; سنڌي شخصيتون: استاد نياز حسين

19 May, 2016

استاد نياز حسين

استاد نياز حسين

مُصطفيٰ ملاح/ ڪراچي



گواليار گهراڻي سان تعلق رکندڙ، موسيقار مرحوم استاد نياز حسين جي اڄ يعني ۰۷ فيبروري ۲۰۱۳ع تي ۲۱ هين ورسي آهي.


استاد نياز حسين صرف هڪ موسيقار نه، پر هڪ ئي وقت موسيقيءَ جي گَهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ ئي وقت وائلن، هارمونيم، سِتار، طَبلو، پِيانو، بينجو ۽ ٻيا سازَ مهارت سان وڄائيندو هو، هن پُوري حياتي فن کي اَرپي ڇڏي، استاد نياز حسين، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن کي متعارف ڪرايو، جن ۾ راڳ جي راڻي عابده پروين، وحيد علي، رَجب علي، ذوالفقار علي، مَظهر حُسين، انور وسطڙو، نذر حسين، قمر سومرو، امينه شاهه، جميلا ناز، مائي ڀاڳي، انجم آرا، جهان آرا، نگهت جعفري، سهراب فقير، عذرا رياض، انيتا رياض، سليم نوشاد، زرينه بلوچ، جمال الدين صديقي، تنوير وارثي، شفيع محمد وارثي، رشيد احمد، نجم الحسن رضوي، سهيل رانا ۽ محمد يوسف شامل آهن. انهن کان آڊيشن کان وٺي نئين ڪمپوزيشن ڳارائڻ تائين اُستاد نياز حسين جو وڏو ڪردار آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارڙن لاءِ به، مرحوم گيتن جي ترتيب ڏني، جن ۾، جُهو جُهو ماٽي، لَسي پنهنجي گهاٽِي، واهه ڙي تارا، گول تارا ۽ ريڊيو پاڪستان تان اڍائي هزار جي لڳ ڀڳ غزل، گيت، ڪافيون ۽ ڪَلام رڪارڊ ٿيا، جن جي موسيقي استاد نياز حسين ڏني. استاد نياز ڏهن سالن جي اَڻ ٿڪ محنت سان ۱۹۷۰ع ۾ پهريون ڀيرو وائي ڳائڻ جو انداز متعارف ڪرايو. جڏهن ته مرحوم استاد نياز حسين جو والد مشهور ڪلاسيڪل راڳي استاد بيبو خان، جنهن لاءِ سنڌ ۾ مشهور راڳ ۾ چوڻي آهي ته، ”تون وري ڪهڙو بيبو خان آهين؟“ جنهن جو مطلب هو فنِ موسيقيءَ جو هڪ وڏو نالو هو، جڏهن ته بيبو خان جو اصل نالو محمد ابراهيم قريشي هو ۽ پيار مان هن کي گهر ۾ بيبو چوندا هئا، بيبو خان پهريون ڪلاسيڪل راڳي هو، جنهن سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳايو هو، جڏهن ته استاد نياز حسين جو ڏاڏو مشهور ڪلاسيڪل راڳي گامڻ خان هو ۽ سندس پڙڏاڏو شادي خان به بهترين آواز جو مالڪ هو. جڏهن ته سندس ٽي پٽ، مظهر حسين، ذوالفقار علي ۽ نذر حسين اڄ به پنهنجي خاندان جي روايت کي برقرار رکندي، ڪلاسيڪل راڳَ ذريعي ستين پيڙهيءَ جو نالو روشن رکندا پيا اچن، استاد نياز حسين جون مشهور ڌُنون، جيڪي هن ترتيب ڏنيون ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ هڪ الڳ نالو پئدا ڪيو، انهن ۾، ”ٽڙي پوندا ٽارئين“، جيڪو پهريون ڀيرو عَلڻ فقير ۽ جِيجي زرينه بلوچ گڏجي ڳايو، ان کانسواءِ عابده پروين جي آواز ۾، ”جب سي تُوني مُجهي ديوانه بَنا رکها هي“، اردوءَ ۾ ظهير احمد وارثيءَ جي آواز ۾، ”ديوارون سي باتين ڪرنا اچها لگتا هي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشهور ڌنون شامل آهن، جن کي اڄ به وڏي شوق سان نئين ٽهيءَ جا راڳي ڳائي رهيا آهن، استاد نياز حُسين ۷ فيبروري ۱۹۹۲ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، پر استاد نياز حسين پنهنجي فن جي ڪري اڄ به زنده آهي ۽ سندس ڌُنون ڌرتيءَ تي گونجنديون رهن ٿيون.

 


 

اُستاد فيروز گل بابت وضاحت

روشن جي موسيقار

روزاني ڪاوش ۷ فيبروري جي هائيڊ پارڪ ۾ استاد نياز حسين جي ورسيءَ جي حوالي سان مصطفيٰ ملاح جو هڪ خط نظرن مان گُذريو. استاد نياز حسين، هڪ بهترين موسيقار هو، جنهن فَنِ موسيقيءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، جنهنجي جيتري به ساراهه ڪَجي، اها گهٽ آهي. آئون ان خط ۾ ڪيل ان ڳالهه جي ترديد ڪندس ته، ”استاد فيروز گل کي اُستاد نياز حسين ڳائڻ لاءِ اُتساهيو“. اُستاد فيروز گل، منهنجو چاچو هو، ۽ پاڻ مون کي ٻڌايائون ته، ۱۹۷۴-۷۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ايم بي انصاري ايس ڊي هوندا هئا ۽ نياز حسين صاحب وائلنسٽ طور ريڊيو حيدرآباد ۾ ڪم ڪندو هو. اُن دور ۾ ريڊيو حيدرآباد تي، سنڌ جا مشهور موسيقار غلام نبي عبداللطيف ڪم ڪندو هو. ايم بي انصاري، استاد فيروزگل کي ريڊيو حيدرآباد تي، اي ڪٽيگري ۾ گلوڪار طور شامل ڪيو، جيڪا تنهن زماني ۾ تمام وڏي ڳالهه هُئي. استاد فيروزگل مرحوم اهو پڻ ٻڌايو ته؛ ۱۹۶۶-۶۷ع ۾ هڪ فلم جي گانن جي ريڪارڊنگ لاءِ جڏهن هو لاهور ويو ته، ميڊم نورجهان استاد فيروزگل جو ڳائڻ ٻڌي، چيو ته، مونکي ٻه موسيقار پسند آهن، هڪ موسيقار فيروز گل ۽ ٻيو ماسٽر صفدر حسين. برِ صغير جي نامور گلوڪاره رونا ليليٰ آل انڊيا ريڊيو تي ۱۹۷۹ع ۾ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾، استاد فيروز گل ۽ نثار بزمي کي موسيقارن طور پسند ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو. ۱۹۶۰-۶۵ع تائين استاد فيروز گل، کاهي روڊ حيدرآباد ۾ ميوزڪ ڪلب جو بنياد رکيو، جنهن ۾ پاڻ ڪيترن ئي شاگردن کي ڳائڻ جي سکيا ڏيندو هو. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، استاد نياز حسين هڪ اعليٰ موسيقار هو، پر اُستاد فيروز گل کي ڳائڻ لاءِ اُتساهڻ واري ڳالهه ۾ ڪابه صداقت ڪانهي.


 

استاد نياز حسين

شاهه سائينءَ جي ڪلام جو عظيم موسيقار

ستين فيبروريءَ تي ورسيءَ جي مناسبت سان

ناصر قاضي

ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان. ڪلپ بورڊ ۾ پوئيلَ ڪاغذَ ۽ قلم سامهون رکيل آهن، منهنجو مٿو في الحال ڪرسيءَ تي ٽيڪيلُ ۽ اکيون پوريلَ آهن، حيدرآباد ۾ نومبر مهيني جي هلڪڙي ٿَهڌِ، دريءَ کان ڪمري ۾ داخل ٿيندي، پنهنجي هوند جو احساس ڏياري رهي آهي ۽ منهنجي سامهون ٽيبل تي رکيل جديد سمارٽ فون تي، سيد لعل حسين شاهه ’سوز‘ جو سرجيل قديم جڳ مشهور غزل هلي رهيو آهي، جنهن لاءِ آواز آهي، سينگار علي سليم جو، جنهن جا ٻولَ آهن: ”وڌي ويون دل جون پريشانيون، نگاهن ۾ آهن  ڪي حيرانيون“

واهه! ڀيرويءَ ۾ موسيقيءَ جي اسم تي دادري جي ٺيڪي جو سنگم ! جيڪو مون کي اهڙو ڀاسجندو آهي، جهڙو منڊيءَ تي ٽِهڪَ! هي هڪ سينگار جو سينگاريل غزل ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ان راڳ ۽ ان تال جي اهڙي سنگم سان خانصاحب استاد منظور علي خان جي آواز ۾ ڳايل ڪافي ”عمر! ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ... !“ هجي، ملڪه ترنم مئڊم نورجهان جي آواز ۾ ڳايل ڪلامِ اقبال ”هر لهذا هي مؤمن ڪي نئي شان نئي آن“ هجي، ڪشور ڪمار ۽ آشا ڀوسلي جي آواز ۾  ڳايل دوگانو: ”رنگ ڀري موسم سي رنگ چراڪي“ هجي، استاد ذوالفقار علي ۽ محترم مظهر حسين جن جي آوازن ۾ ڳايل: ”وقت جي چيچَ ۾ زندگيءَ جو ڇلو... !!!“هجي،  ڪمار سانوءَ  جي آواز ۾ ڳايل: ”برسات ڪي موسم ۾، تنهائي ڪي عالم ۾“ هجي، يا کڻي مهان ڪوي شيخ اياز جي وائي، جيجي زرينه بلوچ جو آواز ۽ ”ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپو، توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون“ هجي، ڀيرويءَ سان دادري جو ميلاپ مونکي موهي ئي موهي... !!

پر وري جڏهن اهڙي راڳ ۽ اهڙي تالَ جي ميلاپَ سان راڳ جي راڻي عابده پروين ڪنهن ڪانسرٽ، محفل، ٽي. وي، ڪئسٽ يا ريڊيو تي حڪيم ناصر جو هي غزل ڳائيندي آهي، جنهن جا ٻولَ آهن: ”جب سي توني مجھي ديوانه بنا رکا هي“، تڏهن منهنجي وجود تي امالڪ اڃا ڪا ٻي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي، جو محسوس ائين ٿيندو آهي، ته ههن حڪيم ناصرَ جي ان غزل کي صرف هي ناصر ئي نه، پر پوري ڪائنات مڪمل توجهه سان، عابده جي آواز ۾ ٻڌي رهي هجي.

سياڻا چوندا آهن ته: ”جيڪو ڄڻي، سو نپائي“، ان چوڻيءَ جي حقيقت کي سامهون رکندي، ان ڳالهه تي اهو ايمان پڪو ٿي وڃي ٿو، ته واقعي به مؤجد، يعني ايجاد ڪندڙ اها هستي آهي، جنهن کي پنهنجي تخليق سان بي پناهه پيار هوندو آهي ۽ هو پنهنجي جوڙيل جنس کي وڌيڪ سهڻي کان سهڻو بڻائڻ ۽ ڏسڻ چاهيندو آهي. اهڙي ئي نموني حڪيم ناصر صاحب جي ان غزل: ”جب سي توني مجھي ديوانه بنا رکا هي“ کي جيترو عابده پروين سهڻي کان سهڻو ڳائيندي رهندي آهي، اوترو ئي ان غزل جي بندش جي سرجيندڙ به حسين کان حسين تر ٺاهيو هوندو.

سُرن جو سهرو کڻي جڏهن ان ڌن جي تخليقار جي ڳولا ڪبي ته اهو سهرو سنڌ توڙي هند جي نامور گواليار گھراڻي ۾ خانصاحب استاد بيبي خان جي وڏَور فرزندَ، استاد نياز حسين جي سِهرَ تي وڃي سوهندو. هن سدا ملوڪ مڻيادار موسيقارَ نه صرف ان هڪڙي غزل جي شاهڪار بندش ترتيب ڏني، پر شاهه سائين جي وائيءَ کان وٺي، قديم توڙي جديد موسيقيءَ جي مڙني صنفن، جهڙوڪ: گيت، غزل، لوڪ گيت، ٺمري، تراني، ڪافي، ٻاراڻن بيتن سميت لاتعداد اسمن جو سُرن سان سينگار ڪري، موسيقيءَ جي مڙني مضمونن تي واکاڻ جوڳو ڪم ڪري، ايتريقدر فيض پکيڙيو، جو موت به کيس مات ڏئي نه سگھيو ۽ هي کاهوڙي انسان پاڻ کان پوئتي ڇڏيل ڪمَ لاءِ هڪ نه، پر ٽي املهه هيرا استاد ذوالفقار علي، محترم مظهر حسين ۽ استاد نذر حسين سنگيت کي سونپي ويو، جيڪي بلاشڪ اڄ ڏينهن تائين پنهنجي پيءُ جي پورهئي کي پريم سان پاڻي ڏيئي، پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

ڌرتيءَ جي هن ملهائتي موسيقارَ استاد نياز حسينَ، ننڍي کنڊ جي تمام وڏي گواليار گھراڻي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي امر گوئيي خانصاحب استاد محمد ابراهيم قريشيءَ، المعروف استاد بيبا خان جي جھوليءَ ۾ ۲۴ هين جنوري ۱۹۳۶ع تي اکيون کوليون، يقيناً سندس ولادت ۽ پالنا اهڙي گھراڻي ۾ ٿي، جنهن گھراڻي جي وڏن وڏن ڪلاڪارن پنهنجا جگر ۽ جانيون موسيقيءَ کي ارپيندي، امر استاد بڻجي ويا، جنهن گھراڻي جي جائداد ۽ ورثو ئي سر ۽ ساز رهندا آيا آهن.

اڳتي هلي کيس درسي تعليم لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو، جتي پنهنجن آدرشي استادن ابن الياس سومري، محمد نواز اعواڻ، جان محمد جماليءَ جي رهنمائيءَ ۾ ڪتابي تعليم حاصل ڪيائين، سندس تدريسي سفر سنڌي فائنل تائين جاري رهيو. انهن ئي اسڪول وارن ڏينهن سندس گھر ۾ موسيقيءَ سرن جي سکيا وارو مرحلو به شروع ٿي ويو، ان حوالي سان استاد نياز حسين پنهنجي گھر واري موسيقيءَ جي مڪتب ۾ پنهنجي والد محترم خانصاحب استاد بيبي خان ۽ پنهنجي چاچي خانصاحب استاد مبارڪ علي خان جي سرپرستيءَ ۾ هارمونيم تي هٿڙا رکي سنگيت جي سفر جو پڻ آغاز ڪيو. سندس خوشنصيبي اها پڻ هئي، جو سندس گھر جي چؤديواريءَ ۾ ئي کيس ننڍي کنڊ جي انهن عظيم استادن جي سنگت ۽ سرپرستي عطا ٿي، جن جي هڪڙي ’ آ‘ يا ’ها‘ ٻڌڻ خاطر، ان وقت جا قدردان مداح، ڪشالا ڪاٽي، سندن حاضريون ڀريندا هئا.

استاد نياز حسين موسيقيءَ جي سفر تي گامزن رهندي، جڏهن عمر جي جوڀن وارين سرحدن جي ويجھو ٿيندو ويو، تڏهن ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي معراج ماڻڻ باوجود، هن پنهنجي اندرَ ۾ شاهه سائينءَ جي راڳ جي پياسَ کي شدت سان محسوس ڪيو، جيڪا پياسَ اندر ئي اندر ۾ انسيت کان عشق جو درجو ماڻيندي ٿي وئي. اندر جي اهڙي اڃ کي اجھائڻ لاءِ استاد نياز حسين شاهه جي درگاهه جو پڪو پانڌيئڙو بڻجي، شاهه جي درگاهه جي مک راڳيءَ سيد غلام حسين شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتان کيس شاهه سائينءَ جي راڳَ جي سمجھه ۽ سرتِ حاصل ٿي. ان حوالي سان شاهه سائينءَ جي اصل پيغام يعني وائيءَ کي، اصل راڳن، صحيح مقصد ۽ لفظن جي صحيح اُچارَ سان منظرِعام تي رسائڻ استاد نياز حسين جي زندگيءَ جي اهم هڪ ملهائتي خدمت پڻ آهي. ايترين ڪمال ڪيميائن جي حاصلات بعد به استاد نياز حسين پنهنجي پارَ جي راڳ کي پيرائتي نموني پرکڻ سان گڏ مغربي موسيقيءَ جي قدروقيمت کي محسوس ڪيو ۽ استاد محمد عثمان صاحب وٽان مغربي موسيقيءَ جي علم ۽ هيئيت کي هينئين سان هنڊايو.

۱۹۵۵ع ۾ جڏهن حيدرآبا شهر جي هوائن ۾ ريڊيو اسٽيشن جو قيام عملَ ۾ آيو، تڏهن هڪ موسيقارَ جي حيثيت سان استاد نياز حسين ريڊيو جي دنيا ۾ قدم رکيو. سنڌ جي هن اهم ابلاغي اداري سان پاڻ زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين وفا ڪيائين، جتي ريڊو جي چوديواريءَ کي هڪ گھر جيان، گھر ڀاتي بڻجي خدمت ڪيائين. جنهن دوران سنڌي ڪلا جي امر آوازن کي، پنهنجي موسيقيءَ جي ساٿَ سان، مائيڪرو فون ذريعي ملڪان ملڪ متعارف ڪرايائين، نه صرف ايترو، پر استاد نياز حسين پنهنجي ترتيب ڏنل موسيقيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪارن کان ريڊيو حيدرآباد تان براهِه راست پڻ ڳارايو.

استاد نياز حسين ۸۱ - ۱۹۸۰ع واري عرصي دوران پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪراچيءَ واري مرڪز تي پنهنجون سگھاريون خدمتون سرانجام ڏنيون، ان دوران هن موسيقيءَ جي مشتمل پروگرامن جي موسيقي ترتيب ڏيڻ کان علاوه ڪيترن ئي ڊرامن جهڙوڪ: ’ليلا مجنون‘، ’انڪوائري آفيسر‘، ’ٽي پارٽي‘، ’زمينداري ظلم‘، ’شاهدي‘، ’تماشو‘ وغيره جي پنهنجي ڪمالِ فن سان موسيقي  پڻ ڏني.

استاد نياز حسين پنهنجي زندگيءَ ۾ فن جي ڳولائون شاگردن ۾ فن جو فيض ڦهلائڻ واسطي حيدرآباد جي کاهي روڊَ واري علائقي ۾ ’سنڌ ميو زيڪل ڪاليج‘ جو بنياد پڻ رکيو، جنهن اداري جي پليٽ فارم تان سندس ئي ترتيب ڏنل موسيقيءَ جي اهم پروگرامن سان گڏوگڏ ڪيترائي يادگار اسٽيج ڊرامه، جهڙوڪ: ’جشن بهار‘، ’سسئي پنهون‘، غدار ليڊر‘، ’هم سب ايڪ هين‘ ۽ ٻيا پڻ پيش ڪيا ويا.

استاد نياز حسين جي پريم واري پورهئي جو ڪوڙين ڪلالن وٽ قدر پڻ ٿيو، جنهن ڏس ۾ کيس عمر ڀر جي فني خدمتن جي اعتراف ۾ ٻڌندڙن جي محبتن ۽ پيار کان علاوه ۱۹۸۶ع ۾ ’حضرت لعل شهباز قلندر ايوارڊ‘، ۲۰۰۹ع ۾ (وفات بعد) ’شاهه لطيف ايوارڊ‘ ۱۹۸۷ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾ لڳاتار ٻه سال ’سچل سرمست ايوارڊ‘، ۱۹۹۲ع ۾ (وفات بعد) ’پراڻ ايوارڊ‘، ۱۹۹۳ع ۾ (وفات بعد) ’PBC ايوارڊ‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ مليا.

اهڙيءَ طرح موسيقيءَ جي هڪ عظيم گھراڻي جي عظيم موسيقار پنهنجي سنگيت جو سمورو سفر پورو ڪري، پنهنجي ڪلا واري ڪرتِ جون ڪنجون پنهنجن ٻچڙن ذالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين جي سپرد ڪري، الاهي امر سان ستين فيبروري ۱۹۹۲ع تي، جمعي جي رات راهه رباني وٺي ويو. سندس وڇوڙي تي، جڳ مشهور پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ صاحب اهو سؤ سيڪڙو سچ چيو هو ته: ”اسان نياز حسين جي روپَ ۾ موسيقيءَ جو وڏو خزانو دفن ڪري ڇڏيو آهي.“


 

استاد نياز حسين

عظيم سنڌي موسيقار جي پيرن تي هَٿَ

زرار پيرزادو

اڄ حيدرآباد ۾ سنڌي سنگيت جي عظيم موسيقار استاد نياز حسين جي ياد ۾ پروگرام ٿي رهيو آهي. استاد نياز حسين ۷ فيبروري ۱۹۹۲ع تي اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو هو.

استاد نياز حسين جي گهراڻي جو سنڌي موسيقيءَ ۾ تمام اوچو مقام آهي. ستن پيڙهين کان اڄ تائين اهو خاندان سنڌي موسيقيءَ جو جيئندان بڻيل آهي.

استاد نياز حسين پنهنجي والد استاد بيبو کان موسيقيءَ جي تربيت ورتي ۽ پاڻ وري پنهنجو سنگيت وارو ورثو پنهنجن اڄ جي ناميارن راڳين ۽ ڪمپوزرس ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين جي حوالي ڪيو.

استاد نياز حسين ريڊيو حيدرآباد سان ۳۸ سال لاڳاپيل رهيو ۽ اتان هن اڍائي هزار جي لڳ ڀڳ پنهنجي ڌنن وارا غزل، گيت، ڪافيون ۽ ڪلام ريڪارڊ ڪرايا.

اسان ڀلي ڪهڙو به لباس پهريون ۽ جديد دور جي تقاضائن موجب اٿڻي ويهڻي هجي پر اسان جي ثقافتي سڃاڻپ بهرحال ۽ آخرڪار سنڌي ٻولي ئي بڻبي.

اسان ڪهڙو به لباس پهريل هجون پر جڏهن سنڌي ۾ ڳالهائينداسين يا ڳائينداسين ته سنڌي سمجهيا ۽ ڄاتا وينداسين.

سو جيستائين استاد نياز حسين جو نالو ۽ سندس فن زنده آهي تيستائين سنڌي ٻوليءَ کي ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.

استاد نياز حسين جي حلالي فرزندن ۽ سنڌي سنگيت سان سلهاڙيل ناليوارن راڳي ڀائرن ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين انهيءَ احساس وچان ئي پنهنجي والد جو موسيقيءَ وارو اهو مشن هٿ ۾ کڻي ورتو آهي.

مون کي هميشه کان اها شڪايت رهي آهي ته ڪنهن به راڳ يا ڪلام ۾ اسان رڳو راڳي ۽ شاعر کي ئي ڪريڊٽ ڏيندا آهيون پر ان موسيقار جو نالو ناهي کنيو ويندو جيڪو شاعر جي شاعري پڙهي پهرين ان جي ڌُن ٺاهيندو آهي ۽ پوءِ ان کي ڳائڻ لاءِ فنڪار جي به اُهو ئي چونڊ ڪندو آهي.

مثال طور اسان کي اها ته خبر آهي ته ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل الو ميان وارو ڪلام شيخ اياز جو آهي ۽ ان کي جيجي زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير ڳاتو آهي يا آءُ اسان وٽ ويهه گهڙي پل ويهه وارو ڪلام تنوير عباسي جو لکيل آهي ۽ ڳاتل عابده پروين جو آهي يا جب سي توني مجهي ديوانه بنا رکها هي عابده پروين جو ڳاتل آهي پر اها گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهي سڀ پياريون ڌنون استاد نياز حسين جون ٺاهيل آهن.

موسيقارن کي آخر ڇو ٽيڪنيشن وانگر پس پردا رکيو ويندو آهي. ٽيڪنيشن جا به بهرحال نالا اسڪرين تي هلندا آهن پر ڪمپوزرس جا نالا گهٽ ڄاڻايل هوندا آهن جيڪا زيادتي آهي.

جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌي سنگيت ۾ اسان استاد نياز حسين کي به اوترو سڃاڻون ها ۽ اُهو مقام ڏيون ها جيڪو استاد منظور علي خان کي ڏيون ٿا.

سو سنڌي سنگيت ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ ۾ استاد نياز حسين جو جيڪو عظيم ڪردار آهي سو سنڌي ٻولي لاءِ آڪسيجن مثل آهي تنهن ڪري استاد نياز حسين جي پيرن تي هَٿَ.

سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ ۾ ادب ۽ موسيقيءَ جو به اوڏو مقام آهي جيڏو سياسي نظرئي ۽ تحريڪن جو آهي. اڃا به موسيقيءَ جو ته سڌو سنئون عوام سان واسطو رهي ٿو.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته استاد نياز حسين جي اها ايڏي ئي عظيم خدمت آهي جيڏي سنڌي ٻولي۽ سنڌي قوم کي زنده رکڻ لاءِ شاهه ڀٽائي، سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ استاد منظور علي خان جي هجي.


 

استاد نياز حسين خان

شاهه جي وائي جو هڪ منفرد موسيقار

ذوالفقار علي

موسيقار استاد نياز حسين جو تعلق گواليار گهراڻي جي برک خيال گائڪي جي اڳواڻ راڳي استاد حدو، استاد حسو خان صاحب سان هو. پاڻ استاد گامڻ خان صاحب جو پوٽو هو، جنهن برصغير (ننڍي کنڊ) ۾ خيال ڳائڻ کي متعارف ڪرايو.

استاد گامڻ خان سڀني کان اڳ ۾ اُچ شريف ۾ ڳائڻ جي مقصد سان پهتو ۽ ان کان پوءِ چاچڙان شريف ۾ پنهنجي مرشدن جي حڪم تي اڳ ۾ خيرپور ميرس ۽ پوءِ شڪارپور ۾ اچي راڳ ۽ رنگ جا رس ڪيائين.

اٽڪل ۱۸هين صديءَ ۾ هتي جا هندو، ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي چٽاڀيٽيءَ جون محفلون ڪرائيندا هئا. استاد گامڻ خان کي، جيڪو استاد شادي خان جو پٽ هو، شڪارپور جي واسين ايڏو ته پسند ڪيو جو هو هتي ئي پنهنجو منهه اڏي هميشه لاءِ آباد ٿي ويو. سندس تربت چڻگي شاهه جي مڪان (شڪارپور) ۾ اڄ به سندس ياد ڏياريندي آهي. جتي هر سال راڳي شاگرد ۽ مائٽ ميلو لڳرائيندا آهن. استاد گامڻ خان جا چار فرزند استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان، استاد علي محمد خان ۽ استاد بيبو خان هئا.

سڀني کان وڏي ۾ وڏو فرزند استاد مبارڪ علي خان، پاڪستان ٿيڻ کان پهرين ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو. استاد مبارڪ علي، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي افتتاحي تقريب جي اڳواڻي ڪئي. استاد مبارڪ علي جي شاگردن ۾ استاد مٺو ڪڇي، محمد جمن، محمد يوسف، محمد حسن موسيقار ۽ ٻيا کوڙ سارا وڏا راڳي آهن.

استاد بيبي خان صاحب جي شاگردن ۾ غلام رسول خان، استاد امير علي خان، استاد منظور علي خان، استاد وزير علي خان، صادق علي، آغا قربان علي، غلام علي گامي موسيقار، فدا حسين خان ۽ ڪافي کوڙ سارا جن ريڊيو پاڪستان جي موسيقي کي عروج بخشيو.

استاد بيبو خان جو وڏو فرزند استاد نياز حسين ۱۹۳۶ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم الفاروق اسڪول مان حاصل ڪئي. ان دوران پاڪستان وجود ۾ آيو. افراتفري جو عالم هو. اهي سڀ ڳالهيون، سندس ڪلاس فيلو ڍولڪ نواز گلاب خان ٻڌائي ٿو. استاد نياز حسين، حيدرآباد ۾ پهريون ماڻهو هو، جنهن موسيقيءَ جي سکيا جو ادارو، سنڌ ميوزڪ ڪاليج جي نالي سان کاهي روڊ جهوپڙا هوٽل جي سامهون قائم ڪيو. هن اداري ۾اسٽيج ڊراما، موسيقيءَ جا مقابلا ۽ محفلون ٿينديون هيون. هن اداري مان جمال صديقي، سهيل رعنا، غلام علي، آغا قربان علي، صادق علي، رجب علي، فتح علي، حميد علي، غفور گل، محمد يوسف ۽ رشيد احمد راڳ جي تعليم حاصل ڪئي. ساز وڄائڻ ۽ سکڻ جي حوالي سان بينجو، وائلن، هارمونيم، طبله، ڍولڪ، گٽار، سارنگي به سيکاري ويندي هئي. ان کان علاوه نعت خواني، مرثيه خواني جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروعات کان پوءِ استاد نياز حسين والنسٽ طور اسٽاف آرٽسٽ ڀرتي ٿيو. استاد نياز حسين وائلن، هارمونيم، ستار، طبلو، پيانو اڪارڊين ۽ ٻيا ڪيئي ساز تمام سهڻي نموني وڄائيندو هو. بقول ان وقت جي پروگرام مئنيجر خواجه امداد علي ته ”نياز حسين ريڊيو پاڪستان جي لاءِ هڪ اهڙي طرح جي شخصيت آهي جيڪو به سازيندو نه اچي ان جاءِ استاد نياز حسين اهو ساز وڄائيندو آهي ۽ ان ڪري ئي خواجه امداد علي استاد نياز حسين کي چيف ميوزڪ ڪمپوزر جو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو.

فقير امير بخش، فقير عبدالغفور، سهراب فقير، يار علي فقير، مائي ڀاڳي، انور حسين وسطڙو، عابده پروين، ذوالفقار علي، مظهر حسين، نذر حسين، محمد رمضان، خير محمد ميراثي، سيد غلام شاهه، سيد نور شاهه، مونا ليزا، قمر سومرو، وحيد علي، رجب علي، زرينه بلوچ، فوزيه سومرو، شازيه خشڪ، پريوش ڀٽو انهن سڀني قابل ذڪر نالن کي آڊيشن کان وٺي نئين ڪمپوزيشن ڳارائڻ تائين استاد نياز حسين وڏو ڪردار ادا ڪري انهن کي اڳتي آندو.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر سڪندر بلوچ، انور بلوچ، سرور بلوچ، شيخ غلام حسين، نور اظهر جعفري، اشفاق احمد سان موسيقيءَ جي شعبي ۾ نوان نوان تجربا ڪيا، عابده پروين جي سکيا پڻ استاد نياز حسين ڪئي.

۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو شاهه جو راڳ استاد نياز حسين جي سرپرستي ۽ شيخ غلام حسين جي پروڊڪشن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مدد سان ميڊيا تي آيو، ان سلسلي ۾ استاد نياز حسين ڪافي فنڪارن کي شاهه جي راڳ جي تعليم ڏني ۽ پوءِ استاد اها ساڳي سکيا پنهنجن پٽن ذوالفقار علي، نذر حسين ۽ مظهر حسين کي پڻ ڏني. سندس پٽن جي گائيڪي کي ٻڌندڙن تمام گهڻو سارهايو.

استاد نياز حسين کي موسيقي سان عشق هو ۽ هن کي پئسي گڏ ڪرڻ جي خواهشن ڪڏهن به نه رهي. هن تمام گهڻن ماڻهن کي مفت ۾ سکيا ڏني، هو ڪجهه ئي لمحن ۾ ڌُن ٺاهڻ ۾ مهارت رکندو هو. استاد کي پاڻ ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، اڪثر جڏهن ڪو فنڪار وقت سر لائيو پروگرام تي نه پهچندو هو ته ان جي جاءِ تي پاڻ ڳائيندو هو.

پاڻ ريڊيو پاڪستان تي تمام گهڻا پروگرام ڪيا جن ۾ ڳوٺاڻن ڀائرن جي ڪچهري، جمهور جو آواز، ويا سي وينجهار، ساڻيهه جا سينگار ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان جڏهن ٻارن جا گيت رڪارڊ ٿيا جن ۾ ”جهو جهو ماٽي لسي پنهنجي گهاٽي“

”واهه ڙي تارا گول تارا“ ۽ ڪيئي غزل، گيت، ڪافيون، ڪلام رڪارڊ ٿيا جن جي موسيقي استاد نياز حسين ترتيب ڏني.

ريڊيو پاڪستان جي لائبريري ۾ هن وقت به استاد نياز حسين جي ڪمپوزيشن ۾ رڪارڊ ڪيل ۲۵۰۰ ائٽم موجود آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن بي لوث ۽ بغير ڪنهن لالچ جي فنڪار ريڊيو کي ۽ ريڊيو جي لائبريري کي ڪيترو ته موسيقي سان سينگاريو.

استاد نياز حسين اسان کان ۷ فيبروري ۱۹۹۲ع تي وڇڙي ويو. سندس پرستار اڄ به کيس تمام گهڻي چاهه سان ياد ڪندا آهن.

 

 

20هين ورسي جي مناسبت سان


 

استاد نياز حسين

موسيقار جي شخصيت ۽ فن

ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي

سندس گهراڻي جو تعلق روايتي سنڌي ڪلاسيڪي موسيقي خاص طور سنڌي ڪلاسيڪي موسيقي جي ترويج ۽ ترقي ۽ مثبت وڌاءُ جي حوالي سان تمام معتبر ۽ مستند آهي.

سندس والد استاد غلام رسول خان ڪلاسيڪي موسيقي جو ناميارو راڳي، وڏو چاچو استاد اميد علي خان تمغئه حسن ڪارڪردگي، سڳو مامو استاد منظور علي خان تمغئه حسن ڪارڪردگي، وڏا ڀائر استاد حميد علي خان، استاد فتح علي خان، تمغئه حسن ڪاردگي، رجب علي، (پلي بيڪ سنگر) استاد وحيد علي خان، سندس نياڻو اقرار وحيد علي خان سندس فرزند علي سفير هڪ معروف نوحه خوان آهي.

موسيقار استاد نياز حسين جو هڪ مختصر ۽ جامع تعارف!

موسيقار استاد نياز حسين هڪ اعليٰ موسيقار، محنتي سازڪار، بهترين موسيقي سيکاريندڙ استاد، بي مثال انسان بااخلاق ماڻهو سنڌيت ۽ سنڌي موسيقي کي عروج ڏيارنيدڙ هڪ لاجواب جدت پسند هميشه عملي متحرڪ موسيقار، سچو مددگار جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي موسيقيءَ جي شعبي سان Voluntary رضا ڪارانه طور لاڳاپيل رهيو.

موسيقار استاد نياز حسين جي حياتي دوران موسيقيءَ جي عملي متحرڪ پروفيسر، ميزبان، شاعر، ليکڪ نصير مرزا جي چوڻ مطابق “موسيقي استاد نياز حسين جون اڍائي هزار ڌنون ريڊيو پاڪستان جي آڊيو لائبريري ۾ موجود آهن.”

موسيقار استاد نياز حسين سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيئن علڻ فقير جي آواز ۾ ”مون ۾ تون موجود، آئون اَڳاهين آهيان  (شاهه لطيف)

ٽڙي پوندا ٽارئين

جڏهن ڳاڙها گل الوميان تڏهن ملنداسين (شيخ اياز)

موسيقار استاد نياز حسين هڪ ئي وقت ۾ تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو. محنتي سازڪار هو. هار مونيم، بينجو، پيانو، اڪارڊين، ڪي بورڊ، ستار، مينڊوليئن، طبلو، ڍولڪ، ڊرم بس جيڪو به ساز هٿ چڙهندو هو استاد نياز حسين انهيءَ مان  پنهنجي ڪمپوزيشن لاءِ موسيقي Produce  ڪري وٺندو هو.

بي مثال موسيقار هو. نوحو، سوز، سلام، مرثيو، حمد، نعت، منقبت، ڪافي، گيت، آزاد نظم، سيمي ڪلاسيڪل، نغمو، ٻارن جا گيت، Duet دوگانا، مولود ڊرامه لاءِ بيڪ گرائونڊ ميوزڪ، هائيڪو بس موسيقيءَ سان لاڳاپيل ڪابه صنف هجي.

منهنجي خيال ۾ موسيقار ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا. هڪڙا اهي جيڪي ٻولن تي موسيقي ڪندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي ڌن تي ئي ٻول لکرائيندا آهن. شاعريءَ تي موسيقي ٺاهڻ Radio Music Culture آهي. جڏهن ته فلم ميوزڪ ۽ مرثيو، نوحو ۽ لوڪ گيت جي موسيقي ۾ ڌن کي اوليت حاصل هوندي آهي.جيئن زرينه بلوچ جي ۹۰ فيصد گيتن جي ترتيب ۽ تال کي صحيح ماپ ۾ رکي انهي کي Re-compose ڪندو ڪيائين. عابده پروين ۽ وحيد علي (سرمون) جي آواز ۾ جڏهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام پاندياڻي سانگياڻي باندياڻي آهيان ريڪارڊ ٿيو ته انهيءَ جي ريهيرسل اسان جي لياقت ڪالوني واري گهر ۾ ٿيندي هئي، ان وقت عابده پروين کي راڳ تي ايڏي دسترس نه هوندي هئي ته اها پاڻ ڏوهڙي کي راڳ، سُر ۽ ڪيفيت ۾ بيهاري سگهي. انهيءَ مجبوريءَ جي ڪري انهيءَ ڪافي ۾ ڏوهڙا وحيد علي ڏنا ۽ ڪلام عابده پروين ڳايو ڇو جو سڌو سڌو ڳائڻو هو.

مان انهيءَ واقع جو چشم ديد گواهه آهيان عابده پروين استاد منظور علي خان وٽ ڪيئي دفعا شاگرد ٿيڻ جي لاءِ ڪڏهن ٽنڊو آدم ۽ ڪڏهن حيدرآباد جڏهن استاد منظور علي خان اسان جي گهر ايندو هو ته راڳ سکڻ، سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي نيت سان ايندي هئي.

موسيقار استاد نياز حسين محرم وارن ڏينهن ۾ ڪئي اهڙا مرثيه نوحه هوندا هئا جن جا مصرع ٺيڪ ڪري تال ۾ ڪري ۽ عقيدت جو واهه جو اظهار ڪندو هو.انهيءَ ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي ته استاد منظور علي خان جي گائيڪي سنڌ لاءِ هڪ سوکڙي، سڃاڻپ ۽ اعزاز آهي. انهيءَ  جا پوءِ لڳ تمام گهڻا موجود آهن ۽ رهندا. پر مائي ڳاڻين ۾ صرف عابده پروين ئي ڪجهه حد تائين انهيءَ کي پنهنجو ڪيو آهي..Contribution ۾ موسيقار استاد نياز حسين جو سڌو يا اڻ سڌو وڏو ڪردار ادا ڪيل آهي. جيئن:

پرچن شال پنهوار ڍولا مارو مون سان (عبداللطيف ڀٽائي) سر آسا ۾ سُر مارئي جو داستان. عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ حاڪم شاهه راڳ ڀيروي، دادرا تال ۾ ڳايل،يار سڄڻ جي فراق جيڏيون آئون ماري آهيان (شاهه جو ڪلام)

پهرين ڀوپالي ۽ استاد منظور علي خان انهيءَ ڪلام کي راڳ ايمن ۾ ڳايو. هتي ٽنهي ڌنن جو خاص ذڪر انهيءَ ڪري جو اهي ڌنون، پروڊيوسر شيخ غلام حسين انهي وقت جي (ميوزڪ پروڊيوسر) جي چوڻ تي عابده پروين کي ڊيوٽي جي فرض جي ادائيگي جي لاءِ موسيقار استاد نياز حسين عابده پروين کي ياد ڪرايو ۽ واهه جو ياد ڪرايائين.

“پرچن شال پنهوار”، ڪلام جي ڪرڻ سان اڄ سڄي عالمي موسيقي ۾ استاد منظور علي خان کان صنم ماروي راحت فتح علي خان تائين پهچي وڃي ٿو. راڳ ڀوپالي جي مشهور آستائي، تورا جوبن ميڪون پيارا لگت هي، تين تال ۾ اسان وٽ ڳائي ويندي آهي جنهن جي مدد سان:

يار سڄڻ جي فراق آءُ ماري، استاد نياز حسين ڪمپوز ڪري سامهون آندي.عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ کان پوءِ انهيءَ رنگ ۾ ناصر ڪاظمي جي لکيل غزل:

جب سے تو نے مجھے دیوانہ بنا رکھا  ہے

جنهن جو عڪس دارا تال ۾ موسيقي جي ميدان ۾ غزل گائيڪي ۾ هڪ وڏو سنگ ميل آهي. پر انهيءَ کان به وڏي مثال ته استاد نياز حسين جي فرزندن ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين جي تمام مشهور گيت

وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو

پيو ٿئي گھرگھلو يار جلدي ملو

(شاعر آڪاش انصاري)

اهو آئٽم استاد نياز حسين جي هڪ اهڙي زنده مثال آهي جو انهيءَ کان انڪار ڪرڻ ناممڪن آهي. شيخ اياز جو هڪ آئٽم جيڪو منهنجي وڏي ڀاءُ رجب علي جي آواز ۾ موسيقار استاد نياز حسين جي لاجواب ڪمپوزيشن آهي. انهيءَ سان سلهاڙيل مون کي نوڪري ملڻ جو واقعو ڪجهه ائين آهي. ته شيخ اياز صاحب سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر هجي ۽ سياسي سماجي حالات ان وقت جا هجن. مون کي سائين نواز علي ڀٽو صاحب، شيخ اياز سائين وٽ وٺي ويو ۽ ملاقات ڪرايائين ۽ هڪڙو جملو چيائين ته هي اهو نوجوان آهي جنهن پنهنجي شعبي ۾ پوزيشن  کئين آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ اهو ڀاءُ آهي رجب علي جو، جنهن اوهان جو گيت ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا ڳايو آهي.

شيخ اياز انهيءَ وقت منهنجي Appointment Order جي لاءِ حڪم ڪيو ۽ سائين Signature ڪري نوڪريءَ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. موسيقار استاد نياز حسين، لغڙ جو ڏاڍو شوقين هو. پاڻ پنهنجن هٿن سان لغڙ ۽ مانجهو ٺاهيندو هو ۽ اهڙو ته لغڙ ٺاهيندو جو اڄ تائين به اهڙا لغڙ ڪو نه ڏٺا آهن.

مان سوچان ٿو ته هو راڳ جو ماڻهو هو ان ڪري  لغڙ جي وسيلي هوا جو زور ماپيندو هوندو، هوا اصل ۾ راڳ کي پيدا ڪرڻ، سائنس جي حوالي سان ڪنهن شيءِ کي اڳتي وڌائڻ، ڪنٽرول جي حوالي سان Physic جو موضوع ۽ ضرورت جي حوالي سان زندگي جي علامت آهي. شايد انهي ڪري استاد نياز حسين هوا جو يعني زندگي جو بهتر استعمال ڪندو هو. جنهن وقت بيماري جي حالت ۾ اسپتال ۾ آخري وقت تي هو ته انهي جي شڪل تي مان ڪا پشيماني نه ڏٺي هئي. تمام گهڻو همت ۽ حوصلي وارو ماڻهو هو.انهيءَ سڄي عمر پنهنجن سڳن ڀائرن جو تمام گهڻو خيال رکيو. سڀني رشتيدران، بزرگن، پيرن فقير، ساٿين، سازندن جو تمام گهڻو خيال رکيو.منهنجي خيال ۾ عالمي طور تي انهيءَ جي هڪڙي نامور شاگرد سهيل رعنا جي ڪم تي به نظر ۾ رکجي ته جنهن ايندي ئي موسيقار استاد نياز حسين کان موسيقي سکڻ مهل اهو پڇيو هو ته:

مجھے یہ سیکھنا  ہے  کہ شاعری   میں سے گانا کس طرح  بن جاتا ہے؟

۽ موسيقار استاد نياز حسين انهيءَ کي انهيءَ نموني سيکاريو۔ بيشڪ! موسيقاراستاد نياز حسين هڪ بي مثال استاد هو. موسيقار استاد نياز حسين جا چارئي پٽ ذوالفقار علي، نذر حسين، مظهر حسين ۽ امانت علي پنهنجي ڪم ۾ ماهر آهن. ۽ لائق فائق فرزند آهن.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


استاد نياز حسين

سنڌ جو موزارٽ

ياسر قاضي

وحيد عليءَ جي آواز ۾ پکڙن ۽ پنهوارن جي شاعرَ، عبدالڪريم گدائيءَ جو مشهور غزل ”شيشي تي کُليو شيشو پئماني تي  پيمانو“ هجي... يا عابده پروين جي آواز ۾ ڳايل حڪيم ناصر جو اردو غزل ”جب سي توني مجھي ديوانه بنا رکها هي...“، فوزيه سومرو جو ڳايل عوامي ڪلام ”بي قدرا! قدر نه ڪيڙُئي ڪو...“ هجي يا وحيد عليءَ جي ئي آواز ۾ ڳايل حسين بخش خادم جو ڪلام ”دنيا جي ناهي پرواهه، سهڻا تنهنجو خير هجي!“... قمر سُومري جي آواز ۾ سائين طالب الموليٰ جي ڪافي ”مون سان دلبر نه لائين ها...“ هجي، يا علڻ فقير ۽ جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ ڳايل اياز جِي جڳ مشهور وائي ”ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُلَ... تڏهن ملنداسين...“ هجي، انهن سڀني ۽ اهڙن سوين گيتن کي ٻُڌڻ سان سنڌ جي جنهن سهڳُڻي موسيقار جي سُرن جو ساءُ، ساهن کي سُرهاڻ بخشي ٿو، اهو ٻيو ڪو نه، بلڪه گواليار گھراڻي جو گُڻائتو موسيقي دان، استاد بيبي خان جو قابلِ فخر موڀي پُٽ، سنڌ جو جدّت پسند، ورسٽائيل، تخليقي ۽ آل رائونڊر موسيقار، استاد نياز حسين آهي، جيڪو اڄ کان پورا ۳ ڏهاڪا اڳ هي ظاهري جهان ته ڇڏي ويو، پر سندس آڱرين پنهنجي جادوءَ سان هارمونيم جي ’ڪِيز‘ تي حرڪت ڪري جيڪي امر ڌُنيون جوڙيُون، انهن جي عمر صدين کان به دراز آهي. اِهو اُهو ئي نياز حسين آهي، جنهن کي سنڌ جي سهڻي شاعرَ شمشيرالحيدريءَ ”موسيقيءَ جي ميدان جو دلبر“ سڏيو، ته ممتاز مرزا ”سنڌي راڳ جو سڄاڻ وينجهار“  ڪوٺيو... نامياري گيت نگارَ، سيّد منظور نقويءَ کيس ”موسيقيءَ جو گائيڪ ۽ نائڪ“ چيو، ته زوار نقويءَ کيس ”سنڌ جو وولفگينگ موزارٽ“ چئي ياد ڪيو.

نياز حسين قريشيءَ، المعروف نياز حسين، ۲۴ جنوري ۱۹۳۶ع تي ڪراچيءَ ۾ استاد محمّد ابراهيم المعرُوف اُستاد بيبي خان جي گھر جنم ورتو. سندس تعليمي سلسلو حيدرآباد ۾ طئي ٿيو ۽ هُن کاهي روڊ حيدرآباد تي واقع الفاروق مسلم پرائمري اسڪول مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو، جتي ابنِ الياس سومري، محمّد نواز اعواڻ ۽ جان محمد جماليءَ جهڙن مثالي استادن سندس رسمي تعليم جي پورائي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو. گڏوگڏ استاد امام الدين خان، کيس قرآني تعليم ڏئي روشنيءَ جي دڳ سان آشنا ڪيو. جيئن گواليار جهڙي موسيقيءَ جي عظيم گھراڻي ۾ پيدا ٿيندر هر ٻار جي سنگيت جي تربيت جو آغاز به ٻالجتيءَ کان ئي ٿيندو آهي، تيئن ئي هن ننڍڙي ٻارَ جي سُرَن جي تربيت به ننڍپڻ کان ئي، استاد مبارڪ علي خان شروع ڪئي، جنهن جتي رسمي سنگيت جي تربيت ڪَيَس، اتي استاد محمّد  عثمان کيس مغربي موسيقيءَ جي رمزن کان پڻ آگاهه ڪيو.

جڏهن ته هُو ’پلي بيڪ ميُوزڪ‘ جي لحاظ کان ”موسيقارِ اعظم“ ــ نوشاد عليءَ کان بيحد متاثر هو ۽ کيس پنهنجو ”رُوحاني استاد“ مڃيندو هو ۽ چوندو هو ته هن سندس تخليق ڪيل ڌُنين مان گھڻو ڪجھه سکيو آهي. موسيقيءَ جي ان گھڻ رُخي تربيت پٽاندر هُنَ، ڀٽائيءَ جي راڳ کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ اسپيشلائيز ڪرڻ لاءِ ’شاهه جي راڳ‘ جي رمزن کي سمجھڻ پاڻ لاءِ ضروري سمجھيو ۽ ان ميدان ۾ هن لطيف رحه جي راڳ جي ماهر راڳائيءَ، سيد غلام شاهه کان باقاعدي تربيت ورتي. ان سکيا کانپوءِ ئي استاد نياز حسين، ”شاهه لطيف جي وائيءَ جي پهرين باضابطه موسيقار“ بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. موسيقيءَ جي دنيا ۾ سندس منفرد ڪارنامو، ڀٽائيءَ جي وائيءَ کي پهريون ڀيرو صحيح ۽ صاف تلفّظَ، اُچارن توڙي مفهوم سان ڪمپوز ڪري سمجھڻ لائق بڻائڻ ۽ سندس پيغام کي عام فهم بڻائي عام ڪرڻ آهي.

نياز صاحب جي ريڊيي سان وابستگي اُن ئي سال کان شروع ٿي، جنهن سال ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو شروع ٿيو. ۽ ان عظيم اداري سان سندس اهو اڻٽُٽ رشتو، سندس ساهه جي سڳي ٽُٽڻ تائين (۱۹۹۲ع تائين) لاڳيتا ۳۸ سال جاري رهيو. جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن سان سندس وابستگي به ان ئي سال شروع ٿي، جنهن سال پاڪستان ۾ ٽي ويءَ پنهنجي نشريات شروع ڪئي، جيڪو ۱۹۶۴ع جو سال هو. ٽي ويءَ سان سندس سرگرم ساٿ ۱۹۸۴ع تائين رهيو، پر هن ان بعد به ڪڏهن ڪڏهن ٽيليويزن تان پروگرام ڪيا. سندس آخري ٽي وي پروگرام ۱۹۹۰ع ۾ ريڪارڊ ۽ نشر ٿيل ”سُرَ جو سفر“ هو. ريڊيو حيدرآباد، استاد نياز جو ٻيو گھر هو، جتان ساڍا ۳ ڏهاڪا نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي روزانن پروگرامن ۾ موسيقي ارينج ڪرڻ کان وٺي، ”ريڊيو ميوزڪ اسڪول“، ”ساڻيهه جا سينگار“، ”راڳ پهيلي“ وغيره جهڙا نشر ٿيندڙَ خاص سلسليوار پروگرام سندس سُرن جي جادوءَ سبب مقبول ٿيا. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي ميُوزڪ لائبريريءَ ۾ اڄ به استاد نياز جا اڍائي هزارن کان مٿي ڪمپوز ڪيل موسيقيءَ جا اسم موجود آهن.

استادَ نياز صاحبَ، ۱۹۵۰ع ۾ کاهي روڊ حيدرآباد تي ”سنڌ ميوزڪ ڪاليج“ نالي موسيقيءَ ۽ ٿيئٽر جي سکيا جو هڪ ادارو به قائم ڪيو، جنهن پاران پاڻ ۱۹۵۶ع کان ۱۹۶۲ع تائين ڪيترا ئي موسيقيءَ جا پروگرام ۽ ”جشنِ بهار”، ”سسئي پنهون“، ”غدّار ليڊر“، ”هم سب ايڪ هين“ وغيره جهڙا يادگار سنڌي اردو اسٽيج ڊراما پيش ڪيا، جن ۾ پاڻ هدايتڪاري ۽ اداڪاري پڻ ڪيائون. هي ڊراما حيدرآباد جي شائقين بي انتها پسند ڪيا ۽ ڊگھي عرصي تائين ياد رکيا ويا. ۱۹۸۰ع ــ ۱۹۸۱ع ۾ جڏهن ”سنڌي ناٽڪ جي صدي“ ملهائي وئي، ته ان تحت پيش ٿيل ڇهن ڊرامن جي پسِ پرده موسيقي استاد نياز ڏني،

جن ۾ ”ليلى مجنون“، مرزا قليچ بيگ جي ”انڪوائري آفيسر“، ”ٽِي پارٽي“، ”زمينداري ظلم“، ”شاهدي“ ۽ ”تماشو“ جهڙا يادگار اسٽيج ڊراما شامل آهن، جيڪو پڻ نياز صاحب جو هڪ نه وسارڻ جهڙو ڪارنامو آهي. ان کانسواءِ پاڻ حيدرآباد ۾ هڪ آڊيو ڪيسٽ ڪمپنيءَ جو پڻ بنياد رکيائون، جنهن پاران موسيقيءَ جا ۵۰ کان مٿي آڊيو البم ڪيسيٽس جي صورت ۾ رليز ڪيائون.

سنگيت جي هر تخليقڪار جون آڱريون هارمونيم تي ته نرت ڪرڻ جون ماهر هونديون ئي آهن، پر استاد نيازَ، هارمونيم جهڙي مشرقي ساز سان گڏوگڏ ڪئين ٻيا مشرقي ۽ مغربي ساز به مهارت سان وڄائي سگھندو هو، جن ۾ پيانو، ستار، وائلن، اڪارڊين، بينجو، گٽار، وچتر وينا ۽ ٻيا متعدد ساز شامل آهن. ڪمپوزيشن جي لحاظ کان استاد جا پسنديده راڳَ، مالڪونس، ڀوپالي، راڻو، سينڌڙو، تِلنگ، ڀيروين، لوڙائُو، ميان ڪي ٽوڙي ۽ ايمن هئا.

استاد نياز حسين جن شاگردن کي راڳ جي شڪشا ڏئي، سنگتراش جيان تراشي خوبصورت مُجسمّن جو روپ ڏنو، انهن جو انگ ته جھجھو آهي، پر انهن مان ڪجهه اهم نالا جمال صديقي، سي برنالڊ بيبي، شازيه خشڪ، پريوش ڀٽو، غلام قادر ڏاوچ، شيرل نيڪ بروري، سليم نوشاد، عبدالرشيد، سحرش ميمڻ، شفيق احمد، رحيم بخش سومرو، مسعود رعنا، رجب علي، سندس پنهنجا فرزندَ ــ ذوالفقارعلي، نذر حسين، مظهر حسين، امانت علي ۽ محمود علي وغيره شامل آهن، جڏهن ته هن عابده پروين، استاد محمّد يُوسفَ، وحيد عليءَ، علڻ  فقير، مائي ڀاڳيءَ، نوربانو، فوزيه سومرو، زرينه بلوچ، بشارت علي شاهه، سحرش ميمڻ جهڙن فنڪارن کي فن جي دنيا ۾ ريڊيي توڙي اسٽيج تي باقاعدي رُوشناس ۽ متعارف ڪرايو.

استاد نياز حسين جي فن جي هر سطح تي مڃتا ٿي. هن ۱۹۶۴ع کان ۱۹۷۴ع تائين پاڪستان ٽيليويزن پاران متعدد مڃتا سرٽيفڪيٽَ، ۱۹۸۶ع ۽ ۱۹۷۸ع ۾ ٻه ڀيرا ’لال شهباز قلندر ايوارڊ‘ ۽ ’سچل سرمست ايوارڊ‘ سميت ٻيا اڻ ڳڻيا صوبائي ۽ قومي سطح جا انعام، اعزاز ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا. رڳو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي نه پر بعد از وفات به مختلف ادارن سندن فن جي مڃتا ۾ کيس ايوارڊ ڏنا، جن ۾ ۱۹۹۲ع ۾ مليل ’پراڻ ايوارڊ‘، ۱۹۹۳ع ۾ ’پي بي سي‘ (ريڊيو پاڪستان) ايوارڊ، ۲۰۰۹ع ۾ کيس مليل ’لطيف ايوارڊ‘ وغيره شامل آهن. سنڌ جي هر اهم ميلي، عرس، قومي ڏهاڙي سميت، هر سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڏينهن ۾ موسيقار، آرڪيسٽرا انچارج ۽ ميوزڪ ارينجر جي طور تي استاد نياز جي نمايان شرڪت، انهن ميڙاڪن جي اڻٽر ضرورت ۽ سونهن هوندي هئي.

استاد نياز حسين، ۱۲ مئي ۱۹۶۲ع تي شادي ڪئي. کيس چئن پُٽن ذوالفقارعلي، ميان نذر حسين، مظهر حسين ۽  امانت عليءَ ۽ هڪ نياڻيءَ ”جيئا“ جو اولاد ٿيو.

حمد، نعت، سوز، سلام، نوحن، مرثين، منقبتن ۽ ڀڄنن جهڙن مذهبي صنفن جي ڪمپوزيشنس کان وٺي، اڻ ڳڻين سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي ڪلامن، ڪافين، ڳيچن، گيتن، لوڪ گيتن، غزلن، نظمن، آزاد نظمن، هائيڪن، مزاحيه گيتن، سدا رنگي ڪلامن، موضوعاتي گيتن ۽ ’ڪمرشل جِنگلس‘ کي ڪمپوز ڪندڙ  استاد نياز حسين، جيسين جيئرو هو، ورچي ويهڻ پنهنجي فنڪارانه خودداريءَ جي خلاف سمجھندي، دل سان فنّي پورهيو ڪندو رهيو ۽ هن فاني جهان ۾ کيس ياد رکڻ لاءِ پنهنجو دير تائين ياد رکڻ جهڙو ڪنٽريبيوشن ڇڏي، ۵۶ ورهن ۱۴ ڏينهن جي ڄمار پوري ڪري، ۳۰ سال اڳ، ۷ فيبروري ۱۹۹۲ع تي جمعي جي رات ۸ لڳي ڌاري، ڀٽائيءَ جي سنڌ کان وڇڙي ويو.

هُو اڄ حيدرآباد ۾ ٽنڊَي يوسف جي قديمي قبرستان ۾ آرامي آهي. ۽ سندس ڪمپوز ڪيل گيت، ڪافيون ۽ وايون، اڄ به سنڌ جي فضائن ۾ گُونجن پيون ۽ گُونجنديُون رهنديون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


اُستاد نياز حسين

هڪ عظيم موسيقار

نصير مرزا

عظيم موسيقار اُستاد نياز حسين جي ولادت ۲۴ جنوري ۱۹۳۶ع تي ٿي. اُستاد نياز حسين اُستاد بيبي خان جو وڏو پُٽ هو، عظيم گويي اُستاد بيبي خان جي لائق فرزند هُجڻ جي ناتي کيس ڄمندي ئي ڄام سمجهيو ويندو هو. راڳ ۽ ساز جو هو ابتدا کان ئي ماهر هو. پاڻ جڏهن نوجوان هو ته اُستاد بيبي خان سان گڏجي ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ لڳو هو. اُستاد بيبي خان جي وصال بعد ڪيتري ئي عرصي تائين اُستاد نياز حسين ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اُستاد فدا حسين خان ڪلاسيڪل راڳ ڳائيندا رهندا هئا. حيدرآباد ۾ شاهه مڪي جي درگاهه هجي يا شاهي بازار حيدرآباد ۾ سرڪار ڇُٽن شاهه سرخ بخاريءَ جو آستانو سالن جا سال اُهي ٻيئي ڀائر گڏجي پڪو راڳ ڳائيندا ۽ حيدرآباد واسين کي جهومائيندا رهيا.

سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڀٽائي صاحب جي راڳ کي سمجهڻ ۽ سائين غلام شاهه جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرڻ جي جڏهن رٿا جوڙي ته اُستاد منظور علي خان ۽ اُستاد نياز حسين پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويهاريائون. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نياز حسين جو ذهن ڀٽائي صاحب جي سُرن کي تمام تيزيءَ سان سمجهندو ۽ قبول ڪندو ويو.

سنڌي ٻوليءَ جي نامور نثر نگار ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب “سدا سئيٽا ڪاپڙي” ۾ لکيو آهي ته اُستاد نياز حسين وائلين ساز ئي وڄائيندو رهي ها ته هن وقت سنڌ ۾ سندس جوڙ جو ڪوبه وائلين نواز نه هجي ها.

راڳ، راڳڻين تي مهارت سازن سان سنگت ۽ ڪلاسيڪل راڳن جي ڄاڻ سبب اُستاد نياز حسين جون صلاحيتون موسيقار طور جڏهن سامهون اچڻ شروع ٿيون ته مختلف ادارن هُن جي اهڙين خوبين مان به خوب لاڀ ورتو، ريڊيو حيدرآباد ۾ اگرچه اُستاد نياز حسين سازيندڙ طور اسٽاف آرٽسٽ مقرر ٿيو پر اُتي موسيقار طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ ان فن ۾ وڏو نالو ڪڍيائون. پاڪستان ٽيليويزن، پرائيويٽ رڪارڊنگ ڪمپنين به اُستاد نياز حسين جي اهڙين صلاحيتن مان پورو پورو فائدو حاصل ڪيو.

اُستاد نياز حسين کي بطور عظيم موسيقار جي پنهنجي دور سُڃاتو، قدر شناسي ڪئي ۽ ان ڏس ۾ کين جيڪي ايوارڊ عطا ٿيا اُهي هئا حضرت لال شهباز قلندر ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لائيو اچيومينٽ ايوارڊ.

اُستاد نياز حسين عابده پروين، سينگار علي سليم جي آواز ۾ مرزا قليچ بيگ جا لکيل نغما رڪارڊ ڪرايا پر ساڳئي وقت موقعي جي مناسبت سان اُستاد نياز حسين پاڻ به هڪ گيت ڳايو هو. اُستاد نياز حسين جون بطور موسيقار ٽي ڳالهيون آهن. پهرين اها ڳالهه هئي ته سنڌ جا جيڪي به فوڪ آرٽسٽ، ميداني ڳائڻا هئا جن وٽ ريڊيو تي ڪمپوزيشن سان ۽ ۵ منٽن ۾ هڪڙو خوبصورت ائٽم اُڪلائڻ جي صلاحيت ڪانهي، هڪڙو ته انهن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ جي حيثيت سان اُستاد نياز حسين جو ڪردار ڏٺو ته پاڻ هن قسم جو ڪم ڏاڍي ذهانت ۽ هوشياريءَ سان ڪيو. ٻيو ڪم هو ته اُستاد نياز حسين کي شاهه جي وائيءَ سان بيحد دلچسپي هوندي هئي. هُن جي خواهش هئي ته شاهه سائين جي درگاهه تي جيڪو ڪلام ڳائجي ٿو، جيڪو ڪنهن کي به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ۽ شايد راڳ جا پارکو اها ڳالهه ڄاڻن ٿا ته شاهه سائين جي درگاهه تي جيڪو راڳ ڳائجي ٿو، مثال طور سورٺ، سهڻي، ڪوهياري، حسيني. ڪوبه اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته هن وقت جيڪو هيءَ راڳ درگاهه تي ڳائجي پيو اهو حسيني آهي يا سورٺ آهي. راڳداري جيڪا لطيف تي ٿئي ٿي ان ۾ ان جي ڪا به پرک نٿي ٿي سگهي. اُستاد نياز حسين شاهه جي وائيءَ جي حوالي سان نه فقط وائيءَ کي آسان ڪيو ته لفظ ٻڌندڙ کي سمجهه ۾ اچڻ گهرجن پر ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن وائي سهڻي جي آهي ته ٻڌندڙ کي اها خبر پوڻ کپي ته هي وائي راڳ سهڻي مان آهي ۽ سهڻي راڳ جي شڪل هيءَ آهي. ٽيون نمبر جيڪو اُستاد جي ڪريڊٽ تي بطور موسيقار ڪم هو اُهو اِهو هو ته هن کي موسيقار جي حيثيت سان سنڌ جي جديد شاعري کي ۽ سنڌ جا جيڪي اسان جا ڪلاسيڪل شاعر آهن انهن جي شاعريءَ جي ڌُن اُن شاعريءَ جي مزاج مطابق ٺاهڻي آهي. مصري شاهه جي ڪافي آهي ته ان جو مزاج اهو رکڻو آهي، امداد حسينيءَ جو گيت آهي ته ان کي ان حساب سان ڳارائڻو آهي. انهن ٽنهي حوالن سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي محمد ابراهيم ۽ محمد جمن کان پوءِ جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ ڪمپوزيشنس ڪنهن موسيقار جون سامهون آيون ته اهو اُستاد نياز حسين هو. اسان جي هن عظيم موسيقار اُستاد نياز حسين ستين فيبروري ۱۹۹۲ع تي وصال ڪيو. سندن آخري آرامگاهه پنهنجي عظيم بزرگن ڀرسان ٽنڊي يوسف حيدرآباد، سنڌ واري قبرستان ۾ آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

استاد نياز حسين

سنڌ جو ناميارو موسيقار ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر - ايڪٽيهين ورسيءَ جي مناسبت سان - موسيقيءَ جي ميدان جو دلبر

ياسر قاضي

وحيد عليءَ جي آواز ۾ پکڙن ۽ پنهوارن جي شاعرَ، عبدالڪريم گدائيءَ جو مشهور غزل “شيشي تي کُليو شيشو پئماني تي پيمانو” هجي... يا عابده پروين جي آواز ۾ ڳايل حڪيم ناصر جو اردو غزل “جب سي توني مجھي ديوانه بنا رکها هي...”، فوزيه سومرو جو ڳايل عوامي ڪلام “بي قدرا! قدر نه ڪيڙُئي ڪو...” هجي يا وحيد عليءَ جي ئي آواز ۾ ڳايل حسين بخش خادم جو ڪلام “دنيا جي ناهي پرواهه، سهڻا تنهنجو خير هجي!”... قمر سُومري جي آواز ۾ سائين طالب الموليٰ جي ڪافي “مون سان دلبر نه لائين ها...” هجي، يا علڻ فقير ۽ جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ ڳايل اياز جِي جڳ مشهور وائي “ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُلَ... تڏهن ملنداسين...” هجي، انهن سڀني ۽ اهڙن سوين گيتن کي ٻُڌڻ سان سنڌ جي جنهن سهڳُڻي موسيقار جي سُرن جو ساءُ، ساهن کي سُرهاڻ بخشي ٿو، اهو ٻيو ڪو نه، بلڪه گواليار گھراڻي جو گُڻائتو موسيقي دان، استاد بيبي خان جو قابلِ فخر موڀي پُٽ، سنڌ جو جدّت پسند، ورسٽائيل، تخليقي ۽ آل رائونڊر موسيقار، استاد نياز حسين آهي، جيڪو اڄ کان پورا ۳۱ ورهه اڳ هي ظاهري جهان ته ڇڏي ويو، پر سندس آڱرين پنهنجي جادوءَ سان هارمونيم جي ’ڪِيز‘ تي حرڪت ڪري جيڪي امر ڌُنيون جوڙيُون، انهن جي عمر صدين کان به دراز آهي. اِهو اُهو ئي نياز حسين آهي، جنهن کي سنڌ جي سهڻي شاعرَ شمشيرالحيدريءَ “موسيقيءَ جي ميدان جو دلبر” سڏيو، ته ممتاز مرزا “سنڌي راڳ جو سڄاڻ وينجهار” ڪوٺيو... نامياري گيت نگارَ، سيّد منظور نقويءَ کيس “موسيقيءَ جو گائيڪ ۽ نائڪ” چيو، ته زوار نقويءَ کيس “سنڌ جو وولفگينگ موزارٽ” چئي ياد ڪيو.

نياز حسين قريشيءَ، المعروف نياز حسين، ۲۴ جنوري ۱۹۳۶ع تي ڪراچيءَ ۾ استاد محمّد ابراهيم المعرُوف اُستاد بيبي خان جي گھر جنم ورتو. سندس تعليمي سلسلو حيدرآباد ۾ طئي ٿيو ۽ هُن کاهي روڊ حيدرآباد تي واقع الفاروق مسلم پرائمري اسڪول مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو، جتي ابنِ الياس سومري، محمّد نواز اعواڻ ۽ جان محمد جماليءَ جهڙن مثالي استادن سندس رسمي تعليم جي پورائي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو. گڏوگڏ استاد امام الدين خان، کيس قرآني تعليم ڏئي روشنيءَ جي دڳ سان آشنا ڪيو. جيئن گواليار جهڙي موسيقيءَ جي عظيم گھراڻي ۾ پيدا ٿيندر هر ٻار جي سنگيت جي تربيت جو آغاز به ٻالجتيءَ کان ئي ٿيندو آهي، تيئن ئي هن ننڍڙي ٻارَ جي سُرَن جي تربيت به ننڍپڻ کان ئي، استاد مبارڪ علي خان شروع ڪئي، جنهن جتي رسمي سنگيت جي تربيت ڪَيَس، اتي استاد محمّد عثمان کيس مغربي موسيقيءَ جي رمزن کان پڻ آگاهه ڪيو. جڏهن ته هُو ’پلي بيڪ ميُوزڪ‘ جي لحاظ کان “موسيقارِ اعظم” ــ نوشاد عليءَ کان بيحد متاثر هو ۽ کيس پنهنجو “رُوحاني استاد” مڃيندو هو ۽ چوندو هو ته هن سندس تخليق ڪيل ڌُنين مان گھڻو ڪجھه سکيو آهي. موسيقيءَ جي ان گھڻ رُخي تربيت پٽاندر هُنَ، ڀٽائيءَ جي راڳ کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ اسپيشلائيز ڪرڻ لاءِ ’شاهه جي راڳ‘ جي رمزن کي سمجھڻ پاڻ لاءِ ضروري سمجھيو ۽ ان ميدان ۾ هن لطيف رحه جي راڳ جي ماهر راڳائيءَ، سيد غلام شاهه کان باقاعدي تربيت ورتي. ان سکيا کانپوءِ ئي استاد نياز حسين، “شاهه لطيف جي وائيءَ جي پهرين باضابطه موسيقار” بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. موسيقيءَ جي دنيا ۾ سندس منفرد ڪارنامو، ڀٽائيءَ جي وائيءَ کي پهريون ڀيرو صحيح ۽ صاف تلفّظَ، اُچارن توڙي مفهوم سان ڪمپوز ڪري سمجھڻ لائق بڻائڻ ۽ سندس پيغام کي عام فهم بڻائي عام ڪرڻ آهي.

نياز صاحب جي ريڊيي سان وابستگي اُن ئي سال کان شروع ٿي، جنهن سال ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو شروع ٿيو. ۽ ان عظيم اداري سان سندس اهو اڻٽُٽ رشتو، سندس ساهه جي سڳي ٽُٽڻ تائين (۱۹۹۲ع تائين) لاڳيتا ۳۸ سال جاري رهيو. جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن سان سندس وابستگي به ان ئي سال شروع ٿي، جنهن سال پاڪستان ۾ ٽي ويءَ پنهنجي نشريات شروع ڪئي، جيڪو ۱۹۶۴ع جو سال هو. ٽي ويءَ سان سندس سرگرم ساٿ ۱۹۸۴ع تائين رهيو، پر هن ان بعد به ڪڏهن ڪڏهن ٽيليويزن تان پروگرام ڪيا. سندس آخري ٽي وي پروگرام ۱۹۹۰ع ۾ ريڪارڊ ۽ نشر ٿيل “سُرَ جو سفر” هو. ريڊيو حيدرآباد، استاد نياز جو ٻيو گھر هو، جتان ساڍا ۳ ڏهاڪا نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي روزانن پروگرامن ۾ موسيقي ارينج ڪرڻ کان وٺي، “ريڊيو ميوزڪ اسڪول”، “ساڻيهه جا سينگار”، “راڳ پهيلي” وغيره جهڙا نشر ٿيندڙَ خاص سلسليوار پروگرام سندس سُرن جي جادوءَ سبب مقبول ٿيا. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي ميُوزڪ لائبريريءَ ۾ اڄ به استاد نياز جا اڍائي هزارن کان مٿي ڪمپوز ڪيل موسيقيءَ جا اسم موجود آهن.

استادَ نياز صاحبَ، ۱۹۵۰ع ۾ کاهي روڊ حيدرآباد تي “سنڌ ميوزڪ ڪاليج” نالي موسيقيءَ ۽ ٿيئٽر جي سکيا جو هڪ ادارو به قائم ڪيو، جنهن پاران پاڻ ۱۹۵۶ع کان ۱۹۶۲ع تائين ڪيترا ئي موسيقيءَ جا پروگرام ۽ “جشنِ بهار”، “سسئي پنهون”، “غدّار ليڊر”، “هم سب ايڪ هين” وغيره جهڙا يادگار سنڌي اردو اسٽيج ڊراما پيش ڪيا، جن ۾ پاڻ هدايتڪاري ۽ اداڪاري پڻ ڪيائون. هي ڊراما حيدرآباد جي شائقين بي انتها پسند ڪيا ۽ ڊگھي عرصي تائين ياد رکيا ويا. ۱۹۸۰ع ــ ۱۹۸۱ع ۾ جڏهن “سنڌي ناٽڪ جي صدي” ملهائي وئي، ته ان تحت پيش ٿيل ڇهن ڊرامن جي پسِ پرده موسيقي استاد نياز ڏني، جن ۾ “ليلى مجنون”، مرزا قليچ بيگ جي “انڪوائري آفيسر”، “ٽِي پارٽي”، “زمينداري ظلم”، “شاهدي” ۽ “تماشو” جهڙا يادگار اسٽيج ڊراما شامل آهن، جيڪو پڻ نياز صاحب جو هڪ نه وسارڻ جهڙو ڪارنامو آهي. ان کانسواءِ پاڻ حيدرآباد ۾ هڪ آڊيو ڪيسٽ ڪمپنيءَ جو پڻ بنياد رکيائون، جنهن پاران موسيقيءَ جا ۵۰ کان مٿي آڊيو البم ڪيسيٽس جي صورت ۾ رليز ڪيائون.

سنگيت جي هر تخليقڪار جون آڱريون هارمونيم تي ته نرت ڪرڻ جون ماهر هونديون ئي آهن، پر استاد نيازَ، هارمونيم جهڙي مشرقي ساز سان گڏوگڏ ڪئين ٻيا مشرقي ۽ مغربي ساز به مهارت سان وڄائي سگھندو هو، جن ۾ پيانو، ستار، وائلن، اڪارڊين، بينجو، گٽار، وچتر وينا ۽ ٻيا متعدد ساز شامل آهن. ڪمپوزيشن جي لحاظ کان استاد جا پسنديده راڳَ، مالڪونس، ڀوپالي، راڻو، سينڌڙو، تِلنگ، ڀيروين، لوڙائُو، ميان ڪي ٽوڙي ۽ ايمن هئا.

استاد نياز حسين جن شاگردن کي راڳ جي شڪشا ڏئي، سنگتراش جيان تراشي خوبصورت مُجسمّن جو روپ ڏنو، انهن جو انگ ته جھجھو آهي، پر انهن مان ڪجهه اهم نالا جمال صديقي، سي برنالڊ بيبي، شازيه خشڪ، پريوش ڀٽو، غلام قادر ڏاوچ، شيرل نيڪ بروري، سليم نوشاد، عبدالرشيد، سحرش ميمڻ، شفيق احمد، رحيم بخش سومرو، مسعود رعنا، رجب علي، سندس پنهنجا فرزندَ ــ ذوالفقارعلي، نذر حسين، مظهر حسين، امانت علي ۽ محمود علي وغيره شامل آهن، جڏهن ته هن عابده پروين، استاد محمّد يُوسفَ، وحيد عليءَ، علڻ فقير، مائي ڀاڳيءَ، نوربانو، فوزيه سومرو، زرينه بلوچ، بشارت علي شاهه، سحرش ميمڻ جهڙن فنڪارن کي فن جي دنيا ۾ ريڊيي توڙي اسٽيج تي باقاعدي رُوشناس ۽ متعارف ڪرايو.

استاد نياز حسين جي فن جي هر سطح تي مڃتا ٿي. هن ۱۹۶۴ع کان ۱۹۷۴ع تائين پاڪستان ٽيليويزن پاران متعدد مڃتا سرٽيفڪيٽَ، ۱۹۸۶ع ۽ ۱۹۷۸ع ۾ ٻه ڀيرا ’لال شهباز قلندر ايوارڊ‘ ۽ ’سچل سرمست ايوارڊ‘ سميت ٻيا اڻ ڳڻيا صوبائي ۽ قومي سطح جا انعام، اعزاز ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا. رڳو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي نه پر بعد از وفات به مختلف ادارن سندن فن جي مڃتا ۾ کيس ايوارڊ ڏنا، جن ۾ ۱۹۹۲ع ۾ مليل ’پراڻ ايوارڊ‘، ۱۹۹۳ع ۾ ’پي بي سي‘ (ريڊيو پاڪستان) ايوارڊ، ۲۰۰۹ع ۾ کيس مليل ’لطيف ايوارڊ‘ وغيره شامل آهن. سنڌ جي هر اهم ميلي، عرس، قومي ڏهاڙي سميت، هر سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڏينهن ۾ موسيقار، آرڪيسٽرا انچارج ۽ ميوزڪ ارينجر جي طور تي استاد نياز جي نمايان شرڪت، انهن ميڙاڪن جي اڻٽر ضرورت ۽ سونهن هوندي هئي.

استاد نياز حسين، ۱۲ مئي ۱۹۶۲ع تي شادي ڪئي. کيس چئن پُٽن ذوالفقارعلي، ميان نذر حسين، مظهر حسين ۽ امانت عليءَ ۽ هڪ نياڻيءَ “جيئا” جو اولاد ٿيو.

حمد، نعت، سوز، سلام، نوحن، مرثين، منقبتن ۽ ڀڄنن جهڙن مذهبي صنفن جي ڪمپوزيشنس کان وٺي، اڻ ڳڻين سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي ڪلامن، ڪافين، ڳيچن، گيتن، لوڪ گيتن، غزلن، نظمن، آزاد نظمن، هائيڪن، مزاحيه گيتن، سدا رنگي ڪلامن، موضوعاتي گيتن ۽ ’ڪمرشل جِنگلس‘ کي ڪمپوز ڪندڙ استاد نياز حسين، جيسين جيئرو هو، ورچي ويهڻ پنهنجي فنڪارانه خودداريءَ جي خلاف سمجھندي، دل سان فنّي پورهيو ڪندو رهيو ۽ هن فاني جهان ۾ کيس ياد رکڻ لاءِ پنهنجو دير تائين ياد رکڻ جهڙو ڪنٽريبيوشن ڇڏي، ۵۶ ورهن ۱۴ ڏينهن جي ڄمار پوري ڪري، ۳۱ سال اڳ، ۷ فيبروري ۱۹۹۲ع تي جمعي جي رات ۸ لڳي ڌاري، ڀٽائيءَ جي سنڌ کان وڇڙي ويو.

هُو اڄ حيدرآباد ۾ ٽنڊَي يوسف جي قديمي قبرستان ۾ آرامي آهي. ۽ سندس ڪمپوز ڪيل گيت، ڪافيون ۽ وايون، اڄ به سنڌ جي فضائن ۾ گُونجن پيون ۽ گُونجنديُون رهنديون.

 

(روزاني “مُومل” ڪراچيءَ جي ايديٽوريل صفحي تي، اڱاري، ۷ فيبروري ۲۰۲۳ع بمطابق ۱۵ رجب المرجب ۱۴۴۴ هجريءَ تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا