو خيال ستائيندو پي آيس ته سائين امداد محمد شاهه کي جيئن مون ڏٺو ايئن لکان پر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ گهڻين مجبورين ڪري سمجهان ٿو ته دير لڳي ويندي ۽ متان حياتي وفا نه ڪري ۽ سنڌ جي هن عظيم ۽ امين سماجي ڏاهي، سڌارڪ، اشراف سياستدان ۽ فقير طبعيت انسان جي ذاتي زندگي اعليٰ آدرشن ۽ اصولن جي باري ۾، توڙي جو اهي عالم آشڪار آهن پر جيئن مون هن کي ڏٺو ۽ سندس بيباڪ رمزن کي سمجهيو اسان ٻه ٽي دوست، ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ راقم جيڪي کين پنهنجي اولاد کان وڌيڪ عزيز هئا. اهي هجتون، دل لڳيون سامان، راز نياز، قربابئتيون ڪچهريون ۽ مستيون متان ڪنهن ٻي دوست ۽ واسطيدار جي گڏ ڪرڻ کان گهڻيون هجن يا کيس خبر ئي نه هجي، انهي ڪري بهتر سمجهيم ته سائين امداد جي يارهين ورسي جي مناسبت سان اهي رڪارڊ ڪرائي ڇڏجن.

”پوربيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح،

کٿوري خوشبوءِ، آهي انهيءَ ڀيڻئين.“

منهنجي سائين امداد سان ملاقات جولاءِ ۱۹۷۶ع ۾ ٿي، جڏهن نواب شاهه ۾ راشننگ آفيسر مقرر ٿيس. ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس، لال بلڊنگ نواب شاهه ۾ ويٺو هوس ته هڪڙو ماڻهو سائين امداد جي راشن ڪارڊ ۾ ٻن ماڻهن، جيڪي شايد سندس پٽ هئا جو اضافو ڪرائڻ آيو. پڇيومانس ته؛ ”ب“ فارم کڻي آيو آهين؟“ چيائين؛ ”هائو؟“ پڇيومانس؛ ”راشن ڪارڊ تنهنجو آهي.“ جواب ۾ چيائين؛ ”سائين امداد شاهه جو آهي.“ منهنجي پڇڻ تي ته؛ اهو ڪير آهي؟ چيائين؛ ”سائين جي ايم سيد جو پٽ آهي.“ آئون پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيهي رهيس. همراهه کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي، پٽيوالي کي ڊوڙايم ته چانهه وٺي اچ. جيستائين پٽيوالو چانهه وٺي اچي، مون ڪارڊ ۾ ٻن جي بدران ڇهه ماڻهن جو اضافو ڪري ڪارڊ کيس ڏنو. اهو ماڻهو هو سندس ڊرائيور محمد خان، جڏهن هن ڏٺو ته ڇهه ماڻهن جو اضافو ٿي ويو ته، هن مون کي يڪدم ڪارڊ واپس ڏيندي چيو؛ ”سائين، اهي ڪٽيو جو سائين مون سان وڙهندو. ڇاڪاڻ ته هو بلڪل ايماندار آهي ۽ اهو برداشت نه ڪندو.“ چيومانس؛ ”تون سائين امداد وٽ ڇا ڪندو آهين؟“ چيائين؛ ”ڊرائيور آهيان.“ مون چيو؛ ”ٺيڪ آهي! تون ذاتي نوڪر آهين.“ مون ڊرائيور جي ٻارن جو اضافو ڪري ڪارڊ ۾ انگ ساڳيو رکي، درست ڪري ڪارڊ ڏنو، ۽ پڇيومانس ته؛ ”سائينءَ سان ملاقات ڏکي يا سولي؟“ چيائين؛ ”سولي.“

محمد خان هليو ويو. مون کي اچي اڻتڻ ٿي ته سائينءَ سان ملاقات ڪجي. پر ڪنهن چڱي دوست جي ڳولا ۾ هئس. پندرنهن، ويهن ڏينهن کانپوءِ احمد خان ٺٽيار نوري جي آڌار اچي نواب شاهه سهڙيو هو. گهڻو وقت سن ۾ يوسي جو سيڪريٽري ٿي رهيو هو. چيومانس سائين امداد سان ملڻو آهي. چيائين هلو ته هلون. اسان شام جي وقت ٽانگي تي چڙهي سائين جي نواب شاهه واري گهر روانو ٿياسون. اڃا اڌ پنڌ ۾ هئاسون ته هن رڙ ڪئي؛ سائين گاڏي ۾ سامهون پيو اچي، هٿ به کنيائين ته سائين واري گاڏي اڳتي هلي اسان جي لاءِ بيهي رهي. ٽانگي واري کي ٿورو بيهڻ جو چئي اسان وڃي سائين سان ملياسون، جيڪو اسان جي لاءِ اڳيئي گاڏي مان لٿو بيٺو هو. چيائين؛ ٽانگي مان هٿ ڪڍو ۽ مون سان گاڏي ۾ ويهو. سائين اچي مرحوم قاضي فيض محمد جي آفيس تي لٿو ۽ اسان کي به پاڻ سان اندر وٺي ويو. مون کي ڏندين آڱريون تڏهن اچي ويون جڏهن پاڻ هڪ اسٽول تي ويهي رهيو ۽ مون کي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيائين. مون گهڻيون منٿون ڪيونمانس پر نه مڙيو. قاضي صاحب چانهه وغيره پياري ٿوري ڪچهري به ٿي. چيومانس؛ سائين آئون ڪڏهن گهر واري اوطاق تي ايندس ته وري ڪچهري لڳندي. چيائين بابا جڏهن وڻي تڏهن اچو، منهنجي آفيس اتان ويجهي هئي ۽ آئون موڪلائي هليو ويس.

اتفاق هيئن ٿيو جو آئون ڪجهه ڏينهن ۾ نواب شاهه کان ٺٽي بدلي ٿي ويس ۽ ايئن وري رابطو نه ڪيم. تانجو مون کي سنڌ سرڪار جاتي ۾ (جيڪو منهنجو ڳوٺ آهي) غوث بخش بزنجي مرحوم جي ۸۴، ۸۵ع ۾ جلسي ڪرڻ جي سزا ۾ نوڪري مان معطل ڪيو، جو مقامي وڏيرن جيڪي سائين ڪوڙل شاهه جي پارٽيءَ جي هئا، جي اڳواڻن مون تي الزام هنيو ته مون حڪومت مخالف جلسو ڪرايو آهي. بهرحال بحالي جي گهڻي ڪوشش باوجود وزيراعليٰ سنڌ مون کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اٺ ايم پي اي ۽ هڪ وزير ڪوڙل شاهه انهي ۾ پيش پيش هئا ۽ هنن جو مطالبو هو ته فدا حسين شيخ کي نوڪري مان کي خارج ڪيو وڃي.

مان ٻيو آسرو نه ڏسي، شاهه محمد شاهه کي ساڻ ڪري وڃي سائين امداد وٽ لٿس. جنهن چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا ۽ سڄو مهينو گوڏو ٻڌي ڪراچي مون سان ويهي رهيو جو غوث علي شاهه ٽائيم ئي نه پيو ڏئي. سائين امداد پاڻ پريشان هو ته شاهه ايترو بي محابو ته ڪڏهن ڪو نه ٿيو آهي. انهي سڄي مهيني ۾ ايم پي اي هاسٽل ۾ سائين سان گڏ رهڻ ڪري مون کي نوڪري جو ڏک وسري ويو جو سڄو ڏينهن دوستن جي آوت، جاوت ۽ ڊاڙ ٺڪاءَ ۽ سائين امداد جي خوش اخلاقي ۽ خوش مزاج طبيعت مونکي ويتر موهي وڌو.

سائين جي ايم سيد چوندو هو ته؛ ابا اهو ڪهڙو شيخ معطل ٿيو آهي جو سائين امداد، نه سن ٿو اچي، نه نواب شاهه.“ مهيني جي آخري ڏينهن تي دلچسپ صورتحال اها ٿي جو سائين امداد چيو ته فدا وڏو ڪو نڀاڳو آهين جو غوث علي شاهه مون کي وقت نه ٿو ڏئي، انهي ڪري رات آئون تنهنجي کڙي ڏنڀيندس. مون سمجهيو سائين مذاق پيو ڪري، صبح منهنجي عادت هئي ٿورو دير سان اٿندو هوس پر سائين سويرو اٿندو هو جو ماڻهو ڪمن ڪارن لاءِ اچي ويندا هئا. اهڙو ڪو ماڻهو جيڪو سگريٽ پي رهيو هو، سو سائين انهيءَ کان سگريٽ وٺي اوچتو منهنجي کڙي تي رکيو. آئون ٽپ ڏئي اٿيس. مون چيو؛ سائين ڇا ٿا ڪريو؟ سائين چيو؛ اهو ئي جو ڪنهن نڀاڳي سان ڪبو آهي. سڀ ويٺل ماڻهو سائين ۽ مون سميت کل ۾ رڙهي وياسون ۽ تعجب جي حد نه رهي جو اڃا چانهه ئي پيتيسون ته وزيراعليٰ جو فون آيو ته رات اٺين بجي سائين جي چيف منسٽر سان ملاقات آهي پوءِ ته هيڪاري اسان سڀ کل ۾ ڇڙيون هڻڻ لڳاسون ۽ خير سان ٻئي ڏينهن آئون بحال ٿي ويس، پر جيڪو مون کي ساندھ مهينو سائين امداد سان گڏ گذارڻ جو مليو، اهو منهنجي زندگي تي وڏا اثر ڇڏي ويو. مونکي سندس شخصيت ساندھ چوڏهين جي چنڊ وانگر نکريل نظر آئي. جنهن مون کي سندس آدرشن جي مئي تي مهراڻ ۽ خوب ٽٻيون هڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو. آئون جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه هوندس ته جيڪڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق ته، اهو مانوارو سيد امداد شاهه هو، جنهن تي سنڌ عاشق هئي. سندس ايم پي اي هاسٽل جي ڪمري نمبر ۶ تي، سڄي سنڌ جي ماڻهن جا ڪم سانگي انبوهه هوندا هئا. جڏهن ته انهن ماڻهن جي تڪن مان چونڊجي آيل ميمبرن جا دروازا هر سائيل تي بند هئا. پر هن فقير طبيعت انسان ڪنهن ماڻهو کي ايئن به نه چيو ته باباس تون ٻئي تڪ جو يا ٻئي ضلعي جو آهين، پوءِ چاهي اهو ڪم ڪنهن نوڪري جو هجي يا بهبود ڀلائي يا ڪنهن ترقياتي رٿا جو، هر ماڻهوءَ سان بنا رنگ نسل جي گڏجي ويندو هو ۽ وري انهي ڪم جي پروگريس به وٺندو هو هڪ ڏينهن مون چيومانس ته سائين سخت بيمار آهيو ٻيو ته اهي ماڻهو اوهان جا ووٽر به ڪو نه آهن ۽ ڇتا پيپلا به آهن، ڇڏيون ته وڃي پنهنجي پنهنجي ايم پي اي جي درن تي ڌڪا جهلين، جو اوهان کي هلائي، هلائي بيحال ٿا ڪريو وجهن، پاڻ فرمايائون ته بابا تون سمجهين ٿو ته آئون صرف سڪرنڊ تعلقي جو ايم پي اي آهيان پر ايئن نه آهي، آئون سڄي سنڌ جو نمائندو آهيان ۽ مون کي سنڌ جو هر ماڻهو پنهنجو لڳندو آهي ۽ پنهنجن سنڌ جي ماڻهن کي خصيص وزيرن جيڪي پنهنجي پيٽ ڀرڻ کان واندا نه آهن، انهن جي اڳيان ذليل ٿيندي ڏسڻ نه ٿو چاهيان، مون کي انهي وقت اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ شاهه لطيف جو هيٺيون بيت به دل تي تري آيو.

”جيها جي تيها، مارو مون مڃيا،

مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ ميها،

منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي“.

اهڙي پيار ۽ پاٻوهه وارا رويا ته هئس عام ۽ اڻواقف ماڻهن سان پر سنڌ اسيمبلي ۾ سندس ڪو به مٽ يا ثاني نه هو، سنڌ جي هر مسئلي تي جنهن بيباڪيءَ ۽ قابليت سان مسئلن جي اپٽار ۽ ان جي قبوليت ڪرائي انهي جو رڪارڊ ته سنڌ اسيمبلي ۾ محفوظ آهي نه صرف ايترو پر ضرورت پئي ته اسيمبلي ٻاهران عام قومي ڪارڪنن سان بک هڙتال تي ويهي رهندو هو، هڪ دفعي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ۽ آصف زرداري سندس مڙس گڏجي ڀينگ پئي ڪئي ۽ وزير صاحب به مال ميڙڻ ۾ پورا هئا ته اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي سائين امداد محمد ساهه هيٺون شعر پڙهيو ته عبدالله شاهه جيڪو ان وقت اسپيڪر هو، رڙ ڪري چيو ته هاڻ ٿو گاريون ڏئي.

”گرگ مير و سگ وزير و موش ديوان مي شود

زاغ ضابط خر تنابي، ملڪ ويران مي شود

سائين امداد، حافظ شيرازي جو شعر ته پڙهي ويو پر پوءِ اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو.

هڪ دفعي سائين سنڌ جي ڪنهن مسئلي تي اسيمبلي فلور تان تقرير ڪري رهيو هو ته انهيءَ دوران، وزيراعليٰ سائين قائم علي شاهه ايوان ۾ داخل ٿيو، تڏهن سندس مڇون رکيل هيون، سائين امداد کي وارو لڳو ۽ شاهه صاحب ڏانهن ڏسندي تقرير ۾ چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن مڇون رکيون ته حڪمراني ۾ ڪهڙو فرق پوندو.

سائين چوندو هو ته هڪڙي خواهش اٿم ته اسيمبليءَ ۾ بابا (جي ايم سيد) جي سيٽ تي وڃي ويهان معنيٰ اپوزيشن ليڊر ٿيان ۽ ايئن ٿيو. اڳئين اليڪشن ۾ اپوزيشن جي سيٽ تي ويٺو ۽ هڪڙي ماڻهو سڄي اسيمبلي ۾ نه رڳو سنڌ جي شاندار نمائندگي ڪئي پر اسيمبلي کي اڱرين تي هلايو، ڪٺ موشن، پر يو وليج موشن، ريزوليشن، پر يو وليج ڪاميٽيون، بجيٽ تقريرون ۽ تجويزون آئوٽ ۽ سوال جواب واري وقفي تي به ڇانيل رهندو هو،

مون کي ساڻس گڏ رهڻ جو الاهي فائدو ٿيو جو اهي سڀ شيون مون کي سمجهائيندو هو ۽ مون کان اڪثر لکرائيندو به هو، ايئن آئون به اسيمبلي جي قانون کان گهڻو واقف ٿي ويس، سندس بيوروڪريسي ۾ ايڏي عزت هئي جو کاتي جي وزيرن جي به نه هئي. ڇو جو سائين ذاتي ڪم ۽ خانچي بازي کان سوين ڪوهه ڏور هوندو هو، آفيسرن کي خبر هئي ته امداد شاهه ڪو به غلط ڪم نه چوندو، انهي ڪري هر آفيسر کيس تمام وڏي عزت سان پيش ايندا هئو. آئون جڏهن به ڪراچي ۾ هوندس هوس ته رهندو ئي وٽس هئس. چاهي اها حيدر منزل هجي يا ايم پي اي هاسٽل، مون ڌٺو ته اڪثر سيڪريٽري کيس لفٽ تائين ڇڏڻ ايندا هئا. اڪثر ڪم ڪار وارا سائين سان سيڪريٽري جي آفيسن ۾ گهڙي پوندا پر مون ايئن ڪڏهن نه ڪيو، هڪ دفعو فرمايائين گهڻا ڪامريڊ ٽوپي نرڙ تي رکي مون سان آفيسن ۾ گهڙي پوندا آهن پر تون منهنجي چوڻ تي به اندر نٿو هلين، انهي جو ڪهڙو سبب آهي؟ چيو مانس قبله آئون اچان ته اوهان لاءِ ٿو نه آفيسرن لاءِ ٻيو هر ڪم هو توهان جي ڪري ڪندا نڪو اوهان سان گڏ هلڻ وارن جي ڪري سو آئون ڇو هلان پوءِ خوش ٿي منهنجي پٺي ٺپريندو هو.

هڪ دفعو مون کي پاڻ ٻڌائين ته غوث علي شاهه صاحب کيس هڪ ڀيري چيو ته امداد سڀ ايم پي اي پلاٽن جي پٺيان آتا آهن ۽ هنن جي قانون مطابق هڪ هڪ جي Entitlement به آهي پوءِ تون ڇو نه ٿو گهرين، وڌيڪ چيائين تون گهر نه گهر مون تنهنجي لاءِ هڪ سٺو پلاٽ رکيو آهي، سائين وراڻيو شاهه صاحب مهرباني، پلاٽ انهن کي ڏي جن کي خدا بک ڏني آهي، مون کي جيڪڏهن ڏيئي سگهين ته ماڻهن جا ڪم ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏي باقي اهڙيون جي مون کي صلاحون ڏنئين ته پنهنجي برادري ختم ٿي ويندي. سائين امداد ٻڌايو ته غوث علي شاهه سمجهيو ته امداد ٿوري تي راضي ڪو نه ٿيندو، سو ڪجهه مهينن کانپوءِ واري ملاقات ۾ هڪ فليٽ سائيت جو نقشو اڳيان رکندي چيائين ته امداد هي مون تنهنجي لاءِ رکي آهي. غوث علي شاهه جو اهو چوڻ ۽ سائين امداد جو ٽپ ڏيئي اٿڻ، ڏوراپو ڏيندي چيائين مڙو ڪو نه ٿا، توهان منهنجي قيمت لڳايو ويٺا آهيو، توهان کي خبر آهي ته جڏهن مون سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فليٽ سائيٽ ڇا ڪندس. غوث علي شاهه صاحب شرمسار ٿي کانئس معافي ورتي ۽ وري ڪڏهن به اهڙي آفر نه ڪيائين، البت سائين امداد جي پبلڪ اسڪيمن تي خاطر خواهه ڌيان ڏيندو هو، اهڙي لالچ ۽ لوڀ کان پري رهڻ وارن کي شاهه لطيف هيئين سيگاريو آهي

”ٻجها ڪوه ٻجهن، ته سپن ۾ ڇا سچي،

ڦريو ڦهيارن کي، ورثو وات وجهن،

سنڌي ذات هنجن، مُنهن لايو موتي چڻي.

هڪ دفعيسائين امداد جي ورسي جي موقعي تي ادريس راجپوت سيڪريٽري ايريگيشن، انڪشاف ڪيو ته سائين امداد راجپوت هڪ الڳ پاڻي جي نالي جي اسڪيم کڻي آيو ۽ پوءِ انهي کجي مسلسل پيو پوئواري ڪندو هو، انهي تي راجپوت صاحب کي شڪ پيو ته شايد امداد شاهه پنهنجي ٻني لاءِ اها نالي ٿو ڪڍرائي انهي ڪري سيڪريٽري صاحب خود سر زمين ڏسڻ ويو جيڪا ضلعي نواب شاهه ۾ هئي کيس وڃي حيرت ٿي ته انهي ناليءَ جي ڪمانڊ ۾ رڳو غريبن جون زمينون هيون ۽ امداد شاهه جو هڪ ايڪڙ به نه هو. اصولن جي پاسداري دور انديشي ۽ پنهنجي والد جي ناياب روايتن کي برقرار رکڻ جا ڪجهه اهم واقعا به ٻڌندا هلو.

محمد خان جوڻيجي جي وزارت اعظميٰ دوران وزيراعظم صاحب سائين امداد کي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي. پهريائين ته  نياپن ۽ اڻ سڏي طريقي سان پر پوءِ ذاتي رابطو به ڪيائين ته مهرباني ڪري سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو قبول ڪريو، پر سائين جي ناڪاري جواب تي انهي وقت جي گورنر جهانداد خان کي اهو ٽاسڪ حوالي ڪيو ويو. ته ڪنهن به قيمت تي امداد شاهه کي وزارت اعليٰ لاءِ راصي ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن آئون ڳوٺان اچي هڪ بجي ڌاري حيدر منزل تي پهتس، ڏٺم ته سائين معمول جي خلاف تيار ٿي نڪرڻ وارو هو. آئين چڱو ٿيو جي آئين، توسان هڪ صلاح ڪرڻي اٿم، ڳالهه ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ چيائين ته تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي، جو آئون وڃان ٿو، گورنر صاحب منهنجي انتطار ۾ آهي، چيومانس ته سائين هڪ ته اوهان جو والد محترم نظر بند آهي ۽ ٻيو ته اوهان جي سنڌ جي باري ۾ هڪ الڳ سوچ آهي ۽ ڇا توهان کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ڪرڻ ڏيندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي عهدو ڏئي مهيني ٻن ۾ محمد خان جوڻيجي سميت اوهان کي گهر روانو ڪري ڇڏين ته پوءِ اوهان جي فيملي سياست خصوصن سائين جي ايم سيد جي سياست جو ڇا ٿيندو. پاڻ چيائين ته آئون اڳئي اهو سوچيو ويٺو هوس پر تنهنجو امتحان پئي ورتم، ايئن چئي پاڻ گورنر صاحب ڏانهن هليو ويو۔ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ واپس موٽي آيو آئون حيدر منزل تي موجود ئي هيس اچي حال احوال ڪيائين چيائين وڏي صاحب کان جند ڇڏائي آيس، شاهه لطيف ڇا خوب چيو آهي ته

”قوت نه قرار يا ڪاپڙي موهيا ڪنهن نه مال،

جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا“.

وڌيڪ گورنر صاحب چيو ته انهي فيصلي کيس وڏي حيرت ۾ وڌو آهي ۽ اهو به چيائين ته ڀلا جي اوهان نٿا ٿيو ته ڪنهن چڱي ماڻهو جو نالو ڏيو، جنهن کي وزيراعليٰ ڪيون، سائين چيس ته منهنجي نظر ۾ اوهان جي سيٽ اپ ۾ مون کي غوث علي شاهه صاحب کان ڪو بهتر ماڻهو نه ٿو لڳي، هو هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو آهي ۽ تعليم کاتي جو وزير به آهي، پوءِ ٿيو به ايئن غوث علي شاهه کي وزيراعليٰ مقرر ڪري کيس ڪنهن کان سيٽ خالي ڪرائي چونڊرايو ويو.

سينيٽ جي اليڪشن هجي پير پاڳاري صاحب پاران بوستان علي هوتي صاحب نامزد هو، سائين امداد ۽ آئون اسيمبلي مان شام جو حيدر منزل پهتاسون، خبر پئي ته هوتي صاحب آيو هو ۽ پير سائين جو فون به آيو هو. مون کي سائين چيو ته ڀڄ ته ڀڄون جو پير صاحب جو فون يا هوتي اچي ويو ۽ پير صاحب سان رابطو ڪرائي ڇڏيائين ته هو اسان جو وڏو آهي، جواب ڪو نه ڏئي سگهبو، جو ٻئي ڏينهن تي سينيٽ جي اليڪشن هئي. سو نوڪرن کي سمجهائي ڇڏيو ۽  اسان وڃي پراڻي ايئرپورٽ واري هوٽل۾ ويهي رهياسون. جو سائين جو چوڻ هو ته کيس ووٽ چاچي عبدالحميد جتوئي جي پٽ اعجاز کي ڏيڻو آهي. سڄي رات ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسون، ڪنهن کي خبر ڪو نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، ان وقت اڃا موبائل فون ڪو نه هيون، صبح جو سوير تيار ٿي سائين وڃي اعجاز جتوئي کي ووٽ ڪيو، نوڪرن ٻڌايو ته آخري دفعو هوتي صاحب رات جو هڪ بجي به آيو هو، ايئن سائين پنهنجي ضمير، والد جي دوست ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئي کي اتم رکيو.

ضلعي ۾ جتوئي صاحبن جي اثر گهٽائڻ خاطر پاڻ ڪوشش ڪري ضلعو نوشهروفيروز ٺهريائين ۽ نه صرف ايترو پر نوشهروفيروز ۾ سندن اثر محدود ڪرڻ خاطر غوث علي شاھ کي چئي مراد شاھ ڀريا واري کي وزير ڪرايائين. جيڪو جتوئي صاحب جو خاص ماڻهو هو ۽ سياست به انهن جي پٺيان ڪندو هو پر وزير ٿيڻ کانپوءِ شاھ صاحب جتوئي صاحبن کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت نوشهري ۾ شاھ صاحب وڌيڪ بااثر ٿي ويا. اهو ئي سبب هو جو سيد امداد شاھ تي قاضي احمد، نوابشاھ روڊ تي حملو ڪرايو ويو. پر خير سان سائين بچي ويو. کيس خبر پئي ته حاجي غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جيڪو سائين جي ايم سيد جو پڳ مٽ يار هو جي قبر سندس پونيئرن جي بي ڌياني ڪري زبون حالت ۾ آهي ته پاڻ نوابشاھ مان اسهي پورو هفتو ميرپور خاص ۽ جيمس آباد ۾ رهي سندس قبر ٻڌرائي پوءِ موٽيو. اهڙي طرح ٺوڙهي شهيدن جو يادگار به پنهنجهي نگراني ۾ ٺهرايائين.

جي ٻهراڙين جي لاءِ آفندي پبلڪ اسڪول به سائين امداد جي ڪوشش سان وجود ۾ آيو جو وزيراعليٰ کان اسڪول جي لاءِ پنج سو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرايائين. نوابشاھ ڀرسان نه رڳو صوفي شاعر حمل فقير جي مزار ٺهريائين پر سنڌ جي هن وڏي شاعر جو زبردست ساليانو ميلو پڻ لڳرايائين ۽ جيڪو اڃا جاري آهي سنڌ مدرسو بورڊ، سنڌ اسيمبلي، سيد ايسوسيئيشن، نوابشاھ ضلعي جون مختلف ڪميٽيون ۽ پاڪستان سياسي Alliance پونم ۾ به ڏاڍو فعال ڪردار ادا ڪيا آهن.

۾ سندس بصيرت ۽ تعميري تنقيد ۽ صلاح مشهورن تي هڪ دفعو عبدالرحيم مندو خيل چيو ته شاھ صاحب اها اسان قوم پرستن جي بدنصيبي آهي جو اوهان جهڙي نبض شناس ۽ زيرڪ سياستدان سان اسان جي ملاقات تمام دير سان ٿي آهي، جڏهن اوهانجي صحت گهڻي متاثر ٿي چڪي آهي. ٻيو ته ڇڏيو رسول بخش پليجي جهڙو ماڻهو جيڪو سواءِ پنهنجي تعريف جي ٻي ڪنهن تي اک به نه ڇنڊي اهو به امداد محمد شاھ جي حڪمت عملي ۽ سياست جي ساراھ جا ڍڪ پيو ڀريندو آهي.

ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. هڪ دفعو نان پارٽي ۱۹۸۵ واري اليڪشن ۾ ٻيو ڀيرو ۱۹۹۳ع ۾ سيد بشير شاھ احمد جي ڪوششن سان  پ پ سيد امداد محمد شاھ جي خلاف اميدوارن نه بيهاريو، انهنَ ٻنهي دورن ۾ سائين امداد سنڌ جي عام طرح ۽ پنهنجي تڪ جي خاص ڪري جيڪا خدمت ڪئي اها اڄ به ضرب مثل آهي. روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، هنري سکيا گهر ۽ بجلي وغيره سندس اهم ترجيحات ۾ هيون، انهيءَ لاءِ پنهنجون ذاتي زمينون ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو، مجيد ڪيريو جنهن ۾ سندس زمينون آهن اتي لڳ ڀڳ ۳۰ يا ۴۰ ايڪڙ زمين فوڊ کاتي کي مفت ڏيئي گدام ٺهريائين جيئن اتي پنجاھ سئو ماڻهو پنهنجو روزگار ڪري سگهن، هاءِ اسڪول ٺهرايائين ڇو ته پاڻ ٻارن جي پڙهائي ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو ۽ تقريبن هر هفتي ٻارن جي حاضري ۽ استادن جي حاضري جو پڇاڻو ڪندو هو. عام ماڻهن سان رويو بنا ڪنهن اوچ نيچ جي هوندو هوس، سخت بيماري جي حالت ۾ به هر ماڻهو سان ڪوشش ڪري اٿي بيهي ملندو هو ۽ ماڻهو جي سڃاڻپ جي بي پناھ صلاحيت رکندو هو. حيرت ته اها ٿيندي هئي جو ايندڙ ماڻهو ڏسي اهو ٻڌائي وٺندو هو ته هو ڪهڙي ڪم سان پيو اچي. هڪ دفعي آئون وٽس مجيد ڪيري ۾ ويٺو هوس ته هڪ ماڻهو پري کان ڏسي چيائين ته اهو همراھ ڦلاڻي ڪم لاءِ پيو اچي هو همراھ ڪافي دير ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ موڪلائي وڃڻ لڳو ته مون سائين امداد جي منهن ۾ معنيٰ خيز نظر سان ڏٺو پاڻ به کلي ڏنائين ۽ چيائين اهو اڳيان وڃي وري موٽندو ۽ ڪم چوندو ٿيو به ائين، مون چيومانس سائين ولي آهيو يا جوتشي بابا.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ ۾ بيباڪ ۽ بيرياءُ فيصلن ڪرڻ ۾ ٻن ماڻهن وڏي مشهوري ماڻي ۽ تمام پيچيده فيصلا وٽن اينداهئا، انهن ۾ نمبر پهريون عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ٻئي نمبر تي سائين امداد محمد شاھ هو.

سادگي جي ته انتهائي هئي. بلڪل، سادو درويش صفت ماڻهو هو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته دل چوي ٿي ته گيڙو ڪپڙا ڪري ٻڌ جو بڪشو ٿي گهران نڪري وڃان، منجهنس ڪو به ٺٺ ٺانگر نه هو اڪثر شادين ۾ مون کيس ڏٺو ته پويان پيل ڪرسين تي عام ماڻهن سان گڏ ويهي رهندو هو، جڏهن ته ٻين ٺڙڪو وڏيرن جو ڪنڌ اڳين پيل صوفن ڏانهن هوندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪاڄ ڌڻي ڊوڙندا ايندا ۽ کيس منٿون ڪري اڳيان وڃي ويهاريندا هئا.

دفعي جي ڳالهه آهي جو سندس ڊرائيور چيس ته سڀني ايم پي ايز پنهنجي گاڏين تي ايم پي اي جو مونو گرام لڳايو آهي نتيجن انهن  جي چيڪنگ وغيره ڪو نه ٿي ٿئي ۽ پاڻ کي جتي ڪٿي پوليس ۽ رينجرز وارا تنگ ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اجازت ڏيو ته آئون اهو مونو گرام لڳايان. سائين چيس ڇو پاڻ کيپون ٿا پاس ڪريون جو چيڪنگ مان جند ڇڏايون. منهنجي گاڏي تي مونو گرام نه لڳاءِ. آئون ڪڏهن ڪڏهن ساڻس گڏ سفر ڪندو هوس. جتي پوليس يا رينجرس روڪيندي هئي ته پاڻ بنا چوڻ جي گاڏي مان لهي بيهندو هو ۽ انهن کي اشارو ڪندو ته چيڪ ڪري وٺو ۽ تعارف پڇڻ تي ايم پي اي وغيره ڪو نه ٻڌائيندو هو بلڪه فقط چوندو ”امداد“ مونکي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي آئون چوندو هوس ته سائين تعارف ڪرائڻ ۾ به ڪنجوسي ٿا ڪريو ته چوندو هو ته سڄو تعارف ڪرايان ته هو باادب ٿي ملن، انهي جي مون کي ضرورت ڪونهي.

جو اهو عالم هو جو ممتاز علي خان ڀٽو جڏهن اقتدار کان آئوٽ هو ۽ نوابشاھ وارد ٿيو ته ڪنهن سندس ماني نه جلهي پر امداد شاھ توڙي جو سياسي طرح ممتاز خان سان گڏ نه هو پر سندس مان ۾ شاندار دعوت ڪئي پوءِ خير سان ممتاز علي خان نگران وزيراعليٰ ٿيو ۽ نوابشاھ آيو ته سائين امداد جيڪو ان وقت سخت بيمار هو. ان جي عيادت لاءِ به  نه لڙيو. ائين جڏهن آصف زرداري عتاب هيٺ هو ۽ جيل ۾ هو ته ڪمن ڪارن لاءِ سائين امداد ڏانهن چٺيون لکندو هو ۽ چاچا لکي خط ۾ مخاطب ٿيندو هو پر جڏهن زرداري صاحب پاور ۾ آيو ته سائين امداد گذاري چڪو هو پر زرداري صاحب عذر خواهي لاءِ به نه لڙيو. نه فقط ايترو پر سائين امداد جي نوابشاھ واري گهر ۽ پلاٽ تي به قبضي جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جي زرداري صاحب لاءِ سيڪيورٽي مسئلو آهي، جو المرتضيٰ هائوس، زرداري هائوس جي پاسي ۾ آهي. پر سائين امداد جي لائق پٽ زين شاھ ڦڏي جي تياري ڪئي ته وري زرداريءَ ڏوڪڙن تي وٺڻ جي ڪوشش پر سائين زين اهو نه مڃيو.

آر ڊي واري تحريڪ ۾ جڏهن قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهل چانڊيو وٽ فوج ڪارروائي ڪندي ٻارنهن چوڏانهن ماڻهو ماري وڌا ته خوف هراس کان ماڻهو ڳوٺ ڇڏي ويا پر اهو سائين امداد محمد شاھ هو جنهن ڊاڪٽر منظور کي اسپتال روانو ڪري لسٽ ورتي ته ڪهڙا مري ويا۽ ڪهڙا زخمي آهن ۽ پوءِ جنازن دفن ڪفن جو انتظام ڪيو ۽ جنازي نماز پڙهي. جنهن ۾ هڪ به پيپلو يا جيالو شريڪ نه ٿيو  صرف سائين امداد ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽر منظور خشڪ، اسماعيل وساڻ ۽ انور شيخ وغيره شامل ٿيا.

ابڙو وڏ وڙو، سوڙو سمون سونهن سڀن

تنهن در سڀ اچن، ته ڪڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي

تڪ وارن کي ڇا ته ڏنائي، هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول روڊ، بجلي، واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ ڊرينيج سسٽم. انهن شين جي ڏيڻ جو انداز مون پوري سنڌ ۾ ڪٿي ڪو نه ڏٺو. مون سڄي سنڌ ۾ نوڪري ڪئي آهي جتي عام طرح وڏيرا، ٺيڪيدار سان ساز باز ڪري يا ته پئسا هڙپ ڪري ويندا آهن ۽ ناقص ڪم ڪرائيندا آهن يا وري ڪو چڱو وڏيرو يا ايم پي اي، ايم اين اي هوندو آهي ته صرف پنهنجن ووٽرن کي اسڪيمون ۽ نوڪريون ڏيندو آهي هاڻ ته، هر شئي نيلامي تي آهي حد ته اها آهي ته ڪڻڪ جي سيزن ۾ فوڊ ڊپارٽمينٽ کان بارداڻو وٺي کپائي ڇڏيندا آهن. پر ٿوري ڄاڻ سائين امداد جي تر جي به وٺو. هر ڪم ميرٽ تي هڪ وڃي آئون ويٺو هوس ته هڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس آيو ۽ چيائين اسان سدائين توهان کي ووٽ ڏنا آهن پر توهان اسڪيمون۽ اسڪول توهان جي ۽ اسانجي مخالفن کي ڏنو آهي اهو صحيح نه آهي. سائين چيس ته بابا تنهنجي ڳوٺ ۾ گهر گهڻا آهن ۽ گهڻيون نياڻيون پڙهڻ لائق آهن. وڏيري چيو ته سائين پندرنهن ويهه گهر آهن  ۽ اٺ، ڏھ ڇوڪريون پڙهڻ جيڏيون آهن، سائين پڇيس ته پنهنجي مخالفن جي ڳوٺ جي وسندي گهڻي آهي چيائين ته ان ۾ چاليهه پنجاھ گهر آهن ۽ ٽيهارو کن ڇوڪريون پڙهڻ جيتريون هونديون پر آهن ته پنهنجا مخالف، سائين چيس ته بابا ڏاهو ٿي آئون ايڏي وڏي ڳوٺ کي ڇڏي، انهن کي سهولت کان رڳو انهيءَ ڪري محروم ڪريان جوهي مون کي ووٽ نٿا ڏين ۽ تون ئي ٻڌاءِ ته هو پنجن سالن لاءِ ٻيو نمائندو ڪٿان آڻين، انهيءَ ڪري چونڊجي وڃڻ کانپوءِ آئون مخالف چاهي مواقف جو نمائندو آهيان آئون حيران رهجي ويس سوچيم ته منهنجي ڳوٺ جا وڏيرا ته گٽر جي نالي به پنهنجي مخالف پاڙي کي ڪو نه ڏين ۽ سچي پچي سوچيندو هوس ته ڪاش سائين امداد سان، سائين جي ايم سيد جي سياست جي ريڊ لائين نه هجي ها ته هو پنهنجو بلاخوف، بيريا ۽ مدبرانه صلاحيتون استعمال ڪري سنڌ کي گل ۽ گلزار ڪري ڇڏي ها.

چاچي حاڪم علي زرداري سان به ڪچهريون تي ويندو هوس  ۽ هو سنڌ جي هر سيد جو نالو وٺي گُٿا لفظ ڳالهائيندو هو. سواءِ سائين امداد محمد شاھ جي،  بلڪه سندس تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو. هڪ دفعي آئون قاسم مير جت سان گڏ سندس ڪلفٽن واري بنگلي تي ملڻ ويس ته ڪچهري ڪندي اچي سنڌ جي سيد تي شروع ٿيو سائين امداد جي ته تعريف ڪيائين پر سائين جي ايم سيد جي نالي سخت گُٿا لفظ ڳالهايائين. مونکان، اهو سٺو نه ٿيو، جهڙو گٿو لفظ سائين وڏي کي ڳالهايائين اهڙو ئي مون کيس اتي جو اتي جارحانه انداز ۾ چيو ۽ آئون ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ۽ پيلو ٿيس ويس. چاچي حاڪم علي، قاسم ميرجت کي چيو ته ابا نوجوان کي روڪ هي ته مورڳو مونسان وڙهي ٿو. انهي ڏينهن کانپوءِ آئون وري ڪڏهن حاڪم عليءَ وٽ نه ويس.

ٻي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته سائين امداد ۽ سائين جي ايم سيد جي طبيعتن ۾ هڪ وڏو تضاد هو. سائين وڏو Optimist هو ۽ سائين امداد ان جي برعڪس pessimist هو. مطلب ته سائين وڏو ٻين ماڻهن يا شاگرد تنظيمن ۾ اميدون وڌيڪ رکندو هو، انهي ڪري سندس سياست مان پڇاڻو نڪتل هو. جڏهن ته سائين امداد Practical ماڻهو ۽ هر ڪم جي خامين تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هو ۽ منهنجي ٿوري گهڻي مطالعي مطابق دنيا جا گهڻا انقلابي pessimist هئا يا practical هئا. جنهن ڪري پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب رهيا اهو ئي سبب هو جو سائين امداد، چئي سنڌ واري سياست  کان پاسيرو رهيو ۽ سائين وڏي وٽ پڇاڻي جي عمل سست هجڻ ڪري ”جيئي سنڌ“ ڊزن کان مٿي ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي بلڪ منهنجو ايماندار خيال ته اهو آهي ته ڌڙن جي گهڻائي سائين وڏي کي پنهنجو Cover ٺاهي پنهنجي پنهنجي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لڳل هئي. نتيجو اهو ٿيو ته اڄ اهي تنظيمون نه رڳو حڪمت عملي کان خالي آهن پر سندن اڪثر ليڊرن کي دنيا جي سياست جي به ڪا خبر چار ناهي ۽ نه ئي اهي ڪنهن Talk Shows ۾ ڳالهائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

سائين وڏو گذاري ويو ته آئون ڪجهه وڏن قومپرست ليڊرن سان سن ۾ رهيل هوس. سائين وڏي جو وڇوڙو انهن کان برداشت نه ٿيو سو غم کي غلطان ڪرڻ لاءِ پهرين رات سن جو ٺرو گهرايائون، آئون ڪجهه ڪڇي نه سگهيس. صبح انهن مان ٻن وڏن ليڊرن، جن کي پنهنجون پارٽيون هيون. مونکي چيو ته اوهان سان سائين امداد تمام گهڻون ٿو ٺهي ۽ سائين وڏي جي گذارڻ کانپوءِ اهي ڌڙا هڪٻئي جي سامهون اچي ويندا، انهي ڪري سائين امداد کي چئو ته هو پاڻ اڳواڻي ڪري. مون به وجهه وٺي ۽ سائين جو موڊ ڏسي پنهنجي پاران سائين امداد وٽ اها تجويز رکي. پهرين ته هو منهنجي منهن ۾ سواليه انداز ۾ تڪيندو رهيو پوءِ پڇيائين توکي اهو ڪنهن چيو آهي. مون ڪوڙ ڳالهايو ته اها منهنجي پنهنجي سوچ آهي، انهي تي مونکي چيائين انهن ليڊرن صاحبن کي وڌيڪ آئون سڃاڻان يا تون! آئون خاموش ٿي ويس ۽ ليڊر صاحبن کي ڪو به جواب ڏيڻ کان ڪنٽار ڪري ويس.

سال ۱۹۹۵ع جي ڳالهه آهي ته سائين امداد گهڻو بيمار هو مونکي ۽ ڊاڪٽر منظور کي چيائين ته مون سان گڏ لنڊن هلو، جتي سندس چيڪ اپ رٿيل هو. پر گڏوگڏ ورلڊ سنڌي ڪانگرس جو ساليانو ميڙاڪو به هو. آئون ۽ سائين بشير احمد شاھ ساڻس گڏ وياسون ۽ سندس تيمارداري ڪئي، اسان جڏهن لنڊن پهتاسون. ته اها به خبر پئي ته ولي خان صاحب به دل جو آپريشن ڪرايو آهي. سائين چيو ته چيڪ اپ واري تاريخ ۾ اڃا ٻه ٽي ڏينهن آهن هلو ته ولي خان صاحب کان طبيعت پڇي  اچون، سو برهمنگم وياسون، اتان ساڳئي ڏينهن موٽي آياسون، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ميڙاڪي جي ڪري اُتي جيئي سنڌ جا وڏا جبرا ليڊر به لٿل هئا، انهن مان هڪ ته هاڻي جيئي سنڌ ڇڏي ڪنهن اقتداري پارٽي ۾ شامل آهي.

جڏهن انهن کي خبر پئي ته سائين امداد ولي خان وٺان ٿي آيو آهي ٻئي ڏينهن سردار عطاءُ الله خان مينگل ڏانهن سنڀريل آهي ته هڪڙي ليڊر صاحب، مونکي چيو ته جيئي سنڌ جا ته اڳواڻ اسان آهيون، امداد ته ان ۾active آهي ڪو نه پر سائين جي ايم سيد جي پٽ هجڻ جي ناتي، هن جي وڏي حيثيت آهي، ۽ اسان کي پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃڻ ڪري سندن ساک تي ناڪاري اثر مرتب ٿيندا، تنهن ڪري توهان سائين امداد کي سمجهايو ته اسانکي به پاڻ سان کڻي هلي، مون مهربان اڳواڻ کي چيو ته ڪو وجهه وٺي ضرور سائين سان ڳالهائيندس. رات جو ڪچهري، ڪندي مون سائين وٽ اهو ڪيس هن انداز ۾ رکيو ته سائين توهان مختلف سياسي ماڻهن سان ملو ٿا پر توهان جيئي سنڌ جا نمائندا ته نه آهيو، هتي ٻه جبرا اڳواڻ جيڪي سائين وڏي جا ويجها ساٿي آهن انهن کي ساڻ نه کڻڻ، انهن جي پوزيشن خراب ڪرڻ جي برابر آهي جو سياسي ڌريون انهن تي اعتبار يا اعتماد نه ڪنديون انهي ڪري اوهانکي اهو مناسب نٿو لڳي جو اهم سياسي ماڻهو ملڻ مهل انهن کي نظر انداز ڪريو. بعد ۾ پڇيائين ته ليڊر صاحبن اهڙي شڪايت ڪئي آهي ڇا، مون وراڻيو نه سائين، آئون پاڻ اهو بهتر ٿو سمجهان جو سائين وڏي جا نمائندا ته هو آهن توهان ته ڪو نه آهيون، جواب چيائين ته جيڪڏهن آئون هنن کي وٺي ويندس ته اها انهن تي اعتماد جي confirmation ٿي ويندي، پوءِ هو پنهنجي اصل ڌنڌي چندي خوري ۾ لڳي ويندا.

مون کڻي بس ڪئي ۽ اهو جواب ليڊر صاحب کي ٻڌائڻ جي سگهه نه ساري.

سائين امداد ۾ ڪنهن مسئلي جي تهه تي پهچڻ ۽ Observation جي صلاحيت گهڻي هئي جيڪو مون جهڙو عام ماڻهو Notice نه ڪندو هو. هڪ دفعو هيئن ٿيو جو آئون ساڻس گڏ حيدر منزل پهتس ته سائين نوڪرن کي سڏي چيو ته هن هر ڀيري حيدر منزل تي اوپرا ۽ واپاري ٽائيپ ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي کيس به نه سڃاڻن، اهي ڪير ٿو وٺي اچي. نوڪرن چيو ته سائين ڦلاڻي ليڊر لاءِ ايندا آهن پوءِ ڪلاڪ کن ويهي ليڊر سان ڳالهائي هليا ويندا آهن ۽ هر ڀيري مختلف ماڻهو هوندا آهن، سائين نوڪرن تي تپي باهه ٿي ويو. چئي اوهان کيس ڇو نه ٻڌايو. نوڪرن انهن ليڊرن جا نالا کنيا جيڪي شرم کان آئون هت ڪونه ٿو لکي سگهان، سائين حڪم ڪيو ته سندس ڪمري کي تالو هڻي ڇڏيو ۽ انهن ليڊرن کي حيدر منزل تي اچڻ نه ڏيو، اهي حيدر منزل کي ڀتي خوري جو اڏو ٺاهيو ويٺا آهن، حالانڪه مون به اهڙا ايندڙ ويندڙ کوڙ ڀيرا ڏٺا پر مون انهيءَ پهرائي ۽ انهن صاحبن کي ڪڏهن به ڪو نه پرکيو هو.

سائين امداد پنهنجي آتم ڪٿا ڪجهه هيئن ٻڌائيندو هو ته، ٻنهي ڀائرن معنيٰ سائين امير حيدر شاھ جيڪو سندس وڏو ڀاءُ هو ۾ ٿوري گهڻي اڻبڻت ننڍي هوندي کان رهندي هئي ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تان سائين امير کيس پيو ڪُٽيندو هو بقول سائين امداد جي ته، مارڪٽ دوران هن وڏي ڀاءُ جي سامهون ڪڏهن هٿ به نه کنيو ۽ اها مارڪٽ جاري رهي. جڏهن امداد کي پهريون دل جو دورو پيو ته اها مار، بند ٿي، انهي ڪري سائين وڏي سائين امداد کي مجيد ڪيريي ٻه سئو کن ايڪڙ جيڪا غير آباد ٻني هئي ڏيئي سن مان روانو ڪري ڇڏيو. جيستائين زمين وغيره آباد ٿئي. تيستائين سائين مڙنيءَ نوابشاھ ۾ وڪالت ڪندو ۽ پيٽ پاليندو هو. ۽ ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن چاچو قاضي فيضن محمد کيس گاڏي ڏيندو هو جيڪا کيس مجيد ڪيري( جيڪو سڪرنڊ کان اٺ، ڏھ ڪلوميٽر کن پري هو) ڇڏي ويندي هئي ور نه اڪثر ٽانگي ۾ ايندو ويندو هو پوءِ آهستي آهستي زمينون به آباد ٿيون ۽ مجيد ڪيرئي ۽ نوابشاھ ۾ پير کوڙيا. سائين اهو ٻه ٻڌائيندو ته محرابپور وارو حاجي حسن بخش شاھ سائين وڏي (جي ايم سيد) جو دوست نه پر جهڙو سڳو ڀاءُ هئو. سائين حاجي حسن بخش جي ٿورڙي سياسي ڪناره ڪشي ڪري سندس ئي نوازيل امام علي انڙ ايتري مڳي ڪري ويو جو سندس پٽن شبير احمد شاھ ۽ بيشر احمد شاھ کي پيو ڊوڙائيندو هو، پر نيٺ سائين امداد ۽ بشير شاھ گڏجي سياسي طرح وڃي انڙن کي اهڙو گهر ڀيڙو ڪيو جو وري نه اڀري سگهيا، هڪ دفعو ڳالهه ڪيائين ته ماڻهو ڪيڏو نه ڪمزور هوندو آهي جو کيس جڏهن محروم ڀٽي جي ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويو ته سندس ضمانت لاءِ بمع چاچي قاضي فيض محمد جي جيڪو جي ايم سيد جو دوست هو، ڪو به نوابشاھ ۾ وڪيل ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. لک آفرينيون هجن استاد رشيد وڪيل کي جنهن اردو ڳالهائيندڙ هوندي به سندس ضمانت جي درخواست دائر ڪئي ۽ ضمانت ڪرائي ۽ ٽڪو به نه ورتائين.

سائين امداد جهڙو پاڻ ڀلو ماڻهو هو اهڙو ئي سندس Aesthetic Sense به اعليٰ درجي هو. وٽس روايتي انداز ۾ ڪچهريون، رهاڻيون به جاري رهنديون هيون، انهن ۾ هر مڪتب فقر جا ماڻهو موجود هوندا هئا جنهن ۾ پنجابي، اردو، سنڌي ۽ ڪٽر مذهبي، ڪميونسٽ، قوم پرست سڀ هوندا هئا ۽ اهڙيون سُريليون ڪچهريون جنهن ۾ سيد، پير، شيخ ۽ ماڇيءَ جو به فرق نه هوندو هو ۽ هر قسم جو نظرياتي يا غير نظرياتي بحث کل ڀوڳ، ڊاڙ ٺڪاءُ ۽ هڪ ٻي سان حجتون پيون هلنديون هيون. پان لتا مگيشڪر، بڙي غلام علي ۽ منظور علي کي اختري ٻائي شوق سان ٻڌندو هو، نوابشاھ ۽ مجيد ڪيريي ۾ ڪجهه سندس مستقل ملاقاتي ۽ ڪجهه غير مستقل دوست احباب پيا شريڪ ٿيندا هئا. ۽ انهن سڀني ڪچهرين جو سرموڙ ڊاڪٽر منظور خشڪ هوندو هو، جنهن کانسواءِ ڄڻ ته ڪچهري اڌوري هوندي هئي. مستقل دوستن ۾ بشير احمد شاھ، اسماعيل وساڻ، ابراهيم ڇٽو، چاچو الهداد آگرو، شعبان ڀٽي، انور شيخ، لياقت آرائين، سائين محمد شاھ(ڦنڊر) چاچو يوسف ميمڻ، غلام مصطفيٰ ميمڻ (سي ايم او) ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايندڙن ۾  ۾ چوڌري مجيد، ڪامريڊ حميدي، حاڪم علي زرداري، فدا ڏيرو، سائين شاھ محمد شاھ، زمان شاھ، چاچو علڻ، سائين بشير احمد شاھ، سڪندر ڀنگوار، غلام مصطفيٰ ڪورائي راقم ۽ انيڪ ماڻهو جن جا نالا ياد نه اٿم.

ڪراچي ۾ حيدر منزل تي جيڪي مستقل دوست سائين وٽ ايندا هئا. انهن ۾ راقم سرفهرست هو. باقي ٻين دل گهرين ۾ ڪيپٽن ذلف، ابراهيم آگرو، مشتاق شيخ، سيد بشير احمد شاھ، سڪندر ڀنگوار ڪڏهن ڪڏهن وارن جي لسٽ تمام وڏي آهي. پر پاڻ ڪراچي ۾ هوندي جن دوستن ڏانهن ڪچهري لاءِ ويندو هو. انهن ۾ چاچو غلام مصطفيٰ شاھ (اڳوڻو وفاقي وزير) سائين مرحوم نور احمد شاھ(اڳوڻو سيڪريٽري)، سيد عبدالله شاھ، سيد علي قطب شاھ، جنهن کي پاڻ حجت مان ٿري ڍڳو چوندو هو. سيد سجاد علي شاھ، محمود هارون، سائين غوث علي شاھ، سيد افضال حيدر، احمد علي قريشي، چاچو غلام مصطفيٰ ڀرڳڙِ، سيد مراد علي شاھ ڀريا وارو، ابراهيم آگرو، ڪيپٽن ذلف مولانا شاھ احمد نوراني، سيد انتظار حسين زيدي، اختر جي قاضي، چاچو عبدالحميد جتوئي، سردار عطالله خان مينگل وغيره وغيره انهن سڀني مان ڪجهه اهڙا سائين جا ويجها خدمتگذار دوست هئا جن کي سائين جا ”نورتن“ سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر منظور، اسماعيل وساڻ ۽ هن مضمون جو ليکڪ شامل هو. اسان تي پاڻ نالا الڳ الڳ رکيا هئائين. هڪ ڏينهن سائين کي مون جنگ صفين جو واقعو ٻڌايو جيڪا حضرت علي ۽ حضرت معاويه جي وچ ۾ ٿي هئي، انهن ۾ عمر بن عاص جيڪا حرڪت ڪري حضرت علي مان جند ڇڏائي، جنهن جو ذڪر ڪري حضرت معاويه عمر بن عاص، جو مذاق اڏائيندو هو. سائين امداد کيس چيو ته اڄ کانپوءِ پنهنجو عمرو بن عاص ڊاڪٽر منظور آهي ۽ انهيءَ نالي سان سڏيندو هوس. اسماعيل وساڻ جيڪا ڪچهري ڪندو هو ته ان ۾ ڪو به جذباتي انداز نه هوندو هو ۽ ڊاڪٽر منظور جي صلاح تي اسماعيل وساڻ جو نالو پئجي ويو فرحتي حرامي، البت آئون ٻه درجا پڙهيل هوس ۽ تاريخي بحثن ۾ پيو الجهندو هوس ته مونکي پاڻ شيخ المشائخ سڏيندو هو ۽ ڪڏهن به فدا ڪري نه سڏيائين.

سائين امداد دل جو به مريض، شوگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو به مريض ۽ اڪثر اسپتال داخل ٿيندو رهندو هو پر جڏهن ڊاڪٽر سختي سان ملاقات تي پابندي لڳائيندا هئا ته به چوندو هو ته فدا ۽ منظور کي اندر موڪليو جنهن تي سائين جلال شاھ اسان تي پيو ناراض ٿيندو هو ۽ اسان پاڻ به پيا ڪترائيندا هئاسون پر سائين ضياءُ شاھ اسانکي لڪائي. اندر موڪليندو هو ۽ چوندو هو ته اوهان جي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ سائين جي طبيعت بهتر ٿي ڪري. هڪ دفعو سائين امداد OMI اسپتال داخل هو پر سندس طبيعت ۾ ڪو به فرق نه آيو. ڊاڪٽر منظور سائين سان مذق ڪندي چيو ته ڊاڪٽر پروفيسر مسعود حميد جي اوهان جي فيملي مارڻ تي آنٽي تتل آهي جو سائين جي ايم سيد ۽ جيجي درشهوار کي به ماريو اٿئين هلو ته هلون جناح واري cardiovascular ۾ نه ته خير نه اٿو! پاڻ ڏاڍو کليو ۽ فورن ڇوڪرن کي گهرائي چيائين بابا هتان هاڻ جو هاڻ ڪڍ جتي ڊاڪٽر منظور چوي ٿو اتي هلي داخل ڪريو. ائين ٿيو ته جناح اسپتال ۾ سائين امداد ٻن ڏينهن ۾ ئي بهتر ٿي ويو.

(هلندڙ)

سائين امداد جي يارهين ورسي جي موقعي تي




سيد امداد محمد شاھ جي ياد ۾

غلام حسين جوڻو

سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاھ به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوھ جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون.

سائين امداد محمد شاھ، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهيءَ ڪردار مان، معلوم ٿئي ٿو ته شاھ صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان دوران سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن. هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منور ڪري، انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران مذڪوره اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاھ صاحب گهر، گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالھ آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي.

ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاھ کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا.

سيد امداد محمد شاھ امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ “وانگر، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. سندس خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باھ جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجھ ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سمورين رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سيد امداد محمد شاھ رهزن، قاتل، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهن کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر “حمل فقير لغاري” جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزار تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهيءَ ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ علم، دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي.

ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس، ٻجن، پاڻي جي استعمال، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا.

مطلب ته سيد امداد محمد شاھ هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي. سندس وڇوڙي جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو.

اڄ اسان سندس ڪيل عوامي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته مولا پاڪ سندس مزار تي بيشمار رحمتون نازل فرمائي. اها به دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس پونيئرن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاھ)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز، ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع)


امداد محمد شاھ

هڪ تاريخ ساز شخصيت

قاضي جاويد سنائي

جڳ مشهور سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاھ توڙي جو ايشيا جي نالي واري مفڪر اعظم ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو فرزند هو پر هن پنهنجي عملي ڪردار سان پنهنجي سڃاڻپ الڳ ڪرائي، سندن ذات ھڪ گھڻ رخي شخصيت ھئي۔ ڏٺو وڃي ته ھر انسان جي شخصيت گھڻ رخي ھوندي آھي پر تمام ٿورا ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جن جي شخصيت جو ھر رخ شاھوڪار ھجي۔ سندس ذات جون نمايان خصوصيتون هيءَ هيون، شاندار تعليمي پس منظر (اھڙي دور ۾ تعليم يافته ھجڻ، جڏھن تعليمي سھولتون اڻلڀ ھيون. نمايان سياسي، تعليمي ۽ روحاني خانداني پس منظر، زراعت جي گهري ڄاڻ، اعليٰ سماجي ورڪر، مثالي سماجي منصف. امداد محمد شاهه ابتدائي پرائمري تعليم سن ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيائون. قانون جي ڊگري حيدرآباد لا ڪاليج مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻه سال وڪالت ڪئي. پاڻ سٺ جي ڏهاڪي ۾ سن کان سڪرنڊ جي علائقي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سياسي ڪيريئر جي شروعات عوامي ليگ کان ڪئي. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به پارٽيءَ ۾ حصو نه ورتائون.

امداد محمد شاھ سڄي حياتي جمهوريت جو پرجوش حامي رهيو. پاڻ ايوب خان جي مارشل لا خلاف ۽ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتائون. قوم پرست سياست جي باني شخصيت غلام مرتضى شاه جو فرزند ھجڻ باوجود امداد محمد شاھ پاڻ کي پارٽي سياست کان پاسيرو رکيو۔ سڪرنڊ ۽ ان جي پس گردائيءَ ۾ پارٽي سياست، پيري مريدي، سرداري، ذات پات کان پاسيرو رھي سماجي سياست جو تصور امداد محمد شاھ ڏنو۔ سندن ذات جو محور اجتماعي تعليمي، سماجي خدمت ھئي۔ پاڻ پارلياماني سياست ۾ اچڻ کان پھرين، ۽ پوءِ انفرادي تعلقات ۽ مفادات کان بالاتر ٿي ھميشه عوام جي اجتماعي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھئا۔ تعليم ۽ صحت جي شعبن سان سندن ڪمٽمنٽ انتھا درجي جي ھئي، پاڻ ذاتي، سماجي ۽ سياسي ڪوششون وٺي اسڪول، صحت جا بنيادي مرڪز نه صرف منظور ڪرائيندا ھئا، بلڪه انھن جي تعمير دوران ۽ ٺھڻ کانپوءِ عملي طور ڪم دوران ان جي انتھائي دلچسپي سان مڪمل پوئيواري ڪندا ھئا۔ سندن عام عادتن ۾ شمار ھو ته جڏھن ڪٿي اسڪول يا صحت مرڪز جي تعمير ٿيندي ھئي ته پاڻ موقعي تي اچانڪ پھچي ڪري معيار جو جائزو وٺندا ھئا۔ ڪنھن ڳوٺ ۾ يا رستي تي ڪو ٻار اسڪول ٽائيم تي ڏسندا ھئا ته اسڪول پھچي استادن کان آڏي پڇا ڪندا ھئا۔ اسڪول ۽ صحت مرڪز ۾ ذاتي ڪوششن سان قابل استادن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جي پوسٽنگ ڪرائي انھن جي حاظري کي يقيني بنائيندا ھئا۔ عام ماڻھن جي فلاح تعليم ۾ سمجھڻ ڪري سندن خاص دلچسپي تعليم سان رھي ۽ هن آسپاس جي ڳوٺن ۾ کوڙ سارا تعليمي ادارا ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽر منظو ڪرايا.۱۹۷۹ع ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھ جا ميمبر منتخب ٿيا. ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ آزاد حيثيت ۾ سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيا، سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيڻ کانپوءِ پاڻ حڪومت ۾ شامل ٿي وزارت حاصل ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ کان، اپوزيشن ۾ ويھي سنڌ جي اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاري اصولي سياست جو اهڙو شاندار مثال قائم ڪيو جنهن تي تاريخ جو ڳاٽ اوچو آهي. ان وقت سنڌ جي پاڻيءَ جي حق ۽ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف سندن سنڌ اسمبلي جي ڏاڪڻ تي ڪيل بک ھڙتال ۽ احتجاج تاريخ جو حصو آھي۔ سماجي سطح تي بحيثيت منصف سندن ڪيل فيصلن کي سنڌ جي سطح تي ساراھيو ويندو رھيو آھي۔ سنڌ جي تاريخ ۾ جڏھن به سماجي خدمت، علم دوست ۽ بي داغ قيادت تي ورق لکبا ته انھن تي امداد محمد شاھ جو نالو نمايان سنهري لفظن طور جرڪندو. ۳۰ ڊسمبر اڄ سندس ۸۷ هون جنم ڏينهن آهي.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



سائين امداد محمد شاهه

سنڌ جو هڪ متحرڪ ۽ سڄڻ سياستدان

 

حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته سنڌ اها زرخيز ڌرتي آهي، جنهن جي ڪک مان انيڪ متحرڪ ۽ معتبر شخصيتن جنم ورتو آهي ۽ سنڌ جي اهڙين ئي باشعور ۽ متحرڪ شخصيتن مان سائين امداد محمد شاهه به هڪ هو، سائين امداد محمد شاهه، سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”سن“ جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ هو ۽ هن، سنڌ جي عظيم سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۵ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو.، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ آيل معلومات موجب، سائين امداد محمد شاهه ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۹۴۸ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، ته دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. ان کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان ۱۹۵۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدرشاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد سائين جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. اهڙيءَ طرح پاڻ بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، ۱۹۶۵ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. سائين امداد محمد شاهه، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ۱۹۵۶ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس جا ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين. امداد محمد شاهه، ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. شاهه صاحب، نوابشاهه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايائين. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو. سائين امداد محمد شاهه سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت ’پونم’جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. سائين امداد محمد شاهه جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران ۱۹۹۹ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جڏهن ته ان کانسواءِ به سندس شخصيت تي ڪتاب ۽ آرٽيڪل شايع ٿيل آهن، سندس وفات ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ ۲۰۰۷ع کان ڪم ڪري پيو، اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته سائين امداد محمد شاهه سنڌ ۾ جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي فرزند هئڻ جي ناتي سان عملي طور تي سنڌي ماڻهن کي علم ۽ شعور جي حوالي سان سجاڳ ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي طور تي هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ به سندن تڪ جا ووٽر ۽ ٻيا ماڻهو انتهائي مان ۽ مرتبي سان کيس ياد ڪن ٿا، يقينن سيد امداد محمد شاهه سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ متحرڪ ۽ معتبر سياستدان طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو ۽ يقيني طور تي پنهنجي عملي، اخلاقي، ڪردار جي ڪري هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ وسيل آهي، جڏهن ته سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن جي تسلسل کي سندس لائق فرزند سيد زين شاهه ۽ سيد جلال محمود شاهه اڄ به قائم رکيو اچن ٿا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا