; سنڌي شخصيتون: زاهد حسين رند - علي ڏنو جروار

05 May, 2016

زاهد حسين رند - علي ڏنو جروار

زاهد حسين رند
سنڌ جي نوجوانن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجندڙ
علي ڏنو جروار
هونئن ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان مختلف قسم جا امتحان پاس ڪري اعليٰ عهدن تي پهچي رهيا آهن، پر گذريل ڏينهن کان وٺي سنڌي اخبارن، چئنلز توڙي سوشل ميڊيا جي خبرن جو زاهد حسين رند محور بڻيل آهي، جنهن سينٽرل سپيريئر سروسز گروپ ۾ پهريون گروپ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ جوائن ڪيو آهي. سندس تعلق شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ضلعي جي بلڪل ٻهراڙيءَ سان آهي. هي نوجوان دوڙ تعلقي جي اڇڙي ٿر واري پاسي جي هڪ ڳوٺ آچر رند جو رهواسي آهي، جيڪو واريءَ جون ڀٽون ڪراس ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. جتان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول سٺ ميل ۾ پڙهڻ ويو. جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڪراچيءَ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين.


نوجوان زاهد حسين رند جي باري ۾ لکڻ، انهيءَ ڪري به اهم ۽ ضروري آهي ته هُو ٺيٺ ٻهراڙي سان تعلق رکي ٿو. سندس والدين ڳوٺاڻا آهن. ڏاڏو ٻني ٻارو ڪندو هو. جڏهن ته سندس والد حمل خان رند، پرائمري اسڪول ٽيچر آهي. هي نوجوان انٽرميڊيٽ توڙي گريجوئيشن تائين جا امتحان سرڪاري تعليمي ادارن مان پاس ڪري آيو آهي. ڳالهه ڪرڻ جو مطلب هيءُ آهي ته اڄڪلهه سنڌ ۾ سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪجهه مخصوص ماڻهن طرفان هڪ مهم هلي رهي آهي ته سنڌ جي تعليم بلڪل تباهه ٿي چڪي آهي. زاهد حسين رند سي ايس ايس ۾ پهريون گروپ حاصل ڪري انهن ماڻهن کي سڌو سنئون جواب ڏنو آهي. جيڪي چون ٿا ته سنڌ جي سرڪاري ادارن جي تعليم ختم ٿي وئي آهي، استاد نه ٿا پڙهائين، جيڪڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ انهن جو مؤقف صحيح تصور ڪيو وڃي ته پوءِ زاهد حسين رند ۽ ٽن نوجوان جن مان ٻه مرد ۽ هڪ عورت ميهڙ تعلقي مان به سي ايس ايس ۾ ڪامياب ٿيا آهن. انهن جو به چوڻ آهي ته اسان به سرڪاري اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هونئن ته سنڌ جي ٻهراڙي جا ۴۳ اميدوار پاس ٿيا آهن، پر جيڪي هي سٽون لکڻ تائين ميڊيا سامهون آيا آهن، اهي سرڪاري اسڪولن مان تعليم ورتل آهن. هِن قسم جي صورتحال تي جن ماڻهن سرڪاري تعليمي ادارن جي پويان رٿابندي سان مهم جوئي جي شروعات ڪئي آهي ته ڪنهن به ريت اهي بند ڪري نجي ادارن ۽ تنظيمن کي رينٽ تي ڏنا وڃن، انهن لاءِ هاڻوڪن سي ايس ايس جي نتيجن اِهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته، ”اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، متان ائين سمجهين مئا مور سارا“.
سنڌ ۾ اڃا تائين تعليم جو سلسلو بهترين هليو رهيو آهي، تمام گهڻا نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان پاس ڪري رهيا آهن ته ڪي وري اسڪالرشپون حاصل ڪري ٻاهرين ملڪ وڃي رهيا آهن. هاڻي سڀني کي گذارش آهي ته پنهنجي صوبي جي تعليمي ادارن ۽ استادن بابت پنهنجا رويا ۽ خيال تبديل ڪن ته سندن احسان رهندا ۽ گڏوگڏ اِها به اپيل آهي ته جن کي به سنڌ جي تعليم جو درد آهي، اهي استادن ۽ ادارن سان هٿ ونڊائين ته جيئن اڃا به ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي. هن نوجوان، زاهد حسين رند پنهنجي زباني ميڊيا تي ٻڌايو ته ٻهراڙيءَ سان تعلق هئڻ ڪري آئون اسڪول واپسيءَ کانپوءِ ٻڪريون به چاريندو هئس ۽ گاهه وغيره به ڪندو هئس ته وري والدين سان ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ به هٿ ونڊائيندو هئس.
سنڌ جي نوجوانن کي زاهد حسين رند کي مثال بڻائي محنت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته محنت، جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻ سان انسان نيٺ ته ڪامياب ٿيندو آهي ۽ زاهد حسين به محنت، عزم ۽ حوصلي سان ڪاميابي ماڻي آهي ۽ اِهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جو نوجوان اڄ تائين تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، محنت ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ جا نتيجا وصول ڪري رهيو آهي. زاهد حسين رند جي هڪ ڳوٺائي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته هِي شروعات کان ئي چوندو هو ته آئون آفيسر بڻبس، جيڪو عمل هِن ڪري ڏيکاريو آهي.
مون سميت سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي ليکڪ هنن ڪالمن ۽ سٽن ۾ اِهو لکندا رهيا آهن ته سنڌ ۾ جيڪي به نالي وارا انسان، ڏاها، اڪابر، اديب، شاعر ۽ آفيسر بڻيا آهن اُهي سڀئي سنڌ جي سرڪاري ادارن مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن يا وري اُهي سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جا پٽ آهن. ڊاڪٽر بلوچ، دائود پوٽو صاحب، امر جليل، اڪبر لغاري، هاشم لغاري، شيخ اياز توڙي ٻيا سڀ جا سڀ سنڌ جي فائنل پاس ۽ ميٽرڪ پاس استادن وٽان تعليم پرائي چڪا آهن. هاڻي به سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ساڳي ئي تعليم آهي ۽ ان ئي انداز سان تعليمي سلسلو جاري آهي، شاگرد لڳاتار پڙهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن.

آئون هِنن سٽن ۾ زاهد حسين رند کي مبارڪباد ڏيندي چوندس ته ”جکرا جيئو شال .........“ زاهد حسين رند ۽ مون ۾ ڪافي هڪ جهڙايون به آهن، انهيءَ ڪري هِي مون کي پنهنجي اولاد جيان محسوس ٿئي ٿو. هِن جي ڪاميابي تي مون کي سندس والدين جيتري ئي خوشي ٿي آهي ۽ اميد آهي ته مستقبل جي سڀني مرحلن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندو رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا